; سنڌي شخصيتون: جواد جعفري - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

جواد جعفري - رياضت ٻرڙو


جواد جعفري
رياضت ٻرڙو


جواد جعفري مشهور شاعر آهي. جواد حسين ولد انور حسين جعفري ۶ ڊسمبر ۱۹۶۳ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾، ايم اَي سياسيات (۱۹۹۳ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان آف ڪئمپس پروگرام تحت ڪئي. هُو ۱۹۸۸ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل ديري ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۵ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.


جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ”نياز“ جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ ۱۹۸۷ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. سندس ادبي رهنمائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، جنهن جو هُو ۸۸-۱۹۸۷ع کان ئي ميمبر آهي. هن شاعريءَ ۾ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر غزل ۽ نوحه وڌيڪ سرجيا آهن. سندس ڪيتري ئي شاعري ڳائي پڻ وئي آهي. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيوسي“ ڇپيل آهي ۽ شاعريءَ جي هڪ مجموعي سميت اردو ۾ منقبتن جو مجموعو ڇپجڻ لاءِ تيار آهي. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”بهترين شاعر“ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا آهن. هُو انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه جعفريه لاڙڪاڻي جو سالار ماتمي دسته به آهي. سندس ناموريءَ جو ٻيو سبب ڪرڪيٽ به آهي، جنهن ۾ هُو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جو ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن (ضلعي ۽ ڊويزن جو پڻ) رهيو آهي. هُو مشهور آل رائونڊر آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ ۽ ٽرافيون کٽي چڪو آهي. سندس رهائش جعفري پاڙي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا