; سنڌي شخصيتون: ملهار چانڊيو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

ملهار چانڊيو - رياضت ٻرڙو


ملهار چانڊيو
رياضت ٻرڙو

ملهار چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. ملهار جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو ۲۰ جنوري ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل.ايل.بِي. ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۲ع کان واپڊا ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري پيو. ان اداري جِي ”هائڊرو يونين“ ۾ هُو سب ڊويزن تي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.


هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۳ع ۾، مشهور شاعر رضا بخاريءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي ڪئي، جڏهن ته شاعريءَ ۾ رهنمائي رضا جي والد سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپي آهي. هُن ۲۰۰۰ع ۾ هڪ ادبي رسالو ”نئون سفر“ پڻ جاري ڪيو، جنهن جي چيف ايڊيٽر رهيو، پر مالي مسئلن سبب ٻن شمارن بعد رسالو بند ٿي ويو. هن دعوة اڪيڊمي اسلام آباد پاران نوجوان ليکڪن لاءِ سڏايل هفت روزه ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي. کيس ماهوار ڊائجيسٽن ”هالار“ ۽ ”سنڌ رنگ“ طرفان ”مڃتا سرٽيفيڪيٽ“مليا آهن. سياسي حوالي سان هُو ۲۰۰۱ع ۾ ناظمي نظام هيٺ، يونين ڪائونسل-۲ مان ڪائونسلر طور ڪامياب ٿيو. ملهار چانڊيي جو ڪٽنب سندس ننڍپڻ ۾ ئي لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن وقت سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا