; سنڌي شخصيتون: چاچو شاهنواز جوڻيجو - اظهار سومرو

14 July, 2012

چاچو شاهنواز جوڻيجو - اظهار سومرو


چاچو شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو سيبتو ڪردار
اظهار سومرو
سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل هڪ شخص جنهن کي هڪ ئي وقت پنهنجي روايتن، پنهنجي وطن، زنده دلي، دليري، برداشت ۽ نبيري جهڙا ڳڻ مليا هجن اهو ڪو ٻيو نه پر سانگهڙ ضلعي جي سنجر جوڻيجو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل شاهنواز جوڻيجو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پيار ڪرڻ وارا چاچو شاهنواز ڪري سڏيندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ هو روايتي ڪلاسيڪل وڏيري طور مشهور هو.
سنڌي سماج ۾ جدت جي ڊوڙ ۾ پئجي ويل ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته وڏيرو لفظ ڪو خراب لفظ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڳوٺ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ وڏيرو هڪ اهڙو فرد هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جي سمورن ماڻهن جي لڄن جو محافظ هجي ٿو، تڪرار جي صورت ۾ نبيري جو پهريون در هجي ٿو، مسئلي جي صورت ۾ مدد جو پهريون رستو هجي ٿو، مونجهاري جي صورت ۾ رهنمائيءَ جي پهرين واٽ هجي ٿو، وڏيرو ٿيڻ لاءِ ڪنهن به فرد کي پئسو، دولت يا ٻنيءَ جي نه پر سڀ کان پهرين دل ۽ دماغ سان وڏو ۽ قدآور ٿيڻ ضروري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين جي تڪليفن ۾ ساڻن ساٿ ڏيڻ لاءِ دل جي دليري گهرجي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌي سماج ۾ ڪجهه انفرادي غلطين ۽ ڪجهه ميڊيا جي مهربانين سان وڏيري جو نالو ايترو خراب ڪيو ويو آهي جو هاڻ ان کي صرف هڪڙي تشريح ۾ ئي ماڻهو سمجهي ويا آهن، جيڪا تشريح هڪ ظالم ۽ جابر واري آهي، پر جيڪڏهن وڏيري جي خالص سنڌي تشريح ڳولڻي هجي ته اڄ به چاچي شاهنواز جوڻيجي جي ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن کان پڇو ته وڏيرو ڇا ٿيندو آهي؟ وڏيرو ڪهڙو ٿيندو آهي ۽ وڏيري سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن؟


سنڌ ۾ اها به سوچ موجود آهي ته وڏيرا استحصالي هوندا آهن يا وري استحصالين جا ڀائيوار هوندا آهن، پر هتي معاملو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته چاچو شاهنواز نه رڳو پاڻ ڪڏهن استحصالي نه رهيو پر گڏوگڏ استحصال ڪندڙن جي آڏو به هميشه ديوار ٿي بيهندو هيو. هن پنهنجي تڪ ۾ ڪڏهن به پوليس جي ٻڌڇوڙ جو ساٿ نه ڏنو ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي سياسي ۽ سماجي سگهه سان چيڀاٽڻ بدران سدائين انهن جو ٻانهن ٻيلي رهيو. تنهن ڪري هن کي صحيح معنيٰ ۾ استحصالي قوتن بدران مظلوم قوتن جو ساٿاري سڏبو ته غلط نه ٿيندو.
اها به سوچ ڪافي سگهاري آهي ته جاگيردار ۽ وڏيرا سنڌ وطن سان پيار نٿا ڪن يا وري ظاهري طور ڏيکاءُ لاءِ ائين ڪن ٿا، پر جڏهن مهل اچي ٿي ته ڌرتيءَ سان دوکو ڪندي دير نه ٿا ڪن. ان حوالي سان به چاچي شاهنواز جو ڪردار ڌرتيءَ سان پيار جي حوالي سان بي داغ ۽ سج جي ڪرڻن جهڙو جرڪندڙ هيو. جيتوڻيڪ سياسي طور تي هو پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هيو پر سائين جي ايم سيد جي سالگراهن ۾ شرڪت کان وٺي سنڌ جي قومي اِشوز تي ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ تحريڪن ۾ هو هميشه قومپرستن جو ٻانهن ٻيلي رهيو. هن پنهنجي وطن جي ماڻهن سان ڪيل وچن کي سياسي وفادارين کان وڌيڪ اهم سمجهيو ٿي، جنهن ڪري هو ان معاملي تي حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين سختيءَ سان ڪاربند رهيو. پنهنجي اولاد لاءِ ڇڏيل وصيت ۾ به هن اها ڳالهه وڏي شد مد سان چئي آهي ته سنڌ جو جڏهن به سڏ ٿئي ته ان کي ضرور ورنائجو. اهو اهڙو احساس ۽ اها ڪهڙي تربيت هئي، جنهن شاهنواز جوڻيجي کي سياسي سمجهه جي اعتبار کان ايڏو قدآور بڻايو هو جو هن لاءِ سياسي پارٽي، سياسي عهدو ۽ ٻيا سمورا معاملا سنڌ سان محبت جي مقابلي ۾ هميشه بي معنيٰ رهيا.
سماجي حقيقتن منجهه اهو به ڪڙو سچ آهي ته جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن سميت ڪيترن ئي وڏيرن پنهنجي علائقن ۾ قبائلي تڪرارن ۽ برادرين جي جهيڙن کي هٿي ڏئي سنڌي سماج کي ڇوڏا ڇوڏا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجي بنيادي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ عملي طور مڪمل سگهه سان ان ڪري به شامل نه ٿي سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قبيلن ۽ برادرين ۾ ورهايل معمولي ڳالهين تان هڪٻئي جا خون ڪري هڪ نه کٽندڙ تڪرار جو حصو بڻجي چڪا آهن، جيڪو ڪيترن ئي نسلن کي ڳيهندو پيو وڃي. اهڙي خوفناڪ سماج ۾ چاچي شاهنواز جوڻيجي سدائين جهيڙن کي ٽارڻ ۽ تڪرارن کي نبيرڻ واري خواهش دل ۾ سانڍي جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، اهي سنڌ جي ”فوڪ لور“ جو سرمايو آهن. هن فيصلا ڪرڻ وقت صرف ان ڳالهه کي ذهن ۾ پئي رکيو هو ته فيصلو هڪ اهڙي امانت آهي، جنهن ۾ خيانت ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ سان دغا ڪرڻ برابر آهي. جڏهن ماڻهو اهڙو امين هجي ته پوءِ تڪرار ڀلا ڪيئن نه نبري ويندا. فيصلا ڪرڻ لاءِ سماج جي بنيادي ڍانچي کي سمجهڻ ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽ روحاني معاملن جو ادراڪ رکڻ به اشد ضروري هوندو آهي، تنهن ڪري فيصلا ڪرڻ وارن کي ماڻهن سان گڏ رهڻو پوندو آهي، ماڻهن منجهه رهڻو پوندو آهي ۽ ماڻهن جي احساسن کي روح جي گهراين تائين محسوس ڪرڻو پوندو آهي، ان کان پوءِ ئي شايد هڪ منصف حقيقي معنيٰ ۾ انصاف ڪري سگهندو آهي. چاچي شاهنواز جي لاءِ اهو به چيو ويندو هو ته هو سنڌ جو واحد سماٽ آهي، جيڪو ٻروچن جي تڪرارن جا نبيرا به ڪري اچي ٿو. پر اصل ۾ هن شخص جي دل ۾ سماج اندر ماڻهن جي هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ واري عمل خلاف جيڪا نفرت موجود هئي، اها هن جي ان عمل جو بنيادي محرڪ هئي، جنهن تحت هو پنهنجي پوري سگهه سان ۽ مڪمل ايمانداري ۽ سمجهداريءَ سان سڄي سنڌ ۾ تڪرارن کي نبيريندو رهيو. چيو وڃي ٿو ته فيصلا ڪرڻ لاءِ هو بلوچستان به ڪيئي ڀيرا ويو هو.جڏهن چيني فلاسافر ڪنفيوشس کان ڪنهن پڇيو ته ماڻهوءَ ۾ ڪهڙا گڻ هجن جو هو وڏو ماڻهو بڻجي، ته ڪنفيوشس وراڻيو هو ته دنيا ۾ وڏا ماڻهو اهي هجن ٿا جيڪي دلير ۽ ڪشاده دل هجن ٿا. جيڪڏهن ان حوالي سان چاچي شاهنواز جوڻيجي جي شخصيت جو جائزو ورتو وڃي ته هو جيڪو مڙس مٿير هيو سو نه رڳو دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو پر ساڳي وقت هن ۾ معاف ڪري ڇڏڻ واري ڪشاده دلي به هئي، جنهن ڪري اڄ به سندس ورسيءَ تي نه رڳو کيس چاهيندڙ پر سندس شديد سياسي مخالف به ڀيرو ضرور ڀرين ٿا. اها هن فرد جي دل جي سچائي هئي، جنهن سندس دشمنن کي به هن جي اصول پرست ڪردار کي مڃتا ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ هن وقت جڏهن وضعداري شڪارپور ۾ ٻرندڙ فانوسن جيان وسامندي پئي وڃي، مهمان نوازي، برداشت، مدد ۽ سمجهداريءَ جو سلسلو پٺتي پئجي رهيو آهي، تڏهن سنڌ ان شخص کي ياد ڪري رهي آهي، جيڪو شاهنواز جوڻيجي جي روپ ۾ جڏهن پرهه ڦٽيءَ مهل پنهنجي ڳوٺ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي نڪرندو هو ته سج به ان ڳالهه جو ساکي هوندو هو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي.



شاهنواز جوڻيجو
شخصيت جا سؤ رنگ
شيراز سمون
عقل ڏاهپ ۽ سورهيائي هر ڪنهن جي ميراث ناهي پر اهي خوبيون هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ گڏ هجن اهو تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي پر اهي سڀ خوبيون جنهن شخصيت ۾ موجود هيون اهو هو شاهنواز خان جوڻيجو. شاهنواز جوڻيجو 1932ع ۾ سنجر جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. ان مهل ڪنهن کي به خبر نه هئي ته اهو شاهنواز جوڻيجي اڳتي هلي ماڻهو مڻيادار ۽ پريو مڙس ٿيندو. هو عقل جو اڪابر، ڏاهپ سان سرشار، بي ڊپو، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن لاءِ ڇپر ڇانوءُ هو. هن پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز 1962ع کان بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪيو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو پوءِ ته الله پاڪ طرفان ڏنل خدا داد صلاحيتن جي ڪري شاهنواز جوڻيجو مملڪتي وزير ۽ سينيٽر جي عهدن تائين وڃي پهتو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ثقافت سياست ۽ ڪلچر جو هڪ نرالو ڪردار هو. پارلياماني سياستدان هوندي به هن هميشه سنڌ جي حقن جي نه صرف ڳالهه ڪئي پر جدوجهد پڻ ڪئي. هن پنهنجي ارڏي طبيعت ۽ سچائي جي ڪري زندگي جو گهڻو حصو جيل ۾ گذاريو. هو پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ڊي پي آر تحت جيل ويو ۽ 2 سالن تائين جيل ۾ رهيو. ضياءَ الحق جي دور ۾ شهيد ڀٽو مٿان شاهدي نه ڏيڻ ڪري هن کي حرن جي ڪيس ۾ 4 سال جيل ڪاٽڻو پيو. 1981ع ۾ شاهنواز جوڻيجو مشهور جهاز هاءِ جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڏيڍ سال ۽ ڄام صادق پاران پ پ ڇڏي ساڻس گڏجڻ کان انڪار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي قتل ڪيس ۾ ڏيڍ سال جيل ڀوڳيائين. ڪالا باغ ڊيم خلاف رسول بخش پليجو جي سڏ تي ڀٽ شاهه ۾ احتجاج دوران گرفتار ٿي جيل ويو. هن ڀٽو دور کان وٺي مشرف دور تائين جيل ڪاٽيا پر ڪابه سوديبازي نه ڪئي نه ئي سندس حوصلا ڪمزور ٿيا. بقول سندس هڪ نوڪر جي ته صاحب جو بيگ هميشه تيار هوندو هو. جنهن ۾ ڪجهه وڳا ۽ ٻيو ٿورو گهڻو ضروري سامان پيل هوندو هو ۽ چوندو هو ته الائي سرڪار کي ڪيڏي مهل يادگيري اچي وڃي ۽ جيل ۾ گهرائي وٺي. ان لاءِ بندوبست اڳ ۾ ٿيل  هجي. پاڻ جيل ۾ به قيدين جا فيصلا ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو فيصلن جي امين طور مشهور هو ۽ سندس ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ جو حصو آهن. هن فيصلن جي شروعات ڳوٺ ۾ هڪ انبڙي چوري جي فيصلي کان ڪئي پوءِ ته راڄن جا فيصلا ڪيا. هن جا فيصلا سنڌ بلوچستان تائين مشهور هئا. ماڻهو کيس امين ٺاهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. سندس ڪيل فيصلن مان  ڪجهه اهم فيصلا جن ۾ جتوئي مهر  تڪرار، اڄڻ ڪليري تڪرار، مارفاڻي بروهي تڪرار يا مهر چاچڙ تڪرار جنهن ۾ هن 100-100 خونن جا فيصلا ڪري نه صرف ڌرين کي کير کنڊ ڪيو پر وڌيڪ جانين کي ضايع ٿيڻ کان پڻ بچايو.  هتي اسان وٽ اڪثر فيصلن ۾ ائين ٿيندو آهي ته ٻن ڌرين ۾ تڪرار کي نبيرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ ٻنهي ڌرين جا امين مقرر ڪندو آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪندو آهي پر شاهنواز جوڻيجو ٻنهي ڌرين جو پاڻ امين هوندو هو ۽ حق جو فيصلو ڪندو هو. سندس ڪيل  فيصلن کي ڪڏهن به ڪنهن چئلينج نه ڪيو. ڪيترائي ڀيرا ته هيٺين ڪورٽن لکت ۾ ڌرين جا فيصلا به وٽس موڪليا ۽ فيصلا ڪري هن ڪورٽن کي موڪليا.
شاهنواز جوڻيجو نه صرف فيصلن جو امين پر سنگت ۽ دوستي جو تمام پڪو هو. جنهن سان هڪ ڀيرو واسطو ٿيس ان سان توڙ نڀائيندو هو. پاڻ پ پ ۾ هوندي به سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڙي ورسي ۾ باقائدگي سان شرڪت ڪندو هو. مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تي پارٽي کي ناراض ڪري سندس جنازي ۾ شرڪت ڪيائين. شاهنواز جوڻيجو نه صرف کرو سياستدان، فيصلن جو امين، ثقافت جو شان هو پر پاڻ خفت جو به وڏو شوقين هو. کيس ڀلن گهوڙن پالڻ جو وڏو شوق هو. ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجن گهوڙن تي پاڻ سواري ڪندو هو. مرحوم جي ايتري راهي پوکي هئي جو پ پ طرفان نظرانداز ڪرڻ بعد هن پ پ اميدوارن سامهون پنهنجي وڏي پٽ روشن جوڻيجو کي ضلعي ناظم ۽ محمد خان جوڻيجو کي ايم اين اي چونڊرايو. نه صرف ايترو پر هن جو وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجي هڪ ويجهي دوست سيد حسن جميل جي فرمائش تي هڪ اردو ڳالهائيندڙ ملڪ امام الدين شوقين کي پ پ جي مضبوط اميدوار ۽ هاڻوڪي پ پ ضلع سانگهڙ جي صدر حاجي مختيار علي شورو سامهون کٽرائي ايم پي اي بڻايو ته ان وقت ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. مرحوم شاهنواز جوڻيجو غريبن سان هميشه پيار ڪندو هو ۽ غريبن لاءِ ڏاڍن آڏو ڍال جو ڪردار ادا ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وفات ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي اولاد لاءِ لکيل وصيت ۾ چيو ته غريب عوام منهنجو سرمايو آهي. امير جي ڀيٽ ۾ غريب وڌيڪ همدرد آهي. جيڪو مرڻ کان پوءِ به چار ڳوڙها ضرور ڳاڙيندو. جنهن جو واضع ثبوت سندس وفات تي ظاهر ٿيو ته سندس جنازي ۾ ايترا ماڻهو آيا جنهن جو ضلعي سانگهڙ جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. رستن تي نه صرف مرد پر عورتن کي به روئيندي ڏٺوسين.
شاهنواز جوڻيجو پنهنجي اولاد کي اها به وصيت ڪئي ته دوست ۽ راڄ توهان جو خزانو آهن ان کي نه وڃائجو. غريبن جي هميشه مدد ڪجو ۽ ڏاڍ اڳيان نه جھڪجو. شاهنواز جوڻيجو جنهن کي وفات ڪئي 7 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. جنهن جو ثبوت سندس هر ورسي تي هزارين ماڻهن جي شرڪت آهي. جيڪي ساڻس اڄ به محبت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ناچيز راقم القلم کيس ڪٿي به مرحوم ناهي لکيو.



شاهنواز خان جوڻيجو
سنڌ جو ماڊل وڏيرو
ميان اظهر مولائي
وڏن پيرن ۽ ميرن جي شاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو شاهي مان ماڻيندڙ خدا ترس مهمان نواز وڏو اوطاقي اوشاڪي پوشاڪي رئيس شاهنواز خان جوڻيجو سون هزارن ۾ لکن ۾ لاکيڻو ٿي گذريو آهي، پوري سنڌ اندر راڄوڻي برادري تڪرارن جا فيصلا نبيرڻ لاءِ جنهن به علائقي ۾ کيس مدعو ڪيو ويندو هو ته سندس فيصلن جي فتويٰ ڏينهن پهرن بدران چند ڪلاڪن ۾ ٻڌڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئا، ڌرين جون ڳالهيون، گواهن مشيرن جون بيان بازيون ٻڌڻ لاءِ شاهدن کي جدا جدا گهرائي ڳالهين جو ڪُلئهُ ڪرائڻ لاءِ دليلن ۽ ڪوڙن سچن ثبوتن جي کُڻن مان اهڙيون ڳالهيون ٽلي ڪڍبيون جيڪي فيصلي جي فتويٰ کي انصاف ۽ سچائي جي ميزان ۾ توري تڪي عدل جي ساهمي کي اهڙو سڌو ڪري بيهارينديون جو ٻڌڻ شرط ڌرين طرفان واهه واهه جي هوڪرن سان تاڙا وڄي ويندا ۽ تاڻيل ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وينديون، هو اپر سنڌ ۾ لوئر سنڌ ۾ وڏو مشهور معروف ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، پنهنجي اصولن تي قائم رهندو هو، سياسي شطرنج منافقاڻه پاليسين کي فوري طور تي واجهي وٺندو هو، پر پيرن ۽ وڏيرن جي طبقاتي سماج ۾ جنهن به سياسي پارٽي کي ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيو ته اتي به ساڳيا لاٽون ساڳيان چُگهه ڏسي حيران ٿي ويو، اهڙن خراب روين جي پرواهه نه ڪندي هو پوري سنڌ اندر برادري خوني تڪرارن جي ڀڙڪيل باهه کي اُجهائيندو ۽ وسائيندو رهيو، هو پوري سنڌ جي دوستن واقف ڪارن سان سک ۽ ڏک جي سڏ ملڻ شرط سڏ جو پير ڀرڻ پهچي ويندو هو، هڪ ڀيري شڪارپور ۾ ڪنهن دوست جي وفات واري خبر عبرت ۾ پڙهي پنهنجي ڳوٺان اوڏانهن وڃڻ لاءِ تڪڙي تياري ڪرڻ لڳو، ان موقعي تي هڪ دوست جيڪو پري کان ڪهي ساڻس ملڻ آيو هو، ان چيس چيس رئيس ايڏي تڪڙ ڇو پيا ڪيو جواب ڏنائين ته هڪ پرين پيارو گذاري ويو آهي. ان تي ڪو احسان ڪو نه ٿو ڪريان بلڪ پنهنجا ڪانڌي ٿو گڏ ڪريان ان لاءِ ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اسان کي ڪلهي ڪانڌي جي ضرورت پوندي، هو ماڻهن سان گڏ مال متاع سٺا سهڻا گهوڙا شوق جا تتر ۽ ڪڪڙ پالڻ جو وڏو شوقين هو، پنهنجي نوڪرن ۽ هارين سان سندس وڏو قربائتو ورتاءُ هو، (ان جهڙو ملوڪڙو ماڻهو) سنڌي پٽڪو سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي لباس زيب تن ڪرڻ بعد ڏاڍو سهڻو لڳندو هو، وڏين ڪچهرين ۽ محفلن جي زينت بڻجڻ لاءِ خداوند ڪريم کيس پيدا ڪيو، جيڪو ڳالهائڻ وقت هٿن جي چالن اکين جي اشارن چپن جي مسڪراهٽن ۽ سوچن وقت چهري جي خد خال سان اهڙو ته پرڪشش بڻائي سوين حاضرين کي سخت متاثر ڪندو هو جو دل ائين چوندي هئي ته خداوند ڪريم ههڙن امر پريم جي الوٽن سنڌ امڙ جي سهڻن پٽن کي قيامت تائين زندهه رکي، انسان ذات جي سچي دل سان خدمت ڪرڻ وارو شاهنواز خان اڄ به سنڌ جي تاريخ وارن ورقن تي زندهه روايت جو روپ ڌاري چڪو آهي، هڪڙا سدائين لکندا رهندا ۽ ٻيا سدائين پڙهندا رهندا.



شاهنواز خان جوڻيجو
غريبن جويار
عزيز جوڻيجو بدينوي
اڄ 14 جولاءِ اسان جي وڏڙي، دلير، غيرتمند، جرئت مند، وفادار، سچي، غريبن جي يار، هڏ ڏوکي، سنڌ جي  پارکو، ڏاهي، فيصلن جي امين ۽ سخي مرد شاهنواز خان جوڻيجو جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. اسان جي دلين جو ٺار بابا شاهنواز خان جوڻيجو سڄي سنڌ جي ماڻهن سان محبت ڪندو هو. هر ڪو ماڻهو اڃا تائين ايئن چوندو آهي ته وڏيرو مون کي ڀائيندو هو. تنهن ڪري آئون به ايئن چوندس ته مون کي تمام گهڻو پيار ڏيندو هو. اسان سال 2001ع ۾ بدين مان وفد جي صورت ۾ ملڻ لاءِ ڳوٺ سنجر جوڻيجو وياسين ته سٺي نموني مليو. تمام گهڻي عزت ڪيائين ۽ اهو چيائين ته توهان هيترا سارا جوڻيجا بدين ۾ آهيو پاڻ ۾ ڇو نٿا ڀائيچارو ۽ ٻڌي ڪريو پوءِ ته سچي پچي ان جستجو ۾ لڳي وياسين. ادا عبدالحميد، علي محمد، فاروق، عبدالشڪور، محمد جمن جوڻيجو، غلام قادر جوڻيجو ۽ مون (عبدالعزيز جوڻيجو) جوڻيجو ويلفيئر  ايسوسيئيشن ضلع بدين جو وجود آڻي. سال 2003ع ۾ رجسٽرڊ ڪرائي برادري جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيوسين ۽ پنهنجي برادري جي ٻڌي جو ثبوت ڪري ڏيکاريوسين. برادري شاهنواز خان جوڻيجي جي حڪم کي اکين تي رکيو. بدين جي برادري جي هر ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪيو پوءِ ڪڏهن محمد خان جوڻيجو، گل محمد عرف گل جوڻيجو، لال جان، شاهجهان مطلب ته شادي مرادي يا ڪٿي ڪو فيصلو هجي اتي ٽائيم جي پابندي سان جوڻيجو خاندان مان ڪو نه ڪو ضرور پهچي.  شاهنواز خان جوڻيجو گهوڙن جي شوق ۾ سانوڻ فقير جو ميلو هجي، سيد سمن سرڪار جو ميلو هجي. گل غيبي جو ميلو هجي يا کڻي لاکيڻي لطيف جو ميلو هجي. اتي گهوڙو ضرور ڊوڙائي ۽ پهريون نمبر کٽي. هي بهادر ۽ نيڪ انسان هر جمع ۽ آچر تي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ هر سومر تي شهدادپور ۽ اربع تي نوان هالا مخدوم صاحب جي بنگلي تي فيصلا ڪندو هو. جنهن روايت کي محمد خان جوڻيجو اڳوڻو ايم اين اي سندس فرزند جاري رکيو اچي. شال خدا وند کيس وڏي عمر، عزت، همت، حوصلو ڏي.
اسان بابا شاهنواز خان جي بدين ۾ تلهار تعلقي جي ڳوٺ محمد خان جوڻيجو ۾ هڪ وڏي دعوت رکي جنهن ۾ ضلع کان علاوه سنڌ جي معتبر ماڻهن به شرڪت ڪئي. اسان کيس برادري جي پڳ جي آڇ ڪئي پر پاڻ ٺڪرائي ڇڏيائين. پاڻ ماڻهو کي ڏسڻ سان سڃاڻي وٺندا هئا ته هي ڪير آهي ڪٿان آيو آهي ۽ اهو به سمجهي ويندا هئا ته ڪم ڪهڙو آهي. سچي پچي ته مون کي اهو اڃان به يقين نه ٿو اچي ته ڪو شاهنواز خان اسان کان وڇڙي ويو آهي. منهنجي آخري ملاقات ساڻس مائٽ الهڏنو جوڻيجو ۽ علي محمد جوڻيجو سان گڏ ٿي وڇوڙي کان هڪ مهينو اڳ ٿي. پاڻ رات جو 2 وڳي تائين اسان سان ڪچهري ڪيائون. پوءِ به اسان زوري اجازت ورتي ته هاڻي توهان آرام ڪريو. شاهنواز خان جوڻيجو جون خدمتون سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. سندس پٽ روشن الدين الدين جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، علاؤالدين جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو سندس مشن کي جاري رکيو اچن.
سندس فرزند گل محمد (گل) جوڻيجو جيڪو سندس ٻانهن ٻيلي هوندو هو. سو پڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. گل  جي وڇوڙي پڻ اولاد توڙي ڀائرن، روشن الدين، محمد خان، شاهجهان، نور محمد ۽ ٻين کي جهوري ڇڏيو. دعا آهي ته شال الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. پوئين کي صبر جي توفيق ڏي. (آمين)



چاچي شاهنواز بابت ٻه اکر
دادا علي بخش
شاهنواز جي صورت ڏسڻ لاءِ ماڻهو مست هوندا هئا ۽ چوندا هئا ته هاڻي ٻيڙا پار ٿي ويندا، ڇو جو آسرا ۽ اُميدون اميدوار ۾ هونديون آهن، فيصلا اهڙا ڪندو هو جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون، جيئن پهاڪو ڏيندا آهن ته فلاڻي مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏيو، عدل ۽ انصاف جي ڪري پاڪستان ۾ هن چڱي مڃتا ماڻي، هن سنڌ کان علاوه ٻين صوبن ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو، فيصلن ڪرڻ جي هن کي ڏات به هئي، ته ڏانءُ به هو، اسان جي صوبي ۾ فيصلن ڪرڻ وارا به راڄ آهن پر ڦريل کي وهنوار وٺي ڏيڻ هنن جي وس ۾ نه هو، هو دوستن جي خط يا ٽيليفون جي اڳيان مجبور هئا ڇو جو چور چورن جا ڀائر هوندا آهن، شاهنواز ڪڏهن به ڪنهن وڏي ماڻهو جي سفارش، خط يا فون ڏي ڌيان نه ڏنو، فيصلو تڪي توري ڪندو هو، هڪ اهڙو فيصلو به ٿيو، جنهن ۾ ڏوهاري ڌر يا ائين کڻي چئجي ته هڪڙي ڌر جا ٻي ڌر ڏي پئسا هئا، سو فيصلي کانپوءِ جنهن ڌر ڏي پئسا رهجي ويا، تن کي پئسن جي تاريخ جو چيائين ته انهن ماڻهن چيو ته اسين فلاڻي کي پئسا پاڻهي ڏينداسون، ان تي وڏيري چيو ته آئون هنن غريبن کي هڪڙي کڏ مان ڪڍي ٻي کڏ ۾ هڻان اهڙو ڪم مون کان ڪو نه ٿيندو، ان ڪري پئسن جي تاريخ اوهان پاڻ مقرر ڪري پئسا هنن کي هٿ ۾ ڏيو هنن کي چڙ ته لڳي پر ڪڇي ڪونه سگهيا. ڇو جو اڳيان فيصلي ڪرڻ وارو شاهنواز نه پر هڪڙي حشمت هئي جنهن جو هن وٽ جيڪو روئيندو ايندو هو سو وري کلندو ويندو هو، ڪم ٿئي يا نه ٿئي ڪم قادر جي هٿ ۾ آهي، هر ماڻهو کي عزت ٿي کپي سو شاهنواز وٽان هر ماڻهو کي عزت ملندي هئي، شاهنواز گهڻ پاسائون ماڻهو هو، جانور ۽ گهوڙا هن جي ڳالهه سمجهندا هئا، ڪڪڙ به پکي آهي پر تتر هن جي ڳالهه سمجهندا هئا، گهوڙن جا شوقين ۽ خفت رکڻڻ وارا چئني صوبن کان پري کان گهوڙا ڪاهي هن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪندا هئا، منهنجو هن سان پراڻو ۽ وڏن وارو ڳانڍاپو قائم رهيو، شادي مرادي، مرڻي پرڻي به ملاقات جو موقعو ملندو هو، مون کي پيار جي نظر سان ڏسندو هو ڪڏهن ته رات به رهائي ڪچهري ڪندو هو، مون کي هن ۾ گر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، ان وقت شاهنواز وٽ مولا بخش جنهن کي پيار مان مولو ڪري چوندا هئا، ان کي سڏ ڪري منهنجي پارت ڪندو هو ته ڪامريڊ جو خيال رکبو هن کي پراون پنهنجو ڪرڻ جو نرالو ڍنگ هو، غريب توڙي امير هن کي پنهنجو دوست ڪري سمجهندو هو، اوچتو هن غريبن جي هڏ ڏوکي کي سڏ ٿيو، هن کي غريبن جيئري به موٽ ڏني ۽ وڃڻ کانپوءِ به، هن وقت تائين ڪو شاهنواز ته پيدا ڪو نه ٿي سگهيو آهي پر پوين کي به جس هجي ته منڊلي مچايو اچن.

No comments:

راءِ ڏيندا