; سنڌي شخصيتون: جاويد شبير - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

جاويد شبير - رياضت ٻرڙو


جاويد شبير
رياضت ٻرڙو

جاويد شبير مشهور شاعر آهي. هُو ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر ۾ ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۸۳ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد شبير ابتدائي ۽ ثانوي  تعليم پرائي. هن بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ ۲۰۰۴ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي، جنهن جو لاڳاپو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان آهي. جاويد شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ ۲۰۰۷ع کان وٺي هُو انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.


اردو شاعريءَ جي مطالعي سان هن ۱۹۹۵ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن غزل، هائيڪا ۽ آزاد نظم لکيا آهن، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ”روپ به مايا، پريت به مايا“ڇپيل آهي. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا