; سنڌي شخصيتون: احمد علي ’صابر‘ چانڊيو

27 July, 2012

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو

رياضت ٻرڙو



احمد علي ’صابر‘ چانڊيو سينئر شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي ولد نواب خان چانڊيو ۱۴ جولاءِ ۱۹۵۲ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو ۲۰۰۶ع ۾ حيدرآباد ۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽ ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، ۲۰۰۸ع ۾ انجنيئرنگ سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.


هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۸ع ۾ ڪئي. سندس ادبي استاد نالي وارو اديب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ آهي. ’صابر‘ جو تعلق سنڌي ادبي سنگت شهدادڪوٽ (سيڪريٽري)، سنڌي اردو سنگت، المهراڻ آرٽس ڪلب (چيئرمئن)، انسان همدرد سنگت، پِي ٽِي سِي ايل (مرڪزي ميڊيا ايڊوائيزر)، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سنڌ لٽرري فورم، سنڌ ٽيلينٽ آرگنائيزيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو سان رهيو آهي، جنهن جو هو سيڪريٽري به رهيو.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”گھايل منهنجا گيت“ (شاعري)، ”پياسي سِپ سمونڊ ۾“ (ڪهاڻيون)، ”ڪُويڄن ڪُٺي آهيان“ (تاريخي ناول) ۽ ”ڪاڪ ڪڪوريءَ آءُ“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳائي آهي.’صابر‘ چانڊيي کي انيڪ مڃتا سرٽيفيڪيٽ، ميڊل، ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن، جن ۾ ”فقير بخش علي ابڙو شيلڊ“، ”پيرل ادبي ايوارڊ“، ”هندو ڌرم شيوا منڊل“ ۽ ”سنگيت فورم شهدادڪوٽ شيلڊ“ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. سندس رهائش شهباز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.


احمد علي صابر چانڊيو

نواب جو پُٽ

خالد زخمي چانڊيو

هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هاڙهه جي ڏينهنِ ۾ ڄائو، پر هانءُ ڄڻ برفيلي علائقي ۾ ٺهيس.. پنهنجائپ، پيار ۽ مهمان نوازي جو ڪوڏيو مُڙس.. ڇٺي جو نالو والد احمد علي رکيس ته سڏايائين "صابر"... جوانيءَ ۾ عشق بازيءَ ٿائيلينڊ به گهمايس... سفيد ڏاڙهيءَ ۾ به اڃان ڪراڙو ناهي ٿيو پر "عمره" ضرور ڪيا اٿس.. پنهنجي خاندان کي ميڙي کڻي هلڻ سندس سهڻي سڀاءَ جي نشاني آهي...

صابر، بابا جو دوست ۽ اسان جو چاچو آهي، ادب احترام کي اسان ڪڏهن به هٿان وڃڻ ناهي ڏنو.. توڙي جو ادبي سنگت جي مامرن تي ڏکڻ اتر رهياسين..

لکي اهڙو، جو پاڻ تشريح ڪري سمجهائي ته سمجهه ۾ ايندو نه ته سائين بدر ڌامراهي جي لغتن کي تڪليف ڏيڻي پوندي.. اهو شايد ان ڪري ته ٻوليءَ سان سندس خيرخواهي آهي، ڳولي ڳولي متروڪ ٿي ويل لفظن کي ڪويتائون جي زينت بڻائي جيئارڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آهي.

اسٽيج جو شاندار ڪمپيئر، شاعر، نثر نويس آهي، ريڊيو کيس آڻڻ لاءِ وس ڪيا پر هٿيڪو نه ٿيو.. جنهن به اسٽيج تي بيهاريوس اصل خاص مهمان سندس مريد ٿي ويندو. ڪافي سارن ڪتابن جو مصنف به آهي.. ناٽڪ نويسي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرائڻ به سندس پسنديده مشغلو رهيو آهي.

ثقافتي شيون، ڪوڏ، سپيون، پراڻا ٿانوَ، چاڪو، تلوارون، پراڻيون لکتون، تصويرون ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ کي ساهه سانڍي رکڻ سندس شوق رهيو آهي.. تمام گهڻي ڪمپوزڊ ۽ شاهاڻي طرز جي زندگي گهاريندو آهي... اهو ان لاءِ ته هُو بيشڪ هڪ "نواب جو پُٽ" آهي.

اڄ ۱۵ جولاءِ تي سندس جنم ڏڻ آهي، کيس انتهائي پيار وچان دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون..


احمد علي صابر

محبتن جو سفير ليکاري

خالد زخمي چانڊيو

توڙي جو هُن جا وار چاندي ۽ نظر جهور ٿي چڪي آهي، پر لکڻ پڙهڻ سان سندس لڳاءُ اڃا به جوان آهي. لکڻ، پڙهڻ، ادبي پروگرام اٽينڊ ڪرڻ ۽ اسٽيج سنڀالڻ سندس محبوب مشغلا رهيا آهن/ هُن ادب جي جهول ۾ انيڪ ڪتاب ارپڻ ڪيا آهن پوءِ به سندس تاس اڃا جهڪي ناهي ٿي. هن جي دِل سدائين مسڪين مارن لاءِ اهڙي ماندي رهي آهي، جيئن مارئي جو من پنهنجي ملير جي مارن سان هو.  احمد علي ”صابر“ جي شاعريءَ ۾ دکي ديس جو درد آهي، ڏات جي ڏيهه ۾ هن جو نثر ۽ نظم سندن چِڪندڙ چاڪن تي مرهم جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. هن جون نت نيون تخليقون سنڌي ٻوليءَ ۾ خوبصورت اضافو آهن. هن جي شاعريءَ ۾ عجب گهرائي آهي، صوفي ازم کان پيار ۽ پيڙائڻ تائين، فلسفي کان لوڪ ڏاهپ هن جي شاعريءَ جو وڻندڙ موضوع رهيا آهن.

ھُن سنڌ ۾ گهڻ رخي شهرت حاصل ڪئي آهي، جتي به هوندو، اتي ماڻهن جا ميڙ هوندا، ڪير ڪچهري مان اُٿڻ جي سَتُ نه ساريندو، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو مُڙس، لوڪ داستانن  کان ويندي لطيف سائينءَ جو ڪلام هن کي ڄڻ ته حفظ ٿيل هوندو آهي. احمد علي صابر کان سواءِ ادبي پروگرام ته ڇا پر سنڌي ادب جي تاريخ بنهه اڌوري ۽ اڻپوري هوندي.  هُو سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي برجستو شاعر ليکڪ، ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي، سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراه جوڳيون آهن.

احمد علي صابر اهو شاعر آهي، جنهن سنڌي ادب جي جديد صنفن سان خوب نڀايو آهي، هن جا اخباري ڪالم هجن، يا شاعري سي قوم جي حقيقي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. سندس تخليقي سفر ڪٺن رهيو آهي، سندس شاعريءَ جون پاڙون سنڌي ادب جي پاتال تائين پهتل آهن. هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ واقعن کي شاعراڻو روپ سروپ ڏئي، انهن حادثن ۽ قومي المين کي تاريخي حيثيت ڏئي ٿو.

هن جي ادبي پورهئي جا انيڪ مجموعا شايع ٿيل آهن. جنهن ۾ هن جي مارن سان بي لوث محبت ۽ ڌرتيءَ سان عشق سندس ايمان جو جزو بڻيل محسوس ٿئي ٿو.  احمد علي صابر صاحب جو حقيقي زندگيءَ ۾ مارن سان ٿر ٻاٻيهي جهڙو اٽُوٽ رشتو قائم رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ احمد علي صابر جو پنهنجو الڳ مقام آهي، جنهن پنهنجي تخليقي حُسن و جمال معرفت ادب جي افق تي تارن جيان چمڪي، ڏيهه جرڪائيندو رهي ٿو.

هن فن ۽ فڪري لاڙن کان ويندي موضوعاتي حوالي سان خوب نڀايو آهي. کيس تخليقي حوالي جيتوڻيڪ گهڻين پيچيدگين سان پيچ اڙائڻو پيو هوندو، پر ان باوجود هن بحيثيت هڪ سنڌي شاعر جي نت نون تشبيهن ۽ استعارن کي ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت پئي ڪئي آهي.

