مس ڄيٺي سپاهيملاڻي
پير علي محمد راشدي
مائي ڄيٺي، حيدرآباد جي هڪ معزز عامل گهراڻي ۾ ڄائي، پر سياسي زندگي
ڪراچيءَ ۾ ڪاٽيائين. سنڌ جدا ٿيندي ئي اسيمبلي ميمبر چونڊي ۽ ڪجهه عرصي بعد ڊپٽي
اسپيڪر بڻي.
پڙهيل ڪڙهيل، سياڻي سيبتي، چتر ۽ چالاڪ، گويا کدر جي سفيد ساڙهيءَ ۾ سمايل سرتاپا ڪانگريسي سياست جو مرمرين مجسمو
هوندي هئي.
ذاتي خواهه صفاتي ڪيريڪٽر جي
لحاظ سان، بلڪل بي داغ رهي. نسواني فطرت جي ڇڪ کي مـُـرڪڻ ۽ مٺين ڳالهين تائين محدود رکيائين. سياست ۾ ڪانگريس جي
قائل. مسلم ليگين لاءِ عذاب هوندي هئي. اسيمبليءَ اندر ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪنواٽن
کي، نڪن ۾ نوڙي وجهيو پئي هلائيندي هئي. ڏاڍي ”نيشنلسٽ“ هئي. سنڌ جي ڪلچر ۽ پراڻن
قصن تي فخر هوندو هئس، انهن جي روشنيءَ ۾، موقعي سارو، زباني حـُـجت ۽ تڪرار ڪندي
ڪو نه ڊڄندي هئي.
هڪ دفعي مون تي شامت اچي ويئي.
آڪٽوبر ۱۹۳۸ع جا ڏينهن هئا. اسان سنڌ جا ڪي سياسي خيال رکندڙ نوجوان،
ڪانگريسين مان نااميد ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ مرحوم خانبهادر الله بخش کان ناراض
ٿي، مسلم ليگ ۾ ڪاهي پيا هئاسين. ڪراچيءَ جي عيدگاهه ميدان ۾ مسلم ليگ جي ڪانفرنس
ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن جي صدارت لاءِ قائداعظم رحمة الله عليه تشريف آور ٿيو هو.
آءٌ ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هئس. قائداعظم رحه کي هڪ
اهڙي جلوس ۾ آڻڻ جو بندوبست ڪيو هوم، جنهن جهڙو جلوس نه ان کان اڳ ۽ نه ان کان
پوءِ ڪڏهن ڪراچيءَ ڏٺو هو.
جلوس پوري ٿيڻ کانپوءِ آءٌ موٽي اچي پنهنجي دفتر ۾ اڃا مس ويٺو هئس
ته مٿان ڄيٺي مائي گجندي گڙندي اچي ڪڙڪي. ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ هئي. اکيون ڳاڙهيون، منهن
ڪاراٽيل هئس. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪجهه ڳوڙها به ڳاڙي چڪي هئي.
کيس ڏسي مون سمجهيو ته شايد اسان جي ڪنهن والنٽيئر ساڻس بدسلوڪي ڪئي
آهي، جنهن جي شڪايت کڻي مون وٽ آئي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جي والنٽيئرن جا انبوهه
بندر روڊ تي ڦرندا رهندا هئا، جو هيءُ افواهه هـُـليو هو ته مهاسڀائي هندو مسلم
ليگ پنڊال کي باهه ڏيڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن.
مان مائي جو آڌر ڀاءُ ڪيو. شربت پاڻيءَ جي آڇ ڪيم، ڪرسي سوري ڀر ۾
ويهاريومانس. مائي ڪرسيءَ تي ته ويٺي پر ڪـُـڇي ڪا نه، غالباً ڳالهائڻ کان اڳ
پنهنجو غصو ڍرو ڪرڻ پئي گهريائين.
آخر کُلي:
”مسٽر راشدي! تون لٻاڙون هڻندو آهين ته تون سنڌي به آهين ۽ سنڌ جي
تاريخ جو ڄاڻو به.“
آءٌ: ”حڪم، حڪم ڪيو“.
مائي ڄيٺي: ”حڪم ڌوڙ، تو کي چتائڻ آئي آهيان.“
ان وچ ۾ منهنجي تنبوءَ جي ٻاهران نعرا لڳڻ لڳا.
”جيٽي زنده باد“، ”مسلم ليگ زنده باد“، ”قائداعظم زنده باد“، ”جيٽي
زنده باد“. اهي نعرا سرحد مان آيل پٺاڻ والنٽيئرن هڻڻ شروع ڪيا هئا، جن جو هڪ دستو
مسلم ليگ جو سرحدي ليڊر خان فقيرا خان ڌمتوڙ مرحوم اسان جي مدد لاءِ وٺي آيو هو.
اهي ويچارا سنڌ جي حالتن ۽ ماڻهن کان ناواقف هئا. جيڪي ماڻهو منهنجي تنبوءَ ۾ پئي
آيا تن کي ٻاهران بيٺي بيٺي ”زنده باد“ جي دٻ ڏيندا ٿي رهيا. ڪنهن مقامي شرير کين
ٻڌايو هو ته ڄيٺي اسيمبلي ميمبر به مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچي وئي آهي! کين
نالي مان پروڙ پئجي ڪا نه سگهي سو ”جيٽي مائي زنده باد“ جي ڌم ٻاري ڏنائون.
ڄيٺيءَ خفي ٿي چيو ته: ”هنن بلهوشن کي بس ڪراءِ، ته تو کي ٻه اکر چئي
هلي وڃان.“
آءٌ ٻاهر وڃي والنٽيئرن کي نعرن هڻڻ کان روڪي، موٽي آيس.
ڄيٺي جي تقرير شروع ٿي. ڪلاڪ کن ڳالهائيندي رهي. وچ ۾ اکر چوڻ جو
موقعو ڪو نه ٿي ڏنائين. ڇـُـٽي امراڻيءَ، دودي-چنيسر، فيروز سمي، عيسيٰ ترخان،
عبدالنبي ڪلهوڙي، اليگزينڊر برنس ۽ ٻين جا قصا ڪري وڃي ٻاهر چڙهي. ڪجهه بروقت
سمجهه ۾ آيا، ڪجهه بعد ۾ تفصيلي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيا.
پاڻ، مون کان بنا جواب ورتي، اٿي کڙي ٿي. هينڊ بيگ هٿ ۾ کڻي، تڪڙيون
تڪڙيون وکون ڀريندي ٻاهر نڪري وئي. ايتريقدر غصي ۾ هئي جو ويندي موڪلايائين به ڪو
نه.
ان کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ تحريڪ زور وٺندي وئي. ڪانگريسين، خصوصاً مائي ڄيٺيءَ به پنهنجي پاران ڪو نه گهٽايو، ۽ اسان
به پوئتي پير ڪو نه هٽايو. ضديتون وڌنديون ويون. سال ۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۷ع تائين ڇڪتاڻ
زور وٺندي وئي. اسيمبليءَ ۾ گوڙ گهمسان رهيا. هندو مسلم فساد ٿيا. مقدما هليا.
ٽربيونل ويٺا. نيٺ هندوستان ٽـُـٽو. پاڪستان ٺهيو. ٻين ڪانگريسين وانگر مائي ڄيٺي
به ٽپڙ کڻي، بمبئي هلي ويئي.
جن ٻن ٽن مسلمان قومي ورڪرن سان سندس بنهه ڪا نه پوندي هئي، تن مان
هڪ آءٌ به هئس. سارو وقت متصادم سياسي ڪيمپن ۾ رهياسين، پر ويهن ورهين جي واقفيت
هئي، وضع داري جي تقاضا ڪري آءٌ کانئس موڪلائڻ ويس. فقط ٽي اکر ڪـُـڇيائين، جيڪي
حافظي سان چنبڙيل رهيا آهن.
(”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ تان ورتل)
No comments:
راءِ ڏيندا