; سنڌي شخصيتون: عبدالحق ساريو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

عبدالحق ساريو - رياضت ٻرڙو


عبدالحق ساريو
رياضت ٻرڙو

عبدالحق ساريو نثري نظم جو ڀلوڙ شاعر آهي. عبدالحق ولد فقير راڻو ۹ جولاءِ ۱۹۶۶ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻِنڊي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي (اردو)، ايم.اي (اڪنامڪس) ۽ بِي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۱۹۹۷ع ۾ اردو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سندس مقرري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن لکڻ جي شروعات نالي واري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جي رهنمائيءَ هيٺ ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي. هن ڪالم، ڪهاڻيون ۽ نثري نظم لکيا آهن. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ميمبر آهي ۽ ۲۰۰۶ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. سندس رهائش ڳوٺ ٻنڊي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا