; سنڌي شخصيتون: ايس پي منگھاڻي - فلڪ نور

09 July, 2012

ايس پي منگھاڻي - فلڪ نور


ايس پي منگھاڻي
ھند ۾ سنڌي اسٽيج جو ابو
فلڪ نور
هن ڏهاڪن کان پنهنجي ڪلا سان سنڌي اسٽيج کي سنواريندڙ، هزار کان وڌيڪ نون سنڌي ڪلارڪن کي موقعو ڏيندڙ سڄي ملڪ ۾ سنڌي ناٽڪن جي ڌوم مچائيندڙ اڪيلي سر دبئي ۾ ئي ۱۵ کان وڌيڪ پنهنجن ٽه فصلن ناٽڪن سان سنڌي ڏسندڙن جي واهه واهه حاصل ڪندڙ، سنڌي اسٽيج کان سواءِ مرهٽي، هندي ناٽڪن ۽ سنڌي، هندي فلمن ۾ پنهنجي ڪلا جي جوهر سان اڳيان آيل، سنڌو ڪلا مندر جو روحِ روان ايس پي مينگهاڻي (صوڀراج پرسرام مينگهاڻي) تازو ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو پنهنجي پٺيان سنڌي اسٽيج جي ڪلاڪارن، ڏسندڙن، ڪلا پريمين کانسواءِ پنهنجي وني ڪلپنا راڻي، ٻن پٽن راجو ۽ سونو ۽ ڌيءُ کي وار لاپ ڪندي ڇڏي ويو آهي. ايس پي مينگهاڻي، ڀائو جي  نالي سان مشهور هو ۽ هر سنڌي سندس نالو ادب سان وٺندو هو. ايس پي مينگهاڻيءَ جي هن دنيا کي الوداع ڪرڻ جي دکدائڪ خبر جڏهن اسان کي سنڌي اسٽيج، سنڌي فلمن جي ابي شري مدن جماڻي ڏني ته اعتبار ئي نه پئي آيو ته هاڻي ايس پي مينگهاڻي نه رهيو آهي.مدن جماڻي ٻڌايو ته مينگهاڻي جا ڪيترائي پيارا نيارا ۽ مشهور ناٽڪ سنڌي ڏسندڙن کي ڏسڻ لاءِ مليا. ۱۹۶۰ع کان سنڌو ڪلا مندر جي بئنر هيٺ هن ۴۰ کان وڌيڪ فل لئنٿ ناٽڪ ۽ ۱۵۰ ون ايڪٽ پلي ڊائريڪٽ ڪيا.مرهٽي ناٽڪن ۾ پڻ هن پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا.هن ۱۴ فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي، سندن وني ڪلپنا راڻيءَ جو پڻ هن کي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار حاصل رهيو. هنن ئي مرهٽي ناٽڪن اُلٿا ڪري سنڌي ڏسندڙن اڳيان آندا.


پهرين مارچ ۱۹۳۴ع ۾ ميرپورخاص ۾ جنم وٺندڙ  ايس پي مينگهاڻي ورهاڱي سبب ممبئي لڏي ويو، جتي هن هند جي سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ اسٽيج ناٽڪن جي وسيلو بڻايو ۽ هندستان جي مختلف رياستن ۾ وڃي سنڌيت جي جوت جلائي، هن اسٽيٽ انشورنس ڪارپوريشن آف انڊيا ۾ پنهنجون خدمتون ڏنيون.
سندس پهريون ناٽڪ ”انڊر سيڪريٽري“ هو، جيڪو هن ۱۹۶۱ع ۾ اسٽيج ڪيو، ان بعد پياسو من (۱۹۶۶) ياد ڪندا (۱۹۶۷)،هي يا هو (۱۹۷۷) لو ليٽر (۱۹۷۸) ٽي پارٽي (۱۹۸۰) جوت جلي، ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان، جيون ساٿ جهڙن يادگار ناٽڪن دوران مينگهاڻي صاحب سنڌي اسٽيج کي مالا مال ڪيو.
سنڌيت جي هن پرچارڪ ۽ محبتي ماڻهو جي لاڏاڻي تي اڄ هند ۽ سنڌ جا سنڌي ڏکويل آهن.سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ شري ايس پي مينگهاڻي جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

No comments:

راءِ ڏيندا