; سنڌي شخصيتون: نويد سنديلو - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

نويد سنديلو - رياضت ٻرڙو


نويد سنديلو
رياضت ٻرڙو

نويد سنديلو مشهور شاعر آهي. نويد حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۹۹ع ۾ ڪئي. هُو ۲۰۰۱ع ۾ ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ۲۰۰۲ع کان وٺي ۲۰۱۱ع تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾ جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر ۲۰۱۱ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور مقرر آهي.


هن لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع ۾، گھر ۾ مليل ماحول سبب ڪئي. هن جي ادبي رهنمائي سندس والد قربان علي سنديلي ڪئي، جيڪو ڪهاڻيڪار آهي. نويد جي شاعريءَ جو مجموعو ”رابيل رُت مايا نگر“ ۲۰۰۷ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته  هڪ ڪتاب يوناني ڪلاسيڪي فلسفي تي ”Wings of Wisdom“ ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هُنَ پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما به ڪيا آهن. هُو ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۱ع تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو ميمبر رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا