; سنڌي شخصيتون: سعيد ميمڻ

27 July, 2012

سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ

رياضت ٻرڙو



سعيد ميمڻ نالي وارو شاعر آهي. سندس پورو نالو سعيد احمد آهي. هو ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم عاقل مان، ثانوي لاڙڪاڻي مان، بِي اَي (پرائيويٽ) ۽ ايم اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۱۹۹۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بِي. ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. هو ۱۹۸۸ع ۾ پرائمري استاد طور عاقل ۾ مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو اٿائين. ۲۰۰۵ع کان پرائمري اسڪول مٺو گبول ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.


سعيد ميمڻ جِي ۱۹۸۸ع ۾ پهرين وائي ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس هي شعري مجموعا ڇپيل آهن: (۱) نيڻ سفر ۾، (۲) ڪاري بَر ۾ چنڊ، (۳) خواب-چارا، (۴) درد جون آيتون، (۵) اسان جو عشق اڻپورو، ۽ (۶) دل دنبورو.

هن جو ۱۹۹۰ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هُو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر ايوارڊ“، س.ا.س ڄام شوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران ”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن. سندس مستقل رهائش ڳوٺ عاقل، المعروف عاقل ۾ آهي.


 

سعيد ميمڻ

سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر جو انٽرويو

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/رضوان گل

سوال: سعيد تنهنجو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ ۽ تنهنجو ادب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟

سعيد: ادب سان منهنجو غير شعوري طور ننڍپڻ کان ئي لاڳاپو رهندو پئي آيو آهي. مان لاڙڪاڻي جي ديني مدرسي هاءِ اسڪول ۾ اٺون پڙهندو هئس. مون کي ياد آهي ته تڏهن مون کي گهران جيڪا خرچ ملندي هئي، اها گڏ ڪري لاڙڪاڻي جي ڪاٺيا واڙ بوڪ اسٽور يا عبدالله بوڪ اسٽور تان آکاڻين جا ڪتاب خريد ڪندو هئس. هزار داستان، بهرام گور، حاتم طائي، قصو چئن درويشن جو، جهان آرا ۽ ٻيا چوپڙين نما جيڪي ڪهاڻين ۽ داستانن جا ڪتابڙا هوندا هئا اهي وٺي پڙهندو هئس ۽ مون پنهنجو پهرين شعر به ان عمر ۾ ئي لکيو. اهو هڪ مزاحيه نظم هو جيڪو مون پنهنجي ڳوٺ جي استاد کي ڏيکاريو جيڪو پاڻ به ٿوري گهڻي شاعري ڪندو هو، پر علم عروض جو ماهر هو. سائينءَ محمد هارون بلوچ منهنجو نظم ڏسي چيو ”پٽ هي ته تو وزن ۾ به پورو لکيو آهي“؟ چيائين، ”توکي علم عروض ايندو آ ڇا“؟ چيم ”نه سائين بس پاڻ لکجي ويو وزن تي، مون کي خبر ناهي ته علم معروض ڇا آهي“؟ چيائين ”معروض نه علم عروض، جنهن مطابق شعر جي وزن جو صحيح ماپو ڪبو آهي ۽ ان کي بي عيب بڻائبو آهي”. مون ان ڏينهن پنهنجا پراڻا ڪاغذ اٿلايا ۽ اهو نظم به ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ملي سگهيو. مون کي پنهنجي شاعراڻي پس منظر تي ويچاريندي حيرت ٿيندي آهي، ته مون کي سموري شاعري سنجيده مزاج رکندڙ آهي پر منهنجي پهرين اوائلي تخليق مزاحيه نظم هو، شايد ان ڪري هو جو ننڍائپ ۾ مزاح منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، جيڪا مزاح مون کان پوءِ دنيا جي المين ۽ حادثن کسي ورتي. ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ننڍپڻ ۾ ادب ڏانهن لاڙي جي ته ادب ڏي منهنجو لاڙو ٻالڪپڻ کان ئي رهيو آهي. مان پنهنجي نانيءَ کان شوق سان آکاڻيون ٻڌندو هئس.

اسان نانا جن جي گهر رهندا هئاسين، بابا کرڙاهه جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ۽ پندرهين ڏينهن گهر ايندو هو. منهنجو نانو دلبر ماڻهو هو. هو مون کي ”لعل“ سڏيندو هو چوندو هو ”هي منهنجي سنڌ جو لعل آهي اميدان!“ (ناني منهنجي)، ۽ پيار مان لالڻ يا لالي سڏيندو هو. شام جو جڏهن نانا حقو دکائي مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاري زماني جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته اهي منهنجي ساروڻين ۾ سانڍيل هونديون هيون. مون ناني سائينءَ تي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪڙو پنجڪرو لکيو آهي:

نيڻ هن جا سدائين جهڙ ڦڙ ۾،

من سندس هو مڪان الڪن جو،

ڄڻ ته آواز هن جي سڏڪن جو،

گم ٿيو پئي حقي جي گڙ گڙ ۾،

نيڻ هن جا سدائين جهڙ ڦڙ ۾.

ناني جن ڏاڍا غريب هئا. اڄ به جڏهن سندن غربت ياد ايندي آهي ته اکيون ڀرجي وينديون آهن. منهنجي ناني رليون سبندي هئي ۽ ماما منهنجا رستم ۽ انور ڪاٺيون کپائي گهر هلائيندا هئا. جهنگ مان مٿي تي ڪاٺين جي ڀري کڻي ايندا هئا. انسان جو من به عجيب آهي، ڪڏهن ماضيءَ جا ورق کلن ٿا ته کلندا ئي وڃن ٿا. مون ڳالهه پئي ڪئي ته ننڍپڻ ۾ منهنجو ادب ڏي لاڙو آکاڻين ۽ داستانن جا ڪتابڙا پڙهي ٿيو. ڄڻ مون کي انهن ۾ هڪ اهڙي دنيا نظر ايندي هئي جنهن ۾ داخل ٿيڻ سان ماڻهو دنيا جا سڀ ڏک سور وساري ويهندو هو. ان حوالي سان ڏسجي ته ادب دنيا ۾ سمجهڻ جي ڪوشش به آهي ته دنيا جي تلخين کان هڪ قسم جي دلچسپ فراريت پڻ. ننڍپڻ ۾ مون هڪ جيڏن ڇوڪرن سان رانديون کيڏيون. اِٽي ڏڪر، ڪوڏي ڪوڏي، اکٻوٽ، ونجهه وٽي ۽ ٻيون ۽ وري مزي جي ڳالهه ٻڌايانو ته مان ڇوڪرين سان ويهي سهرا به ڳائيندو هئس، ننڍپڻ جون ڪافي ساروڻيون آهن ڪڏهن اهي لکندس.

سوال: سعيد تنهنجو مزاج ڪهڙو آهي؟

سعيد: مٺا! مان ماٺيڻي طبيعت جو ماڻهو آهيان، پر ڪڏهن جذباتي به ٿيو وڃان. بنا سوچ ويچار جي ڪم ڪري ويهندس ۽ پوءِ خبر پوندي ته ٻيلي مون کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو.

سوال: ڀلا تنهنجي ڪمزوري ڪهڙي آهي؟

سعيد: يار! حسن ئي منهنجي ڪمزوري آهي. لڳي ته روايتي جواب ٿو پر حقيقت به اها آهي. اڄ توهان جي جاءِ تي ڪا سهڻي ڇوڪري مون کان انٽرويو وٺي ها ته پوءِ ڏسين ها ڪيئن ٿو ذر ذر جواب ڏيندو وڃان.

سوال: سعيد! تون پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندو آهين؟

سعيد: پهرين ملاقات ۾ مان ماڻهوءَ جون اکيون پڙهي وٺندو آهيان، اکيون اوهان جي دل جا دروازا آهن.

سوال: اهو ڪهڙو ڪم آهي جنهن تي اوهان کي فخر آهي؟

سعيد: ادا! اڃان ته ڪو ايڏو وڏو ڪم نه ڪيو اٿم جنهن تي مون کي فخر هجي، بس شاعري جا ڇهه مجموعا سنڌ کي ڏنا اٿم ۽ چار اڻ ڇپيل شاعريءَ جا مجموعا پيا آهن گهر ۽ هڪ نثر جو ڪتاب، ته مون ڪو ٻيو ايڏو قابل قدر ڪم نه ڪيو آهي. بس سنڌي ادب ۾ منهنجو به ڪجهه ڪنٽريبيوشن آهي. ٻي ڳالهه ٻڌايانءِ ته پاڻ فقيري طبيعت جا ماڻهو آهيون فخر ڪرڻ وڻندو ناهي ڪنهن ڳالهه تي.

سوال: دولت، شهرت، محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندين؟

سعيد: سهڻا! ايماندارانه جواب اهو آهي ته مان دولت جي چونڊ ڪندس، جيڪا منهنجي زندگيءَ جا معاشي مسئلا حل ڪري ڇڏيندي ۽ مان سڪون سان لکي پڙهي سگهندس. هاڻي ته پاڻ کي ٿو سڄو ڏينهن لوڙڻو پوي ۽ ٻچن جي روزري روٽيءَ جو پوءِ ٿو مسئلو حل ٿئي. شهرت پاڻ کي گهرجي نه ڇو ته اها ماڻهو کان آزادي کسي ٿي وٺي ۽ محبت ته ڪوشش سان نه ملندي آهي، محبت پاڻ ماڻهوءَ جي لاءِ دروازا کوليندي آهي، زوريءَ نه کلي سگهندا آهن.

سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

سعيد: مون کي اوشو رجنجيش جا لفظ ٿا ياد اچن ”هر انسان منفرد آهي ۽ هر منفرد زندگيءَ جي پنهنجي سونهن آهي، انسان زندگيءَ جي وجداني احساس سان گڏ پيدا ٿيو آهي“ ته واقعي هر زندگيءَ جو پنهنجو نرالو ذائقو ٿئي ٿو. زندگيءَ جو ڪٿي خاتمو نٿو ٿئي، زندگي صورتون تبديل ڪري ٿي، اوشوءَ جي ئي لفظن ۾ ته زندگي توهان جي رت ۾ روان آهي، زندگي توهان ۾ ساهه کڻي رهي آهي، اها ته اوهان جي ذات آهي، اوهان ان کان فرار ٿي نٿا سگهو.

سوال: ڏک توهان جي نظر ۾؟

سعيد: ڏک انسان کي ڇنڊي ڇاڻي من مان ميراڻ دور ڪري ٿو ڇڏي. ڏک جهڙي ڪا خالص روحاني حقيقت ئي ناهي. ڏک اوهان ۾ پاڪيزگي پيدا ڪري ٿو ۽ رحم جو جذبو، ڏک وسيلي ئي ڪائنات جي مامتا واري حيثيت جو ادراڪ به ٿئي ٿو ۽ تخليقي نکار به ڪنهن آرٽسٽ ۾ ڏک پائڻ کانپوءِ اچي ٿو. مون ڏک کي ان اينگل کان ڏٺو آهي.

سوال: خوشي تنهنجي نظر ۾؟

سعيد: خوشي من جي سر مستيءَ واري ڪيفيت جو نالو آهي. خوشيءَ جو قدرتي تعلق آزاديءَ سان آهي. اوهان ڏٺو هوندو وڏن جي ڀيٽ ۾ ننڍا ٻارڙا اوهان کي خوش نظر ايندا آهن، ڇو ته ٻار ۾ فطري آزادي هوندي آهي، جيڪا وڏائپ ۾ کسجي وڃي ٿي. خوشي اها سرشاريءَ واري ڪيفيت آهي جڏهن من پريشانين کان آجو هجي. اهو ڀرپور احساس جيڪو ڪنهن وڃائجي ويل ڪنهن قيمتي شيءَ جي واپس ملڻ تي ٿئي. اها بي اونائپ جڏهن من دنيا جي فڪرات کان آجي هوندي آهي. اها سرهائي واري ڪيفيت جيڪا ڪنهن عاشق کي پنهنجي محبوب جو ديدار پسندي نصيب ٿيندي آهي، اها ئي حقيقي خوشي آهي.

سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟

Poetry is the natural way of catharses of emotions

شاعري جذبن جي اظهار جو قدرتي وسيلو آهي، پر ان جو معيار ۽ صلاحيت هرهڪ شاعر وٽ مختلف آهي. شاعري ادراڪ جا دروازا کولي انسان کي آگاهي عطا ڪري ٿي.

سوال: پيار اوهان جي نظر ۾؟

سعيد: پيا ڪارل مارڪس جي ٿيوري ناهي جو ان کي لفظن ۾ بيان ڪجي. پيار محسوس ڪرڻ جي شيءَ آهي. پيار ان لطيف رشتي جو نالو آهي جنهن سان ڪائنات جو داخلي تاڃي-پيٽو اڻيل آهي ۽ اهو اندروني طور ڪائنات جي وجودن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو بيٺو آهي. خالص پيار عبادت جي حيثيت رکي ٿو. پيار زندگي جو جوهر آهي.

سوال: ڪنهن کان نفرت آهي؟

سعيد: ان نظام ۽ وهنوار کان جيڪو انسان جي اوسر ۽ ترقيءَ آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ٿو. مان ڪو سياسي ماڻهو ناهيان پر پوءِ به هر انسان لاءِ اظهار جي آزاديءَ کي سندس بنيادي حق سمجهان ٿو. مون کي ان شخص کان به نفرت ٿيڻ لڳندي آهي جيڪو مون کي چوندو آهي تون پنهنجو دڳ ڇڏي هن منهنجي راهه تي هل ڇو؟ منهنجو پنهنجو رستو آهي مان ان تي آزاديءَ سان هلڻ چاهيان ٿو. ڪنهن به تخليق ڪار کي بائونڊ نه ڪرڻ گهرجي ته هيئن لک، هونئن به لک. جيڪڏهن ڪو مزاحمتي شاعري سٺي لکي ٿو ته هروڀرو مان به ان جي تقليد ڪندي محمد خان مجيدي ٿي لکان؟ منهنجو پنهنجو شاعراڻو جهان ۽ پنهنجا تخيل جا ميدان آهن، مان ڪو ڪرائي جو شاعر ته ناهيان جو ميلن جي مشاعرن ۾ پئسا وٺي شعر ٻڌائي اچان.

سوال: پسند جو ڪوئي ڪوٽيشن؟

سعيد: اوشوءَ جا لفظ ٿا ياد اچن جيڪي ويجهڙائي ۾ پڙهيا جن جو مطلب آهي ته ”زندگيءَ جيڪڏهن صحيح ڍنگ سان گذاري وڃي ته اها موت کان ڪڏهن به خوفزده نه ٿيندي آهي، اوهان مون کي خوشيءَ سان خوش آمديد چئو ته موت آرام جي وقفي وانگر هڪڙي عظيم ننڊ وانگر ايندو آهي“.

سوال: اوهان اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

سعيد: سنڌوءَ ڪناري وڃي ڪنهن بيٺل ٻيڙيءَ تي ويهي رهندو آهيان يا گهر ۾ پنهنجي پٽ دانيال سان راند کيڏندو آهيان. رليڪس ٿي ويندو آهيان. هونءَ به ڳوٺ ۾ منهنجا اهڙا ته کل ڀوڳ ورا دوست آهن جو شام جو انهن سان دريا ڪناري هوندو آهيان ته اداسي مون کان ڪونهين ڏور هوندي آهي پر جڏهن اڪيلو هوندو آهيان ته وڻ ويڙهيءَ وانگر اداسي وڪوڙي ويندي آهي ۽ ان مان نڪري نه سگهندو آهيان.

سوال: زندگي جي وڏي کان وڏي حاصلات؟

سعيد: عاقل جهڙي فطري حسن رکندڙ ڳوٺ ۾ منهنجو جنم منهنجي لاءِ وڏو عزاز آهي پر منهنجي ڪا ذاتي حاصلات ناهي جنهن تي مون کي فخر هجي.

سوال رهجي ويل خواهش؟

سعيد: هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي

بهت ملي ارمان ليڪن پهر بي ڪم نڪلي.

سوال: ڪنهن کان متاثر آهيو؟

سعيد: لطيف سائين ۽ سائين جي ايم سيد.

سوال: زندگيءَ ۾ سڀ کان پياري شيءَ؟

سعيد: زندگي پاڻ ئي هر شيءَ کان پياري آهي.

سوال: زندگيءَ ۾ ڪو کل جوڳو واقعو؟

سعيد: مان لاڙڪاڻي ۾ رڪشو هلائيندو هئس. هڪ ڀيري ڏٺم ته چوڪ تي ٻه سواريون بيٺيون هيون، ٻن رڪشن جا ماڻهو هئا، مان انهن جي اڳيان وڃي رڪشو بيهاريو هڪ عورت چڙهي ويٺي، ان سان گڏ جيڪو مرد هو سو سامهون قلو پطره سئنيما جي پوسٽر ۾ اڌ اگهاڙي عورت ڏسي رهيو هو، ٻيو همراهه به پنهنجي ڌيان ۾ هو رڪشي ۾ جو مائي ڏٺائين ته پنهنجي زال سمجهي ان سان ويهي رهيو. سندس عورت اها نه هئي، رڪشو هلائي ٿورو اڳتي ٿيس ته رڪشي ۾ ويٺل مائيءَ رڙ ڪري مرد کي چيو ”لهه مئا! مون سان ڇو ويٺو آهين؟ جوڻين هوءَ بيٺي اٿئي. هو ڪڃر ته ڏس بيٺو پوسٽر ٿو ڏسي. مون ان همراهه کي سڏ ڪيو. مائي گرم ٿي ويئي هئي مون کي چيائين ”اڙي رڪشي وارا، ڏي خبر پرايون رنون ڀڄائيندو آهين ڇا“؟.

سوال: ڪنهن سفر جي تمنا؟

سعيد: اڄڪلهه دل ڏاڍو ٿر ڏي تانگهي ٿي. مان ٿر جي زندگيءَ جو گهرو مطالعو ڪري ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.

سوال: ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟

سعيد: منهنجي ننڍڙي مارئيءَ جي ننڍپڻ ۾ جدائي مون کي جهوري وڌو هو. هن جي موت ۽ ٻي هڪڙي حسينا هئي ان جو نالو نٿو ٻڌائي سگهان ان جي جدائي کي مون شدت سان محسوس ڪيو هو. منهنجي هڪڙي غزل جو مطلع آهي جيڪو منهنجي هاڻي جي داخلي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿو:

دل ۾ ڪا جاءِ ئي بچي ناهي

هاڻ ڪنهن جي به ڪا ڪمي ناهي.

سوال: ٻيهر زندگي ملي ته اوهان ڇا ٿيڻ پسند ڪندئو؟

سعيد: ٻيهر زندگي ملي تڏهن به مان شاعر ئي هوندس، شاعري ئي منهنجي سڃاڻپ آهي.

سوال: مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ گهرو؟

سعيد: ڀٽائيءَ جو بيت صحيح طرح ياد نٿو اچي:

محبتي ميڙي، جوڙيون هڪڙو ڳوٺڙو

اهڙو گلوبل وليج جنهن ۾ ائٽمي هٿيار نه پر هٿڙن ۾ گلڙا ۽ دلين ۾ محبتون هجن.

سوال: موسيقيءَ جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟

سعيد: عابده پروين، جگجيت سنگهه، غلام علي ۽ ٻيا ڪافي شوق سان ٻڌندو آهيان.

سوال: پسند جا اديب؟

سعيد: ميلان ڪنڊيرا، گارشيا مارڪيز، رسول حمزه توف ٻيا به ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهن ڪجهه شاعريءَ ۾ وليم بليڪ، ورڊس ورٿ، ايليٿ، لطيف، اياز ۽ شيام ۽ هارلڪي ۽ نٽشي به اهم شاعر آهن.

سوال: وڻندڙ لباس؟

سعيد: سفيد سلوار قميص.

سوال: وڻندڙ خوشبو؟

سعيد: رابل جي گل جي خوشبو ۽ رات راڻيءَ جي خوشبو.

سوال: اوهان سان پوسٽل رابطو ڪجي ته ڪهڙي ايڊريس اٿو؟

سعيد: معرفت دانش، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس، لاهوري محلو، لاڙڪاڻو.


 

 

سعيد ميمڻ

خوبصورت خيالن کي احساساتي اظهار ڏيندڙ تخليقڪار جو وڇوڙو

ادل سولنگي

سعيد ميمڻ جديد سنڌي ادب جي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ هڪ مُستند حوالو رکندڙ شاعر طور اُڀريو، غزل سان نينهن لاءِ ان سان توڙ نڀايائين، خوبصورت وايون لکي انساني احساسن جو اظهار ڪيائين.

سعيد ميمڻ جي تخليقي پورهيي کي عزت ۽ احترام سان گڏ قبوليت ۽ مڃتا ملي، هن جي سادگي، بردباري، سهپ ۽ رواداري هن جي ذاتي ميراث هئي، هي دوستن جو دادلو ۽ حجائتو ماٺيڻو ماڻهو هيو، جنهن جي اندر ۾ پيار ۽ پڇتاءَ جو ٻه واٽو ڊگهو ٿيندو رهيو، جنهن هن جي اندر ۾ کاٽ هڻي، جسماني طرح هن کي هيڻو ڪيو پر هن جي تخليقن ۾ جيڪا صحتمند جدت جي روايت هئي، اها اسان جي ٽهيءَ جي ٿورڙن شاعرن ۾ نظر ايندي هئي، سعيد ميمڻ سماجي روين ۽ سماجي، روش، رشتن جي ٽٽڻ جو درد ۽ پيڙا پاليندڙ ۽ ان جو احساساتي اظهار ڪندڙ سُچيتو ۽ سيبتو قلمڪار ۽ ڏات ڌڻي هيو، هن جي مزاج ۾ جيڪا سادگي هئي، اها هن جي تخليق مان به نظر ايندي هئي.

لاڙڪاڻي سميت سموريءَ سنڌ ۾ هن کي جيڪا ادبي حيثيت حاصل هئي ان شخص جو تخليقي سفر نهايت ئي پيڙائن جا پيچرا لتاڙيندي جاري رهيو هو، ڪڏهن هن داخلي احساسن کي خارجي روپ ڏنو ته ڪڏهن هن خارجي احساسن کي داخلي ڪيفيت ۾ بيان ڪيو، هن جي شاعريءَ ۾ سرءُ جي مُند به آهي ته چيٽ جو  ڦوٽهڙو به آهي، هن ٻوليءَ جو بهتر استعمال ڪندي خيالن، خاڪن ۽ تصورن کي لفظن جي سٽاءُ سان انساني احساسن جي تصوير کي تصوراتي روپ ڏنو، هو فطري تخليقڪار هيو، هن ڪنهن به ”ادبي مهم جوئي“ ۾ حصو نه ورتو، هن جيڪو تخليقي سفر ڪيو پنهنجي ڏات ڏانو، حوصلي، همٿ، مُهارت ۽ ڪاريگريءَ سان ڪيو، هن ڪنهن به وڏي شاعر (ڪاموري ڪڙي) جي ڇانوَ ۾ ويهي يا ان جي پوئلڳي ۾ هلندي پاڻ کي ڪا به هٿرادو ٽيڪو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي. ڏات جي ڏيهه جو هي ”سانورو مسافر“ سدائين پنهنجي پيرن تي پنڌ ڪندو اڳتي وڌندو رهيو، هن جي شاعراڻي سڀاءَ ۽ مزاج ۾ تصوف جا ڪيترائي ڌنڌلا تصور چٽا ٿيندي نظر ايندا هئا. هو پنهنجي فني ڪرت ۽ سماجي وهنوار ۾ نهايت ئي ايماندار ۽ ذميوار شخص هيو، هن ڪڏهن به ”مڃتا جي رڻ ۾“ ڀٽڪڻ جو شوق ڪو نه پاليو، جيڪو اڄ ڪلهه جا ريڊي ميڊ شاعر ”واٽس ايپ گروپ“، جوڙي هٿراڌو مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي نه رڳو پنهنجي نظرن ۾ ڪيرائي رهيا آهن پر ٻين نوجوان شاعرن کي به اهڙي ڪڌي عمل ۾ گڏجي هلڻ لاءِ ”فيس بڪ مافيا“ جي ور چاڙهي رهيا آهن. سعيد ميمڻ سنڌي جديد شاعريءَ جو هڪ خوبصورت نالو ۽ سگهارو حوالو بڻجي اُڀريو هيو، جيڪو اوچتو ئي ازَل جي سڏ تي اَلوپ ٿي ويو، سعيد ميمڻ جنهن عاقل ۾ جنم ورتو هو، اهو عاقل، فطري سونهن رکندڙ فطرت جو ”اوپن ميوزيم“ ڄاتو ويندو آهي، سنڌو درياهه شاهه جي ساڄي ڪنڌيءَ/ ڪپ ۽ ڪناري آباد ڳوٺ عاقل جنهن جي هڪ پاسي زيتونن جا باغ ۽ ٻئي پاسي وهندڙ واهه آهن. جنهن جي زمين تي پکي، گل ۽ مُرڪون مهڪن ٿيون، جنهن جي آسمان تي سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، ٽيڙو لهن ۽ اُڀرن ٿا، جيڪي فطرت جي سونهن جون علامتون آهن، سندس ڪتاب ”خواب چارا“ جي شاعري اهڙن فطري منظرن ۽ مظهرن جو ڏيک ڏيندڙ آهي، هن جي ڪتاب ”درد جون آيتون“ ۾ هن انساني احساسن اُڌمن، پيار ۽ پنهنجائپ وارن جذبن سميت هاڪاري ۽ ناڪاري روين تي خوب لکيو آهي.

درد پنهنجو بيان پاڻ هوندو آهي ۽ اهڙي درد کي محسوس ڪندڙ، سعيد ميمڻ جيڪو بيان ڪيو آهي اهو نهايت ئي ڏکوئيندڙ وارتائن جو پوتاميل آهي، جنهن جو ادراڪ ئي هن جي فني ۽ فڪري حاصلات. مايا ۽ ميراث، جدوجهد ۽ روايت آهي.

سعيد ميمڻ سموري زندگي جاڳ جو پنڌ ڪيو، شاعري جاڳ جو پنڌ ئي ته آهي، جڏهن هن ”نيڻ سفر ۾“ لکيو هو، تڏهن به ۽ جڏهن هن ”خواب چارا“ لکيا هئا، تڏهن به، جڏهن هن درد جون آيتون لکيون هيون، تڏهن به هن جا نيڻ سفر ۾ هيا، جيڪي 17 ڊسمبر تي ٻوٽجي ويا.

سعيد ميمڻ ڊگهو عرصو بيماريءَ سان مهاڏو اٽڪائيندي گذاريو، بيمارين کيس وقت کان اڳ جهوريندي کيس پوڙهائپ جي ٽياس تي ڄڻ ته ٽنگي ڇڏيو هئو، ان جي باوجود هن لفظن سان جيڪو نينهن لاتو هيو ان کي توڙ تائين نڀايو، سعيد، جيسين سوچيندو هيو تيسين هو لکندو به هيو، هو پنهنجي دور/ زماني تي ناز ڪندڙ، اهڙو ڪوي هيو، جنهن لفظن جي حرمت، عزت ۽ آبروءَ کي هر حال ۾ اُتم رکيو.

هو تاريخ جي اهڙي دور جا پيرا کڻندڙ تخليقڪار هيو جتي پيار وارن مٿان سماجي پهرا بيٺل هوندا آهن، هن سدائين پيار ۽ پناهه جي گهر ڪئي، مطالبو ڪيو، احساس ڪيو، چنتا ڪئي، جنهن جو انت سندس خلاف تهمتون، الزام، بيزاري طعنا ۽ سماجي ناڪابندي بڻي، تنهن هوندي به هن پنهنجي تخليقي اڏام جاري رکندي پنهنجو تخليقي سفر مڪمل ڪيو.

خوبصورت وايون ۽ غزل تخليق ڪندڙ سعيد اسان کي ٻڌائي ٿو ته:

سارو جيون سارون، ساٿ نه ڏينديون،

گلڙن جون مهڪارون، ساٿ نه ڏينديون.

****

مدو آ ڪيترو دم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان،

ڪوئي انجام عالم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان،

****

وائي

چيڪي مٽيءَ مان بدن جي خوشبو، هوا آندي آ،

تنهنجي گهٽيءَ مان، بدن جي خوشبو، هوا آندي آ.

****

 

 

ڇو رت ۾ ويس ٻوڙيا ويا، ڇو زوريءَ ديس جوڙيا ويا،

سبب ڌرتي جي ماتم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان.

****

مزو وٺ آءُ موسم جو، پيو آ وقت هر ڪم جو،

آڪيسين ساٿ سنگم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان.

****

ڪنهن منظر ۾ نيڻ اسان جا گم ٿي ويا،

دوست، سفر ۾ نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

****

جن تي ڪو سا چپ رکيا ها محبوبا،

سي به قبر ۾ ائين اسان جا گم ٿي ويا.

****

ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،

سڄي عمر بس پر، رلن ٿيون اکيون.

****

جسم آهه مون سان ڪمري ۾ پر،

لڳي ٿو ته ڪنهن سان هلن ٿيون اکيون.

****

صدين تائين پهچي ٿي هن جي نظر،

ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون.


 

وڇڙي ويل سعيد ميمڻ کي ڀيٽا

احسان دانش

سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين سگھارن شاعرن مان هڪ هو، جن سنڌي شاعريءَ کي فڪري تازگي ۽ نئون لهجو ڏنو. سعيد جي شاعري ان شفاف چشمي وانگر آهي جنهن مان ڪئي ٿڪل مسافرن پنهنجي پياس اجھائي آهي. هن اظهار جو جيڪو دڳ ورتو، اهو هر صورت ڪاميابين جي ماڳ تي رسي ٿو. سعيد جي شاعري اها امرت ڌارا آهي جنهن کي ڪو به ٿوڪاري نه ٿو سگھي.

هن جي ڪوتائن ۾ تشبيهن، محاورن، استعارن ۽ اهڃاڻن جي خوبصورتين ۽ نج ٻوليءَ جي حسناڪين کان ڪوبه انڪاري ناهي، پر هن جي شاعريءَ مان ان ڀوڳنا کي دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا سندس لفظن ۾ دفن ٿيل آهي. اسين سندس شاعريءَ مان هن جي داخلي ۽ خارجي دنيا ڏسي سگھون ٿا. ان درد کي محسوس ڪري سگھون ٿا جنهن کي هن پنهنجي دل جو روڳ بڻائي ڇڏيو آهي. ان تنهائيءَ ۽سڪوت کي سمجھي سگھون ٿا جنهن کي سالن کان هن پنهنجو ساٿي بڻايو هو.

سعيد ميمڻ جي شاعري اهڙي ٽه واٽي وانگر آهي جنهن جي هڪ واٽ فطرت جي هنج ۾ وٺي وڃي ٿي ته ٻي سندس محبوب جا نقشِ قدم ڏسي ٿي ۽ ٽين وري ناسور بڻجي ويل سماجي سورن جو ڏسُ ڏئي ٿي.

سعيد جي جنم ڀومي عاقل فطري حسن جو کليل ميوزم آهي. هڪ پاسي زيتونن جا باغ آهن، ته ٻي پاسي وهندڙ واھ. هو روز قسمين قسمين گل ۽ پکي به ڏسي ٿو ته سج ۽ چنڊ جي فطري نظارن کي به نيڻن ۾ اوتي ٿو. تڏهن ئي ته هن اهو اقرار ڪيو آهي ته:

مان هان فطرت جي هنج ۾ نپنو،

شــــاعريءَ ۾ تــڏهن نکـــــار آهي.   (خواب چارا)

سعيد جي شاعريءَ جو ٽيون دڳ جتي هو هڪ سماجي حقيقت نگار طور نظر اچي ٿو، حقيقت ۾ اهو ئي اهڙو دڳ آهي جيڪو ڪنهن شاعر کي خلائن ۾ ترڻ کان روڪي زمين جي رشتن سان ٻڌي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ڪو شاعر جيءَ کي جڪڙيل حساسيت جي ڏور ڇني ماڻهپي جي اڌ مئل لاش کي لتاڙي آسمانن تي اڏرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڌرتي هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. سعيد جئين فطرت جي هنج ۾ نپني، سرتيءَ جي سونهن کي سمجھيو آهي، تيئن ئي ڌرتيءَ جي دکن کي به ڳلي لاتو آهي. هو پنهنجي مٽجندڙ تهذيبي حقيقت کان به چڱيءَ پر واقف آهي ته هتان جي جلادي سياست کان پڻ.

ڪنهن کي ڏيکاريان هاڻ کنڊر هلي،

پنهنجي تهذيب ساري مٽي ٿي وئي.   (خواب چارا)

****

ها جـلادي آ سيـاست هتـان جي پرين،

داغ ڳاڙها ته ڏس هن جي چادر مٿان.   (درد جون آيتون)

ٽي ايس ايليٽ لکيو آهي ته ”ڪوبه شاعر ۽ فنڪار، چاهي اهو ڪهڙي به فن سان تعلق رکندو هجي، ان جي اهميت ۽ وڏائي انهيءَ ڳالھ ۾ آهي ته پوين شاعرن ۽ فنڪارن سان هن جو ڪهڙو رشتو آهي؟ انهن کان الڳ ڪري سندس اهميت متعين نه ٿي ڪري سگھجي.“ ان حوالي سان سعيد جي شاعري ڏسجي ٿي ته هو پنهنجي پيش رو جي دڳ تي هلندي محسوس ٿئي ٿو. هن جي شاعري شاھ ۽ شيخ جي ڇانوَ ۾ پلي، اسري ۽ نسري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ جو هڳاءُ آهي اهو روح جي گهرائين تائين محسوس ٿئي ٿو. اياز کان سعيد تائين جن به ڀٽائيءَ جي آڱر پڪڙي آهي تن عجيب ڪائناتون پسيون آهن.

سعيد آڱر وٺي ڀٽائيءَ جي

ڪائناتون گھمي ويا آهيون   (نيڻ سفر ۾)

ڪجھه ڪائناتون انسان جي اندر ۾ ٿين ٿيون، جن جي حسن توڙي ڪرب کي هر ڪو محسوس نه ٿو ڪري سگھي. شاعرَ پنهنجي اندر ۾ عجيب ڪائناتون دريافت ڪندا آهن. هر لمحي مَٽجندڙ ڪيفيتون انهن ڪائناتن کي عجب رنگ ارپينديون آهن. ڪڏهن انهن ۾ من چليون موسمون رقص ڪندي نظر اينديون آهن ته ڪڏهن اداسيءَ جي هيڊ هاريل محسوس ٿيندي آهي. ڀٽائي ان رنگ ۽ رقص کي پنهنجي اندر جي گھرائين تائين محسوس ڪندي چيو هو: ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن.“ سعيد جي شاعريءَ مان به اندر جون اهي ڪائناتون تسخير ڪري سگھجن ٿيون:

پاڻ ۾ مان نه ٿو سگھان ماپي،

جـــــيءَ ۾ ڪـــــائـنــات آئــــــي آ.    (درد جون آيتون)

****

پائي تنهنجي پريت،

لُنءَ لُنءَ ۾ سنگيت،

ساز وڄن ٿا ساھ ۾.   (درد جون آيتون)

****

عشق جو ڪو گواھ ئي ڪونهي

دل چريءَ جـــو بيـــان ڊاهي ڇـــــڏ       (نيڻ سفر ۾)

سعيد ميمڻ اهو شاعر آهي جنهن ايڪويهين صدي جي ڪرب کي پوري شدت سان محسوس ڪيو آهي. هن رڳو پنهنجي اندر جي ٽوڙ ڦوڙ کي محسوس نه ڪيو آهي پر دنيا ۾ وڌندڙ انتشار تي به نظر رکي آهي. هن کي عالمي امن جي بگڙجندڙ صورتحال به نظر ۾ آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن کان به آگاھ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نئين صديءَ جو چهرو به نظر اچي ٿو ۽ ان مان سنڌ جي ڏتڙيل حالتن جي به واقفيت ملي ٿي. هو منزل جي جستجو ۾ ٿڪل مسافرن کي مايوسي بدران حوصلو ڏئي ٿو:

ڪــيـو دل نه ماندي اڃان پنڌ پيـو آ

اجــــالن جــا پانڌي اڃــان پنڌ پيـــو آ

****

نه ائين پاڻ پوريو سڙيل ٻج وانگر

کڻي ڳاٽ گھوريو نئين سج وانگر

ٿيو ڪين سانجھي اڃان پنڌ پيـو آ

اجـــالن جـا پــانڌي اڃــان پنــڌ پيــو آ    (درد جون آيتون)

سعيد ميمڻ جي سڄي شاعري درد جي ڏور سان اڻيل آهي، هن جي دل تي نه رڳو خارجي درد تيزاب بڻجي ڪري ٿو پر کيس سماجي رشتن ۽ ناتن مان به رڳو پيڙا ئي مليل محسوس ٿئي ٿي.

سعيد هڪ عرصي کان بيماريءَ سان جنگ جوٽي رهيو هو. بيماري جنهن کيس جوانيءَ ۾ ئي پيري ارپي، پر ان جي باوجود هو لفظن سان ڪيل عشق (شاعريءَ) تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ شاعر تيستائين لفظن سان عشق ڪري ٿو جيستائين هو سوچي ٿو. هونءَ به جيڪو ماڻهو تڙپي ٿو سو سوچي ٿو.... ته سعيد به سوچيندو هو. هن کي پنهنجي اڄ تي نه فخر هو، نه شرمندگي. هو پنهنجا احساس، پنهنجي شاعري آئيندي جي شهر ڏي اماڻي ٿو. آئيندو جيڪو هميشه پنهنجي تاريخ ۽ ماضيءَ سان محبت ڪندو آهي.

ڳنڍڙيءَ منجھ ٻڌان پيو، ميڙي سڀ صفحا،

آئيندي جي شهـــر جــي، ٽــريـن وڃـي ٿي جا،

ان ۾ سڀ پنهنجا،  شعر اماڻي ٿـــو ڇـــڏيان.


 

سعيد

ھينئر لکي سمھيو آھي

زيب سنڌي

فطرت جي رنگينيءَ ۽ محبتن جي شاعر سعيد ميمڻ کي شايد اندازو ٿي ويو هو ته هُو وڃڻ وارو آهي، تڏهن ئي ته هن پنهنجي موت کان ٻه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي پنهنجو اهو غزل پوسٽ ڪيو هو، جنهن جي (مطلع) پهرين شعر ۾ هن چيو هو:

هڪ اڇي ڪپڙي ۾ ٿو نڪري وڃان

زندگي! تو کان مِٺي ناراض هان

انهيءَ شعر وارو غزل سندس پهرين شعري مجموعي ۾ ڇپيل آهي. سندس اهو پهريون ڪتاب ”نيڻ سفر ۾“ اڻويهه سال اڳ 1998ع ۾ ڇپيو هو ۽ خبر ناهي ته هن اهو غزل ڪتاب ڇپجڻ کان به ڪيترو اڳ لکيو هو ۽ خبر ناهي ته نَوَن ڇپيل ۽ چئن اڻ ڇپيل ڪتابن جي تخليقڪار پنهنجي موت کان فقط ٻه ڏينهن اڳ، پنهنجي پهرين ڪتاب جي ايتري پراڻي غزل کي ڇو فيس بڪ تي لکيو. شايد...شايد ته هن کي اندازو ٿي ويو هو ته هن جي وڃڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. ٻن ڏينهن کان پوءِ هو ڪفن جي هڪ اڇي ڪپڙي ۾، زندگيءَ کان موڪلائي هليو ويو! زندگي، جيڪا هُن کي ڏاڍي مِٺي هئي، ڏاڍي پياري هئي. ان ڪري به ته هن زندگيءَ ۾ ڪنهن کي چاهيو به هيو ۽ اها چاهت هن شاعر جي دل جو سرمايو هئي. هن جي دل اوچتو ئي ڪنهن ڏانهن ڇِڪجي وئي هئي. اهو نوي واري ڏهاڪي جو ڪو ابتدائي سال هو. تڏهن ناميارو ڪهاڻيڪار حميد سنڌي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر هو ۽ هن يونيورسٽيءَ ۾ ڪو وڏو ادبي پروگرام ڪرايو هو، جنهن ۾ مشاعري جي محفل به هئي. مشاعري جي انهيءَ محفل منجهان ئي سعيد جي دل کي اها چڻنگ لڳي هئي، جيڪا پوءِ عشق جي آتش بڻجي پئي هئي:

کجين جي شهر مان لڳي چڻنگ اهڙي

سڄي زندگي ڪين آتش اجهاڻي!

هو سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي هڪ حسينا جي زلفن جو اسير ٿيو ته هڪ وقت اهڙو به آيو، جو هن فطرت جي رنگينين سان ڀرپور، لاڙڪاڻي شهر جي ڀرسان موجود پنهنجي ڳوٺ عاقل کي ڇڏي حيدرآباد شهر جا وَڻَ وسائڻ جا سانباها ڪيا هئا. ويهارو سال اڳ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ هڪ فنڪشن دوران هن جڏهن مون سان اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته مون کيس چيو هو، ”سوچي سمجهي فيصلو ڪجانءِ، جو شهر جي وڻن جي ڇانوَ ۾ فطرت جي تازگيءَ کان وڌيڪ دونهين جي بوءِ هوندي اٿئي!“ تڏهن هو سوچ ۾ پئجي ويو هو. ان ڏينهن کان پوءِ هن مون سان ڪڏهن به وري اهڙو ذڪر نه ڪيو هو. هو سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي هڪ حسينا جي زلفن جو اسير ته ٿيو پر لاڙي ڇوڪريءَ ڪڏهن به سعيد کي پنهنجي ريشم جهڙن وارن ۾ قيد ٿيڻ لاءِ جاءِ نه ڏني. بيشڪ اهو انهيءَ ڇوڪريءَ جو حق هيو ته هوءَ پنهنجي دل جو دروازو هن لاءِ بند رکي ۽ ڇوڪريءَ جي انهيءَ حق کي سعيد تسليم به ڪندو هو، پر ڪنهن کي دل ئي دل ۾ چاهڻ جو حق ته ڪنهن کان به ڦُري نٿو سگهجي. ان ڪري سعيد انهيءَ محبت کي ڪڏهن به پنهنجي دل کان ڌار ڪري نه سگهيو ۽ اها هڪ طرفي محبت سعيد جي ڪلا کي جَلا بخشيندي رهي. هن پنهنجو پاڻ کي انهيءَ اڻ پوري عشق جي مٽيءَ ۾ ڳوهي ڇڏيو ۽ پنهنجي اندر جي شاعر جو سڀ ڪجهه کيس ئي ارپي ڇڏيو هو:

هر شعر حسينا جو، هر بات حسينا جي

هر ڏينهن حسينا جو، هر رات حسينا جي

شاعر ته هو اڳي ئي هيو ۽ فطرت جي رنگيني سندس شاعريءَ جو بنيادي محرڪ هئي، جو سندس ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪناري تي زيتونن جي باغن ڀرسان، سرسبز کيتن جي وچ ۾ هو، پر جڏهن فطرت جي رنگينيءَ ۾ عشق جي آميزش ٿي ۽ سندس دل عشق جي آويءَ ۾ پچي راس ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ اهو نکار آيو، جو اها شاعري دلين کي گرمائڻ لڳي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان هن منفرد حيثيت ماڻي ورتي. اها اڌوري محبت ئي هن سان زندگيءَ جي آخري سرحد تائين ساڻ رهي ۽ هو زندگيءَ جي سرحد ئي پار ڪري هليو ويو! هو چوندو هو، ”فطرت جي رنگيني ۽ محبت منهنجي شاعريءَ جا بنيادي محرڪ آهن.“ شايد تڏهن ئي هن اڻ پوري عشق کي سيني ۾ سانڍي، سوچي سمجهي فطرت جي هنج ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ڪڏهن به پنهنجي ڳوٺ جا وَڻَ نه ڇڏيا. هو پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ سنڌو درياهه سان به عشق جي حد تائين پيار ڪندو هو ته پنهنجي ٻچن سان به اهڙي ئي محبت ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي ته پنهنجي گهرڀاتين کي سکيو رکڻ خاطر هو لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. هن فرسٽ ڪلاس ۾ ايم ــ اي ڪئي هئي، پر هيو پرائمري استاد. اسڪول جي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ هو لاڙڪاڻي شهر وڃي رڪشا هلائيندو هو. هن تيسين رڪشا هلائڻ بند نه ڪئي، جيسين صحت سندس ساٿ ڏنو. هن رڪشا منجهان هٿ تڏهن ڪڍيا، جڏهن سندس صحت جواب ڏنو، پر تڏهن به هو اسڪول جي ڊيوٽي باقائدگيءَ سان ڪندو رهيو. 16 نومبر تي جنهن ڏينهن هن تي برين هيمريج جو حملو ٿيو، ان ڏينهن صبح جو هن کي مٿي ۾ سور هو، پر انهيءَ جي باوجود هو اسڪول ويو. ڊيوٽي پوري ڪري گهر واپس اچي سمهي پيو. ڏينهن جي وقت هو ڪلاڪ کن ئي آرام ڪندو هو، پر ان ڏينهن جڏهن اڍائي ڪلاڪ گذري ويا، تڏهن به هو نه اٿيو ته سندس گهر ڀاتين کيس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه جاڳي نه سگهيو. تڏهن کيس لاڙڪاڻي جي سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هو ڪوما ۾ آهي! لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سعيد ميمڻ جي ويجهي دوست ۽ سندس همعصر ليکڪ قاسم ڪيهر مون کي ٻڌايو ته هن اهڙو اطلاع ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاريءَ کي ڏنو، جنهن بنا دير جي نه فقط سعيد ميمڻ کي راتو رات ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال منتقل ڪرايو پر سندس علاج لاءِ 17 تاريخ تي اسپتال ۾ ڏهه لک رپيا اڳواٽ جمع به ڪرايا، پر وڃڻ وارو ساڳي تاريخ تي ئي زندگيءَ کان هٿ ڇڏائي هليو ويو!

آخري لمحن ۾ آ سُڌ پئي سعيد،

هي ته پنهنجو عشق هو هڪ خواب سان!

هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سعيد ميمڻ جي پونئيرن جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ سندس اڻ ڇپيل چار ڪتاب بنا دير جي ڇپرايا وڃن. اهي ٻئي ڪَمَ انهن ڏهن لکن منجهان به ٿي سگهن ٿا، جيڪي پئسا سعيد ميمڻ جي علاج خاطر اسپتال ۾ جمع ڪرايا ويا هئا ۽ هاڻي اهي واپس ثقافت کاتي کي ملندا. هاڻي سوال اهو آهي ته اهي واپس ٿيندڙ پئسا سعيد ميمڻ جي پونئيرن ۽ سندس ڪتابن تي خرچ ٿيندا يا ثقافت کاتي جي اڪائونٽ ۾ واپس هليا ويندا!؟ غربت ۾ گذاريندي به سعيد ميمڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ته پنهنجا نَوَ ئي ڪتاب پيٽَ کي پَٽيون ڏئي، پنهنجي خرچ سان ئي ڇپرايا هئا، پر هاڻي پنهنجا اڻ ڇپيل چار ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻ لاءِ اهو شاعر پاڻ ته موجود ئي ناهي رهيو، جنهن چيو هو:

سعيد هينئر لکي سُمهيو آهي

ڏات، جاڳي رهي آ ڪوٺيءَ ۾!


 

سعيد ميمڻ

راند رس ۾ ڇڏي هليا وياسين

اسد مڱڻهار

تاريخ ۾ جڏهن  به جديد سنڌي شاعرن ۽ شاعريءَ جو ذڪر نڪرندو ته انهن ۾ سعيد ميمڻ جو نالو شروعاتي شاعرن ۾ کنيو ويندو سعيد جيڪا سنڌي وائي ۽ بيت کي جدت ڏني ان جو پهرين مثال نه ٿو ملي، توڙي جو وائي ۽ بيت نجي اسان جي سنڌي صنف آهي وائيءَ کي جيڪا آبرو ۽ اهميت شاهه لطيف بخشي ان جو الڳ مقام آهي ڀٽائي کان پوءِ اياز به وائيءَ کي نئون رنگ ڏنو انهن ٻنهين وڏن نالن کان  پوءِ جيڪا جديد وائي سعيد ميمڻ لکي انهيءَ پڙهندڙ کي حيران ڪندڙ خوشي ڏني. سعيد ميمڻ جي پهرين وائي جيڪا سندس سڃاڻپ جو سبب بڻي اها وائي هئي

کڙڪو آ در تي،

سعيد ستل آهي

جاڳائيس ته ڪو

ويندو سفر تي

سعيد ستل آهي

ٿڪجي پيو هوندو

تڏهن پٿر تي

سعيد ستل آهي

آخر ڪير آهي؟

جنهن جي قبر تي

سعيد ستل آهي

ٻي جيڪا سعيد جي وائي ان وقت ڇپي اها هيءَ آهي.

پوياڙي جو سج

ڳاڙهي امبر ۾

لٽڪي رهيو آ

سعيد جا مون وٽ ڪافي خط موجود آهن هو جڏهن به خط لکندو هو ته هر خط ۾ تقريبن ٻه ٽي نوان غزل يا وايون لکي موڪليندو هو. مون هڪ ڀري کيس خط ۾ لکيو ته

يار سعيد تون جيترو تيزيءَ ۽ انفراديت سان لکي رهيو آهين ڇا اهو ممڪن آهي ته هميشه ايترو تيزيءَ سان ئي لکندو رهندين ته سعيد جواب ۾ لکيو هو ته؛ اسد تون فڪر نه ڪر مان سمجهان ٿو ته مان جيستائين جيئرو هوندس ائين ئي لکندو رهندس.

سعيد جي اها 24-25 سال پهرين ڪيل ڳالهه سچ ثابت  ٿي سعيد آخر تائين لکندو رهيو جنهن جو مثال سندس شاعريءَ جا 9 ڪتاب آهن. سعيد جو جيڪو پهريون ڪتاب آيو اُهو هيو ”نيڻ سفر ۾“ جنهن ۾ صرف غزل هيا توڙي جو اسان ان وقت اهو پئي سمجهيو ته سعيد جو پهريون ڪتاب شايد واين جو اچي پر جڏهن سعيد جو غزلن جو ڪتاب ”نيڻ سفر ۾“ آيو ته اُهو هٿوهٿ وڪامي ويو، توڙي سعيد جو اُهو ڪتاب شاهڪار ڪتاب هو پر جيڪڏهن انهيءَ ڪتاب جي ڇپائي شاعريءَ جي معيار جهڙي هجي ها ته وڌيڪ بهتر هجي ها.

سعيد غزل ۾پڻ پنهنجو الڳ رستو ورتو سعيد جي شاعريءَ جي اها خاصيت هئي جو جيڪڏهن بنا نالي به سعيد جي شاعري ڇپيل نظر اچي ها ته پڙهندڙ سمجهي وڃي ها ته هيءَ سعيد جي شاعري آهي. سندس ڪجهه غزل جيڪي يادگار غزل آهن انهن ۾

 

اي خدا آسمان ڊاهي ڇڏ،

دل ڊهي آ، جهان ڊاهي ڇڏ

 

سندس ٻيو هڪ خوبصورت غزل آهي

رسي سگهيون نه صدائون ته نيڻ ڀرجي ويا

ڀريون نه دل جون خلائون ته نيڻ ڀرجي ويا

 

اسان ته ننڊ ڪرڻ لاءِ نيڻ ٻوٽيا ها

اوهان جو خواب لڌائون ته نيڻ ڀرجي ويا.

سعيد ميمڻ جهڙا شاعر اوچتو نروار ٿي ۽ اوچتو گم ٿي حيران ڪري ويندا آهن

وائيءَ کان پوءِ سعيد جيڪا بيت ۾ جدت آندي اُها به ساراھ جوڳي آهي. سعيد روايتي بيت مان پنهنجو پاڻ آجو ڪري جديد بيت لکيو.

سندس ڪجهه بيت جيڪي هينئر منهنجي ذهن تي تري آيا آهن انهن ۾ هڪ بيت هن عرفان مهديءَ جي آپگهات تي لکيو هو.

هن جو پاڻ ڦٽي ڪيو، پل تان ٽپ ڏئي،

درياھ دانهن، ڪئي ڇوليون ڇرڪ ڀري اُٿيون

سعيد جي سڄي شاعري منظر نگاري جو مظهر آهي هن وٽ اهو فن هيو ته هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريل احساس جي ڄڻ تصوير ڪڍي. پڙهندڙ اڳيان رکندو هو. سندس هي خوبصورت بيت پڙهي ڏسو.

نچڻيءَ ڪند ڍريو جوڙي هٿ نياز سان

طبلي جي آواز تي ڇيرين ڇرڪ ڀريو،

نچڻي ڪنڌ مٿي ڪيو، اڳتي قدم چريو

۽ پوءِ جسم ڇڙيو لونءَ لونءَ انگ انگ ناچ ۾

سعيد جو مٿيون بيت پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ اسانجي سامهون شيما ڪرماڻي يا سهائي ابڙو رقص ڪري رهي آهي. سعيد جو مون سان شروعاتي رابطو خطن وارو هو. سعيد شايد اڃا به گهڻو جي سگهي ها پر سعيد کي هڪ اهڙي بيماريءَ اچي سوگهو ڪيو جنهن سندس ساٿ آخر تائين نه ڇڏيو. سعيد جو هڪ بيت آهي ته :

اکيون کوليون مون، اڳيان جيون واٽ هئي

آنءُ تڏهن لاڪون، آهيان اڻ کٽ پنڌ ۾

اهو اڻ کٽ پنڌ سعيد جي اکيون کولڻ کان اکيون پورڻ تائين جاري رهيو. سعيد پيشي جي لحاظ کان پيغمبري پيشي سان واڳيل هيو پر ان نوڪري مان سندس ۽ سندس ڪٽنب جون گهرجون اڻپوريون محسوس ڪندي سعيد ڪافي وقت رڪشا پڻ هلايو. سعيد جا ڪجهه بيت رڪشا تي به لکيل آهن سندس هڪ بيت آهي

پوڙهو رڪشا ۾ چڙهيو چيائين تيز هلاءِ

قبرستان پڄاءِ ڏاڍي ٿي وئي دير آ

آخر سعيد بيماريءَ جي حملي کانپوءِ رڪشا هلائڻ به ڇڏي ڏنو پر سندس معاشي مسئلو آخر تائين حل نه ٿي سگهيو. سعيد ميمڻ کي 6 ڌيئر ۽ هڪ پٽ آهي جن جي ذميواري هاڻي سعيد جي پٽ دانش مٿان آهي. جيڪڏهن وس وارا واهر ڪري سعيد جي پٽ کي ڪا نوڪري ڏئي وٺندا ته دانش پنهنجي پيءَ جا ڇڏيل ۽ گهر جا فرض آساني سان ادا ڪري سگهندو.

ڇو جو سعيد پويان صرف 9 ڪتابن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڇڏي ويو. هن ليک وسيلي اسين ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ ڪلچر جي وزير جيڪو پاڻ به انتهائي خوبصورت شاعر آهي. سيد سردار شاھ کي اپيل ڪيون ٿا ته سعيد جي ٻچڙن جي اڻ گهري پاڻمرادو پر گهور لهي ته جيئن سعيد جي روح کي راحت اچي آخر ۾ سعيد جو هڪ وقائتو غزل ياد اچي رهيو آهي.

جو هو وس ۾ ڇڏي هليا ويا سين

راند رس ۾ ڇڏي هليا وياسين.

 

دل جي پڙ ۾ پئي پشيماني،

ڪنهن کي ڪس ۾ ڇڏي هليا وياسين

 

پاڻ کي ڀي هيو پري وڃڻو،

تو کي بس ۾ ڇڏي هليا وياسين.

 

تو کي خوشبو اسان جو ڏس ڏيندي

گل گس ۾ ڇڏي هليا وياسين.

پنهنجي سڄي ڄمار ڪيترا ئي شاعريءَ جا گل گس ۾ ڇڏي ويندڙ شاعر سعيد ميمڻ اسان کان اوچتو وڇڙي ويو. هاڻي اُهي گل گس ۾ نه پر سندس قبر تي سوڳوار پيا آهن.


 

... ... .۽ سعيد کي ننڊ اچي وئي

علي عابد

هونئن ته سدائين سنڌ جي سيني تي ڪيترين ئي صورتن ۾ موت جو ملائڪ هر گهڙي پيو لامارا ڏئي ٿو پر سال جي پڇاڙڪي ڏهاڙن ۾ هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لڙهيءَ ۾ پويل اهڙن انمول داڻن کي الڳ  ٿو ڪري ڇڏي، جن جي وڇوڙي جو گهاءُ صدين تائين سور بڻجي سنڌ واسين کي وڌيڪ سوڳوار ڪري ٿو ڇڏي.

اهڙو ئي سور سعيد ميمڻ جي اوچتي وڇوڙي سبب سنڌ واسين کي مليو جيڪي اڄ به ان درد جي دامن مان نڪري نه سگهيا آهن.

موت ڇا هي، ڇو ٿو اچي، اهو ته هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو صدين پڄاڻان به ڪو جواب ڳولهي نه سگهيو آهي. پاڻ، سعيد ميمڻ کي به پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي دم تي ڪو بانور ڪونه هو ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي غزل ۾ ان ڪيفيت کي سمائي اسان تائين هيئن پهچايو ته:

مدو آ ڪيترو دم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان،

ڪوئي انجام عالم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان.

سعيد جديد سنڌي شاعري جو وهائو تارو هو، جنهن کي ٻين صنفن سان گڏ غزل جي صنف ۾ ڪمال حاصل هو.

ڄمڻ بعد جيئن ئي کلن ٿيون اکيون،

سڄي عمر بس پو، رلن ٿيون اکيون.

سعيد ميمڻ زندگي ۾ ڪڏهن سارن جي سهاري جيئڻ گهريو ته ڪڏهن وري هن حقيقت پسندي کان ڪم وٺندي پنهنجو جيون ڪنهن جي ياد بنا ئي گهارڻ جو فن سکي ورتو.

سارو جيون سارون، ساٿ نه ڏينديون ،

گلڙن جون مهڪارو، ساٿ نه ڏينديون.

سعيد جي غزل کي جيڪڏهن اڃا غور سان ٿو پڙهجي ته ان مان اسان کي الائي ڪيتريون خوبيون گهوريندي نظر اچن ٿيون.

رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي،

هر شئي مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي.

سعيد ميمڻ پنهنجي شاعري وسيلي ان حقيقت جو به اعتراف ڪيو هو ته هو سڄي زندگي اڪيلو ڪونه رهيو هو ، هن سان سفر ۾ سدائين ڪونه ڪو ساٿي رهيو هو.

مون کي صدما اڪيلو ڇڏين ئي نه ٿا،

پو به سپنا  اڪيلو ڇڏين ئي نه ٿا.

سعيد ميمڻ، هيڏي ساري وجود رکڻ باوجود ڪڏهن پاڻ  ته ڪڏهن پنهنجي  نيڻن کي ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي وڃائي ويهڻ جي وارتا ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي.

ڪنهن منظر ۾ نيڻ اسان جا گم ٿي ويا،

دوست! سفر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

سعيد ميّمڻ سان هونئن ته رات جي تنهائي به ڳالهائيندي رهي هئي پر کيس مختلف وقتن تي مختلف وجودن جي ڀڻڪڻ جا آواز به چٽا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا .

ڪتابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن،

نقابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن .

سعيد ميمڻ جهڙيءَ ريت جديد سنڌي غزل کي سهڻو ويس پارايو، تهڙيءَ ريت هن وائيءَ جي صنف کي به نهايت سهڻي پيرائي ۾ پروئي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي .

اڀ ڪاغذ جيئن

پيو آ کلي ،             چئي ٿو،”مون تي لک“.

سعيد پنهنجي سنگتين ،مٽن مائٽن توڙي عام ماڻهن جي روين،لهجن کان ڪيترو متاثر هو ،ان جو اڀياس به ان جي هڪڙي وائيءَ  مان آساني سان ڪري سگهجي ٿو .

ذهن جو پڙ کولي،

ٽانڊا ڄڻ ڪوئي،          رکي ويو آهي.

شاعري جيئن ته احساسن ۽ اڌمن جي ترجمان هوندي آهي ۽ شاعراهڙن اڌمن ۽ احساسن جون لفظي تصويرون ٺاهيندڙ مصور ۽ فطرت جي خوبصورت رنگن ۽ نظارن کي پنهنجي قلم وسيلي ڪاڳر ۾ قيد ڪندڙ ڪوي هوندو آهي. سعيد به اهڙي ئي نظر سان جڏهن جهان کي ڏٺو ته کيس جيڪي شيون جيئن لڳيون تن کي هن تيئن ئي بيان ڪيو.

رنگ آڪاش جو

ڪيئن پاڻيءَ مٿان،         هارجي آ پيو.

سعيد ميمڻ جيئن ته نهايت ئي حساس دل رکندڙ شاعر هو ،تنهڪري هو چاهيندو هو ته کيس اهڙو ماحول ميسر هجي ،جتي ويهي هو پنهنجي تخيل سان ڳالهائي ۽ ڪچهريون ڪري.

روشني ڪري ٿو

بيهي چنڊ مٿان، 

۽ مان لکان ٿو.

سچ آهي ته سعيد پنهنجي آخري پساهن تائين قلم سان ساٿ نڀائيندو رهيو ۽ هن دنيا کي ان جي ئي دردن جي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهيو ۽ ائين ڪهاڻي ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڄڻ کيس ننڊ وٺي وئي آهي،اهڙي اگهور ننڊ، جنهن مان کيس جاڳائڻ جي ڪوشش شايد هاڻي ڪوبه نه ڪري سگهي.


 

سعيد ميمڻ

فطرت سان چاھ رکندڙ شاعر

حبدارعلي ٽوٽاڻي

سنڌي ٻولي جي تاريخ تي نظر وجھبي ته وقت به وقت اهڙا مانجھي مرد پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. اهڙي مهان ادبي شخصيتن منجھان اسان جو پيارو ساٿي سائين سعيد ميمڻ به هيو، جنهن کي اسان کان وڇڙئي پورو هڪ سال ٿي ويو آهي.

سعيد ميمڻ ۸ نومبر ۱۹۸۶ع تي لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي جي زرخيز مٽي جي ڳوٺ عاقل ۾ مولوي بشير احمد ميمڻ جي گھر جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. ان بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪئي. سندس والد مولوي بشير احمد ميمڻ صاحب ڪثير العيال هيو جنهنجي مٿان ۹ پٽن ۽ ۳ نياڻين جي ڪفالت جو بار هيو. سعيد ميمڻ جيئن ئي جواني جي ڏاڪي تي پير رکيوته گھر جا بار مٿس ليٽي پيا ۽ وڏي ڀاءُ رفيق احمد ميمڻ سان گڏ آٽو رڪشه هلائي گھر جا بار کنيا. هو ڪنهن به ڪم کان عار نه ڪندو هيو نه ئي ڪنهن ڪم کي گھٽ سمجھندو هيو. محنت جو ولولو سندس رڳن جي سرشتي ۾ سمايل هيو، ان ڪري سرڪاري نوڪري ملڻ جي باوجود به هو رڪشو هلائي گھر ۽ خاندان کي معاشي طور تي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس طبيعت نرالي هئي. واندو ويهڻ سندس مزاج جي خلاف هيو. جڏهن به وقت ملندو هيس ته لکڻ پڙهڻ ۾ صرف ڪندو هيو. سندس ڳوٺ عاقل جيڪو فطرت جي آماجگاھ آهي، ڳوٺ جي چئني طرفن کان قدرتي منظر ۽ زيتونن جا باغ سندس طبيعت کي گھڻو وڻندا هئا. هو ڪڏهن زيتونن جي باغ ۾  ويهي فطرت جي منظر ڪشي ڪندو هيو، ته ڪڏهن سنڌو درياھ تي وڃي ڪنهن وڃايل وجود کي ڳولهيندو هيو.

تڏهن ته لکيو اٿائين ته؛

سرمئي شام جا سب سير وڃايا آهن،

تنهنجي راهن  ۾  پير  وڃايا  آهن.

سعيد ميمڻ جو مثال انهن قديم رشين وانگر آهي جن سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهي “ويد” لکيا، ڇو ته هو جڏهن به سنڌو درياھ جي ڪناري وڃي سنڌو جي جل مٿان نهاريندو هيو ته سندس مٿان ڄڻ شاعريءَ جو الهام ٿيندو هيو ۽ سندس سيني تي درد جي آيتن جو نزول ٿيندو هيو، جنهن جو ذڪر پاڻ هن ريت ڪيو اٿس؛

بڻيو طورسينا اسان جون هينيون.

اسان تي لٿيون درد جون آيتون.

اهوئي درد هيو جنهن برين هيمريج (Brain Ham rage)  جو روپ ڌاري اسان کان هڪ پيارو انسان سعيد ميمڻ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي هميشه جي لاءِ جدا ڪري ڇڏيو.

سعيد ميمڻ جي سوڳوارن ۾ ۷ ڀائرن ۳ ڀيڻن کان علاوه سندس گھرواري، ۵ نياڻيون ۽ ۲ پٽ دانش سعيد ميمڻ ۽ محمد دانيال ميمڻ ڇڏيا آهن

سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جو هڪ وڏو نالو هيو، جنهن جديد شاعريءَ کي نوان روپ ۽ لاڙا ڏنا، نيون نيون ترڪيبون استعمال ڪيون. شاعريءَ سان سندس محبوبا وانگر عشق هيو، جو بيماريءَ جي بستري تي ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود سندس قلم جي مس خشڪ نه ٿي ۽ پنهنجي ننڍڙي حياتيءَ ۾ سندس ڇپيل ۹ ڪتاب ذاتي ۽ هڪ گڏيل شاعري جي ڪتاب کان علاوه هو گھٽ ۾ گھٽ ۵ ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد سنڌي ادب کي ارپي ويو آهي.

سندس ڪتابن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:

ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، (گڏيل شاعري).

نيڻ سفر ۾. ۱۹۹۸ع (غزل)

ڪاري بر ۾ چنڊ، ۲۰۰۰ع، (طويل نظم ۽ پنجڪڙا).

خواب چارا. ۲۰۰۵ع (غزل، آزاد نظم، وايون، چوسٽا).

درد جون آيتون، ۲۰۰۹ع (غزل، نظم، آزاد نظم، پنجڪڙا)

اسان جو عشق اڻپورو، ۲۰۱۰ع (غزل، نظم، وايون بيت. هائيڪاا، ترائيل، پنجڪڙا)

دل دنبورو، ۲۰۱۰ع، (غزل، سر سهڻي ۾ غزل)

آءٌ لهر سمونڊ جي، ۲۰۱۴ع، (دوها)

ازل جو آڏاڻو، ۲۰۱۵ع، (طويل غزل)

آلا دڳ برسات ۾، ۲۰۱۶ع، (غزل)

خالي آکيرو، (سندس وفات بعد سهيڙيل، ڇپائيءَ هيٺ)

سعيد ميمڻ هڪ حساس طبيعت جو مالڪ هيو، جيڪو سماج جي هر درد ۽ پيڙا کي پنهنجو درد ڪري محسوس ڪندو هيو، سندس حواس به دل وانگي اهڙا ته مست الست هيا جو هر ڏک درد جو عڪس جھٽي سندس سيني ۾ سمائيندا هئا. سندس نظرون به سرهائي، سچائي، ڏک ۽ درد جون پيڙائون پنهنجي ادراڪي اکين سان جھٽي لفظن جو نيون صورتون سرجي وٺنديون هيون. سعيد ميمڻ جي ذات ۽ ڏانءٌ جدت ۽ ڪلاسيڪيت جو حسين سنگم هيو، ڇو ته هن جي هر تخليق ۾ داخلي ۽ خارجي اثرن ۽ ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ اهي سموريون حسناڪيون موجود آهن جيڪي هڪ وڏي شاعر ۾ هئڻ گھرجن. سنڌ جي مهان ڪوي ۽ سنڌي شاعريءَ کي نوان گس ڏيندڙ شاعر شيخ اياز گڏيل شاعري جي ڪتاب “ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان” جي مهاڳ ۾ سعيد ميمڻ جي غزل جا هيٺيان ٻه بند کڻي انهن تي لکي ٿو ته؛

وري چنڊ_پوپٽ ڇهن ٿا گلن کي،

گلابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

هي جسمن جي گرمي ٿوري ڇهڻ سان،

حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

اياز جي راءِ آهي ته، “صائب، حافظ يا سعدي يا عرفي وغيره ههڙي شاعري تي ڪن لاٽار ڪري ڇڏن ها. ڇو ته انهن کي جديد نظم جوپورو تصور نه هيو ۽ هو سوچي به نه ٿي سگھيا ته غزل روايتي موضوع کان ايترو ڦري ويندو. سعيد جي مٿين غزل ۾ چنڊ_پوپٽ ڪيڏو نه موهيندڙ استعارو آهي جو يورپ جو ڪو به Imagist  خوشي سان اپنائي ها”.

سعيد ميمڻ رواني ۾ آبشار مثل هيو، کيس لکڻ لئه ڪئي موضوع ۽ منظر هيا، هن جي لفظن ۽ خيالن ۾ عقابي پرواز هئي. ان لاءِ هن لکيو آهي ته:

منهنجي اندر ۾ ،

ويٺل شاعر ڪو،

لفظ گھري مونکان،

منهنجي تصور جو،

هر هڪ منظر ٿو،

لفظ گھري مونکان،

سعيد ميمڻ جي اندر ۾ هڪ درد هيو، هڪ پيڙا هئي، آنڌ مانڌ هئي جنهن جي ڪري هن ظالم سماج ۾ ڪو به سندس دلجوئي ڪري نه سگھيو، سندس وجود ڀورا ڀورا ۽ دل پرزا پرزا ٿيڻ لڳي، هيءَ سموري ڪائنات طلساتي دنيا محسوس ڪيائين، تڏهن ته بارگاهه ايزدي ۾ انالحق جو نعرو هڻي، پنهنجو گريبان چاڪ ٿيندو ڏسي خدا کي پنهنجو جهان ڊاهي ڇڏڻ جي استدعا ڪئي هئائين  ۽ ڪائنات جي خالق کي مخاطب ٿيندي لکيائين ته:

اي خدا آسمان ڊاهي ڇڏ

دل ڊهي آ جهان ڊاهي ڇڏ

جڳ ۾ ڳولهيو نه لڀان ڪنهن کان

منهنجو نانءٌ نشان ڊاهي ڇڏ

عشق جو ڪو گواهه ئي ڪونهي

دل چري جو بيان ڊاهي ڇڏ

شهر وارن کي ڏيئي ٿو ٿوآئينه

رات هن جو دڪان ڊاهي ڇڏ

سعيد ميمڻ جي سيني ۾ نينهن جو اهڙو ته نشتر لڳل هيو جيڪو کيس هر وقت اندر ۾ چڀندو رهندو هيو، تڏهن ته لکيو اٿس ته:

من جي مسجد ۾ ڏک نمازين جيان

درد ڏي ٿو آذان سيني ۾

سعيد جي اکڙين ۾ ڪيترا ئي سهانا خواب هئا جيڪي سندس حياتي ۾ تعبير ۽ ساڀيان ٿي نه سگھيا، تڏهن ويندي ويندي پنهنجي ڳوٺ عاقل وارن کي پيغام ڏئي پارت ڪري ويو آهي

عاقل تنهنجي هنج ۾ مان ٿوخواب رکان

تن جوخيال ڪجان جيسين بڻجن ساڀيان

حقيقت جي اک سان ڏسجي ته سعيد ميمڻ جو اهو پيغام رڳو عاقل وارن کي ناهي پر سنڌ جي هر ساڃاھ وند باشعور عالم اديب شاعر کي آهي، سندس خوابن جي ساڀيان جي حفاظت ڪري ۽ ان جي فڪر ۽ فلسفي کي اڳتي وڌائيندو وڃي.

سعيد ميمڻ کي ازل جو پيغام اڳي ئي اچي چڪو هيو ۽ پاڻ ان تي لبيڪ چئي سقراط وانگر زهر جو پيالو پيئڻ ۾ ئي عافيت سمجھيو هيو، ان ڪري هن جو تن من ظاهري دنيا کان بيزار ٿي چڪو هيو ۽ آخري زندگي ۾ ئي پنهنجي نجات پيو سمجھي، شايد ان ڪري لکيو هيائين ته:

زندگي هئي ٻڌل زنجيرن ۾

موت آيو، نجات آئي آ.

موهن جي ديس جو هي جديد شاعر اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس يادون ۽ تاريخي مواد موجود آهي جنهن ۾ هن پاڻ کي موهن جي دڙي سان تمثيل ڏني هئي؛

مان هان موهن جو دڙو، مٽي جا انڀار

اکين ۾ آثار آهن هڪڙي خواب جا.

سعيد ميمڻ هن وقت عاقل جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي، هن ديس جو انياءُ ڏسي راند رس ۾ ڇڏي ڌرتي ماتا جي هنج ۾ هميشه هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو،


سعيد سُتل آهي

سعيد ميمڻ جي پهرين ورسي ۱۷ ڊسمبر ۲۰۱۷ع تي ڀيٽا

عادل عباسي

هر ادبي دور پنهنجي اظهار جا نرالا ۽ نت نوان زاويا دريافت ڪري وٺندو آهي، جن کي سمجھڻ ۽ پُرجھڻ کانپوءِ انهن کي ماپڻ، لِيڪڻ ۽ انهن جي تور تَڪَ ڪرڻ پنهنجي دور جي ليکڪ لاءِ لازم ۽ ضروري آهي، ڇوته هر دور کي پنهنجو شعور ۽ پنهنجي ڏاهپ هوندي آهي. دراصل ليکڪ ۾ موجود جستجو ۽ ذوق ئي ان کي حاضر دور جي شعور ۽ سمجھ ههه پُرجھ تائين رسائي ڏيندو آهي. ادراڪ جا اهڙا مامرا هميشه سادگي کان پيچيدگي ڏانهن سفر ڪندا آهن ۽ ليکڪ انهيءَ سفر ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌندو ويندو آهي، تيئن تيئن اظهار جا ملائم ۽ ريشمي تاڪيا مٿس کلندا ويندا آهن، نتيجي طور هُو نيٺ پنهنجي تخليق جي مثالي ۽ منفرد ماڳ کي ماڻي وٺندو آهي.

هر شاعر جي داخلي ڪائنات جا پنهنجا پنهنجا مظهر هوندا آهن. سندس تخليقن جا گِرھ ۽ اُپگِرھ پنهنجي داخلي ثقل تي گردش ڪندا آهن. وٽس اظهار جو هڪ وسيع نظامِ شمسي هوندو آهي، جيڪو سندس تخيل کي حرارت ۽ تخليق کي توانائي فراهم ڪندو آهي.

سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعري جي نظامِ شمسي جو اهو روشن ستارو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت روايت، ڪلاسيڪيت ۽ جديديت وارو اظهار تخليق جي طاقتور هٿيارن سان هٿياربند ٿي نروار ٿيو آهي. وٽس لقائن جي ادراڪ جي به پنهنجي قوت ۽ ڪمال آهي ته لفظن جي اظهار جو به پنهنجو الڳ اسلوب ۽ انفراديت آهي. سندس شاعري ۾ محاڪات کان ويندي داخليت تائين تخيل جا سوين اعجاز طورسينا جي تجلي جيان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏين ٿا. مان اها ڳالھ بغير ڪنهن وڌاءَ جي چوان ٿو ته سعيد ميمڻ، شيخ اياز کانپوءِ اهو واحد شاعر آهي جنهن جي وائيءَ جي ڊڪشن کي سڀ کان وڌيڪ “فالو” ڪيو ويو ۽ جنهن پنهنجي اسلوب ۽ ڊڪشن جا پنهنجي ايندڙ ٽهي تي اثر ڇڏيا. سندس شاعراڻي ۽ شخصي سڀاءَ ۾ ڪوبه ٽڪراءُ نه هو، جهڙو سندس شخصيت جو مزاج هو تهڙوئي سندس شاعري جو. نه وٽس ڏيکاءُ هو، نه منافقي، نه پاليسي بازي ۽ نه ئي ڊپلوميسي. هو جهڙو اندر هو تهڙوئي ٻاهر هو.

سعيد ميمڻ پنهنجي پيار جي ميراث ڪنهن کي ارپڻ چاهي پر کانئس ڪو وٺڻ وارو ڪونه هو، جنهن جو اظهار ڪندي هو چوي ٿو:

منهنجي عينڪ جا شيشا نه ديوار ها،

تو اکين  ۾ اچڻ  ئي نه  چاهيو  هيو.

هُو اهو سانورو جوڳي هو جنهن جي ٽُٻڻي ۾ نانگ بدران دل هئي، جنهن کي هن ڪنهن حسينا جي ناٽ تي نچائڻ چاهيو پر اهو پيار سندس آٿت بڻجڻ بدران روڳ ۽ رسوائي بڻجي ويو. هو اهڙو کاهوڙي هو جيڪو پنهنجي ڪلهي ۾ محبت جي بُجڪي لٽڪائي بَن بَن ڀٽڪندو رهيو ۽ پرينءَ سان ملڻ جي آس ۾ سدائين سندس نيڻ سفر ۾ رهيا پر سفر جي ايڏي ڪشالي باوجود کيس پيار جي منزل نه ملي، شايد هن هڪ ڀيانڪ اونداهي جو سپنو ڏٺو پئي ۽ هڪ نهايت تاريڪ ۽ ڪاري بر ۾ چنڊ کي چاهڻ جي غلطي ڪئي هئي، تنهن هوندي به هُو اهڙا خواب هه چارا ضرور ڇڏي ويو، جنهن تي پنڌ ڪندي سندس پيرن جا نشان اڄ به ساڀيان ڳولي رهيا آهن. هُو اهڙو پيغمبر هو جنهن وٽ موسٰي جي عصا ته ڪونه هئي پر مٿس هر وقت درد جون آيتون لهنديون هيون، جيڪي بعد ۾ صحيفن جي صورت وٺي اسان جي شاعراڻي تلاوت جو حصو بڻيون. هُو بنيادي طور صوفي مزاج ماڻهو هو جنهن ڪري سندس شاعري ۾ تصوف واري رنگ کي پسي سگھجي ٿو. عشق بابت هر صوفي مڪملتا جو منڪر رهيو آهي ڇوته صوفين وڇوڙي کي ميلاپ تي ۽ فراق کي وصال تي فوقيت ڏني آهي جيئن شاھ سائين چيو “جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي” ته سعيد به انهيءَ صوفياڻي راھ جو پانڌيئڙو هوتنهنڪري هُو به پيار کي ڪڏهن به ميلاپ سان مشروط نٿو ڪري ۽ نه ئي عشق کي مڪمل يا مطلق سمجھي ٿو. سندس خيال آهي ته اسان جو عشق اڻپورو آهي يعني اهو نه ته ڪنهن جي ملڻ سان مڪمل ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن جي نه ملڻ سان فنا ٿئي ٿو. هونئن به سعيد سوڌو هر شاعر بنيادي طور پنهنجي فطرت ۾ سدائين اڻپورو، پياسو ۽ ڳولائو رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ڪرب کي بانسري بڻائي ۽ دل دنبورو ڪري، سِر جي صدا هڻي ڪنهن ٻيجل جو منتظر رهي ٿو ته من ڪو سِر جي صدا هڻي ته سِر وڍي سَرهو ٿجي. سعيد ميمڻ پنهنجي دور جو سرموڙ هوندي به ڪڏهن ڪا دعوٰي نه ڪئي، هن پاڻ کي نه ڪڏهن بحرِ بيڪران سمجھيو ۽ نه ئي وشال سمونڊ، هن چيو ته آءٌ قلزم نه پر قطرو آهيان ۽ آءٌ سمونڊ نه پر آءٌ لهر سمونڊ جي آهيان. اهري نهٺائي ۽ نماڻائي وارو درويش ۽ فقير صفت سعيد اسان کان ايئن وڇڙي ويندو اهو ته اسان سوچيو به ڪونه هو پر پوءِ به هُو هميشه لاءِ هليو ويو، هاڻي اها ميار موت کي ڏجي، تقدير کي ڏجي يا تقدير لکڻ واري کي. سعيد اهو ڪوري هو جيڪو پنهنجي تخليق جو ايترو ته سُٽ ڪَتي ويو جنهن جي ڌاڳن مان لفظن جا هزارين ٿانَ، سنڌ جي شاعراڻي بازار ۾ املھ آهن. افسوس ته هن ڪاپائتي شاعر وارو ازل جو آڏاڻو بس ايتري ئي ململ ٺاهي سگھيو پر اها به سنڌ جي ململ وانگر ڏيهان ڏيھ مشهور ٿي. سعيد ته اسان کان هٿ ڇڏائي هليو ويو پر پويان سموريون موسمون ملهار ڪري ويو، هاڻي ته هر اک آلي آهي ۽ هر منظر مينهوڳي ڀاسي ٿو ۽ عاقل ڏانهن ويندڙ آلا دڳ برسات ۾ تَرِ ٿي ترايون بڻجي ويا آهن ۽ سنڌ جي سڄي ادبي دنيا طوفانِ نوح جي لپيٽ آهي.

سنڌ جي هن فقير شاعر جنهن ڪيترا ئي سال اڳ پنهنجي معصوم پُٽَ جي وڇوڙي تي هڪ وائي ۾ اهو سوال ڪيو هو ته “هي ڪنهنجي قبر تي، سعيد سُتل آهي” هاڻي ان ئي سوال جي جواب ۾ ان ئي قبرستان ۾ سعيد پاڻ سُتل آهي. جنهن ڪري هاڻي ان سوال پُڇڻ جو وڌيڪ ڪو جواز نٿو رهي.


سعيد ميمڻ

سنڌي شاعريءَ سان مڪالمو

يامين بلوچ

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،

ڪڏهن ڪو نه آئيو، تن پهنوارن پهي،

ويئڙا سي وهي، جنب گذاريم جن سين.

(شاهه)

جيئن جيئن سعيد جي جدائيءَ جي درد مٿان لمحن جا اونداهان تهه چڙهندا ٿا وڃن، تيئن تيئن هن جو چهرو منهنجي تصوراتي اکين ۾ چٽو ٿيندو ٿو وڃي. ڪڏهن ڏسان ٿو ته سانجهيءَ جو سنڌو ڪناري ويٺو پنهنجي شاعري جهونگاري، ته ڪڏهن وري ڳوٺاڻي هوٽل تي نم جي وڻ هيٺيان گهرام فقير جي آواز ۾ ڀٽائيءَ جي سر رامڪليءَ جا بيت ٻڌندي حيرت جي جهان ۾ گم ٿي وڃي ٿو. سعيد جو شاعريءَ سان عشق ڏسي امير خسروءَ جو هي شعر ياد ايندو هو.

من توشدم تومن شدي، منتن شدم توجان شدي،

تاکس نگويد بعدازين، من ديگرم تو ديگري

(امير خسرو)

اسان لاءِ اهو ڄاڻڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو ته شاعري هن ۾ سمائجي وئي آهي يا هو شاعريءَ ۾ سمايل آهي.سعيد اڪثر ڪري پنهنجي يا پنهنجي دور جي ٻين شاعرن جي فن ۽ فڪر تي بحث ڪندو هو، هو ڪڏهن به شاعري جي دل ۽ دماغ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو. فن جي بحر بيقرار ۾ غرق ٿيل سعيد کان پنهنجو گهر ٻار به وسريل هوندو هو، شاعري هن جي بيقرار زندگيءَ جو قرار هئي.

تولاءِ وقت سمونڊ ۾ لڙهندا آياسين،

ڪين ڪناري تي ملئين، نيڻ رلاياسين،

آيا ها تفريح لاءِ، تن سان ويٺاسين،

ڳاڙهو سج ٻڌي ويو، آخر اٿياسين،

کڻي موٽياسين، ساڳيا اوسيئڙا اسين!

شاعريءَ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار گهڻي قدر ان جي لساني رويي تي هوندو آهي. جنهن ۾ لفظن، قافين جو استعمال ۽ ٻوليءَ جو جمالياتي عنصر به شامل هوندو آهي. هر شاعر جي شعري زبان ان جي شاعراڻي وجود جو احساس ڏياريندي آهي. سعيد جي شاعري ڪنهن به ابهام جو شڪار ناهي ٿي. هن پنهنجي دور جي مروج ٻولي کي فني ڪماليت سان اهڙو خوبصورت بڻايو جو هر لفظ فڪري معصوميت جي علامت بڻجي ويو آهي. سعيد انسان جي فڪري ۽ احساساتي زندگي کي پنهنجي شعر ۾ نهايت نازڪ ۽ نفيس انداز ۾ سموهي فرد جي داخلي ڪيفيت ۽ فطري تقاضاعن جي ترجماني ڪئي آهي. جيئن William Black (۱۹۵۷-۱۸۲۷)Imaginative art,جي ذريعي پنهنجي تخليقي سگهه جو اظهار ڪيو آهي، تيئن سيعد جي شاعري ۾ تصوراتي اظهار جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو.

آهي اونداهي، ڪونهي ڪوئي سوجهرو،

ويٺو آهيان واٽ تي، چوڏس تنهائي،

هئي جا تنهنجي ڀر ۾، منهنجي “سهائي”

بابا ڀٽائي! مون کي سابه ڇڏي وئي!

شاعري نه رڳو علم ۽ عمل آهي پر اها ڌرتي جي تاريخ به ٿيندي آهي. شعر جمالياتي تجربي سان گڏ فڪري ڪيٿارسس به آهي. شاعر جي فڪري زمين جي ڪا نظرياتي سرحد نه ٿيندي آهي. شاعري انسان جي شعور جو واقعاتي تجربو ناهي پر اها فطري احساسات ۽ جذبات جي تازگيءَ جي شعوري ڪوشش آهي. اسپين جي شاعر اونا مونو، علامه اقبال ۽ شبلي به شاعري ۾ احساسات ۽ جذبات کي گهڻي اهميت ڏني آهي. سعيد انسان جي اندر جي احساس، جذبات ۽ فڪر کي ٻيهر زنده ڪرڻ وارو شاعر آهي.

ڀينگ ٿيا ڀاڻا، سرتيون! سڃ وسي پئي،

ڪاڏي ويون ڪاپائتيون، ڪاڏي آڏاڻا؟

آهن اوراڻا، جيڏيون منهنجي جي ۾.

***

کڻي مان اکيون ڪهڙيون قبرن کي ڏسان

جيئن ڏسان ٿو جي جون، ڀرن ٿيون ڀتيون،

سسڪن ٿيون صديون، مڪلي! تنهنجي ماٺ م.

جيئن جيمس جُوائس پنهنجي ناول Ulysses ۾ ڊبلن کي اهڙي طرح پيش ڪيو آهي جو اهو فنا به ٿي وڃي، ته به هن جي ڪتاب مان ٻيهر ان جي تصوير ٺاهي سگهجي ٿي، ايئن هر عظيم شاعر پنهنجي دور جي فڪري، احساساتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي زندگي اهڙي طرح بيان ڪندو آهي ته جيئن ايندڙ دور ۾ جڏهن اهي شعر پڙهيا وڃن ته ماڻهوءَ جي تصور ۾ ان دور جي سموري زندگي پنهنجي سمورين بدصورتين ۽ خوبصورتين سان گڏ چٽي تصوير بڻجي چمڪڻ لڳي، سعيد ميمڻ جي شاعري بي خبريءَ جي اونداهين دنيا مان ٻاهر ڪڍي ماڻهوءَ جي ذهني اکين تي فڪري عينڪ پارائي ٿي، جنهن ۾ انسان جي اجتماعي احساسات جو آهنگ آهي. هن وٽ خيال ۽ تجربي جو به حسين سنگم نظر اچي ٿو. هو سنڌي شاعريءَ جو تهذيبي ۽ ثقافتي پيش منظر به آهي ته پس منظر به. سعيد جي شاعري ۾ سماجي روايتن جو تاريخي شعور به موجود آهي. هن نئين علامتن ۽ تشبيهن سان پنهنجي وجودي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي.

من ڪو چين ملي وڃي پڙهيم ڀٽائيءَ کي،

جهوريائين جي کي، سٽ سڻايئين سور جي،

***

ڏاڍو مون گهمنڊ، هيو پنهنجي هٿ تي،

ڇڄي پيو ڇوهه ۾، ڪيئن ڳنڍيان هي ڳنڍ؟

لڀي نه ٿو منڍ، سرتيون مون کان سٽ جو.

فرد جي اهڙي وجودي ڪيفيت جو اظهار دوستو وسڪيءَ Notes from the underground ۽ ڪاميو وري Out Sider ۾ ڪيو آهي. ڪافڪا به پنهنجي لکڻين ۾ فرد جي معاشرتي اجنبيت جو اظهار ڪيو آهي، تنهائي صنعتي ڪلچر جو سچ آهي، جنهن کي ماڻهو سماجي تقدير سمجهي قبول ڪري ورتو آهي. اوپرائپ ماڻهو جي من کي ويڳاڻپ جو ڪوماڻيل گل بڻائي ڇڏيو آهي.

ڏٺوسين نه آزاد پنهنجو وطن

سگهن شل اسان جا هي ٻچڙا ڏسي

***

وهن ٿيون ڪري نار منهنجو اکيون،

سڪل سنڌ! اڄ تنهنجو دريا ڏسي.

نٽشي چوندو هو، مان ڏهن جملن ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو، جيڪو هڪ ڪتاب ۾ به نه لکي سگهجي. سعيد جي هر هڪ شعر جو، جي فڪري اظهار ڪجي ته هر شعر ۾ ڪتاب جيترومواد شامل آهي. هن ڪڏهن به فرسوده ۽ روايتي شاعري جي بيٺل تلاءُ ۾ غوطا ناهن کاڌا. هو جدت جي آبشار ۾ لڙهندي پنهنجي دور جي سنڌي شاعري جي اکين جو خمار بڻجي ويو آهي. سعيد کي پڙهڻ سان ماڻهو جي من تي فڪري ڪيف چڙهي وڃي ٿو. جيئن سونهن ڏسڻ سان ماڻهو جون اکيون ناهن ٿڪبيون، تيئن هن جي شاعري پڙهڻ سان ذهني ٿڪاوٽ محسوس ئي نه ٿيندي آهي. سارتر لکيو آهي ته اسان پنهنجن خيالن سان اکيون اکين ۾ ملائي نٿا سگهون تڏهن ته انهن کي ڪتابن ۾ اوتي ٿا ڇڏيون. سعيد جي پنهنجي وجودي ڪيفيت جو اظهار شعر ۾نه ڪري ها ته شايد چريو ٿي وڃي ها. سام ويد ۾ لکيل آهي ته جڏهن انسان ننڊ ڪندو آهي ته هو پنهنجي ذات جي گهرائيءَ ۾ هليو ويندو آهي. سعيد به ابدي ننڊ ۾ ستل آهي ۽ هن جي ذات جي گهرائي هن جي شاعري ۾ موجود آهي. هو پنهنجي د‏ور جي سنڌي شاعري جو مقصدي مڪالمو آهي. عمر خيام پنهنجي هڪ رباعيءَ ۾چيو آهي.

This Kingdom of the Earth & Sky,

Remains eternally for non.

We too must go, as they have gone,

And others follow by-and-by.

خسروءَ جي هن شعر جي دل ۾ به شايد اهڙو ئي احساس ڌڙڪي ٿو.

محبوب پنهنجي بستر تي خواب پيو ڏسي،

هن جي ذلفن سندس خوبصورت چهري کي

ڍڪي ڇڏيو آهي. اي! خسرو هاڻي گهر وڃ،

ڇو ته دنيا ته تنهنجي لاءِ اونداهين بڻجي وئي آهي.


سعيد ميمڻ جي ياد ۾ لکيل تاثر

ستار سروهي

هُن جي پرورش عاقل ڳوٺ ۾ درياءَ ۽ فطرت جي حُسناڪين جي هنج ۾ ٿي هئي، سرنهن جي ڦولار، رابيل ۽ گلاب جي گُلن جا ٻارا، زيتونن جا باغ، درياءَ جو پتڻ  ۽ سانجهيءَ جو لهندڙ سج سندس تخليقي سگهه جا سڀ کان وڏا محرڪ هئا، سعيد ميمڻ جديد سنڌ جي ادبي افق تي چمڪندڙ هڪ اهڙو ستارو هو، جنهن جي ڏات ۽ ڏانوَ، ٻنهي ۾ روايتي، ڪلاسيڪي ۽ جدت سان ڀرپور اهڙو ته حسين امتزاج هو، جو هن جي تحريرن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو زبردست ۽ بي مثال اظهار ملي ٿو، سندس پهرين شعري مجموعي “نيڻ سفر” کان ويندي “بَرَ ۾ ڪارو چَنڊُ”، “درد جون آيتون”، “خواب چارا”، “اسانجو عشق اڻپورو”، “ازل جو اڏاڻو”، “آلا دڳ برسات”، “دل دنبورو” ۽ “آئون لڪير سمنڊ جي”جا عنوان ئي سعيد جي تخليقي اظهار جي اڏام کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن، سندس شعرن ۾ دردن جا اولڙا به آهن ته محرومين جا داستان به، ديس جا قصا به آهن ته ڌڙڪندڙ جوان دلين جا نوحا به آهن ته مَنَ مستيون به....

تاجل بيوس لکيو هو ته “هي شاعر آ يا سعيد ميمڻ تي زميني صحيفا لٿا آهن”! مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ باک ڦُٽي آهي، پکي پکڻ عاقل جي وڻن ۽ وڻڪار ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ڳائي رهيا آهن ۽ سعيد ميمڻ سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ جي گهر گهر ۾ ورکا ڪري رهيو آهي.    

هو وليم ورڊس ورٿ جيان فطرت ۽ سونهن جو شاعر به هو، هن لاءِ حسن ئي ڪل ڪائنات هو، اهو ئي سبب هو جو هو پنهنجي ٽهيءَ ۾ پنهنجي اثرائتي اظهار سبب تحرير جو منفرد اصلوب رکندڙ هو، هن لکيو:

هر شعر حسينا جو، هر بات حسينا جي،

هر ڏينهن حسينا جو، هر رات حسينا جي.

سعيد جي گودڙي ۾ ڪيترائي حسين خواب هئا، جيڪي ساڀيان جي تلاش ۾ وقت جي ڪنهن ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويا، هو ڪويتا نگر کي پنهنجي رت جا ڏيئا ٻاري به روشن ڪري ويو ۽ ويندي ويندي پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل کي پنهنجي خوابن جي پارت به ڪري ويو،

عاقلَ تنهنجي هنج ۾، مان ٿو خواب رکان،

تِن جو خيال ڪجان، جيسين بڻجن ساڀيان،

ڪرپشن ذريعي ماڻهن جو رت چوسيندڙ ڪامورا شاهي خلاف احتجاج جو به سندس علامتي انداز نرالو هو، هن لکيو ته:

فائيلن مان منهن ڪڍي، مون کي چنبڙي پيا،

کيسا کائي ويا، ڪتا هُن آفيس جا.

هو جڏهن احتجاج ڪرڻ تي اچي ٿو ته خود پنهنجي خلقڻهار سان به احتجاج ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته

“تنهنجو خالق! ڀرم ته رکڻو آ

زندگي سان مڙئي گذارا” هِن

سعيد ڄاتو پئي ته جياپي جي جنگ ڪيتري مشڪل آهي ۽ حياتي ڪيئن وک وک تي پنجوڙن ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ئي ته شايد هن لکيو هو:

زندگي هئي ٻڌل زنجيرن ۾،

موت آيو، نجات آئي آ،

اميري ۽ غريبي جي فرق کان ڀلا سعيد کان وڌيڪ ڪنهن ٿي ڄاتو، جنهن سڄي حياتي ماڻهو جي ماڻهو سان طبقاتي فرق واري لڪير خلاف لکيو هو.

ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،

واڪ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي،

سعيد ميمڻ جي سماج تي گهري نظر رهي، بدلجندڙ حالتن، رشتن جي تقدس جي پائمالي ۽ نفسا نفسي جي عالم ۾ بنيادي رشتن ۾ پيدا ٿيل بيوفائين وارو عنصر سندس موضوع رهيو، هن لکيو:

هٿ ڇڏائي وئي، جنهن کان اولاد ڀي،

سو سهارو تلاشيندي، پيري رهي

سعيد جي اکين ۾ سنڌ وطن جي خوشحالي ۽ پنهنجي ماڻهن جي عزت ۽ آجپي جا حسين خواب ڪڏهن ڪڏهن لڙڪ بڻجي به وهندا هئا،هو زندگيءَ جو هڪ اهڙو مسافر هو، جنهن کي زندگيءَ جون حسناڪيون ڄڻ ته ڀانءِ نه آيون، شيخ اياز جيئن لکيو هو ته “الامان اڏري ويندو سانءَ” ائين ئي سعيد به لکي ڇڏيو هو ته:

رات ٿي وئي سعيد پر موٽيو نه آ،

کڻي ويا ڪيڏانهن، ان کي لاڙي پيچرا.

سعيد جي قبر تي رات جو روشني،

هو ڏِسو، هو ڏِسو، ڏات ٻاريا ڏيئا

مان به ويندس، مٽيءَ ۾ گم ٿي،

۽ هوائن ۾ سڀ پنا هوندا.

ها!اڄ جڏهن هيءُ ڊسمبر جو بي رحم مهينو ويندي ويندي اسان کان سعيد ميمڻ جهڙو اربيلو رومانوي شاعر کسي ويو آهي، تڏهن اهي سِٽون لکڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو ته سعيد ميمڻ پنهنجي ٽهيءَ جو بلڪل ئي منفرد شاعر هو، جنهن جو خال ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو، ها! اهو سچ آهي ته سنڌ هڪ خوبصورت شاعر کان محروم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي بس رهنديون، رڳو ان جون يادون......




سعيد ميمڻ

املهه انسان - سلسلو ۱۳۳

حفيظ چانڊيو

سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جو اهو اهم نانءُ آهي، جنهن جي ذڪر بغير جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري لڳندي. سعيد سنڌ ۽ سنڌ سعيد ئي آهي. هو رومينٽڪ شاعر هو، نازڪ احساسن ڀريل سندس ڪومل شاعري ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو. سعيد ميمڻ سنڌ بغير ۽ سنڌ سعيد جي ذڪر بغير خزان جي انهن وڻن جيان آهي، جيڪا بهار کي ڀاڪر ڀرڻ سان پنهنجي جوڀن تي رسندي آهي. سندس شاعري پڙهندڙن کي سنڌ جي محبت سان تاراج لڳندي آهي. ماروئڙن جي مک تي خوشيءَ جو گيت آهي سندس شاعري..!!

سعيد ميمڻ ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي زيتونن جي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ استاد (مولوي) بشير احمد ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو.

سعيد ميمڻ جو ڳوٺ سياسي توڙي مذهبي عالمن جي حوالي سان مشهور آهي. ديو بند جو عالم حقاني صاحب پڻ سندس ڳوٺائي هو، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو توڙي لاڙڪاڻي لڏي آيو ته به پنهنجي آبائي ڳوٺ ايندو ويندو هو. ان کان علاوه خانبهادر ايوب کهڙو، مئڊم حميده کهڙو ۽ نثار کهڙو پڻ سندن ڳوٺائي آهن. اهڙن تعليمي ماهرن، مذهبي اسڪالرن ۽ سياستدانن جي ڪري هي ڳوٺ جديد سهولتن سان آراسته هجڻ گهرجي ها، پر پوءِ به هي ڳوٺ اڄ تائين اونئن ئي ترقيءَ جي لاءِ واجھائي رهيو آهي. سائين سعيد ميمڻ پرائمري جا پنج درجا پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ پڙهيا، ميٽرڪ ۽ انٽر لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ اديب هجڻ ڪري هن ماسٽرس (سنڌي) مضمون ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪئي. ۱۹۸۸ع کان پرائمري استاد طور نئين نسل کي پاڙهيندو رهيو، شاگردن توڙي شاگردياڻين کي اباڻي ٻولي سيکاريندو رهيو. مثالي ڪارڪردگيءَ عيوض انتظامي عهدن تي فائز تعليمي ڪامورن سندس ڪم کي ساراهيو ۽ مڃتا عيوض کيس بهترين استاد جا اعترافي سرٽيفڪيٽ ڏنا.

هو نامياري شاعر، مثالي استاد هجڻ سان گڏ بهترين دوست، بهترين پڙهيو لکيو اديب، بهترين انسان، بهترين والد ۽ مڻيادار ماڻهو ٿي جڳ جهان سان اٿندو ويهندو رهيو. سڀني سان پيار ونڊيندو رهيو. سوين دک ۽ درد لڪائي سڀني سان مخصوص مرڪ سان ٻانهون هار ڪري کين ڀاڪر پائي ملندو رهيو. سعيد صاحب لکڻ جي شروعات  ”عبرت “ اخبار کان ڪئي، جنهن ۾ سندس پھريون شعر ۱۹۸۸ع ۾ ڇپيو، ساڳي سال ئي هن ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ادبي منڊل مچائي خوب نالو ڪمايو هيائين. سائين سعيد ميمڻ شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، غزل ۽ سنڌي وائي تي سندس ٺيڪ ٺاڪ عبور حاصل هو، ٻنهي صنفن ۾ سندس مهارت کان شايد ڪير انڪاري ٿئي.

سعيد ۱۹۹۰ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل رھيو، جتي هو ادبي سنگت لاڙڪاڻو ۾ ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رھيو. سنڌي شاعريءَ ۾ چڱو نالو ڪمايائين، هن شاعريءَ جو معراج ماڻيو.

سعيد ميمڻ شاعريءَ جي دنيا جو انتهائي اهم نالو آهي، سندس زندگيءَ ۾ ادبي ايوارڊن توڙي مڃتا شيلڊن جو ڳپل تعداد موجود آهي. کيس ادبي مڃتا عيوض ڪينجھر بهترين شاعر ايوارڊ، علڻ فقير ايوارڊ، استاد بخاري ايوارڊ، زخمي چانڊيو ايوارڊ ۽ سارنگا بهترين شاعر ايوارڊ سميت ڪيترائي ٻيا مڃتا ايوارڊ شامل آهن.

هو پورهيت شاعر هو، جنهن پورهيتن جي نمائندگيءَ سان گڏ اعلي ايوانن کي شاعريءَ ۾ شرمايو. سندس شاعري منصوري مام هئي، جنهن ۾ هن اناالحق جا نعرہ هڻي استحصالي ۽ استعماري قوتن کي للڪاريو. سندس سڃاڻپ سندس معياري شاعري هئي، ڏات جي ديوي مٿس سدائين ڪنهن حسينا جيان راضي رهي سندس مٽيءَ سان بي پناهه پيار هو. ان بي پناهه پيار جي سبب ۽ اهميت کان ڪيترن نوجوانن کي آگاهي ڏني هيائين. هو ظرف وارو شاندار ماڻهو هو. هو ننگن ۽ دنگن جو محافظ شاعر هو بي پناهه عزتون ڏيندڙ ڪمال جو شخص هو. ساڻس ملڻ لاءِ ميسيج ڪبو ته در جي ڏاڪڻين تي ادا قاسم، خالد ڀاءُ ۽ منهنجو اوسيئڙو ڪندو. سندس ايترو پيار ڪيئن ٿو وساري سگهجي ڀلا....!! هو روايتن جو پاسدار ۽ امين شخص هو. هن آخري ڏينهن ۾ ڪلاسيڪل صنف دوهي ۽ بيت تي ڪم ڪيو. سندس بيت يا دوها به وائي ۽ غزل جيان ڀرپور آهن. سائين سعيد ميمڻ جيءَ جيارو تخليقڪار هو، جنهن سان ملي زندگيءَ سان ڀرپور پيار ٿيڻ لڳندو هو. سندس وايون، غزل، بيت، نظم سنڌي سماج جو آئينو آهن. 

سعيد سائينءَ جو پروفائيل لکندي اکيون نم آهن. ايڏو وڏو شاعرُ...!!، پر پوءِ به پورهئي کي عيب ڪڏهن به نه سمجهيو هيائين. لاڙڪاڻي ۾ ٻچڙن جي ڪفالت لاءِ رڪشا هلائيندو رهيو، سخت گرمين ۽ سردين ۾ رڪشا هلائڻ جي کيس ڀلا ضرورت ڇو پيش آئي، ان تي ڪنهن ٻي دفعي ڳالهائبو. بهرحال هو هڪ ادبي هيرو هو، جنهن کي برين هيمبرج ٿيو، ثقافت کاتي اڳ جيڪڏهن اڪبر لغاريءَ جيان سنجيدگيءَ سان هن ڏاتياري لاءِ وارثي ڪري ها ته شايد اڃان ڪيترائي سال سعيد ميمڻ اسان وٽ زنده رهي سگهيو پئي، هن مختصر پروفائيل ۾ اڪبر لغاري صاحب کي گذارش آهي ته هو سنڌ جي سهڻي شاعر سعيد ميمڻ جي فرزند دانش کي والد صاحب جي جڳهه تي روزگار ڏئي ته جيئن هو گهر جي خرچن ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهي، ياد رهي ته سائين سعيد ميمڻ جي ڪمهلي وڇوڙي تي ڪن دوستن دانش کي چيو ته اجهو کيس تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي، سو آرمي واري نوڪري ڇڏي گهر تي ڌيان ڏيڻ لاءِ سنگت هن کي صلاحيو هو، مون ۽ ڀاءُ ثناءُ الله عتيق چنجڻي وٽس وڃي کيس سمجهايو هو ته ائين نه ڪري، ها البته تعليم کاتي ۾ جيڪڏهن کيس نوڪري ملي ٿي وڃي ته پوءِ کڻي ڀلي هن نوڪري تان استعيفا ڏئي ٻچڙن کي وقت ڏئي. سال گذريا، دانش کي اهو احساس ضرور ٿيو هوندو ته کيس صلاحون ڏيندڙ اهي دوست ۽ يار وٽس لڙي به نه آيا هوندا ته سندن ڪهڙو حال آهي. سائين سعيد ميمڻ جي ڪمهلي وڇوڙي بعد سائين اڪبر لغاري ۽ سائين سردار شاه صاحب جن کي عاقل ۾ مدفن سنڌ جي سهڻي شاعر سعيد ميمڻ جي اولاد کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ گهرجي ته جيئن هڪ شاعر مرقد ۾ اولاد کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث نه سمجهي، وارثي جو احساس کيس مرڪائي سگهي..

سعيد ميمڻ ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو تمام وڏو شاعر هو. جنهن سموري زندگي قوم جي اهنجن تي لکيو سندس ڪيل شاعري ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي.

۱.خالي آکيرو

۲.آلا دڳ برسات ۾ (شاعري)

۳.نيڻ سفر ۾ (شاعري)

۴.ڪاري بر ۾ چنڊ (شاعري)

۵.خواب ـ چارا (شاعري)

۶.درد جون آيتون (شاعري)

۷.اسانجو عشق اڻپورو (شاعري)

۸.دل دنبورو (شاعري)

۹.ازل جو آڏاڻو (طويل غزل)

۱۰. خالي آکيرو

۱۱.ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان (شاعري) کان علاوه به الائي ڪيتري شاعري موجود آهي، جنهن کي سهيڙڻ جي سخت ضرورت آهي. مظفر چانڊئي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ پڻ هن سهڻي شاعر جي شامل شاعري

تمام وڏو حصو شامل آهي. سعيد ميمڻ هڪ باڪردار انسان هو، باضمير ۽ بيباڪ ليکڪ، شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ويو. هو پيار ۽ محبت جو تمام وڏو شاعر هو. هو حالتن سان مقابلو ڪندڙ اهو سلطان هو، جنهن زندگيءَ کي ڏاڍي سهڻي ترتيب سان گھارڻ چاهيو، هن جاگيرداري، وڏيرا شاهي، چورن، پاٿاريدارن ۽ رئيس توڙي مذهبي پيشوائن کي قلم جي طاقت سان نه صرف ننديو پر ڪيترن هنڌن تي مٿن اصلاحي تنقيد ڪندو رهيو. هو بي قياس ۽ مرده معاشري ۾ نهايت حساس دل شاعر ۽ زنده دل شاعر ۽ انسان ٿي رهيو. هو آزاديءَ ۽ آجپي جو شاعر هو، جنهن اظهار جي آزاديءَ تي لڳل ڪيترن سالن کان تالا ٽوڙي بيباڪ ٿي لکيو. بي ترتيب سندس زندگيءَ ۾ هن کي دانش ۽ گهر ڀاتين لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، هن کي ننڍڙي بابا لاءِ اڃان الائي ڪيترو جيئڻو هو، پر موت آڏو ڪير ٿو ڳالهائي سگهي. سنڌ جي هِن هيري ۽ املهه ماڻڪ انسان جي ڪمهلي وڇوڙي سبب سنڌ کان هڪ سگهارو آواز ڇنو هو، سندس وڇوڙي تي انسان ڇا ڌرتي ۽ آسمان به رنو هو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحاليءَ جا خواب ٽاڪيل هئا، جنهن کي پڙهڻ سان پٿر دل پڻ ميڻ بتين جيان پگهرجيو پوندي هئي. اڄ هو جيتوڻيڪ جسماني طور اسان سان گڏ ناهي ته به سندس شاعري اسان جي سونهي بڻيل آهي. هو ادبي دنيا ۾ وڏي مقام تي رهڻو آهي، سندس شاعري سندس ذهني پيڙائن جو چٽو عڪس آهي،جنهن ۾ سندس فن ۽ فڪر جا اڻ احساس دل کي ڇهندا رهندا.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

سعيد ميمڻ

سعيد سان من جون رولاڪيون - سالياني ياد-۱۷ ڊسمبر

قاسم ڪيھر

هن خاڪي زندگيءَ ۾ اسان جا پير صرف رولاڪيون نٿا ڪن. بلڪه ماڻهوءَ جو من به رولاڪيون ڪري ٿو ۽ هر اهو من جيڪو رولاڪين جو دل دادو ٿئي ٿو انهيءَ جي اندر يقينن هڪ فنڪار رهي ٿو جيڪو هن کي هر وقت رولاڪين تي مجبور ڪندو رهي ٿو. ڇو ته فنڪار ۽ تخليقڪار هر گهڙيءَ هڪ نئين مشاهدي ۽ تجربي مان گذرڻ جو اُڃايل هجي ٿو. اهي سمورا اڃايل رولاڪ من هن خاڪي زندگيءَ مان گذري وڃڻ کانپوءِ به زنده رهن ٿا. جن کي ڪنهن به جسٽيفڪيشن جي ضرورت نٿي پوي ڇو ته انهن رولاڪين جي تجربن ۽ مشاهدن جي خاڪ ڪنهن نه ڪنهن اُجري فن جي صورت ۾ موجود رهي ٿي جيڪا هنن جي سدا حيات هجڻ جي شاهدي ڏيندي رهي ٿي. وقت مسلسل پنهنجي ٽڪ ٽڪ سان گذرندو رهي ٿو پر اها تاريخ جيڪا دلين جي اندرين تهن تي سندن فن جي صورت ۾ رقم ٿيندي رهي ٿي، انهيءَ جي هر پني تي سندن نقش هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نمايان رهن ٿا ۽ اُهو رولاڪ من فنڪار هر وقت زنده رهي ٿو.

اڄ ۱۷ ڊسمبر آهي ۽ اڄوڪي ڏهاڙي تي ٺيڪ پنج سال اڳ سنڌ جي هڪ اهڙي ئي رولاڪ من سعيد ميمڻ پنهنجي رولاڪيءَ جو رستو تبديل ڪري هن ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جي رستن تان اڏري آسمانن جي ڪهڪشائن ۾ وڃي آستان وسايو ۽ ڏور اُفق ۾هن جون اکيون من رستي اڄ به رولاڪي ڪن ٿيون، جنهن چيو هيو ته:

ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،

سڄي عمر پوءِ بس رُلن ٿيون اکيون.

 آءٌ انهيءَ ڳالهه تي قوي يقين رکان ٿو ته سعيد ۽ اُن جهڙن سمورن تخليقڪارن جا مَنَ ۽ انهن جي من جون اکيون هر وقت خلائن ۾ موجود آهن ۽ ڪائنات جي نون نون رنگن کان آشنا ٿيندي پنهنجي مَن رستي ڪجهه نه ڪجهه خلقينديون رهن ٿيون، جن جا آواز ۽ عڪس پسڻ لاءِ سفر من اندر ڪرڻ ضروري هوندو آهي. مان به جڏهن جڏهن انهيءَ من اندر سفر ڪرڻ واري ڪيفيت مان گذران ٿو ته سعيد سان منهنجو مڪالمو ٿئي ٿو. جنهن مڪالمي ۾ اُهي سمورا بحث ۽ ڪچهريون جيڪي اسان ڪلاڪن، نشستن ۽ ڏينهن جي ڏينهن تي محيط ڪندا رهياسين. انهن کي اُتان ئي وري ڇيڙيون ٿا جتان ڇڏيل هوندا آهن ۽ هميشه سعيد ڳالهه جي ابتدا پنهنجي جرڪندڙ اکين ۽ مخصوص مُرڪ سان ڪري ٿو ۽ هر دفعي پنهنجي من جو منطق بيان ڪندي، منهنجي سوالن جا جواب ڏيندي اڳتي نڪرندو هلندو رهي ٿو ۽ هڪ بي لاگ ڪچهريءَ کانپوءِ به اسان ٻنهي جي من ۾ اڃان ڪجهه تشنگيون رهجي وڃن ٿيون. ائين وقت جي قيد سبب اُها نشست ته پوري ٿئي ٿي پر اهو مڪالمو مڪمل نٿو ٿئي ۽ وري ٻئي ڀيري ڪنهن سانت واري گهڙيءَ ۾ ٻيهر ملڻ سان انهيءَ مڪالمي جي ابتدا اُتان ئي ٿئي ٿي جنهن جي ڪابه پڄاڻي ناهي هوندي. جيئن هن پنهنجي طويل نظم “جيون ڇاهي ۽ فن ڇاهي؟” ۾ چيو ته :

جيون ڇاهي ۽ فن ڇاهي؟

هڪ سفر آ

هيءَ سفر پر اهڙو آهي،

جنهن جي ڪابه پڄاڻي ناهي!

جيڪو جاتي پهتو آهي،

ماڳ نه پر سو رستو آهي.

ڪوبه مسافر بيٺو ناهي

پيو ٿو ڪاهي،

اڳتي ڇاهي؟

ڪير ٿو ڄاڻي؟

ڄاڻ اسانجي،

پاڻ اسانجي جوڙيل آهي،

جيڪا هڪڙو “اندازو”  آه!

يا ڪو اهڙو “دروازو”  آه!

جنهن کي کولي،

سچ کي ڳولي، پاڻ سگهون ٿا؟

هائو اهڙي دروازي کي

مان ڀي کولڻ آيو آهيان،

۽ ڪجهه ڳولهڻ آيو آهيان. (سعيد ميمڻ)

 آءٌ جڏهن سعيد کان انهيءَ جيون ۽ فن جي سفر جي ڳالهه چوريان ٿو ته هن جون اکيون بظاهر ته سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهي هُن پار ڏانهن نهارين ٿيون پر هو پنهنجي من جي سفر جي رستي مون سان مڪالمو ڪندي گوتم جي گيان واري سفر جي ڪٿا جو پيرو کڻندي کڻندي اسٽيفن هاڪنگ جي وقت جي سفر جا مثال ڏيندو زندگيءَ جي بظاهر شڪل صورت کي ڏاڍو وشالتا ۾ سوچڻ لڳي ٿو. سعيد پنهنجي بيان ۾ آدم جي جنت مان زمين ڏانهن اڇلائجڻ کي صرف جسماني نه پر روحاني طور تي به هڪ وڏو الميو قرار ڏئي ٿو. اهڙو الميو ٿيڻ ٻڌائي ٿو جنهن ۾ انسان جي ذهن، سوچ ۽ تصور جو دائرو سُڪڙجي ننڍڙو ٿي وڃڻ ٻُڌائي ٿو ۽ مڪالمي کي اڳتي وڌائيندي هو انهيءَ زمين جي سفر تان واپس ورڻ جي بعد واري صورتحال لاءِ ڌرمن جي ٻُڌايل ڳالهين کي ويچاري ٿو. حسابن ڪتابن جي ڏينهن کان ٿيندو، دوزخن ۽ جنتن جي طبقن، گناهگارن ۽ نيڪو ڪارن ۽ سمورن عذابن ۽ راحتن جا ذڪر ڇيڙيندي اچي نيٺ پنهنجي شاعراڻي سوال تي دنگ ڪري ٿو ۽ بُلي شاهه جو بيت “بُلا ڪِي جاڻان مين ڪوڻِ“ چوندي شڪايت ڪري ٿو ته :

اسان چنڊ ڏي کُوهه مان پئي نهاريو:

اسان کي به يوسف جيان اُڇليو ويو هو

هُياسين ڪٿي؟ هي نه ڪنهن کي پتو هو!

نه ڪوئي وريو هو، نه ئي ڪنهن پُڪاريو!

اسان چنڊ ڏي کُوهه مان پئي نهاريو! (سعيد ميمڻ)

سعيد پنهنجي انهيءَ مڪالمي کي اڳتي وڌائيدي هن ڌرتي جي جيون جي اهنجن جون ڳالهيون ڪري ٿو. هن کي زندگيءَ جي ڪنهن به سهنج جو ڪو به سانگ ناهي ڇو ته هُو پنهنجي سموري تخليقي ڪم ۾ تمام وڏي راحت محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن زندگيءَ جي رازن کي اُکيڙڻ جي ڪوشش ڪندي فطرت جي رعنائين کي حقيقت پسنديءَ واري اسلوب سان رِڌم ۾ آڻي ٿو ته هو انهيءَ ڪٿارسس کي پنهنجي زندگيءَ جي وڏي کان وڏي عياشي سمجهي ٿو. زندگيءَ جي سمورن اهنجن کان به هن کي ڪا شڪايت ناهي. هُو ته انهن کي پنهنجو سُونهون سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته انهن جي بدولت ئي ته هُو انهن رمزن کي سمجهڻ جي لائق بڻيو. جن تائين شايد هو هڪ عام رواجي زندگيءَ ۾ جاليندي ڪڏهن به ائپروچ نه رکي سگهي ها. هن ڪڏهن به محبوب بڻجي پوڄجڻ جي خواهش نه رکي پر هميشه طالب پنهنجي مطلوب سامهون بَسجدِ سَجُود رهيو:

مسجد جوڙيسون، تنهنجي نيڻن ۾ پرين،

عشق امامت ٿو ڪري سامهون سِڪ صِفون

سامهون آهين تون، آهيون پاڻ نماز ۾. (سعيد ميمڻ)

ها پر هن ڪڏهن به زندگيءَ جي ڪجهه تلخ حقيقتن تي پرده پوشي ڪندي ڪسرنفسي به نه ڪئي. سعيد کي جيڪو به ڪجهه چوڻو آهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو پئي. هن بظاهر جسماني طور پنهنجي ۽ مجموعي طور انسان جي مقفل زندگيءَ جو نُوحو چوندي ببانگ دُهل چيو ته :

اسان بند کوليءَ ۾ جيون گذاريو!

ڏٺاسين ته منظر ڀتين جا ڏٺاسين،

ٻُڌاسين ته کڙڪا جُتين جا ٻڌاسين،

نه دنيا ڏٺيسون، نه ٻيو ڪجهه نهاريو!

اسان بند کوليءَ ۾ جيون گذاريو. (سعيد ميمڻ)

سعيد سان هن مڪالمي جي نشست ۾ اڳتي هلان ٿو ته هو مونکي ڳالهائڻ جي وِٿي بلڪل نٿو ڏئي ۽ پنهنجي وَجَد جي اُنهيءَ ڪيفيت ۾ تيستائين هلندو رهي ٿو جيستائين سندس شڪايت ڪرڻ واري آڳ تي سنڌوءَ جي ڪپر تي ٿڌڙي ڇولي نٿي پوي. هو پنهنجي مستيءَ ۾ تحت اللفظ ڀُڻڪندو رهي ٿو ته :

اسان گونگي تاريخ جا فرد آهيون!

مٽيءَ منجهه پُوريل اسان جون زبانون

اُهي ساز، جن جون ٻُڌيون نه ڪنهن نه تانون

ٽٽل دل جا خاموش ٿيل درد آهيون!

اسان گونگي تاريخ جا فرد آهيون. (سعيد ميمڻ)

اُکوڙيل مزارن جا ڪَتبا ئي آهيون!

اسانجو حوالو ٻيو ڪهڙو آهي؟

اسانکي پڙهي، هٿ اچڻو به ڇاهي؟

اسان هيڏي دنيا ۾، ٻيو دوست ڇاهيون؟

اُکوڙيل مزارن جا ڪَتبا ئي آهيون. (سعيد ميمڻ)

اسان سمنڊ مان جيڪي نِڪتا هُئاسين،

انهن کي رِڻن ۾ ئي ماريو ويو آ،

سفر تي اماڻي وِساريو ويو آ،

سڄي عمر پياسا ئي پياسا رهياسين،

اسان سمنڊ مان جيڪي نڪتا هئاسين. (سعيد ميمڻ)

اسانجي ڪهاڻيءَ جا صفحا سڀئي،

درياهن جي ڇولين ۾ اُڇليا ويا!

ڪي بيدرد پيرن ۾ ڪُچليا ويا!

خدا جي هٿن مان ها ڪِريا سڀئي!

اسانجي ڪهاڻيءَ جا صفحا سڀئي. (سعيد ميمڻ)

*ـ منهنجي ۽ سعيد جي مڪالمي جو سفر ڄڻ ته نيڻن جو ڪو سفر هجي ٿو، جيڪو مختلف ڪيفيتن مان گذرندي ڄڻ ته ڪاري بر مان چنڊ جي روشنيءَ ۾ دل جو دنبورو وڄائيندي من جي خواب، چارن تان هلندو رهي ٿو. جنهن ۾ هو پنهنجي اڻپوري عشق جي ڳالهه کي شاعريءَ ۾ ائين ته اوتي ٿو جو هڪ لڱان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اُهي ڪي درد جون آيتون هُجن، جيڪي هن جي ۽ منهنجي من جي ازل جي آڏاڻي کي ڇيڙيندي اکين جا دڳ آلا ڪنديون وڃن ٿيون ۽ نيٺ وڃي قطرو قطرو بڻجي درد جي سمونڊ جي لهر ۾ سمائجي وڃن ٿيون. آءٌ شام جي پهر ۾ آسمان جي ڪنارن ڏانهن نهاريان ٿو ته اُهي گيڙو ويس ڍڪي اڳتي نڪري چُڪا آهن ۽ پکي پنهنجي “خالي آکيري” ڏانهن سفر ۾ آهن. سنڌوءَ جي آلي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سونگهندي سعيد پنهنجي اندر ۾ ڀڙڪي اُٿي ٿو ۽ ڀُڻڪي ٿو ته :

خوشبو ڀِني اُٺي جي، منظر زمين جا،

آ ڏات ۾ اسان جي، رنگُ آسمان جو. (سعيد ميمڻ)

 انهيءَ ڪيفيت ۾ سعيد ۽ مان هميشه وانگر پنهنجي مڪالمي کي اُتي ئي يادگيري جي رِبِن رکندي سنڌوءَ کي الوداع چئي گيڙو رَتي سج جا لهندڙ نظارا ڪندي عاقل جي بند تان واپس موٽ ڪيون ٿا ۽ خاموش خاموش اچانڪ جڏهن ٻئي ٿڌو ساهه ڀريندي مٿي نيري آسمان ڏانهن نِهاريون ٿا ته اوچتو سعيد خاموشيءَ کي ٽوڙيندي پنهنجي مخصوص گهگهي ۽ گهري آواز ۾ وري ڀُڻڪي ٿو ته :

 تارن کي نيري راهه ۾ هاري رکي ڇڏيو

اُڀُ سارو چنڊ لاءِ سَنواري رکي ڇڏيو.

سڀ ئي ته موتي قيمتي، ڏک کي نه ڏيو اکيُون!

باقي هي مَنَ صندوق ۾، ٽاري رکي ڇڏيو. (سعيد ميمڻ)

(* نشانيءَ واري انهيءَ سموري پيرا جي مڪالمي ۾ سعيد جي مڙني ڇپيل ۱۰ ڪتابن جا نالا اچي ويا آهن. ان کان علاوه هي تاثر سعيد جي ٽين سالياني ياد جي موقعي تي ۲۰۱۹ع ۾ لکيو جنهن جي آڊيو ريڪارڊنگ ريڊيو پاڪستان جي سينئر پروڊيوسر پياري خالد چانڊيي انتهائي محبت منجهان ڪئي هُئي. اِها Khalid Chandio جي مونسان ۽ سعيد سان محبت آهي، جنهن جو آءُ قرضدار آهيان.)

 

(قاسم ڪيھر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)




سعيد ميمڻ

سنڌي ادبي کيتر جو معتبر نالو

آصف رضا موريو

ڪالهه اسان جي پياري دوست سعيد ميمڻ جي ورسي هئي. ساڻ گذاريل گهڙيون يادن جي اسڪرين تي تري ٿيون اچن. سعيد سنڌ جي انهن محبوب شاعرن منجهان هيو جنهن جي شاعري زندگي ۽ ڪائنات جي مختلف گوشن، حسن و عشق جي احساسن ۽ وارداتن جو مجموعو لڳندو آهي. هن صاحبِ نظر قلمڪار دنيا کي جيئن ڏٺو ۽ سمجهيو تهڙي ريت ئي لکي اسان کي پڙهايو ان لاءِ سندس شاعري ۾ بي پناهه دلڪشي، گداز، دلربائي، تازگي ۽ رعنائي ملي ٿي.

سعيد ميمڻ جو جنم ۸ نومبر ۱۹۶۸ع ڌاري مولوي بشير احمد ميمڻ جي گهر لاڙڪاڻو شهر جي اوڀارئين پاسي سنڌو دريا جي ڪلهي مان نڪتل ڳوٺ عاقل ۾ ٿيو. سندس والد جو تعلق هڪ ديني گهراڻي سان هئڻ ڪري پاڻ به وڏي پائي جو عالم هوندو هيو جيڪو کرڙاهه وغيره جي مدرسن ۾ پڙهائيندو هو جنهن کي بعد ۾ انگريزي استاد جي نوڪري ملي. مٺئي سونهاري سان مولانا محمد علي جوهر جهڙو ڏيڪ ويک ڏيندڙ سائين اسان کي گورنمنٽ ڊي سي هاءَ اسڪول ۾ پاڪستان اسٽڊي پڙهائيندو هيو ۽ سدائين پنهنجي پراڻي موٽر سائيڪل تي ايندو هيو. سائين کي نو پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد هئي.

سعيد ميمڻ پرائمري پنج درجا پنهنجي ڳوٺ عاقل جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول مان پاس ڪري ميٽرڪ گورنمنٽ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان، انٽرميڊئيٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ميٿميٽڪس ۾ بي ايس سي ڪرڻ ويو پر ڪجهه ذاتي ۽ گهريلو مسئلن سبب ڇهن مهينن کان پوءِ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو. سچل ڪاليج لاڙڪاڻو مان بِي اَي (پرائيويٽ) ۽ ساڳي ڪاليج مان ۱۹۹۰ع ڌاري ايم اَي (فرسٽ ڪلاس) سنڌي ادب ۾ ڪيائين. تنهن کان پوءِ ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻو مان پي ٽي اي ۽ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان بي ايڊ پڻ ڪئي هيائين. ڊي سي اسڪول ۾ مان به ساڻس ساڳي ڪلاس ۾ پڙهندو هيس. اسان جا ٻيا ڪلاس فيلو ڊاڪٽر عالم ابراهيم، ڊاڪٽر امان الله عباسي پڻ هيا.

گورنمنٽ ڊي سي اسڪول ۾ نائين ڏهين جي پڙهائي دوران توڙي جو منهنجي ساڻس گهڻي گهاٽائي نه هي پر چڱيون ڪچهريون رهيون. سندس اکر سٺا هوندا هيا ۽ کيس پڙهڻ ڪڙهڻ ۽ شعرشاعري جو شوق ان دور ۾ به کيس هوندو هيو. هو ٻڌائيندو هيو ته ننڍي هوندي کان هو پنهنجو گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۽ سکڻ ڪرتڻ ۾ گذاريندو هيو. وقت سان پنهنجو قلمي پورهيو ڪندي آهستي آهستي شهر جي ادبي حلقن ۾ پنهنجي سڃاڻ وڌائيندو رهيو.

سعيد ميمڻ نج خوددار ماڻهو هيو جنهن گهرداري هلائڻ لاءِ مختلف ڪم ڪار ڪيا پر گهڻو وقت پنهنجي وڏي ڀاءُ رفيق احمد سان گڏ رڪشو هلائيندو هيو. ويهن سالن جي ڄمار ۾ ۱۹۸۸ع ڌاري جڏهن کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي تڏهن به ڪيترائي سال مون کيس رڪشو هلائيندي ڏٺو. عمر جي آخري حصي ۾ طبيعت جي خرابي ڪري صحت جي نابري سمجهندي ٻيا سمورا ڪم ڇڏي بس نوڪري ۽ گهر تائين محدود ٿي ويو. هو هڪ ساڃاهوند اديب هيو جنهن ڄاڻي ورتو هيو ته رياست ۽ سماج بي رحم هئڻ ڪري هتي زندگي جي شطرنجي چالن کان کٽڻ تمام ڏکيو آهي تنهن جي باوجود هو زندگي جي تمام ڪج ادائين ۽ محرومين ۾ ڪنهن جو احسان کڻڻ بجاءِ سدائين محنت ۽ مشقت سان پنهنجون همٿون کي ميڙيندي جيئڻ جا جتن ڪندو رهيو پر افسوس جو سعيد جي معصوم ذهن پنهنجي چوڌاري اماوسي حالتن جا پاڇا سانورا جوڙيندي ڪونه ڏٺا. سندس آخري اسڪول مٺو ديرو هيو جتي ۲۰۰۵ع ڌاري زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين پڙهائيندو رهندو هيو.

اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ ساڻس گهڻيون ملاقاتون چانڊڪا پل وٽ ٿينديون رهنديون هئي جتي هو سوارين جي انتظار ۾ پنهنجو رڪشو جهليون ويٺو هوندو هيو جتي بيهندي ڏسي مان وڃي خيرآفيت ڪندو هيم. کوڙ ڀيرا رڪشي ۾ به ڪاغذ قلم کنيون شاعري جوڙيندو رهندو هيو. سندس رڪشي جي ويهڻ واري جاءِ اڳيان پڙهڻ لاءِ ڪڏهن هزار داستان، ڪڏهن ڪاوش ميگزين ته ڪڏهن ڪو ٻيو ڪتاب يا چوپڙي رکيل هوندي هيس. ٻه اڍائي دفعا پاڻ شهر ۾ ڪنهن ٻئي ماڳين به مليا هياسين. سندس ٿيندڙ آخري ڪجهه ملاقاتن ۾ هو ڪنهن ذهني بيماري سبب غائب الدماغ انسان جيان وهنوار ڪندو هيو ۽ ڪچهري دوران وساري ويهندو هيو ته مان به ساڻس ويٺو آهيان ۽ جهٽ کان پوءِ ڄڻ ته ڪنهن سوچ، فڪر ۽ خيال کان واپس ٿي کلي حال احوال ۾ شامل ٿيندو هيو. کيس وڏي اهل عيال سبب سماجي پريشانين سان گڏ ڪنهن سببان دماغي بيماري جي لوڙ پڻ هوندي هئي جنهن جو ڪيترائي سال علاج به هلندو رهندو هيو.

سعيد ميمڻ شاعري ڪرڻ جي ابتدا ۱۹۸۸ع ڌاري ڪئي جڏهن ته کيس همٿائڻ ۾ ڪائنات ۽ ڳوٺاڻي ماحول جون انيڪ فطري خوبصورتيون رهيون. پاڻ عشق جي باهه جي ڀڀڙ سان ڀاڪر پائي به ڪندن بڻيو توڙي جو ڪچهري ڪندو مون کي چيائين ته ان جو انجام “ڳوليان ڳوليان مه لهان” وارو ٿيو پر ان سان سندس شخصيت ۽ شاعري ۾ پختگي اچي وئي.

حساس ماڻهن لاءِ علم، شعور ۽ ڄاڻ به پٽ ڀانئيو ويندو آهي جو اهي تمام سماجي اٿلن کي ويجهڙو محسوس ڪندا آهن. مان کيس چوندو هيم ته “سعيد تنهنجو ڳوٺ عاقل، سنڌ جي بهترين ڳوٺن جو، بدترين مثال آهي”. بدلجندڙ چهرا، سسڪندڙ تهذيب، تباهي ڏانهن ويندڙ سماجي قدرون، زندگي جو لهندڙ سج، حالتن جا انڌيرا، روشن خيالي۽ اندر جا جاڳندڙ احساس به هن جهڙي نفيس انسان لاءِ پاراتي جيان هوندا هيا. هو چاهيندو هيو ته سندس ديس ۾ هارين، نارين، مسڪينن ۽ لاچارن سان ڀلائي جا ڀان ٿين، غلامي جو بيساکيون ٽٽن ۽ خوشحالي ٿئي. هو ڄاڻندو هيو ته هي سماج غنڊن، دلن ۽ بدمعاشن جو آهي ۽ چاهيندو هيو ته هي سماج انسانن ۽ انسان دوستن جي هٿ ۾ اچي. ان ڏس ۾ ڪجهه ڀلو نه ٿيندو ڏسي نه رڳو پنهنجي دل ۽ دماغ جو سمورو زهر، بار ۽ تمام وارداتن کي ڪاغذن تي لاهي سٽيندو هيو پر انهن جو اثر به وٺندو هيو.

ائين به نه آهي ته هو پنهنجي شاعري ۾ رڳو زندگي جا ڪروڌي رنگ ۽ رويا ميڙيندو هيوجو هو نه رڳو ڳوڙهي نظر رکندڙ اديب هيو پر کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ رکندڙ ۽ ادب جي ڪوٺاري تي ادب جي پرک ڪندڙ شاعر به هوندو هيو. هو ڄاڻندو هيو ته “ادب نه راند آهي نه مذاق، پر جان جوکي جو ڪم آهي”. سندس تخليقي ڪلام ۾سنڌو درياهه جون ڇوليون، عاقل پتڻ جا پور، زيتونن جي باغن جا نظارا، انبن جا ٻور، بادل، برسات، ماحول جون خوبصورتيون، محبتون، راحتون، زندگي جا تمام ذوق ۽ شوق، ذات صفات جون رنگينيون، مٽي ۽ ماڻهن ڏانهن سندس چاهتون، ڳوڙهن ۾ خوشيون، خوشين ۾ نير به جهاتيون پائيندا آهن.

انسانن جي زندگي ۾ ڪي پيڙائون، ڏک ۽ تڪليفون گهڻيون اذيتناڪ هونديون آهن جو انهن کان نٽائڻ به ڪونه ٿيندو آهي ۽ سهڻ به جيءَ جي جنجال جيان هوندو آهي خاص ڪري سعيد جهڙي خوددار ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجو درد نه ڪنهن کي ٻڌائي سگهندا آهن نه ونڊڻ چاهيندا آهن بس سمورا حادثا ۽ ڀوڳنائون کين نصيب جيان سنڀالي رکڻيون پونديون آهن. اهڙي جي دلي واردات لاءِ سعيد لکي ٿو ته.

ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،

سڄي عمر بس پر، رلن ٿيون اکيون.

۱۶ نومبر ۲۰۱۶ تي کيس برين هيمريج جو حملو ٿيو جنهن جي شروعات مٿي جي سور سان ٿيس. ان ڏينهن اسڪول کان واپس اچي سمهي پيوجنهن کي ٻه اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ کيس گهروارن جاڳايو پر هو بي سڌ هيو جنهن تي کيس سول اسپتال لاڙڪاڻو نيو ويو جتي جي ڊاڪٽرن کيس ڪوما ۾ ٻڌائي سندس علاج جو ڀتو نه ڀائيندي ڪراچي کڻائي وڃڻ لاءِ چيو. لاڙڪاڻو شهر جي گهڻو تڻو بيحس ڊاڪٽرن ۾ هاڻي اهو ٽرينڊ ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن ڳوڙهو مريض غريب آهي ۽ ان مان پيسن جو لاڀ کين نه ملندو ته لاوارث قرار ڏئي ڪراچي موڪليندا آهن. هڪ ته غريب ماڻهو ڪراچي وڃڻ بجاءِ گهر ۾ رکي پنهنجي پيارن جي موت جي دعا ڪندا آهن پر جيڪڏهن اهي گهر، فصل، ڏاند، زيور کپائي ڪراچي ويندا به آهن ته اتان گهڻو تڻو سلامت ڪونه ايندا آهن.

سعيد ميمڻ سان به ائين ٿيو، سندس وارث ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري جي سهڪار سان کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي کڻائي ويا جتي آغاخان اسپتال ۾ پڻ داخل ڪرايو پر هيڪاندا پيسا اڳواٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي باوجود اتان جا ڊاڪٽر به سعيد جي زندگي کي موت جي دروازي تان موٽائڻ ۾ ناڪام رهيا. زماني جي تمام گردشن مان جان ڇڏائيندي ۱۷ ڊسمبر ۲۰۱۶ع ڌاري اٺيتاليهن سالن جي ڄمار ۾دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪندڙ سعيد ميمڻ کي ڇهه نياڻيون ۽ ٻه پٽ شامل آهن.

شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪندڙ سعيد ميمڻ سنڌ جي ڪجهه استاد شاعرن منجهان هيو جيڪي وزن ۽ بحر ۾ ڪلام جوڙيندا هيا. هو لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ مشاعرن جو سرموڙ قوي هوندو هيو جنهن جي محبت ۽ نوڙت جا سمورا دوست مڃيندڙ رهيا آهن. پنهنجي سماجي حالتن پٽاندر جن ۾ ساهه کڻڻ به مشڪل هجي، گهڻ رخي ذميدارين توڙي موذي مرضن جي حملن باوجود سندس ڪلام ۾ ڪمال جي ذهانت، فطانت، صلاحيت ۽ قابليت جهاتيون پائيندي سندس حوصله مندي جا ثبوت ڏينديون آهن. ان جو سبب شايد اهو هجي ته زندگي جي گوناگون حالتن سندس طبيعتن ۾ ماٺار ۽ مزاج ۾ ۾ اعتماد پيدا ڪيو هجي. هو زندگي جي تمام مسئلن جي اذيتن کي پنهنجي شخصيت ۾ سمائي پنهنجي سندس ڪلام ۾ انهن قلبي وارداتن ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسي ڪندو آهي.

مان جڏهن به ساڻس ملڻ ڳوٺ ويندو هيس ته ٻڌائيندو هيو ته هاڻي ڪنهن کي پڙهي رهيو آهي ۽ مون کي به صلاحون ڏيندو هيو ته فلاڻي اديب جو فلاڻي ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. عاقل جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ دنيا جي مڃيل اديبن، دانشورن، شاعرن، ناول نگارن توڙي فلسفين جا شاهڪار ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهندا هيا جن ۾ گارشيامارڪيز، ٽي ايس ايلئيٽ، رلڪي، وليم بليڪ، هاني، ميڪسم گورڪي، نٽشي، ميلان ڪنڊيرا وغيره شامل هيا. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ جي ايم سيد جون لکڻيون گهڻيون وڻنديون هيون. ڳائڻن ۾ کيس جڳجيت سنگهه، عابده پروين، ڪي ايل سهگل، مهدي حسن، لتا، غلام علي ۽ غلام علي جو ڳايل گيت “دل يه پاگل دل ميرا” تمام گهڻو وڻندو هيو.

سعيد ميمڻ جي غزلن جو پهريون مجموعو “نيڻ سفر ۾” ۱۹۹۸ع ڌاري منظرِعام تي آيو. تنهن کان پوءِ ۲۰۰۰ع ۾ پنجڪڙن ۽ ڊگهي نظم تي مشتمل “ڪاري بر ۾ چنڊ”، ۲۰۰۵ع ۾ واين، چوسٽن ۽ آزاد نظمن تي ٻڌل مجموعو “خواب چارا”، ۲۰۰۹ع ۾ غزلن نظمن ۽ پنجڪڙن تي آڌارت “درد جون آيتون” سامهون آيو، ۲۰۱۰ع ۾ نظمن، بيتن ۽ هائيڪن جو ڪتاب “اسان جو عشق اڻپورو”، ۲۰۱۰ع ۾ غزلن تي مشتمل “دل دنبورو”، ۲۰۱۴ع ۾ دوهن جو ڪتاب “آءُ لهر سمونڊ جي”، ۲۰۱۵ع ۾ ڊگهي غزل “ازل جو آڏاڻو”، ۲۰۱۶ع ۾ غزلن جو ڪتاب “آلا دڳ برسات ۾” ڇپيا. ڪنهن دور ۾ مظفر چانڊيو سنڌ جي سرموڙ نوجوان زنده شاعرن جي چونڊ ڪلامن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڏيئا ڏيئا لاٽ جي نالي سان مرتب ڪيو هيوجن ۾ سعيد ميمڻ جي شاعري جو اڀياس سهڻي نموني رچيو ويو هيو. ان ڪتاب جو مهاڳ شيخ اياز لکيو هيو. سندس وفات کان پوءِ به سعيد جي اڻ ڇپيل شاعري کي ڪجهه دوست سهيڙي رهيا هيا ته جيئن ڇپرائجي.

سعيد ميمڻ جا سمورا ڪتاب مون پڙهيا آهن هن تخليقڪار سنڌي ادب جي کيتر کي نوان رنگ ۽ اسلوب ڏنا. سندس ڪلام پڙهڻ مان ڀانئجي ٿو ته “هو موجوده شاعرن جيان تقليد ڪرڻ کي غيرمانائتو ڀائيندي عام وهڪري کان پاسيرو ٿيندي سچي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو”، جنهن کي پڙهڻ سان قاري پنهنجي اندر ۾ اهاءُ ۽ ڇهاءُ محسوس ڪري ٿو. سعيد ميمڻ جي شاعري جو محور سندس محبوب، سنڌ، ان جو ڳوٺ، اوسو پاسو، سنڌو درياهه، وڻ ٽڻ، آبي وهڪرا، هوائون وغيره هونديون هيون. عام شاعر لفظن جي شاعري ڪندا آهن پر جيئن ته سعيد جو ڪلام سندس دل مان نڪرندو هيو ان لاءِ سندس لفظ پڙهڻ وارن جي دل ۾ هڪ ڪيفيت بڻجي لهڻ ۽ وسڻ جو هنر ڄاڻندا آهن. سندس شاعري هڪ دردمند ۽ دل زده فنڪار جي شاعري لڳندي آهي جيڪا منتق ۽ فلسفي کان مٿاهين پر سچي انساني جذبن جي هنج ۾ اوتيل ۽ احساس جي وادي ۾ جڙيل هوندي آهي.

سعيد سان منهنجي آخري ملاقات سندس وفات کان ڪجهه مهينا اڳ سندس ڳوٺ واري گهر ۾ ٿي جتي مان ساڻس ملڻ ويو هيم. کيس هلڪي نيري رنگ جا ڪپڙا پهريل هيا. حسبِ دستور سندس گهر اڳيان واري ننڍڙي ۽ ڪچي پڪي ڪمري ۾ پڪوڙا ۽ پوءِ چانهن پيتيسين. جام ڪچهري ٿي مان سندس لاءِ انگريزي زبان ۾ لکيل پنهنجا پنج ڪتاب کڻي ويو هيم جن سان هن فوٽو ڪڍرايا ۽ ٽهڪ ڏيندي مذاق ڪيائين ته “يار تون ته ڪلاس جو گوسڙو شاگرد هوندي هئين تو انگريزي ڪيئن ٺاهي”. واپسي تي هن به پنهنجا ڪجهه ڪتاب ڏنا.

پنهنجي ڪجهه شعرن ۾ هن زندگي جي اهڙيون سچيون آکاڻيون جوڙيون آهن جو اسان جو معاشرو پنهنجي سموري بدصورتين، بيگانگين ۽ ستمگرين سوڌو نروار ٿي بيهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري جي خوشبو مان هاڻي به سندس ڳوٺ ويندي، عاقل جي اس جهٽيندي، زيتونن جي باغن جو واس وٺندي محسوس ڪندو آهيان.

سعيد ميمڻ جي ڪمهلي موت تي سندس ئي سٽون ياد اچن ٿيون ته “رات ٿي وئي سعيد پر موٽيو نه آ، کڻي ويا ڪيڏانهن، ان کي لاڙي پيچرا”. سهڻا سعيد مون کي يقين آهي توکي تنهنجي طبيعت آڌارت آڪاش جي آڳر ۾ درست سمتون مليون هونديون. تون ڪٿي به هج پر تنهنجي ڏات هر نئين ڏينهن ايندڙ نسلن لاءِ نوان ڏيئا ٻاري روشنيون جوڙيندي رهي ٿي. يقين رک تون اسان دوستن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهين ۽ سدائين زنده رهندين.

مدو آ ڪيترو دم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان،

ڪوئي انجام عالم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان

مزو وٺ آءُ موسم جو، پيو آ وقت هر ڪم جو،

آڪيسين ساٿ سنگم جو، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان.

(سعيد ميمڻ)

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي کنيل)




سعيد ميمڻ

گھر جي پارت ھُجئي او تنھائي!

حبيب ساجد

سال ۲۰۱۰ع جي جولائي مھيني جي ھڪ رات مون کان ڪڏھن به وسري نه سگھندي آھي، جڏھن منھنجو معصوم ۽ ٻارن جيان کلي پوندڙ دوست سعيد ميمڻ لاڙڪاڻي کان مون سان ملڻ سکرِ آيو ھو ۽ مان ھن کي سنڌو درياھ جي ڪناري وٺي آيو ھئس، سعيد پنھنجي چشمي پويان ڏور ساڌو ٻيلي طرف نِھاري رھيو ھو ۽ مان ھن جي اکين تي آويزان چشمي جي شيشن وچان سنڌو درياھ جي وھندڙ لھرن جون تصويرون ڏسي خوش ٿي رھيو ھئس.. اسان ٻئي ان رات بندر روڊ جي مھڙ ۾ سائين اياز گل جي ڀُٽا روڊ واري گلستاني گھر جي ڪُنڊ وٽ درياھ جي ان پوائنٽ تي ويٺا ھئاسين، جتان سڄو ڏينھن سکر جون مينھون درياھ بادشاھ جي لھرُن ۾ ائوڳر ڪندي ويٺيون ھونديون ھيون. شام پڄاڻان اھا پوائنٽ جنت وچان وھندڙ ڪنھن نديءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳندي ھُئي، جنھن جو پاڻي چنڊ جي عڪس ھيٺيان سون ورنو ٿي ويندو ھو ۽ اولھ طرف وھندي عجيب ۽ پراسرار ڪيفيتن ۾ ويڙھي ڇڏيندو ھو (ھو، ان ڪري جو ھاڻي اتي ھڪ ڀِت اڏي وئي آھي، جنھن ڪري اھو گَھٽُ ھاڻ بند ٿي ويو آھي). سعيد رکي رکي ٽھڪَ ڏئي رھيو ھو ۽ مون کي ان ڇوڪريءَ جون ڳالھيون ٻڌائي رھيو ھو، جنھن کي سعيدَ شايد زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ چاھيو ھو پر ان چاھنا آڏو ڪلاس ڊفرنس جي ھڪ اجگر جيڏي ٽڪري کڙي ٿيل ھئي،  جنھن کي اُڪرڻ جو ساھس سعيد ۾ صفا به ڪونه ھو، ان ڪري ڄامشوري جي اھا ڇوڪري ھن جي زندگيءَ بجاءِ ھن جي شاعريءَ جو ھڪ اڻ ٽُٽ ڪردار بڻجي وئي ھئي، ھُو پنھنجي پنجن ئي حواسن سان ان ڇوڪريءَ جي ھڪ طرفه محبت جو شڪار ٿي ويو ھو. انھن جي اھا ملاقات منھنجي سامھون ئي ٿي ھئي، مان ڀانيان ٿو اھو سال ۱۹۹۴ع ھو، جڏھن ممتاز بخاريءَ يونيورسٽيءَ جي اسان ٽن شاعرن جو ڪتاب ڇپرايو ھو، جنھن ۾ ابراھيم کرل، علي عابد ۽ منھنجون وايون ھيون، (ڪتابَ جو نالو ھو: “تنھنجي وئي کان پوءِ..۽ سليمان وساڻ جي سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي ھاڻ به موجود آھي)، ان جو مھورت پروگرام لطيف يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ رکيل ھو، جنھن ۾ ڄامشوري کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھڪ گروپ به شرڪت ڪئي ھئي، جنھن جي سرواڻي امر سنڌو ڪري رھيون ھيون. انھيءَ ئي گروپ ۾ اھا سانوري ڇوڪري به موجود ھئي، جنھن کي ان بعد سدائين جي لاءِ سعيد جي شاعريءَ ۾ امرتا ماڻڻي ھئي. پروگرام پڄاڻان ڄامشوري جي انھن سڀني ھستين فرمائش ڪئي ته سعيد ميمڻ جي شاعري ٻڌنديوسين ۽ سعيد انھن کي کوڙ ٽائيم تائين ڪئمپس جي لان تي پنھنجي شاعري پنھنجي مخصوص نماڻي انداز سان ٻڌايندو رھيو ۽ سڀني ھن کان آٽوگرافَ به ورتا....اميتاڀ بچن جي مووي “ڪبھي ڪبھي” جيان جڏھن ان ھستيءَ راکي گلزار جيان سعيد کان آٽوگراف وٺڻ چاھيو ته سعيدَ چواڻي ان لمحي وقت جي رفتارَ اوچتو رُڪجي وئي ھئي ۽ کوڙ سارو وقت پين ھُن جي آڱرين ۾ ڪنبندي رھي ھئي، ھُو ھزار چاھڻ باوجود به ڪُجھ لکي نه سگھيو. ان خاص لمحي کان پوءِ سعيد يڪ لخت تبديل ٿي ويو ھو، جيڪو سعيد پروگرام ۾ آيو ھو، اھو سعيد پروگرام بعد اتان رخصت نه ٿي سگھيو. ھُو ڄڻ ته لطيف يونيورسٽيءَ جي وڻن جي ڪنھن جھُڳٽي ۾ ئي سدائين لاءِ وڃائجي ويو ھو. سعيد ٻڌائيندو ھو، ھُوءَ ھستي ڪافي سارا منٽ ھن جي آڏو آٽوگراف جھليون بيٺي رھي ھئي ۽ ھن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ھن جي چھري جي سانوري سونھن آڏو ھو ڪھڙو ٽرائيبيوٽ ھن جي آٽوگراف ڊائريءَ تي لکي وٺي...مان ڀايان ھن اھو آٽوگراف ڏنو ئي ڪونه ھو، ان جي جاءِ تي کيس پنھنجو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ئي ڏئي ڇڏيو ھو، اھو چئي ته ان ڪتاب ۾ لکيل سموري شاعري شايد اوھان لاءِ ئي لکي آھي. منھنجو ھي ڪتاب ئي کڻي وڃو.

ان بعد اسان سعيد کي ڪڏھن به کلندي نه ڏٺو ھو، ھُو لاڙڪاڻي جي روڊن تي پنھنجي رڪشا ايئن ھلائيندو ھو، ڄڻ ان حسينه کي لاڙڪاڻي جي روڊن تي ڳولھيندو ھجي، ھن جي اکڙين تي چڙھيل دَز ھاڻين شيشن تان گذرندڙ ھر فريم ڄڻ ته ان ڇوڪريءَ جو ئي ھو، پوري ڄمار ھُو جنھن جو رھيو ھو، مگر ھُوءَ شايد ھڪ لمحي لاءِ به ھن جي نه رھي سگھي ھئي. ڪجھ سالن پڄاڻان اندر جي درد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سعيدُ ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ڄامشوري يونيورسٽيءَ ھليو ويو ھو ۽ کوڙين دفعا لِڪي لِڪي ھن جو ديدار ڪري شاعريءَ جا انبار کڻي لاڙڪاڻي موٽي آيو ھو، ان ٽِرپ پڄاڻان جڏھن ھُو مون وٽ سکر آيو ھو ته ھن جو گھڻو وقت ان ڇوڪريءَ جون يادن اوريندي ئي گذري رھيو ھو، ھن منھنجو ھٿُ پنھنجي ھٿَ ۾ وٺي مون کي ٻڌايو ھو ته ھو ڪيئن ان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ھڪ لان ۾ مليو ھو ۽ ھُوءَ ڪافي ٽائيم ھن سان ڳالھڙيون ڪندي رھي ھئي، موڪلائڻ کان اڳ ۾ ان ھستيءَ سعيد کان وچن ورتو ھو ته، ھُو کيس وساري ڇڏيندو ۽ پنھنجي زندگي پنھنجي روٽينز مطابق گذارڻ جي ڪوشش ڪندو. سعيد ٻڌائي به رھيو ھو ۽ مُرڪي به رھيو ھو ته اھا حسينه کوڙ سارو وقت ھُن آڏو ويٺي رھي ھئي ۽ ھُو چشمي پويان ان مٿان ھر لمحي قربان ٿي رھيو ھو. سعيد ٻڌائي رھيو ھو ته ھن اھو وعدو ھُن سان ڪيئن ڪيو، ان جي ھن کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آھي، پر ھن سان ملڻ ھن جي زندگيءَ جي ھر خوشيءَ تي ڀاري رھيو ھو...ان رات اسان ھڪ وڳي تائين ڪچھري ڪندا رھيا ھئاسين ۽ ان بعد پنھنجي ريلوي ڪوارٽر تي ھن کي آرامي ڇڏيو ھو....ٻئي ڏينھن صبح جو ئي ھُو ڪوٽڙي ايڪسپريس تي سکر اسٽيشن کان لاڙڪاڻي ھليو ويو ھو.. ھن جي اھا ملاقات مون سان شايد آخري ملاقات ھئي، جنھن ۾ ھُو پنھنجي ھر لمحي ۾ ھڪ ٻار جيان مون کي خوش ۽ مسرور محسوس ٿي رھيو ھو، جنھن کي پنھنجي گڙيا حاصل ٿيڻ کان گھڻو وڌيڪ ان گڙيا سان اھا ھڪ ملاقات گھڻي وڌيڪ عزيز ھئي .

مون کي ياد آھي سکر جي اھا رات، جڏھن سنڌي ادبي سنگت سکر پاران قومي راڳي بيدل مسرور سان سائين غلام رسول ڪلھوڙي جي ميزبانيءَ ۾ بلائينڊ اسڪول جي ھڪ ھالَ ۾ راڳ رھاڻ جي ھڪ محفل سجائي وئي ھئي....منھنجي اھا رات سعيد سان ملاقات جي پھرين رات ھئي، جڏھن مون ھن سان لاڙڪاڻي کان گڏجي آيل قاسم ڪيھر کي سعيد ميمڻ سمجھي وِش ڪيو ھو، جنھن تي قاسم کِلي چيو، رانگ نمبر مٺا، مان نه ھي اٿئي سعيد ميمڻ....۽ سعيد سان ان رات ويھي بيدل مسرور کي ٻڌڻ ڪمال جو تجربو رھيو ھو، سائين بيدل ڳائڻ مھل پنھنجي گيتن ۾ ايترو ته محو ٿي رھيا ھئا، ڄڻ ته انھيءَ گيت جو ئي حصو بڻجي رھيا ھئا...خاص طور تي جڏھن ھُو مظھر لغاريءَ جو مشھور گيت “ھوائون نه روڪيو...ھوائون نه روڪيو..” ڳائي رھيا ھئا ته ان بند تي اچي سازن کي سائلنٽ ڪري زور زور سان ڊگھا ساھَ کڻي گيت ۾ ڪمال جو تاثر پئدا ڪري وجھندا ھئا ۽ اسان سڀ حاضرين پنڊ پھڻ بڻجي کيس سڄي رات ٻڌو ھو.

آخر ۾ سعيد جو ھڪ غزل اوھان سڄڻن جي نانءُ ڪجي ٿو، جيڪو ھن جي ڪتاب “نيڻ سفرَ ۾” شامل آھي.

ڪابه چُرپُر نه ٿي ٿئي مَنَ ۾،

مان ته پٿر ٿي ويو آھيان کنَ ۾.

ڪجھ به ان بعد مان ٻُڌي نه سگھيس،

تو ڏسي ڳالھ جا ھئي ڪئي ڪَنَ ۾.

چنڊُ ھن کي مليو الائي نه،

ھُو ته خُوشبو ڇڏي ويو بَنَ ۾.

رات جي وقت بستري اندر،

ڪو ٻري مَچُ آ پيو تَنَ ۾.

چنڊ جي روشنيءَ ۾ نشو آ،

مان ڏسان ٿو خمارُ پنَ پَنَ ۾.

(سعيد ميمڻ جي لاڙڪاڻي ۾ ورسي پروگرام جي مناسبت سان لکيل).

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



سعيد ميمڻ

دِل جي اوڏڪي ديوار جو دراوڙ شاعر

ثناءُالله عتيق

موهن جي دڙي جي اوڏڪين ديوارن کان وٺي عاقل وارن سنڌوءَ جا پتڻ وارن پس منظرن ۾، سعيد ميمڻ شاعراڻن جدتن واري چيچ پڪڙيندي، جديد سنڌي شاعري کي ايڪويهين صدي سان روشناس ڪرايو هيو. جديد غزل جي اوسرتا ۾ ڳاڙهين سِرن جهڙا خوبصورت غزل سنڌي شاعري جي عمارت کي ارپنائون ڪندڙ هي سعيد مزاجن آرٽسٽ ڪوي لاڙڪاڻي جي نڪور مٽيءَ جو معجزو بڻجي پنهنجي فن جو پُرشوخ مظاهرو ڪندو رهيو ته:

سعيد جي هٿ ۾ قلم ڏئي ٿو لکين ڪوتائون،

تو ڏني ڏات آ، مان تنهنجي ثنا ٿي ويندس!

توڻي جو ڀٽآئي ڳائي وڃائي عورتن کي سورميون سڏيندو رهيو، نياڻي سنڌ جي روايتن ۾ ست قرآن بڻجي مانائتي شانائتي رهي پر پوءِ به بدقسمتي آهي جو صنفي تفريق جي آڙ ۾ عورت مخالف سوچ اڄ به عورتن کي جيئري جهنم طرف ڌڪي رهي آهي. عشق جي شاهه رڳ تي شاعري جا لمس رکندڙ سعيد ميمڻ جون نجومي آڱريون لڳاتار لکنديون رهيون ته عورتن جي ازلي ۽ آفاقي حيثيت خلاف ڪا به ناڪاري سوچ برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙي طرح پنهنجي روح پرور سچ کي پروڙيندي بيباڪ ااظهار آڇيائين ته:

من جو خالي پنو، مون جو کولي رکيو،

هڪ حسينا اچي پنهنجو نالو لکيو.

سندس چوليءَ کي کجين جي شهر ۾ چڻنگ لڳي ته عشق جا لافاني دڳ ڳولهيندي ۽ پنهنجن ڪلهن تي صليب جيڏا دک سنڀاليندي ڪوتائن جي ٻلوان ڪوي سعيد ميمڻ هڪ ڏينهن هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، گوتم واري گيان جو تسلسل جاري رکندي، هن صوفي لاڪوفي سعيد درد جو ارڏو اظهار ڪندي وڏي آواز چئي ڇڏيو ته:

ڇو لوڪَ کان لِڪي لِڪي، هَر لڙڪُ ڳاڙجي،

اَڄُ چونڪَ تي سعيد! گِريبانُ ڦاڙجي!

پنهنجون اکيون آليون ڪندي سعيد شاعري کي ڪڏهن به ٻُوجهه ۽ هرگز به بار نه سمجهيو. سندس خواهشن جو، جذبن جو، عشق جو ۽ پوري زندگي جو سرمايو سندس شاعري رهي آهي. اهيو ئي سبب آهي جو سندس معصوم خواهشن جو معراج سندس ئي لفظن ۾ ور ور نظر ٿو اچي. تنهنڪري ئي پنهنجي درد جي مخصوص موسمن واري پس منظر ۾ چيو هئائون ته:

جهُري ته آهه برابر، اَڃان ڪِري ناهي،

اسان جي هانوَ جي ديوارَ اوڏِڪِي آهي.

اهيو آهي شاعري جو اينٽي ڪلائمڪس، اهيو آهي هڪ بوند منجهان بهار کي اسڪيچ آئوٽ ڪرڻ جو ڏانءُ، ان احساس ۽ لڳاءُ جي گهرائي کي چئبو آهي شاعري جو اوچو پد، جتي شين جي مروج شڪلين جي ڇنڊڇاڻ ڪندي پنهنجي سڀاءُ جا اولڙا تخليق ڪري سگهبا آهن. هڪ ذميوار شاعر کي اهيو ڇو چوڻو ٿو پوي ته آءُ چريو هيس، مونکي ڍنگ ئي نه هيو، مونکي ڪنهن سان به چالاڪي ڪرڻ ئي نه آئي پر پنهنجا دوست پئسن جا ڍڳ گڏ ڪري ويا آهن، وٽن پئسن جون ڇٻيون ۽ خُرجينون ڀريون پيون آهن. دراصل اهيا هڪ فطرتي شاعر جي مهانتا آهي، سندس جرئت آهي ته هو هڪ نئين انداز ۾ سچ کي پرکي ڳولهي لهي ٿو. سپنن جي ساغر کي جنميندڙ، اکين جي پٿريلي مٽيءَ تي خوابن جا خوبصورت ٻوٽا پوکيندڙ سعيد ميمڻ وقت جي بازار ۾ رڳو ترازين ۾ پئسا تُرندي ٿو ڏسي. سندس ان ٿيوري کي ڪاسموپوليٽن شهرن جي ڪارونهوار سان جانچجي ته ڇر ڪ نڪري ويندا. افسوس ٿيندو ته پئسن سان ٽُٻٽار عمارتن اندر منزل تي پهتل انيڪ مئلن جا زندهه لاشا جهجي انداز ۾ ملندا. پر سعيد جهڙا سچيت سپنن جا سوداگر جياپي جي بندرگاهه تي ٽِمڪندڙ چنڊ جيان چمڪندا نظر ايندا.

منهنجي يارن وڃي جام پئسا لڌا،

مان چريو هوس مون صرف سپنا لڌا!

ويهين صديءَ جا سرمائيدار ۽ سامراج نظريا دنيا اندر عوام جي امنگن کي چٿيندا رهيا آهن. اهڙي پس منظر ۾ فاشزم جي عالمي اثر هيٺ انفرادي فسطائيت ايترا ته هاڃا ڪيا آهن جو سعيد جهڙو سٻاجهڙو شخص به وقت جي قهري روين هٿان ڪاڪ ڪنڌيءَ تي مات کائيندو رهيو. اهڙي لحاظ کان سعيد ميمڻ داخلي ۽ خارجي اظهار جو بهترين ڏانءُ رکندڙڪوي هيو جنهن چيو هيو ته :

ڪي ته منزل تي پهچي مَري ڀي ويا،

ڪن کان ساري حياتي نه رستا لَڌا!

سعيد جو مڪالمو تاريخ سان آهي، سعيد ميمڻ شاعري جي ٿر ۾ ڪارن نانگن سان جهيڙيندڙ جوڳي جيان هيو جنهن جي مُرلي تي ڪارا نانگ به نچندا هئا. سندس احساسن جو ڪئنواس آفاقي هيو ڇاڪاڻ جو سندس اوريجنل احساسن جي سرزمين سندس محبوبا جي سونهن ۽ سوڀيا ئي ته هئي جن جي امرت رس کيس هڪ منفرد ڪوي جي قالب ۾ قيد ڪيو هيو:

جن تي ڪُوسا چپ رکيا ها محبوبا،

سي به قبر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا!

مُهينء جي دڙي، عاقل جي ڳوٺ ۽ حسينا کي منسوب “نيڻ سفر ۾” سندس مختصر ڪتاب هيو جيڪو ڌڙڪندڙ دلين ۾ جيئن جو تيئن سمائجي دور جي ڪوهيڙن اندر روشنيءَ جا نوان نڪور ڪرڻا جنميا هيا. سعيد ميمڻ جي عاشقيءَ سان مهميز ٿيل ۽ سندس فڪري پورهيي سان سرجيل اهيا شاعري محبتن ۽ نفرتن جي ڇيد ڪندڙ تارازي جيان ۽ اونداهه ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ واضع لڪير جيان اُڀري آئي هئي، سعيد جي جدت سان ٻُسڪيل اهيا ڌار سندس آخري ساهن تائين جيئن جو تيئن قائم رهي. سعيد ميمڻ ڊسمبر 2016 جي ٿڌي موسم ۾ عاقل جي ٿڌي مٽيءَ ۾ ابدي آرام ۾ وڃين سُتو ۽ موهن جو دڙو جي ناچڻي جي گهنگهروئن جي آواز تي سعيد جي حسينا پنهنجي وجود جي پراڻي دانهن جي جديد پڙاڏي تي ڇُرڪ ڀريندي زندگي گذاريندي پوڙهي ۽ ڪُراڙي ٿي رهي آهي ته.

اي خدا! آسمان ڊاهي ڇڏَ!

دل ڊَهي آ، جَهانَ ڊاهي ڇَڏ!

سعيد سونهن جو شاعر آهي، اها سونهن جنهن جو آخري رستو سچ جي منزل تي ڇيهه ڪندو آهي. سندس هر گام هر وک سونهن جي حسين ترين پنکڙين کان متاثر ٿيندي ٿيندي جڏهن پنهنجي آفاقي ڪئمسٽري سان بانڊنگ ٿي ڪري ته پوءِ سعيد جو لهجو انتهائي دلفريب ٿي وڃين ٿو. هي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو شاعر صدين جي دروِيشيءَ جون صدائون من اندر ۾ سنڀاليندي موجودهه شاعري جي عالمي رجحانن اندر ڀونچال بپا ڪري ڇڏي ٿو:

هرَ حسينا تان نظر ترڪِي وئي،

هڪ حسينا روح لَرزائي وئي!

سعيد وٽ هڪ عالمگير ائپروڇ آهي جنهن جون سرحدون دل کان شروع ٿي ذهن جون گهٽيون گهمندي اکين جي پراسرار دنيا منجهان پنهنجي آس پاس جو اڀياس ڪندي نظر پئي اچي. سندس سوچ جو دائرو خوبصورت سماجي گلدستي جو روپ سمان آهن.

مَنَ جي مسجد ۾ ڌُک نمازن جيان،

درد ڏئي ٿو آذان، سيني ۾!

يعني ته عصري تقاضائن موجب نيڪي پنهنجا هٿ ساڙائي ويهي ٿي، بهتري ڪيترن ئي دلين تي داغ بڻجي وڃين ٿي. ايتري قدر جو نيڪي ڪندي، دنيا کي جنت بڻآئيندي بڻائيندي شدت سان هٺ ۽ انا جي ماريل شخصن هٿان اڪيلو بڻجي ٿو وڃين.

عالمي اتهاس ۾ لاڙڪاڻي جو شمار چوٽيءَ جي سياسي مرڪزن منجهان ٿيندو آهي. سياست جي جي قطب نما سُئي واري حيثيت رکندڙ لاڙڪاڻو پنهنجي مدبرانه رمز کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائيندي عوامي امنگن جي ريٽي رت واري ڦُهار خيرات پئي ڏني آهي. سعيد به درد جون ڳاڙهيون مندون ڏسي لاڙڪاڻي کي ڏات جي رنگ سان رنڱيندو رهيو:

سعيد جي هيءَ رت پئي آ روڊ تي،

لاڙڪاڻا! رنگ توکي لائي وئي!

سعيد جو چشمو،اڇو وڳو، موئن جو دڙو، اسٽوپو، عاقل جو بند، زيتونن جا باغ، ڄام شورو ۽ سعيد جو رڪشا به ڪمال جا سمبل هيا، پوءِ سندس استاد وارو دور آيو ته اهيو زمانو به باڪمال رهيو پر سعيد جيڪو شاهنواز لئبرري جا ڍڳ ڪتابن جا اٿلايا پٿلايا ۽ آخري گهڙِيءَ تائين علم سان عشق ۾ رهيو اهيو سندس علم سان لڳاءُ جو وڏو مثال هيو. هڪ پاسي ڏيوڍي جو ذڪر ڪندي سعيد ٻهراڙيءَ جي ڪلاسيڪل منظرنگاري بيان ڪندي نظر ٿو اچي ته ٻي پاسي نج ڳوٺاڻا تجربا بيان ڪندي، پلويڙي جو ذڪر ڪندي هوءَ سماجي جماليات ۾ نپجندڙ سنڌ جو ڪئنواس جوڙي وٺي ٿو:

لباس پنهنجو مَٽيو آ، اَسان مَٽِيا ناهُيون،

اسان اهي ئي دَراوَڙَ، اسان نه سِنڌُ ڇَڏِي!

سعيد پٿرن کي ڌڙڪنون ڏنيون، باهه کي زبانون ڏنيون، سمنڊ کي ڇولين جا ڇيهه ڏنائين، خوابن کي تعبيرون ڏنائين ۽ وڏي دورانديشي ۽ ڌيرج سان چوندو رهيو ته:

هر ڪو سودو وٺي هليو ويندو،

هيءَ دنيا بزَار آ بابا!

اهيا ڏاهپ شاعري ۾ سعيد جو ڏانو بڻجي وئي جڏهن لکيائين ته:

رت جو گروپ ساڳيو، رشتا جدا جدا هئا...!!!

پوءِ وري زندگي جي ازلي ويري موت کي ڊاج ڏيندي سعيد فڪري ٽئڪنيڪ وجود ۾ آندي. ايڏو ظالم ويري جيڪو سڄي جو سڄو پنجن ڇهن ڦوٽن جو انسان کايو مٽيءَ جو کاڃ ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڀيانڪ جو ماڻهوءَ جو سمورو وجود ئي ميٽائي رک ڪريو ڇڏي ان ويري سان سعيد اکٻوٽ ڪندي کيس ايترو ته ٿڪايو جو موت کي به ڏندين آڱريون آيون هونديون:

هڪ صدي آ وچ ۾،

آءُ ڪيئن توڏي اچان؟!

پوءِ سعيد زمان مڪان کي شاعري جي رجسٽر ۾ قيد ڪيو، ميارون لکيائين، مٽيءِ جي مهانتا مڃيائين ۽ چيائين ته مٽيءَ کان پري نه رهندس، حسين ڳالهه چيائين ته تصوير ۾ مان نه هوندس! سعيد جو انگل ۽ آرو به آفاقي آهي، وٽس ڏانوَ به غضب جو آهي، سندس سٽ من اندر جي حسين واردات جيان آهي:

تو تَه جنت مان اڳُ ڀِي ڪَڍي هو ڇڏيو،

تو ۾ ويساههُ، ناهي رهيو اي پرين!

عظيم شاعري پنهنجي جوهر ۾ ابدي وجود جو اولڙو هوندي آهي. سعيد وٽ فن ۾ مٽي جو معجزو مرڪزي حيثيت والاري ٿو. سندس جنم جنم جياپي کان جنھن جي روحاني ۽ لافاني احساسن جو ڏڍ به مٽيءِ ئي رهي آهي. اهيو سعيد جي سٻاجهي فطرت آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن مرڪندي نظر ٿي اچي ته ڪڏهن وري اوچتو ئي اوچتو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي نظر پئي اچي. سندس مٽيءَ جي ڪيمياگري سان نينهن ناتو ڪيئن جڙيو اهيو وڏو ڇرڪائيندڙ پاسو آهي. هڪ پاسي موئن جي صدين جي سفر جو مٽيءِ ۾ ڀڀوت قافلو آهي، جنهن ۾ دراوڙ ڇوڪريون مظبوط ۽ ڀريل ڏورن سان ڌرتيءِ جي سيني تي ڪپاهه کان به نفيس ڪئونري دل رکندڙ حسينائون بڻجي وڃن ٿيون ته ٻي پاسي سنڌوءَ نديءَ جا ڪشادا ڪپر هڪ بڻجڻ لاءِ ڇولين جي مدد سان هڪٻئي کي ڀاڪرين پون ٿا. سنڌوءِ دريا جي پيٽ ۾ مٽيءَ جا مڻ پنهنجي فطرت ۾ پاڻيءَ جا پيار پالنا ٿا ڪن ته وري سعيد جو پنهنجو جنم ڀومي عاقل ڪنڀارن جي آويءَ ۾ مٽيءِ وارن ٿانون کي پچائي پختو ٿو ڪري. ان سڄي پس منظر ۾ سعيد جو پنهنجو وجود هڪ جوڳي رمتو جو روپ سمان ٿو لڳي جيڪو مٽيءَ جي طاقت کان بخوبي واقف آهي. سعيد جي شاعريءَ جي ورق ورق منجهان ملير جي مٽيءَ جي مهڪ ٿي محسوس ٿئي ۽ سندس ڏات جي يگانيت منجهان ديس جي مٽيءَ جي خشبو ٿي بکي. تنهنڪري، سندس فڪري احساسن جي عالمگيريت کي ڏسي اهيو چئي سگهجي ٿو ته مٽيءَ جي ڪيمياگر ڪوي سعيد ميمڻ جي جمالياتي رجحانن بابت ديس هاڻ گهڻي دير تائين خاموش نه رهندو.

اُڀي آهي اشهد جي آڱر جيان هوءَ،

اڪيلي کجي، ڪجهه ٻُڌائي رهي آ.

ماضي جي بئنچ جو شاعر سعيد هڪ ڀيري کاهوڙي ڇوڪرن جيان کاهوڙي ڇوڪرين جي تمنا پڻ ڪئي هئي، سعيد قبرستانن جي بدقسمتي کي فريم ڪندي کين گونگي مٽي سڏيو، وساميل بتي، وهندڙ ندي ۽ چُله جي ڄڀيءَ کي بيان ڪندي ڃڻ سنڌي هائيڪا جوڙيندو رهيو، پوڙهي جي گهنجن ۾ پوريل وقت کي ڳولهيندو رهيو، چهرن ۾ لئبريريون ڳولهي لهندڙ سعيد سج جي رمتو جوڳي وجود تي حيرتون کائيندي آئيڊيل محبوبا جا هٿ پڪڙيا هئا، عشق ۾ مات کائيندي امر ٿيندڙ سعيد مٽيءِ جا ماڳ لتاڙيندي صدين جا دڳ لتاڙيندي ڀٽآئي تائين پهتو، زندگيءَ جي هزار جلدن جي پنهنجي فن سان تشريح ڪندڙ سعيد خدائي لم يزل کان همڪلام ٿيو هيو ته:

منهنجي هَر ڏُوههَ ۾ سَچائي هُئي،

پو خُدا!ڇو ثَوابُ ڪين مليو؟!

سعيد وٽ عشق جي انصاف جو حسين اُلڪو ڀُرندو رهيو، سندس اڪيلائين جي وڻن منجهن رکي رکي شاعري جي طوفان سان وقت جي وجود منجهان ٽڙڪاٽ ٻڌبا رهيا، پيار جي ڪورٽ ۾ پنهنجي عشق جي اڪيلتا ڏسي پنهنجن سپنن جي لاوارثي جو نوحو لکندي سعيد چيو هيو ته:

عشق جو ڪو گواههَ ئي ڪونهي،

دل چريءَ جو بَيانُ ڊاهي ڇڏَ!

ساڳي ريت وري هڪڙي اميد پرست ڪوي جيان آفاقي سچ ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندي هڪ نئون شعور نئون نياپو ارپيائين ته ڏک ۽ سُک، خوشي ۽ غم، اهي ته جياپي جا عالمي مظهر آهن. انساني تاريخ جي رڳ رڳ ۾ جواني به آهي ته جدت به آهي، ڪڏهن ڪڏهن بُک حسينائن جا جيءُ جهوريو ڇڏي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن ڏات حسينائن وٽ اچي مهمان ٿي ٿئي ۽ حسين اتفاق سان غزلن جي ڪاشيگر ڪوي ۽ هڪ چنچل حسينا جي شاعري هڪ ئي صفحي تي ڇپجي ٿي ته پوءِ:

هڪ صفحي تي ڇپيل ها ٻنهي جا غزل،

ڪالهه مونکي پُراڻو رسالو مليو!

عاقل ۾ سعيد ميمڻ جون اکيون پوريل آهن. اتي ئي سندس دل به مدفون آهي. عاقل ۾ سنڌ جون حسينائون مدفون آهن ڇو جو سندن سونهن کي ڊسڪور ڪندڙ رمتو جوڳي سعيد ميمڻ زيتونن جي خوشبوءَ جيان مٽيءِ ۾ سئو سڳنڌون پيدا ڪندي پنهنجي وجود جي مٽيءَ چڪو آهي. کيس جيون ۾ وڏا وڏا تجربا پلئه پيا جيڪي صفا جيءَ جهوريندڙ ۽ لڱن ۾ سيسراٽيون وجهندڙ وارتائن جيان هيا، اهڙي وجدان سمي ئي سعيد ميمڻ چيو هيو ته:

پاڻ مونکان ٿي هوءَ جدا وئي،

منهنجي فن کي ڏئي جلا وئي!

۽ پوءِ پنهنجي سڄي زندگي جي وارتا بيان ڪندي انهن اياڻن رشتن ناتن، انهن ڪچن تندن، انهيءَ نالي ۾ نهال واسطن جي جانچنا ڪندي چيائين ته هن مختصر زندگي ۾ اسان خدا جو ڀرم رکيوسين، اهيا دل جي اميري ئي وڏي درويشي آهي، اهيو ئي لازوال تصوف ئي امر ديش ڀڳتي آهي جيڪو هر حال ۾ جيئڻ جو درس ڏئي ٿي. تقدير ۽ تدبير جي ساهميءَ ۾ پيل سعيد جو سڄو جيون ۽ سندس حيات جي ڪٿ ڪندڙ شاعراڻو شعور اڄ به عاقل جي ڊگهين کجين، ماڪ ۾ ڀڳل زيتون جي وڻن ۽ سنڌو پتڻ جي ڇولين سان مي رقصم آهي ته:

ها خدا جو ڀرم ته رکڻو هو،

جيئن جياريئين اسان به جي وياسين!!!

 

(ثناءُالله عتيق جي ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

راءِ ڏيندا