ھُن جي شاعريءَ منجهه مارن جي محبت سان گڏ اڻ ڳڻين اُلڪن جو بيان آهي. هو پنهنجي ٽهيءَ جو انتهائي سهڻو ليکڪ ۽ ناميارو اديب آهي، جنهن پابند شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻي، ناول نگاري، ناٽڪ، اسٽيج ڊرامن ۾ مقبوليت ماڻي آهي.

ادبي دنيا ۾ هن جي روڙيل رنڊن هن کي بهترين شاعر ۽ اديب طور هڪ اهم ذميداري سونپي، جنهن ۾ هن کي وک وک تي محتاط ٿيڻو پيو آهي. هُو سنڌي ٻوليءَ جو سرواڻ شاعر آهي، جنهن جي شعري مترنم آهي، ۽ فني توڙي فڪري حوالي سان پڻ ڀرپور آهي.

هو شاعر سان گڏ سماج جو ڊاڪٽر پڻ آهي، هو ديس جي دکن تي سستي سگريٽ جيان مسلسل پيو ڏکندو رهيو آهي.

هن جي شاعريءَ کي پڙهبو ته اهي ٻين شاعرن کان بنھ منفرد ۽ تخليقي حوالي سان ڀرپور ملندي. 

ھُن جي شاعريءَ جا موضوع نت نوان آهن، جنهن ۾ سماجي اٿل پٿل ۽ ڪيفيتن جي ڪوهير ۾ روشنين جو سفر جو سنيهو آهي. سندس گيت، غزل توڙي وايون سماج دشمنن جي لاءِ للڪار آهن. هن جي خيالن جي گهرائيءَ ۾ نج-پڻو، پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن جلد متوجہ ڪندو آهي.

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ شاعرن مارن جي موهه ۾ زمان ۽ مڪان جو سفر ڪيو آهي، هن قوم جي آجپي لاءِ وقت جي حاڪمن کي ڪڙو سچ چئي سندن مڪروهه چهرن کي قوم آڏو وائکو ڪيو آهي. سندن شاعري ڪائنات جي ڳجهن جو راز فاش ڪري زندگيءَ جي گونج بڻجندي آهي.

ادبي دنيا ۾ احمد علي صابر صاحب جون مسلسل محنتون تاريخ جو اهم حصو آهن. هُو فطرت جو اهو شاعر آهي، جنهن وٽ نج پڻي سان گڏ حد درجي جو حساس پڻو آهي، سندس طويل تنهاين، تجربن، مشاهدن ۽ ڪيفيتن تي آڌاريل شاعري هن کي قوم جي سورن ۽ دردن جو درمان شاعر طور جدوجهد واري عمل ۾ صفِ اول شاعر جو اعزاز سان نوازيو آهي.

احمد علي صابرُ آهي چانڊيو پر ڌاڙيل نه بڻيو، هُو آهي ته نواب جو پٽ پر مظلومن جو پاسو کنيائين. هن پنهنجي شاعري معرفت مظلوم قوم جي حمايت پئي ڪئي آهي. قوم جي اجتماعي دردن تي ڪڙهندڙ هن شاعر جي دل سوز ڳالهين ، درد،سماج جون تلخين، رت جي رشتن جي بي وفائين، قوم جو ٿيندڙ استحصال تي رات جي پوئين پهر خون مان ڪلڪون ٻوڙي لکرايو آهي.

هُن جي شاعريءَ جو بڻ بنياد ڌرتيءَ جي دکن مان ڦٽي نڪتل آهي. هن جي شاعري عشق جي چوڌاري طواف ڪندي نظر اچي ٿي، جيڪا وصل جي لاءِ عشق جي صدائن کي بلند بالا ڏسڻ جي خواهشمند ڏسجي ٿي. هو عشق ۾ ٻڌو ٻانهو ٿيڻ گناہِ ڪبيره سمجهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هُو عشق ۾ به آزاديءَ جي قائل شاعر رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا