; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

29 July, 2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

زندگيءَ جو ننڍايل خاڪو

رياضت ٻرڙو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ ئي وقت سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.


ڄم ۽ تعليم

ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع (گھريلو شجري موجب ۲۲ ربيع الاول ۱۳۷۲هه) تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت جي گھر ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ، سِکڻ ۽ سمجھڻ سان پيار هو، جنهنڪري استادَ ڀانئڻ لڳس. هن پرائمري تعليم ۶۴-۱۹۵۹ع دوران گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ ۶۹-۱۹۶۴ع دوران ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) ۷۱-۱۹۶۹ع دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪئي، جو سندس چُونڊ (سليڪشن) ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري ۾ آسانيءَ سان ٿي وئي. ڊگري ڪاليج جي لائبريريءَ مان ڊاڪٽر محبت روزانو ٽي چار ڪتاب کڻي، سوين ڪتاب پڙهيا. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾ گريجوئيشن (ايم بِي بِي ايس) ۷۹-۱۹۷۲ع دوران ڪئي. اتي سندس رهائش ”البيروني هال“ جي ۴۵ نمبر ڪمري ۾ هئي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو تعليمي خرچن ۾ ساٿ سندس ڀاءُ فتح عليءَ ڏنو، جيڪو شارجه (يُو اي اِي) جي ڳوٺ خورفڪان ۾ درزڪو ڪم ڪري رهيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مختلف اسڪالرشپون به ملنديون رهيون.

نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ

ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۸۲-۱۹۸۰ع دوران ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن دوران هُو گلگت، اسڪردو، اٽڪ ۽ ڪوئٽا ۾ به رهيو. پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب ڊاڪٽر محبتَ ڪئپٽن ڊاڪٽر جي عهدي تان مستعفي ٿي موٽي آيو، جنهن کان پوءِ هن ۱۹۸۳ع ۾ ميلوِن جونس بلڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ ۸۴-۱۹۸۳ع دوران دَ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪئي، پر ستت ئي نوڪريءَ جي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪري، اباڻي شهر قنبر هليو آيو، ته جيئن پنهنجن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري سگھي. ۱۹۸۴ع کان ۱۹۹۷ع ۾ وفات تائين، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جنرل ميڊيڪل ڊاڪٽر طور لطيف ڪلينڪ تي، قنبر جي باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪيو. شاهه لطيف سان کيس بيحد عقيدت هئي. هُو لطيف ڪلينڪ تي ايندڙ مريضن کان ايتري ته معمولي فِي وٺندو هو، جو اڪثر ڪري ڏيهاڙي گذر سفر لاءِ به کُٽي پوندو هو. مريضن کي ميڊيڪل اسٽور جي بيحد سستي دوا لکي ڏيندو هو، وس پُڳي مريضن کي سُئي (انجيڪشن) نه هڻندو هو ۽ لاچار مريضن کي دوا درمل لاءِ پنهنجي هڙان وڙان به دوا ڏيندو هو. سال ۾ عيد الفطر ۽ عيد الاضحى تي صرف ٻه ڏينهن ۽ ڏهين محرم الحرام تي هڪ ڏينهن ڪلينڪ بند ڪندو هو.

شادي ۽ اولاد

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شادي ۱۹۸۳ع ۾ محترمه صفيه ميمڻ سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. کيس اولاد ۾ هڪ پُٽ انجنيئر ساجد محبت آهي، جنهن ڪيميڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾ بِي اِي (B.E) ڪرڻ کان پوءِ ايم اِي (M.E) ڪئي آهي. هينئر ڪراچيءَ ۾ اين اِي ڊِي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر آهي.

مطالعو

ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعي کي ارپيندڙ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي تڪڙي مطالعاتي رفتار ۽ ذهين هئڻ ڪري ڪتابن مان ڪم جا نُڪتا جَھٽي وٺندو هو ۽ بيان ڪيل ڳالهه وغيره جي تهه در تهه خيال تائين رَسائي حاصل ڪري سگھندو هو. اها ئي ڳالهه سندس ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه ۾ به سمايل هئي، جنهن کيس سٺو محقق ۽ گھڻ پاسائون تنقيدنگار بنجڻ ۾ گھڻي مدد ڪئي. مشهور مصور منصور عالم ابڙي جي ترغيب تي ايل ايم سي ۾ سندس مطالعي هڪ نئون ۽ وڌيڪ ڪارگر رُخ اختيار ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيڻ لڳو. وٽس ڪيترائي رسالا ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي پهچي ويندا هئا. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ سندس ڪچهريون اديبن ۽ عالمن سان ٿيون، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي اهم آهي. اتان جي درسگاهن سندس شخصيت ۾ نئون نکار پيدا ڪيو. هن تمام گھڻا ڪتاب ۽ رسالا انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهيا. ڪو به ضخيم ڪتاب پڙهي پڄائڻ ڪاڻ هن لاءِ ٻه چار ڏينهن ڪافي هوندا هئا.

ادبي ۽ صحافتي سرگرميون

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾ پڙهڻ دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح جا ليک ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ”شاگرد“ پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيا. شايد سندس پهرين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي، جيڪا ايل ايم سي جي سالياني مخزن ”لياقت“ ۾ ۷۴-۱۹۷۳ع ۾ ڇپي، جنهن سان سندس ادبي زندگيءَ جي شروعات ٿي. پوءِ ڊاڪٽر محبت مسلسل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، طنز و مزاح جا ليک لکيا ۽ چونڊ ڪتاب ترجمو ڪيا. ساڳئي وقت هُو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. اها سندس صحافتي ڪم جي شروعات هئي. ۱۹۷۷ع ۾ هُو ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر ۽ ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب رهيو، جن ۾ هن قلمي نالن سان ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هُو ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان سهڪار ڪندڙ رهيو.

ڊاڪٽر محبت ۹۲-۱۹۹۱ع ۾ روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو، جنهن ۾ هن قنبر تعلقي جي مختلف خبرن کي ايمانداريءَ سان رپورٽ ڪيو. ان حوالي سان هن ذميوار صحافيءَ طور پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيو.

پبلشنگ ادارو

ڊاڪٽر محبت قنبر ۾ ۱۹۷۸ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گھر“ نالي پبلشنگ اداري جو بنياد رکيو، جنهن پاران پاڪيٽ سائيز ۾ هڪ ڪتاب ”مائو زي تنگ“ ليکڪ: رسول بخش پليجو، جنوري ۱۹۷۹ع ۾ ڇپرايو ويو.

۱۹۹۴ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي پبلشنگ ادارو قائم ڪري، اداري جي نالي بابت کانئس راءِ ورتي ته ڊاڪٽر محبت ان جو نالو ”ڏاهپ پبليڪيشن“ تجويز ڪيو، جيڪو حتمي طور طَي ڪيو ويو.

سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل ڪم

ٻوليءَ جي جھيڙن ۾، جڏهن سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ لائبريريءَ جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي آرٽسٽ دوست منصور عالم ابڙي سان گڏجي، سج لٿي کان پوءِ، ڪيترائي ڪلاڪ روزانو ويهي، پنهنجن خوبصورت اکرن سان ڪتابن جا اعزازي طور ڪئٽلاگ لکي، ان ڪم ۾ هٿ ونڊايو.

سماجي خدمتون

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۷۶-۱۹۷۴ع دوران ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي، جيڪا ڀائو درمحمد ٻرڙي قائم ڪئي هئي، ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ جي زير انتظام هئي. هو ٻارڙا سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻَ ۽ ٻارن کي تربيت ڏيڻَ لاءِ ڄامشوري کان قنبر ڪَهي ايندو هو. سندس ان عمل سان قنبر ۾ ترقي پسنديءَ جي پهرئين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دَور جي شروعات ٿي. ان ئي تسلسل هيٺ ۱۹۷۷ع ۾ هُو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر به رهيو.

قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري ۹۴-۱۹۹۳ع دوران رهيو، جنهن ۾ خاص طور ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪارگذارين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، قنبر شهر جي صفائيءَ سٿرائيءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا. هو ”ڪاميٽيءَ“ جي مختلف پروگرامن کي عملي روپ ڏيندڙ ساٿين مان هڪ هو.

هُو ۱۹۸۹ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان ۱۹۹۷ع ۾ وفات تائين، ان ڪلب جي نئين نالي ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ سان لاڳاپيل ۽ ان جي فڪري اڳواڻي ڪندڙ رهيو، جنهن پاران هن ڪجھه ليڪچر بنيادي سائنسي موضوعن تي ڏنا ۽ ”اڪيڊمي“ پاران ۱۹۹۲ع ۾ ٽن مهينن تائين روزانو ”انگلش ٽيچنگ پروگرام“ ۾ رضاڪار ٽيوٽر رهيو. ان کان سواءِ اڪيڊميءَ جي سائنسي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جو فڪري اڳواڻ رهيو.

ڊاڪٽر محبت ۱۹۹۴ع ۾ ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد (روشني فورم)“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان فورم جي گڏجاڻين ۾ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو.

هُن ”هيومن رائيٽس ڪانفرنس“ لاڙڪاڻي ۾ خصوصي طور هڪ مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ”انساني حق ــــ هڪ مختصر تاريخي خاڪو“ پڙهيو.

سياسي سرگرميون

۱۹۷۶ع ۾، ڊاڪٽر محبت جي سياسي سرگرمين جي ابتدا ايل.ايم.سي ۾ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ (س.ش.ت) جو يونٽ کولڻ ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو هُو ۱۹۷۸ع تائين باني سيڪريٽري رهيو. اتي هُن سياسي تعليم جو ڪم سرگرميءَ سان ڪيو، جنهن ۾ خاص طور سماجي، سائنسي، علمي، جدلياتي ۽ فڪري موضوعن تي ڏنل سندس ليڪچر ڌيان لهڻن ٿا. ۷۹-۱۹۷۸ع دوران ڊاڪٽر محبت سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌ، جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي ۾ هن پنهنجي علمي سياسي ڪم کي وڌيڪ پکيڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي قنبر واري گھر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گھڻي تعداد ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر محبت نه صرف اهي ڪتاب وٺندو هو، پر ڪوشش ڪري پڙهي به ڇڏيندو هو. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل ”مرڪزي تعليمي ڪاميٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن ۵۰ کان وڌيڪ موضوعن تي، ۵۰۰ کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو.

۱۹۸۰ع ۾، عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کان پوءِ ۽ ۱۹۸۴ع ۾ قنبر ۾ اچڻ سبب ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ عملي سياسي سرگرمين کان پاسائتو ٿي ويو، پر قنبر ۾ سندس سياسي قلمي ڪم جي شروعات ٿي، جيڪو سياسي سرگرمين سبب ماٺو پئجي ويو هو.

تخليقي سياسي ڪتاب

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۱۹۸۸ع ۾ سياسي ــ تنقيدي ادب جو شاندار ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي“ (قلمي نالن ’لطيف ۽ سڄڻ‘ سان) لِکِي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪرائون سائز ۾ ۳۷۲ صفحن تي مشتمل هو ۽ جنهن ۾ سنڌ جي سياسي اڳواڻ جِي ايم سيد ۽  ايم ڪيو ايم سميت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف مختلف سياسي پارٽين جي سرگرمين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو هو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي اهو ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران ’علمي محاذ جو سپهه سالار‘ ايوارڊ طور اجرڪ اوڍايو ويو. ”...جيڪو سچ چوي“ جو آخري باب ”هٿ وڌايو ــــ سنڌ بچايو“ نالي سان الڳ ڪتابي روپ ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ڇپيو. ساڳئي عرصي ۾ ڊاڪٽر محبت جا مٿين ٻن ڪتابن کان سواءِ هيٺيان مختصر ڪتاب ڇپيا:

۱. سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ ۽ سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو (درحقيقت ”...جيڪو سچ چوي“ ڪتاب جا آخري ٻه باب الڳ ڪري ڇپرايل)

۲. شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي (۱۹۸۸ع. قلمي نالو: لطيف. عوامي تحريڪ ۽ ان سان واسطيدار مختلف تنظيمن جي مختصر ڄاڻ)

۳. ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري (مارچ ۱۹۸۸ع. قلمي نالو: سڄڻ. وطن دوست پارٽيءَ جو سياسي تجزيو)

۴. سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي (مارچ ۱۹۸۸ع. قلمي نالو: سڄڻ)

۵. ڇا ايم ڪيو ايم ـــ پ پ پ ٺاهه سنڌي ماڻهن خلاف خوفناڪ، تباهه ڪندڙ ۽ موتمار سازش ناهي؟ (جنوري ۱۹۸۹ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي. نام نهاد ’ڪراچي ٺاهه‘ جو تجزيو)

۶. پ پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن (۱۹۸۹ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي)

۷. سنڌيو سجاڳ ٿيو: سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن سازشن کان هر گھڙي خبردار رهو (۱۹۸۹ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي)

۸. سنڌي مار سورما (فيبروري ۱۹۹۰ع. قلمي نالو: لطيف ۽ سڄڻ. ضياء دَور ۾ ”جساف“ جي ڪارنامن جو مختصر ذڪر)

۹. سنڌين جا اتحاد (۱۹۹۰ع ۾، ۲۰۰ عدد صفحن تي مشتمل، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن ۴۰ سالن دوران ٺهيل/ڪيل سنڌي سياسي پارٽين جي اتحادن جو جائزو ورتل. اڻ ڇپيل ڪتاب)

۱۰. ايم ڪيو ايم ڪِي دهشتگرد سياست (اردو ۾ لکيل تفصيلي ڪتاب. صفحا لڳ ڀڳ ۶۰۰ عدد. اڻ ڇپيل)

عوامي تحريڪ کان عليحدگي

۱۹۹۰ع ۾ عوامي تحريڪ سازشن جي وَر چڙهي ٽٽڻ لڳي، ته ڪيترائي سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ يا ته پارٽي ڇڏڻ لڳا يا انهن تي مختلف الزام هڻي کين خارج ڪيو وڃڻ لڳو. ٻئي طرف شهيد فاضل راهوءَ جو پٽ محمد اسماعيل راهو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هن ڌار گروپ قائم ڪيو، ته کوڙ ساترا ڪارڪن سندس گروپ ۾ به شامل ٿيا. ڊاڪٽر محبت اهڙي وقت ۾ پنهنجن ويجھن دوستن سميت وڏي ڏک منجھان ان صورتحال کي جاچي رهيو هو. هُن محمد اسماعيل راهو جي ڪارگذارين کي نظر ۾ رکندي هڪ مضمون ”فاضل جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ هجي ها ته...“ پنهنجي محبوب ڪردار شهيد محمد فاضل راهوءَ جي چوٿينءَ ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو ۱۷ جنوري ۱۹۹۱ع تي ”عوامي آواز“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن ۾ ڇپيو ۽ وري عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ڪارگذارين جي پس منظر ۾ هڪ ٻيو مضمون ”سنڌ جو سورهيه شهيد فاضل راهو“ شهيد محمد فاضل راهوءَ جي پنجينءَ ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو ۱۷ جنوري ۱۹۹۲ع تي ”عوامي آواز“، ”الوحيد“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن ۾ ڇپيو، ته اهو مضمون لکڻ ۽ پارٽي اڳواڻ تي تنقيد ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ ”غدار“ سڏي، ڊاڪٽر محبت کي ۱۹۹۲ع ۾ عوامي تحريڪ مان خارج ڪيو ويو. ان ريت، هڪ ڊهندڙ پارٽي کيس چاهيندڙن ۽ وڌائيندڙن مان هڪ اهم شخص کان محروم ٿي وئي.

علمي ڪمن جي شروعات

ڊاڪٽر محبت ان کان پوءِ ٻيءَ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، ان جي بدران هن سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهو ڪم تمام گھڻو، گھڻ طرفو ۽ ڳُوڙهو آهي. سياسي سرگرمين کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي اها هڪ اهم ۽ پائدار پيش رفت هئي، جنهن کيس سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون ۽ پائدار تعارف ڏنو.

هتي سندس تحريري ڪم ۽ سرگرمين تي مٿاڇري نظر وجھون ٿا:

ڪجھ تخليقي سياسي مضمون

۱. سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي

۲. سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيراشاهيءَ جو منفي ڪردار

۳. سويت يونين کان پوءِ دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟

۴. پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي پائدار ڪيئن بنائجي؟

۵. سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست

۶. سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن منهن ڏين؟

۷. رياست جي بُڻ بابت نظريا

۸. سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم

۹. سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت

۱۰. عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ

۱۱. سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ

۱۲. سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو

۽ ٻيا انيڪ مضمونَ، جيڪي ”جاڳو“، ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“، ”سنڌ“، ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا.

ترجمو ڪيل ڪجھه سياسي مضمون

۱. ڪئناڊا ايڪئل رهڻ جي اميد رکي ٿو   (ليکڪ: اظهر علي)

۲. سنڌ مسئلن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟      (ليکڪ: اقبال جعفر)

۳. سويت يونين کان پالهي ڌرتي                      (ليکڪ: مشتاق احمد)

۴. آيت اللھ جو ڀوت                                    (ليکڪ: فريڊ هاليڊي)

۵. ماسڪو ۾ ڊپ ۽ ڀُل                                (ليکڪ: جوناٿن اسٽيل)

۶. پِي اين اي تحريڪ: ابتدا ۽ انتها                  (ليکڪ: منير احمد)

۷. احمد شاهه ابداليءَ جون سنڌ تي ڪاهون           (ليکڪ: عزيزالدين احمد)

۽ ٻيا ڪيترا ئي ترجمو ڪيل سياسي مضمونَ.

ترجمو ڪيل سياسي ۽ فڪري ڪتاب

۱. چين مٿان ڳاڙهو تارو (ليکڪ: ايڊگر سنو. هڪ باب هفتيوار ”سنڌُو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل)

۲. اٽڪ قلعي کان (ڇپيل، مئي ۱۹۹۰ع. ۱۸۱ صفحا. ليکڪ: ميجر آفتاب احمد)

۳. موسى کان مارڪس تائين (ڇپيل، اپريل ۲۰۰۶ع. ليکڪ: سبطِ حسن)

۴. جدلي ماديت جا بنيادي اصول (ڇپيل، اپريل ۲۰۰۸ع. ليکڪ: اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت)

۵. ڇا اسين گڏ رهي سگھون ٿا؟ (ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد. ٻه باب ”جاڳو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل)

۶. سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۽ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن جو ترجمو (اڻڇپيل)

تخليقي مقالا ۽ مضمونَ

۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (۽ ٻيا مضمونَ ’مواد سهيڙيو مهم‘ هيٺ لکيل)

۲. ٻول گھاڙيٽو

۳. سنڌيءَ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي

۴. هر هڪ لفظ هيري کاڻ

۵. ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح سنڌي ٻولي

۶. جامع سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي حوالي سان پهرئين پڙهڻي.

۷. الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ ـــــ ڪجھ اعتراض ۽ انومان

۸. استدلال جو اهو طريقو غلط آهي

۹. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر بابت بنيادي ڄاڻ

۱۰. ماڻهو ۽ ماڻهپو

۱۱. زندگي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي

۱۲. انساني حق ـــــ مختصر تاريخ

۱۳. ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو

۱۴. ماڻهوءَ ۽ سندس آڳيتن (پروسِيڊرس) جي ارتقا (اڻڇپيل)

۱۵. خاڪن جو خاڪو

ترجمو ڪيل تحقيقي مقالا ۽ مضمونَ (مختلف سبجيڪٽن سان واسطيدار)

۱. آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين ــــــ سنڌ جون ٻوليون (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۲. چار هزار ورهيه ق م ــــــ سنڌ جي ٻولي            (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۳. سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار                   (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۴. سنڌ جا شهر ۽ وَسنديون                            (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۵. سنڌ ۾ ماڻهو                                         (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۶. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر                                   (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۷. ٿر ۽ ڪوهستان رڻن جا وڻ ٽڻ                (ليکڪ: مسز فرزانه پنهور)

۸. سنڌ ۾ زرعي ــ آبهوائي علائقن بابت نئين سوچ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۹. پاڪستان ۾ سنڌ جي معاشي ڦرلٽ                (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۱۰. ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ مکيه ٻوليئاڄاڻي وڻڪن جي چونڊ (ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو)

۱۱. ڪميونيڪيشن ميڊيا جو استعمال (اڻڇپيل. ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو)

ان کان سواءِ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيي جي پِي ايڇ ڊِي ٿيسز جي پنجين باب جو ترجمو ڊاڪٽر محبت ڪيو، پر پوءِ ترجمي جو ٺاهه ختم ڪيو ويو.

تخليقي ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب

۱. انقلاب (ليکڪ: جارج آرويل. ناول جو اختصار)

۲. پڙهجي ڪيئن؟ (ترجمو. پبلشر وٽان مسودو گم ٿيل)

۳. شعور (۱۸۰ صفحا. اسڪرپٽ پبلشر وٽان گم ٿيل. پهرئين مسودي تان ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيل)

۴. ٻول جو بُڻ (۲۰۰ صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل)

۵. ٻوليءَ جو بُڻ (۱۹۱ صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل)

۶. ڌرتي منهنجو گھر (۲۰۰ صفحا. ٻه باب ڇپيل)

۷. ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور. ڪجھ باب ڇپيل)

۸. سورس مٽيريل آن سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)

۹. ڪوٽيشنس/اقتباسات (ترجمو. ۲۵۰ صفحا. ڪجھ اقتباس ڇپيل)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي جي مختصر سائنسي معلوماتي ڪتاب ”سائنسي معلومات“ جي تصحيح ڪئي ۽ سندس ٻين ڪيترن ئي مضمونن تي نظرثاني ڪئي.

ادبي ايوارڊ

ڊاڪٽر محبت کي ماهوار ”ڪينجھر“ حيدرآباد پاران مضمون نويسيءَ جو ”ڪينجھر ادبي ايوارڊ“ ۱۹۹۴ع، سندس لکيل تحقيقي مقالي ”جامع سنڌي لغات جو جائزو...“ تي ڏنو ويو. ان نسبت سان جنوري ۱۹۹۵ع ۾ ساڻس سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران ادبي ويهڪ پڻ ڪئي وئي.

قلمي نالا

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن مختلف قلمي توڙي اصلي نالن سان لکيو، تن ۾ هي نالا شامل آهن: محبت، محبت علي، م. ع.، ساجد، ساجد اجيد، سجاد قنبروي، قنبروي، لطيف، سڄڻ، سڄڻ ٻرڙو، مهراڻ مگسي ۽ محبت ٻرڙو.

سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي

سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ويجھڙائي رهي. سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ وقتاً فوقتاً شريڪ ٿيندو ۽ پنهنجون مفيد صلاحون ڏيندو رهيو. هو سنگت قنبر جو ۱۹۹۵ع ۾ باضابطا ميمبر ٿيو ۽ سنگت قنبر پاران هن ”سنڌي ٻوليءَ جا آواز“ موضوع تي ليڪچر ڏنو ۽ ”لطيف جو فڪر“ ليڪچر ۾ عظيم سومري سان ٻانهن ٻيلي رهيو.

وفات

هن عالم، اڻ مُلهه ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، ۹ اپريل ۱۹۹۷ع تي، اربع ڏينهن، منجھند جو ٻي وڳي ڌاري، قنبر جي گوپانگ محلي ۾ واقع پنهنجي گھر ۾ ٿي، جنهن ساڻس واسطيدار هر ماڻهوءَ کي بيحد ڏکوئي وڌو هو.

ڊاڪٽر محبت پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾، سياسي، علمي ۽ ادبي سفر دوران، انيڪ شاگرد ۽ دوست ٺاهيا، جن مان ڪيترائي سنڌ، سنڌين ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ هاڻي به پتوڙي رهيا آهن.

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ سندس ويجھن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي رکيو، جنهن جي منشور ۾ هڪ نُڪتو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل ڪمن کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ شامل آهي. ”اڪيڊمي“ پاران سندس چاليهو ۲۵ مئي ۱۹۹۷ع تي منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس لکيل تعارفي بُڪ ليٽ ڇپرائي وئي. اڪيڊمي هر سال اپريل مهيني ۾ سنڌ سطح تي ڊاڪٽر محبت جي ورسي منعقد ڪري ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبت جو نئون ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرو ڪري/ڪرائي ٿي. اڪيڊميءَ پاران ۲۰۰۲ع کان وٺي، ورسيءَ جي موقعي تي، علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ پڻ ڏنا وڃن ٿا.

وفات کان پوءِ ڇپيل ڪتاب

۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (۱۹۹۸ع. مقالا، مضمون ۽ علمي خط)

۲. ماڻهو ۽ ماڻهپو (۱۹۹۹ع. مقالا ۽ مضمون)

۳. اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (۲۰۰۰ع. مقالا ۽ مضمون)

۴. يادون ۽ سُڪون (۲۰۰۱ع. انٽرويو، ڪهاڻيون، طنز و مزاح ۽ ننڍايل ناول)

۵. ٻوليءَ جو بُڻ (۲۰۰۲ع. تحقيقي ڪتاب)

۶. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت (۲۰۰۳ع. مقالا ۽ مضمون)

۷. شعور (۲۰۰۴ع. مڪمل ڪتاب. ٻيو ڇاپو ۲۰۰۸ع، ٽيون ڇاپو ۲۰۱۴ع))

۸. موسى کان مارڪس تائين (پهريون ڀاڱو، ۲۰۰۵ع. ترجمو. ليکڪ: سبطِ حسن. مڪمل ڪتاب ٻيهر ۲۰۱۱ع ۾ ڇپيو، ترجمي ۾ رياضت ڀاڱي ڀائيوار)

۹. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (۲۰۰۶ع. سياسي مضمونَ)

۱۰. ٻول جو بُڻ (۲۰۰۷ع. تحقيقي ڪتاب)

۱۱. جدلي ماديت جا بنيادي اصول (۲۰۰۸ع. ترجمو. ليکڪ: اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت)

۱۲. ڌرتي: منهنجو گھر (۲۰۰۹ع، سائنسي معلوماتي ڪتاب)

۱۳. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي (۲۰۱۰ع. ترجمو. ليکڪ: ايم.ايڇ. پنهور)

۱۴. ڏاهپ جو جنم (۲۰۱۱ع. ترجمو. رياضت سان گڏ)

۱۵. فلسفو: هڪ مطالعو (۲۰۱۲ع، ٻه ننڍا ڪتاب گڏ)

۱۶. ضميري پڇاڙيون (۲۰۱۳ع، لسانيات)

۱۷. اهنجي ڌرتي (۲۰۱۴ع، ترجمو ڪيل سياسي مضمون)

۱۸. فطرت، سائنس ۽ سماج (۲۰۱۵ع، سائنسي ۽ سماجي مضمون)

۱۹. محبت جا خط (۲۰۱۶ع)

۲۰. محبت جن جي من (۲۰۱۷ع) ۽ ڌرتي منھنجو گهر (ٻيو ڇاپو ۲۰۱۷ع)

۲۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي (۲۰۱۸ع) ۽ شعور (چوٿون ڇاپو ۲۰۱۸ع)

۲۲. يادون ۽ سُڪونُ (ٻيو وڌايل ڇاپو ۲۰۱۹ع)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جو سقراط!

جامي چانڊيو

دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي. ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو ان جي وَٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِ جهان ڇڏي ويا پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف-م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ ۳۷ سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ ۳۵ سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ خود لطيف سائين جي ڄمار ۶۳ سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط ۴۵ سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:

مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيا!

ماڻهو وڏيون ڄمارون ماڻي به ڪَک پن ٿي اُڏامي سگهي ٿو ۽ ماڻهو ڪي ڪارائتا پَلَ حياتي ماڻي، ان کي ڪو ڪارج ڏئي به امر ٿي سگهي ٿو. اسانجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو فرزند ڊاڪٽر محبت به هُوبَهُو ائين ئي هو. مان ۱۹۸۶ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر پاس ڪري پنهنجي شهر قمبر موٽي آيس. اهو زمانو اهڙو هو، جنهن ۾ مون لاءِ زندگيءَ جو معراج فقط ادب هو. ان زماني ۾ به مان تمام گهڻو پڙهندو ۽ لکندو هئس ۽ اهو ئي زمانو هو، جڏهن منهنجي ڊاڪٽر محبت سان علمي، ادبي ۽ فڪري دوستيءَ جي شروعات ٿي. سندس ڪلينڪ قمبر لڳ هڪ ڳوٺ باگو ديرو ۾ هوندي هئي. ڪلينڪ جو مڙئي بهانو ۽ نالو هو، اصل ۾ اُها ڊاڪٽر محبت جي فڪري، علمي ۽ ادبي پورهئي جي جاءِ هئي. دوستيءَ جو اهو تعلق جيئن جيئن اڳتي وڌيو ۽ پڪو ٿيو، تيئن تيئن هن جي سادي پر گهڻ رخي ٻهڳڻي شخصيت جو تاڪيو مون اڳيان کُلندو ويو، مان به سندس ڪلينڪ تي روز وڃڻ ڇا لڳس، ڄڻ ته عادي ٿي ويس. بس پوءِ ڏينهن جو مان هن وٽ ڪلينڪ تي ۽ هو روز شام جو منهنجي اوطاق ۽ لائبريريءَ تي. روز هو مون تي نئين سر آشڪار ٿيڻ لڳو. ڪڏهن هڪ نقاد ۽ پارکي، ڪڏهن سنڌ، عوام ۽ انقلاب جو عاشق، ڪڏهن عالم ۽ اديب، ته ڪڏهن نه رڳو پڙهيل پر ڪڙهيل پختو نظرياتي سياسي ڪارڪن. سندس ڪلينڪ تي مريض گهٽ پر بحث مباحثا ڪرڻ وارا دوست گهڻا ايندا هئا. سندس ڪلينڪ ڇا هئي ڄڻ باگيديري ۾ ننڍڙو اٿينس هو ۽ هو نئين دور جو سقراط، سڄو ڏينهن پيو ليڪچر ڏيندو هو، بحث ڪندو، تنقيدي اک سان سمجهائيندو ۽ نظرياتي پيچيدگين جا مُنجهيل سُٽَ پيو سُلجهائيندو هو. اسٽڊي سرڪل ٿين، ته ڊاڪٽر جا فلسفي تي ڊگها ڊگها ليڪچر- پنج پنج ڪلاڪ هڪ ليڪچر، سگريٽن جا پنج ڇهه پاڪيٽ ۽ ڏهاڪو کن چانهيون ۽ ڊاڪٽر جا نه کُٽندڙ ليڪچر. هونئن ته هو گهڻ رخو ماڻهو هو، پر سندس پسنديده موضوع فلسفو ۽ ان ۾ به مارڪسي فلسفو هئا. هِي عجيب ماڻهو هو، پئسا ڏيندڙ مريضن کي ڏسي بيزار ٿئي ۽ نظرياتي بحث ڪندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ دوستن کي ڏسي ٽِڙي پوي. چانهيون سڀ اوڌر تي ۽ اوڌر لهڻ جو امڪان ئي نه! ڇو ته جنهن رفتار سان چانهيون ۽ سگريٽ پيئي ۽ ٻين کي پياري، ان حساب سان سندس آمدني ڪجهه به نه. ڪلينڪ هلائي ته آمدني به ٿئي! لطيف سائين سُر کاهوڙيءَ ۾ اهڙن بي لوث کاهوڙين جي ڪردار ۽ ڪيفيتن کي هِيئن بيان ڪيو آهي:

تان ونئن ويهي آءُ، اڱڻ کاهوڙين جي

جوش ڏنائون جِيءَ کي، لڪائي لوڪاءُ،

ڏوٿين ڪنهن ڏکاءُ، سُمهي سُک نه ماڻيو!

سوال آهي ته، سنڌ جي هن کاهوڙي ۽ ڏوٿيءَ کي ڪهڙو ”ڏُک“ هو؟ جنهن سبب هن ڪڏهن سُمهي سُک نه ماڻيو؟ ڇا اهو ڪو انفرادي ڏُک هو؟ ڇا هن جو پنڌ پنهنجي ذات لاءِ هو؟ ڇا هن جا خواب سندس سُک لاءِ هئا؟ نه هرگز نه! هو سڄي انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو، هن کي طبقاتي ۽ قومي غلاميءَ ۽ ڦرلٽ کان نفرت هئي، هو سراپا سائنسيت ۽ منطقيت جي مِٽيءَ مان ڳوهيل هو، انڪري هن کي عقيده پرستي، توهم پرستي، انڌن ويساهه ۽ جهالت جي هر صورت کان اٿاهه نفرت هئي. هن کي سائنسيت سان سنڌ جيترو پيار هو ۽ سنڌ کي هر سائنسيت جي رنگ ۾ ڏسڻ ۽ تبديل ڪرڻ چاهيندو هو. هن جا ليڪچر، لکڻيون، ڪچهريون، پنڌ ۽ جُستجو جا محرڪ اهي هئا. پورهيت طبقن سان پيار ڪندڙ، سندن نجات لاءِ ووڙيندڙ سنڌ جو هِي سقراط، پاڻ به وڏو فڪري ۽ علمي پورهيت هو. مون هن کي ڪڏهن به واندو، ٿڪل، غير متحرڪ، سماج ۽ ڏاهپ کان لاتعلق ۽ ورچي ويهڻ وارو نه ڏٺو. سخت غربت ۽ اڻهوند ۾ گذاريندڙ هِي انوکو شخص سدائين سرهو ۽ ڪارائتي تخليقي ۽ تحقيقي ڪرت سان جُنبيل هو. مان سوچيندو هئس ته، محبت جي من ۾ اهو ڇا جو اطمينان آهي؟ ان سرهائيءَ جو راز ڇا آهي؟ اهي اندر ۾ ڪهڙا لِڪل خزانا ۽ اکين ۾ ڪهڙا سپنا اٿس، جو سڄو ڏينهن پيو انهن کي سڏي سرهو ٿئي؟ اها شايد اها سرهائي آهي، جيڪا پنهنجي ذات جي نفي ڪندڙن کي حاصل ٿيندي آهي، جيڪا ڏئي ۽ وڃائي ماڻبي آهي، جيڪا تخليق ڪري ۽ تصورن ۾ اُن آئيندي جو جمال پَسي، پَسبي آهي، جنهن لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه تياڳيندو آهي، پنهنجيءَ ذات لاءِ حاصل ڪرڻ جي تمنا تان ئي هٿ کڻندو آهي ۽ پاڻ کي انسانذات، قوم ۽ پورهيت عوام جي ازلي نجات جي فراق ۾ فنا ڪري زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشيندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڻ وڃائي پنهنجو وجود لهندو آهي ۽ سرهو ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هُوبَهُو ائين هو، هو جسمن جو ته ڊاڪٽر هو پر هو دراصل رُوحن، خيالن، احساسن ۽ سماج جي هِيڻن ۽ مظلوم طبقن جو فڪري ويڄ هو. هو تَنَ سان گڏ مَنَ جو به طبيب هو.

ڊاڪٽر محبت جهڙوُ تيز رفتار پڙهندڙ ۽ گهڻو پڙهندڙ به ورلي ڪو هوندو. ڪتاب هٿ ۾ آيو ناهي، چَٽ. هن جي فڪري اُڃَ ڪا ايڏي گهڻي هئي. هو علم ۽ ڏاهپ لاءِ جنهن جو تاسارو هو جو لائبريريون ۽ علمن جا سمنڊ پي ويو، ته به هن جي تشنگي ۽ تانگهه ۾ ڪمي نه آئي. لکڻ ۾ به تمام گهڻو تيز هو، ڀلا ۴۵ سالن جي ڄمار ۾ سوين اڻ ڳڻيا ليڪچر، علمي ۽ فڪري مضمون، مقالا ۽ ويهن کان مٿي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ڏيندڙ ڪو عام ماڻهو ته ٿي نه ٿو سگهي. فلسفو،  سائنس، سياست، ادب، لغت، اصلاح سازي ۽ آخر ۾ سنڌي ٻولي- اهي سڀ ڊاڪٽر محبت جا موضوع هئا ۽ ڪيئن طئي ڪجي ته هو ڇا جو ماهر هو؟ ۽ هو ته انهن سمورن علمن جو ماهر هو ۽ مٿان وري اهڙو ماڻهو، ڪارڪن به هجي، فقير منش کاهوڙي به هجي، ڇا ته حَسين امتزاج هو، هن سنڌ جي ڏاهي فڪري پورهيت ۾! شايد اهو اُتساهه، ايڏي اٿاهه، سگهه، حوصلو ۽ اَوِرچائي انهن ماڻهن کي ڀاڳَ ۾ ملي ٿي، جيڪي هن مختصر زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشين ٿا ۽ زندگيءَ جا رازَ ڳولي لهن ٿا. مان هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لطيف سائينءَ کان اُڌارا لفظ ٿو وٺان، جنهن چيو هو ته:

ڪُپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنهن پاتو پيرئين،

جيان منجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تيان ئي سيرُ،

اُن ڀونءِ سندو ڀيرُ، ڪوڙن منجهان ڪو لهي.


 

محبت ٻرڙو

مانائتو ماڻهو

منظور ڪوهيار

”شاهه و گدا ڪري ٿو، تنهنجو سلام قمبر“

”رحمت وسي ٿي توتي هر صبوح شام قمبر“

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قمبر شهر جي توصيف ۽ تعريف ۾ چوڏنهن بندن تي مشتمل نظم لکيو هو، جنهن جو پهريون بند مٿي ڏنل آهي.

حقيقت به اها ئي آهي ته جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو نظم لکيو هو. ماڻهو چون ٿا ته ان وقت واقعي قمبر امبر هو. ۽ مون به ننڍپڻ ۾ ان قمبر جي هڪ جھلڪ پسي هئي، ڇو ته منهنجو ڳوٺ بلڪل اولهه ۾ دوست علي واري سڙڪ تي، ۵ ميلن جي فاصلي تي هو، ڳوٺ  جو نالو هو ڪنڍو خان بليدي. سڙڪ سڌي هئي پر جڏهن هڪ دفعو ان تان ڪا جيپ، بس، لاري لنگھي وئي ته ڪلاڪ کن ڌوڙ جو طوفان برپا ڪري ويندي هئي، انهيءَ سڙڪ کي پار ڪندي جڏهن قمبر ناڪو ٽپبو هو ته هيانءُ ٺري پوندو هو. وڏو ۽ ويڪرو پڪين سرن سان ٻڌل رستو نظر ايندو هو، رستي جي ساڄي پاسي وڏيون ويڪريون جايون ۽ سيلر نظر ايندا هيا، کاٻي پاسي ننڍين ڪوٺين واريون جايون نظر اينديون هيون، جن جي دروازن تي مايون هار سينگار ڪيون بيٺيون هونديون هيون ۽ ڪنهن ڪنهن جاءِ مان طبلي جي ٿاپ، هار مونيم جو آواز، ۽ ڇير جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، ان وقت عمر ڇهه، ست سال کن مس هوندي هئي. ان ڪري ڳالهه سمجهه  ۾ نه آئي پر پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾ خبر پئي ته اهو ڪوچه جانان هيو، جتي ’هاج‘ رهندي هئي. جنهن جي باري ۾ سيد حسام الدين راشدي  پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“  ۾ سترنهن صفحا ڪارا ڪيا آهن. تنهن جي هڪ جهلڪ سندس لفظن ۾ پيش ڪجي ٿي؛

”قمبر جو اهو ڪوچه جانان، جنهن ۾  پاڻ رهندي هئي، نه ڇڙو عاشقن لاءِ باغ بهار هيو، بلڪه عاشقن کان ان جي بهار جو ڳالهيون ٻڌي، لاڙڪاڻي جي ديوان گيانچند کي پنهنجو باغ بي حقيقت معلوم ٿيندو هيو ....هاج جڏهن پنهنجو بروج مشهده ڇڏي خوش و خرام ٿي ڪيڏانهن هلندي هئي ته في الحال قمبر وارو ڪوچه شهر، شهرِ خموشان ٿي ويندو هو...... ريل جتي اچي بيٺي، اتي زناني گاڏي اڳيان ڳاهٽ لڳي ويندا هيا، غريب غربو ته ”اڙي هيءَ قمبر واري هاج ويٺي اٿئي.“ چئي اڳتي راهي ٿي ويندو هو، ليڪن وڏيرا ان جڳهه تي پهچي گل محمد بڻجي ويندا هيا، پوءِ ”زمين جنبد گل محمد نه جنبد“بهرحال عين انهيءَ وقت وڏيرن کي خارش اچي کڻندي  هئي، هڪ هٿ مڇن ۾ ٻيو سٿڻ ۾، توبه نعوذ باالله اها بدعادت کين ڏاڍي هوندي هئي.“

ننڍپڻ ۾ منهنجو چاچو غلام صديق، جنهن کي مان بابو مٺو ڪري سڏيندو هيم، سو سڌو ميونسپالٽي جي پاسي ۾ جمعي حجم جي دڪان تي وٺي ايندو هو،

جمعو حجم پڇندو هو ؛ ”رئيس! وار ٺاهيانس يا.......؟“

بابو مٺو وراڻيندو هو: ”بس سمجھي وڃ نه....!“

۽ پوءِ جمعي حجم جي پاڪي ۽ منهنجو مٿو هوندو هو ، منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي.  اتان پنهنجي ماماڻي گھر مکي محلي ۾ فوٽي مهر جي گهر وٺي ويندو هـو، جـنـهـن جـي زال مريـم لـپ تيل جي هڻي ٺـوڙهه چـمـڪـائي بي بالم ڪري ڇڏيندي هئي، فوٽو مهر بابي مٺي کان حالن احوالن دؤران ڏاڏي ڦتل جي باري ۾ پڇندو هو، ته پڦي ڪاٿي آ؟ ته جواب ڏيندو هو ”لاڙڪاڻي!“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چوندو هو! ”هن کي هتي ڇو نه ٿو پڙهائين؟“ سندس مطلب هوندو هو ته پڦيءَ کي هتي ڇو نه ٿو رهائين،

بابو مٺو وراڻيندو هيو ته؛

”هڪ ته هتان جو پاڻي سٺو ناهي، ٻيو اتي پنهنجي جاڳهه(جڳهه) آهي، ٽيون ته لاڙڪاڻي جي پڙهائي سٺي آهي.“

جيتوڻيڪ قمبر جي پڙهائي مشهور هوندي هئي، هتان جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ سندس سرڳواسي ڀاءُ مکي ڪيول رام به پڙهيا ها. ڪامريڊ سوڀو ٻڌائي ٿو ته ۱۹۳۰ع ۾ قمبرشهر جو تعليم ۾ وڏو نانءُ هيو، ۽ خاص ڪري ميونسپل اسڪول انتظامي ۽ تعليمي حساب کان مثالي هيو، انهيءَ اسڪول ۾ ڪوآپريٽو اسڪول هلندو هيو، جنهن کي هلائڻ لاءِ هر شاگرد کان سال ۾ هڪ رپيو ورتو ويندو هيو، ان اسٽور کي هڪ شاگرد، هڪ استاد ۽ هڪ پٽيوالو هلائيندا هيا، جتي اسٽيشنري عام بازاري اگھن کان سستي اگھه ۾ ملندي هئي، ڪامريڊ سوڀو اهو به ٻڌائيندو آهي ته هو انهيءَ اسڪول ۾ چار سال پڙهيو، جتي روچي رام جهڙو قابل هيڊ ماستر هيو، ڪشنچند ۽ نوازش صاحب جهڙا سخت محنتي استاد هيا، جيڪي شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائيندا هيا، بابو مٺو دراصل ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ”B“ ڪلاس جو ٺيڪيدار هيو، ان ڪري کيس هر ٻي ڏينهن تي لاڙڪاڻي اچڻو پوندو هيو، تنهن ڪري مونکي به پرائمري تعليم لاهوري محلي جي پي سي اسڪول ۾ وٺڻي پئي، ۽ سيڪنڊري تعليم، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾.

۱۹۷۸ع ۾ مون جڏهن پهرين ملاقات ۾ اهو پس منظر محبت علي ٻرڙي کي ٻڌايو، جيڪو ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع ۾ قمبر ۾ڄائو هيو، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ۾، سيڪنڊري، ميونسيپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ پڙهيو، ته هو حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو:

”جيڪڏهن تون قمبر ۾ پڙهين ها ته پنهنجي ياري انهيءَ زماني کان هجي ها، پر تون باءِ پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو وئين، اهو ڪم صحيح نه ٿيو، ڇو ته اسان جي زماني ۾ به قمبر جي پڙهائي سٺي هئي. “

اها اسان جي پهرين ملاقات سندر خوبچنداڻي جي توسط سان ٿي، جيڪو ان زماني ۾ عوامي تحريڪ جي سنڌي شاگرد تحريڪ (S.S.T) جو سرگرم ڪارڪن هيو، سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ته سندس ڀاءُ ڪيلاش خوبچنداڻي جيڪو لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هيو، ۽ لاڙڪاڻي جا ڏاند ڏهندو (واپارين جي انشورنس ڪندو) هيو، تنهن جي سلامن ڪلامن تي هو منهنجي روم نمبر ۴۹ انٽرنيشنل هاسٽل ۾اچي رهيو هو، ان سان گڏ پنهنجي پاڙيسري ۽ راند روند واري دوست اشتياق انصاريءَ جو ڀاءُ اخلاق انصاري به اتي آيو هو، منهنجو به ايم اي سوشيالاجي جو فائينل ايئر هو، پهرين سال ته منهنجو به گوشه نشيني وارو سال هو، ٽن بسترن واري ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هيس، جو ٻن بسترن جي الاٽمينٽ پنهنجي هم ڪلاسي دوست جان محمد رند ۽ ان جي ڀاءُ صاحب خان جي نالي تي ڪرائي ڇڏي هيم، پر هنن ٻن نوجوانن جي اچڻ ڪري روم نمبر ۴۹ ۾ رونق اچي وئي، ۽ گهما گهمي وڌي وئي.

پهرين ملاقات سڄي رات هلي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بحث مباحثا ٿيا، جيڪي ان زماني ۾ شاگردن جي مٿي جو سور هيو، جيڪا ڳالهه ڏاڍي نئين ۽ نرالي هئي، اهو هيو سندر خوبچنداڻي جو دلچسپ سوال ته دنيا جي مسئلن تي ڪير وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، يا رسول بخش پليجو؟

محبت جو جواب هيو: ”اها دعويٰ ئي عجيب آهي ته ڪو فلاڻو عقلِ ڪُل آهي.“ سندس چوڻ هو ته هر ماڻهو ۹۸ في صد اڻ ڄاڻ ۽ جاهل آهي، مون کي مخاطب ٿي چيائين:

”اوهان سوشيالاجي پڙهي رهيا آهيو، پر مون کي سوشيالاجي جي نالي ماتر ڄاڻ آهي، ان جو مطلب ته مان ان شعبي ۾ اڻڄاڻ آهيان، آءٌ جي ايناٽامي تي دسترس رکان ٿو ته ان شعبي ۾ اوهان کي گھٽ ڄاڻ هوندي، وري اسان ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن شعبن جي اها ڄاڻ ڪونهي ته اڄوڪي ڏينهن ۾ اسان جي شعبن ۾ ڪهڙا سڌارا ۽ واڌاراآياآهن. ان ڪري اسان کي انساني سماجي  ترقيءَ لاءِ گڏيل سمجھه کي ڪتب آڻڻ گھرجي، هڪ ٻئي کان سکڻ واري فارمولي تي عمل ڪرڻ گهرجي، حقيقتن جو جائزو دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي وٺڻ کپي، ته جيئن ڪا سٺي سماجي تبديلي يا انقلاب آڻي يا برپا ڪري سگھجي.“

اها ڳالهه محبت جي مون کي نئين ۽ اڻ ڌري لڳي، نه ته ان زماني ۾ هر ڪو پنهنجي اڳواڻ کي عقلِ ڪل، قائد عوام، مها ڏاهو ۽ عظيم رهبر ڪري پيش ڪندو هو. محبت جيئن ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد هو، ان ڪري هن ايل ايم سي هاسٽل اچڻ جي دعوت ڏني، مان، سندر خوبچنداڻي ۽ هڪ نوجوان مشتاق شابراڻي سان گڏ سندس روم تي پهتاسي، ته اتي ظفر اڄڻ ۽ فاضل راهو به ويٺا هيا، محبت منهنجو تعارف ڏاڍي سٺي انداز سان ڪرايو، ڄڻ ته مان ڪوئي مشهور ماهرِ عمرانيات هيس ۽ انهن ٻنهي ڄڻن به منهنجي سٺن لفظن سان آجيان ڪئي.

جيئن ته اها نجي ڪچهري هئي، جنهن ۾ ذاتي ڳالهيون، هيڏانهن هوڏانهن جا حال احوال ۽ ان سان گڏ عام سياسي نقطه زيرِ بحث آيا، انهيءَ دؤران محبت ٻرڙي عام مهمان نوازي کان هٽي ڪري سڀن کي ماني کارائي ڇڏي.

مان ان ڏينهن کان محبت جي ”محبت“ جي گهرائي جو اندازو ڪيم، جڏهن ته اڳواٽ ئي هن مون کي  پنهنجو مسڪيني حال ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيو هيو، پر سچ پچ ته محبت دل جو امير هو، ۽ پوءِ مان به محبت کي لاڙڪاڻي ميس ۾ گھرائي ماني کارائيندو هئس، لاڙڪاڻي ميس جو مينيجر بشير شاهاڻي هوندو هو، جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ منهنجو ذاتي دوست هيو، اهو محبت ۽ مون کي ڏسي کلي چوندو هو:

”منظور لڳي ٿو ته تون عوامي تحريڪ جو ايجنٽ آهين ...! تون سنڌ يونيورسٽي مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن وارن جي تڏا ويڙهه ڪرائيندين.“

مان به کلي وراڻيندو هيو مانس: ”انشاءَالله ايئن ئي ٿيندو.“

پر حقيقت اها هئي ته محبت ٻرڙي  مون کي ڪڏهن به ايئن نه چيو يا زور ڀريو ته آءٌ ڪو سندس تنظيم جو ميمبر ٿيان، ڇو ته هن کي خبر هئي ته مان اسپورٽس جي عشق ۾ گرفتار آهيان، ان ڪري جيڪو به واندڪائي وارو وقت ملندو هيو ته حيدر بخش جتوئي پويلين تي وڃي فزيڪل ايڪسرسائيز ڪندو هئس، شاٽ پٽ اڇليندو هئس يا جيولن ٿرو پيو ڪندو هئس پر هن جي اها خواهش هوندي هئي ته منهنجي ساڻس ملاقات هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ٿئي، ۽ ٿيندي هئي، توڻي جو محبت هڪ مخصوص سياسي ڌر سان سلهاڙيل هو، پر هڪ ٻئي کي ڏسندي ڄڻ دل کي دل جي ڪشش ٿيندي هئي، جي ڪچهري ڪبي هئي ته خوب ڪبي هئي، پوءِ اها سياست هجي يا فلاسافي، تاريخ هجي يا آثارِ قديمه، عالمي ادب هجي يا سنڌي ٻولي، ناٽڪ هجي يا رانديون، مان ڪڏهن ڪڏهن ته حيرت کائيندو هئس جڏهن محبت سوشيالاجي جي ڏکين موضوعن ۽ اصطلاحن تي ڳالهائڻ شروع ڪندو هيو، خاص ڪري Criminology ۽ Social psychology تي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ميس تي منجهند جو ماني لاءِ ويٺاسين، ماني ته اڌ ڪلاڪ ۾ پوري ٿي ويندي هئي، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سج لهي ويندو هو ته رات جي ماني به اتي ئي کائيندا هئاسين، ۽ پوءِ وري محبت بلاڪن واري هاسٽل ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبر مشتاق شابراڻي سان وڃي پنهنجي مخصوص سياسي ڪچهري ڪندو هو.

 ۱۹۷۸ع تائين پنهنجون ملاقاتون رهيون، جو پنهنجو هڪ سال آمر ضيا سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن کي ۹ مهينا بند ڪري وڃايو، اهڙي طرح سنڌي شاگردن کي هر حوالي سان پٺتي ڌڪي ڇڏيو، ان دؤران ڳوٺ ڏانهن ايندي ويندي قمبر مان گذر ٿيندو هو ته ملاقات ٿي ويندي هئي، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آرمي جو ڪيپٽن ٿي ويو ۽ مان گذر سفر جي حوالي سان پهرين پرائيويٽ ۽ پوءِ سرڪاري نوڪريءَ جي شڪنجي ۾ اڙيس ته ملڻ جلڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو، ايتري قدر جو مون جڏهن سنڌ جي شهرن ۽ انهن جي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن قمبر تي لکڻ جو سوچيم ته محبت ڏاڍو ياد آيو.

سال ۱۹۹۴ع اپريل جو مهينو هيو، ڪيميرا ۽ نوٽ بڪ کڻي قمبر ۾ هڪ اڌ ماڻهو کان پڇيم ته خبر پئي ته محبت قمبر ۾ آهي ۽ لطيف ڪلينڪ کولي اٿس، پڇائيندي پڇائيندي پندرنهن منٽن ۾ پهچي ويس، ڪلينڪ ۾ اندر گھڙيس ته ڏٺم، محبت ويٺي ڪجهه لکي رهيو هيو، ڏسندي ئي سڃاتائين: ”ڪاٿي آن منظور ڀاءُ؟“

اهو ساڳيو سوال منهنجو به هو، بس پوءِ هر ڪنهن پنهنجي وارتا ٻڌائي، نه ملڻ جي تشنگي جو احساس ڏياريو، باقي هڪ ٻئي سان ڪي شڪايتون ۽ ميارون ته هيون ڪو نه، جو ڏجن ها.

ٿوري دير کان پوءِ جامي چانڊيو، سرمد چانڊيو ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست به اچي نڪتا، انهيءَ جي دؤران محبت وٽ هڪ مريضه آئي، سا به ڪراڙي ۽ نٻل، تنهن کي ڏٺائين ته  ان چيس: ”ابا مان غريب آهيان، مون وٽ پيسا ڪونهن.“ محبت وراڻيو: ”امان ڪائي ڳالهه ڪونهي! بس تون هيءَ دوا وٺي کاءُ، ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ مريضه پرچي وٺي چيو: ”جڏهن پيسا ٿيا ته دوا وٺنديس،“ محبت چيس: ”امان دوا سستي اٿئي ۲۰ روپيه مس لڳندءِ.“

”ابا ۲۰ روپيه به ڪونهن.“ محبت کيسي مان ۲۰ روپيه ڪڍي مريضه کي ڏنا. ”ها امان وٺ.“ ان وقت مون سوچيو: ”هن يار جو جهان ڪيئن هلندو هوندو؟“ خير حال احوال ٿيا، مون اچڻ جو مقصد ٻڌايو ته قمبر تي مضمون لکڻ چاهيان ٿو، انفارميشن کپي. وراڻيائين:”کوڙ انفارميشن، پهريان ماني کائون.“

 ٿوري دير کان پوءِ ماني آئي. ماني کائي قمبر گھمڻ نڪتاسين. مرلي ٽاڪيز جي سامهون  واري روڊ کان شهر طرف اندر گھڙياسين، اڳ ۾ ولايت راءِ جي درٻار گھمي سين. ان کان پوءِ  ان هنڌ اچي پهتا سين، جتي ڪنهن زماني ۾ سڪو تلاءُ هو ، ۽ چيو وڃي ٿو ته ٻيڙيون اتي اچي بيهنديون هيون، اهو تلاءُ جهڙو ڪر قمبر جو ننڍڙو بندر هيو، سرمد چانڊيو اتي بيهي ڪري قمبر جي قدامت بابت ٻڌايو. محبت ٻرڙي وري سڪي تلاءَ جي سامهون اولهائين ڏاکڻي ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو،”هتان اصلوڪو قمبر شروع ٿئي ٿو، جنهن جي لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظم ۾ واضح اشارو آهي،

اعليٰ دماغ ماڻهن لاءِ، خوب هي جڳهه آهي،

آهي ٻڌل دڙي تي، عالي مقام قمبر.

پوءِ اعليٰ دماغ ماڻهن (محبت، جامي ۽ سرمد) عالي مقام قمبر سج لٿي تائين ايئن گھمايو جو منهنجو مضمون ”قصو قمبر علي خان جو“ مڪمل ٿي ويو ۽ ’سنڌ سجاڳ‘ جي آگسٽ ۱۹۹۴ع جي پرچي ۾ڇپيو، جنهن ۾ قمبر جي قدامت کان وٺي موجوده حالت ۽ سندس مسئلن بابت اپٽار ٿيل هئي، اها به خبر پئي ته قمبر واسين خاص ڪري پاڻي نيڪاس ۽ روڊن رستن جي حل لاءِ سٽيزن ڪاميٽي جوڙي هئي، ان حوالي سان هر مهيني هو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر آڏو مسئلا کڻي ويندا هيا ،پر سندس چوڻ هو ته سٽيزن ڪاميٽي جا آواز صدا به صحرا ٿي ويندا هيا، ڇو ته قمبر جي نام نهاد سياسي سردارن/اڳواڻن ڪڏهن به پٺڀرائي نه ڪئي.

پر محبت ٻرڙو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هن قمبر شهر ۾ علم، ادب ۽ شعور جي شمع روشن رکي، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر جا ڪيترائي نوجوان مستفيض ٿيا. منهنجو به جڏهن ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ته محبت سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي، مونکي انهيءَ دؤران خبر پئي ته محبت ٻرڙي کي سنڌي ٻوليءَ تي به وڏي دسترس حاصل آهي، ان حوالي سان سندس مضمون نهايت گھرائي ۽ وسعت رکندڙ هيا، هن وٽ سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان به هڪ وڏي رٿابندي ٿيل هئي، سندس ڳالهين ۾ هر دفعي هڪ انڪشاف ۽ نئين ڳالهه هوندي هئي، هڪ دفعي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ پد وارن لفظن تي ڳالهايو، جيئن مثال ”گھ“ آهي ته اهو طاقت، قوت ۽ تيزيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ۽ پوءِ سنڌي جي نج لفظن ”سگھو“ ۽ ”اگھو“ تي ڳالهائيندو رهيو، ان مان اندازو ٿيندو هيو ته ذهني طور تي هو ڪيڏو نه امير هيو، پر اها به خبر پئي ته ان عرصي دؤران هن جيترو علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سوچيو ، اوترو پنهنجي معاشي حالتن جي بهتري لاءِ نه سوچيو، پوءِ به معاشي ڪسمپرسي جي حالت ۾هن پاڻ کي چومکي جيان جلائي چوڏس روشني ڦهلائي. سندس ان روشنيءَ جو نتيجو آهي جو اڄ به سندس دوست ڀائو درمحمد ٻرڙو، سندس ننڍو ڀاءُ رياضت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس ٻاريل شمع جي جوت مان جوت جلائيندا اچن ٿا.

هن شخص وٽ جيتري خيال آرائي ۽ تحقيقي جستجو هئي، مون سنڌ ۾ ڪنهن به هم عصر وٽ ڪو نه ڏٺي.

۲۵ مارچ ۱۹۹۷ع تي پنهنجي آخري ملاقات لاڙڪاڻي ۾ سعيد ميمڻ جي اسپورٽس واري دوڪان، جناح باغ لڳ ٿي، مان دوڪان تي سعيد ميمڻ سان ڪچهري پئي ڪئي، ڊاڪٽر محبت تي نظر پئجي وئي، زور سان سڏ ڪيو مانس: ”ڊاڪٽر صاحب !“ مون ڏانهن ڏٺائين، وڌي آيو ڀاڪر پاتائين، حالي احوالي ٿياسي، چانهه جي لاءِ چيومانس ته چيائين ”تڪڙو ڪم آهي، سول اسپتال ۾.“ مون چيو؛ ”ڪم لاهي، منهنجي گھر اچ ۽ منهنجي ماني کاءُ!“ وراڻيائين ”هڪڙو قمبر جو مريض آهي، ان جي پارت سفارت کان پوءِ واپس ورڻو آهيان،“ مون چيو ”سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته آءٌ توکي ماني کارائڻ کان سواءِ ڇڏيان.“ پر محبت ٻانهون ٻڌندو رهيو ۽ چوندو رهيو ”ٻي دفعي...!حاضر....!ٻي دفعي....!“

ان ڏينهن منهنجي دل نه پئي چاهيو ته محبت کي ايئن ڇڏيان، ڏاڍا ايلاز ڪيا مانس پر الائي ڪهڙي تڪڙ هئس، جو چانهه به نه پيتائين.

۽ پوءِ ۸ اپريل ۱۹۹۷ع تي اوچتو سندس دل بيهجڻ جي خبر پئي ته هڪ وڏي ۽ آخري ملاقات جي حسرت رهجي وئي.

هي قمبر شهر جو ڪڻهار ۽ ڪُندار جڏهن پنهنجي علمي قد ۽ بت سان اڃان اسريو مس ته ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن نسريل ڳني جيان ٽڙڪي پيو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ارمان آهي.

 

**


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪم ۽ شخصيت تي نظر

خادم رند

سنڌ جي کاھوڙي ڪردار ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع تي قمبر شھر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ۹ اپريل ۱۹۹۷ع تي پنهنجي ڪارائتي ۽ مثالي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري قمبر جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سموري حياتيءَ جو عرصو رڳو ۴۵ سالن تي مشتمل ھو جيڪو ڏٺو وڃي ته تمام ٿورڙو عرصو آھي. پر سنڌ جي ھن بي مثال ۽ اڻٿڪ ڪردار ان مختصر ڄمار ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي حوالن سان جيڪو شاندار ڪم ڪيو، تنهن کيس سموري سنڌ ۾ وڏي مڃتا ۽ مان ڏياريو.

ڊاڪٽر محبت سان منهنجي پهرين مکا ميل ۱۹۸۹ع دوران لطيف ڪلينڪ قمبر تي سندس ننڍي ڀاءُ ۽ رياضت ٻرڙي ۽ ستار ھڪڙي معرفت ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان ڪجھ دوستن گڏجي ”موھن جو دڙو سائنس ڪلب“ جو بنياد وڌو ھو. ڊاڪٽر محبت جيئن ته سائنسي ۽ جديد سوچ رکندڙ ماڻهو ھو تنهنڪري اھڙين مڙني تنظيمن سان ھر قسم جو سهڪار ڪندو ھو جن جو مقصد سماج ۾ سائنسي سوچ جو ڦھلاءُ ھجي. موھن جو دڙو سائنس ڪلب جو به جيئن ته ساڳيو ئي مقصد ھو تنهنڪري ڊاڪٽر محبت اسان سان ھر حوالي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.

مون ڊاڪٽر محبت کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو ته مون ترت محسوس ڪري ورتو ته سندس طبيعت ۽ رويو ٻين روايتي قسم جي ڊاڪٽرن جهڙو نه پر انتهائي سادگي ۽ پنهنجائپ وارو آھي. انهيءَ پهرين ملاقات کانپوءِ ڊاڪٽر محبت سان ميل جول وارو سلسلو سندس جيءُ جهوريندڙ وڇوڙي تائين لڳاتار جاري رھيو. لطيف ڪلينڪ جو نقشو ڪجھ ھن نموني جو ھو ته ڊاڪٽر محبت جي ڪرسي آڏو پيل وڏي ٽيبل گهڻي ڀاڱي مختلف موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل ھوندي ھئي. ڪلينڪ جي کاٻي پاسي ڪاٺ جي ھڪ بينچ رکيل ھوندي ھئي جنهن تي چانھ ٺاھڻ جو سامان ۽ چلهو رکيل ھيا. ان جي ڀرسان ۽ سامهون واري پاسي دوستن ۽ مريضن جي ويهڻ لاءِ ڪجھ ڪاٺ جون بينچون رکيل ھيون. ڪلينڪ تي عام رواج جي ابتڙ ڪو به ڪمپائونڊر وغيره رکيل نه ھو. انجيڪشن يا ڊرپ لڳائڻ ۽ مڪسچر ٺاھڻ کان ويندي چانھ تيار ڪرڻ وارا سڀ ڪم ڊاڪٽر محبت پاڻ ئي ڪندو ھو. جڏهن ڪنهن مريض يا مريضا کي تپاسڻ لاءِ اٿندو ھو ته ويٺل دوستن مان ڪنهن کي چلھي مٿان رکيل چانھ تي نظر رکڻ لاءِ چوندو ھو. جيڪڏھن ڪنهن سبب ڪلينڪ تي چانھ نه ٺھندي ھئي ته ٻاهران هوٽل تائين گهرائبي ھئي پر چانھ جا دؤر ٿوري ٿوري وقفي سان جاري رھندا ھيا. لطيف ڪلينڪ تي لڳ ڀڳ سڄو ڏينهن سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي موضوعن تي ڪچهريون ۽ بحث مباحثا جاري رھندا ھيا. اھڙين ڪچهرين ۽ بحثن ۾ سائين عظيم سومرو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، صحبت ٻرڙو، الطاف رند، ڊاڪٽر بخت جمال، سرمد چانڊيو، نثار ٻرڙو، قربان رند، علي انور گوپانگ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، علي آڪاش، ستار ھڪڙو، امتياز تنيو، رياضت ٻرڙو، خادم رند ۽ ٻيا ڪيترا ئي حصو وٺندا ھيا. قمبر ۽ ان جي آسپاس جي سياسي، سماجي ۽ علمي فردن کانسواءِ سنڌ جون ڪيترين ئي نامور شخصيتن جو پڻ ڪڏھن ڪڏهن لطيف ڪلينڪ تي اچڻ ٿيندو ھو. اھڙين شخصيتن ۾ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، حسين بخش ناريجو، غفار قاضي، خادم ٽالپر، آڪاش انصاري، حمزو ھاري، حريف چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل آھن. ڪلينڪ ۾ ھر وقت ڪچهري ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثا جاري رھڻ ڪري لطيف ڪلينڪ تي ھڪ ڪلينڪ وارو ماحول پيدا نه ٿي سگهيو، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو ته ڪلينڪ اڪثر ڪري مريضن کان خالي رھڻ لڳي.

ڊاڪٽر محبت هونئن ته ھڪ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ھو پر منهنجي خيال ۾ ھن سياسي ۽ علمي حوالي سان گهڻو اھم ۽ بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آھي. نظرياتي طور ڊاڪٽر محبت سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو ھو ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقتي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ به مٿين نظرين کي ضروري سمجهندو ھو. ھو پنهنجي نظرياتي پرچار ۾ ڪنهن رک رکاءُ ۽ ڪنهن کان لھرائن جو قائل نه ھو. پنهنجي اھڙي رويي سبب ئي ھو فوج ۾ ھلي نه سگهيو ۽ ڪيپٽن ڊاڪٽر جهڙي نوڪري ڇڏي پنهنجي شھر قمبر آيو ۽ باگيديري محلي ۾ لطيف ڪلينڪ کولي ويھي رهيو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي عملي سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي. ھن سنڌي شاگرد تحريڪ ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو جنهنڪري کيس تحريڪ جو پهريون صدر چونديو ويو.

ڊاڪٽر محبت جو جيئن ته سياست سميت مختلف سائنسي علمن جو گهرائي سان مطالعو ٿيل ھو تنهنڪري ھو جيستائين عوامي تحريڪ ۾ شامل ھو تيستائين پارٽي جي علمي مورچي جو سرواڻ رھيو. پارٽي پروگرام ۽ سوشلسٽ نظريي جي پرچار ۽ ڦهلاءَ لاءِ ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي اڻ ڳڻيا ليڪچر ڏنا. ان کانسواءِ لکڻ جي ميدان ۾ به ھن پاڻ ملھائيندي ڪيترا ئي پمفليٽ، مضمون، آرٽيڪل، ڪالم، چوپڙيون ۽ ڪتاب لکيا. ۱۹۸۸ع ۾ ڊاڪٽر محبت سياسي تنقيد تي ٻڌل ڪتاب ”جيڪو سچ چوي“ سڄڻ ۽ لطيف جي نالي سان لکيو. ھن ڪتاب سنڌ جي سياسي ۽ تنقيدي حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. اھڙي ڀرپور ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران ڊاڪٽر محبت کي ”علمي محاذ جو سپھ سالار“ قرار ڏنو ويو. واضع رھي ته انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر پنهنجي اصلي نالي جي جاءِ تي ساجد، سجاد قمبروي، م. ع، لطيف، سڄڻ، مھراڻ مگسي وغيره جهڙن فرضي نالن سان لکندو ھو. جيڪو سچ چوي کانسواءِ ڊاڪٽر محبت ھٿ وڌايو، سنڌ بچايو، شھيد فاضل راھو ۽ سندس پارٽي، ڄاڻي سڃاڻي ويھان ڪيئن ماٺ ڪري، سنڌي عوام جو سياسي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌيو سجاڳ ٿيو، سنڌ دشمن سازشن کان ھر گهڙي خبردار رھو ۽ سنڌي مار سورما جهڙا ڪارائتا ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن جي سياسي شعور ۾ واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون.

اڳتي ھلي ڪن تنظيمي ضابطن جي ڀڃڪڙي وارن معاملن تي پارٽي سربراھ سان اختلافن سبب ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ کان پاسيرو ٿي ويو. جيتوڻيڪ پارٽيءَ سان جذباتي وابستگي ڪري ڊاڪٽر محبت کي پارٽي ڇڏڻ تي سخت صدمو رسيو پر لڳي ٿو وٽس ان حوالي سان ڪي مضبوط سبب ھيا. ڊاڪٽر محبت ڪهڙين به حالتن ۾ ماٺ ڪري ويهڻ وارن مان نه ھو انڪري ھن پنهنجون سموريون صلاحيتون علمي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون. خاص طور سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر سندس من پسند موضوع بڻيا، جن تي ھن تمام سٺي کوجنا ڪئي. ڊاڪٽر محبت ڏينهن رات تحقيقي ڪم سان لاڳاپيل رھي ڪيترا ئي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا پر انتهائي محدود مالي وسيلن ڪري پنهنجو ڪو به ڪتاب نه ڇپائي سگهيو. باقي سندس مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي مخزنن جي زينب بڻبا رھيا.

۱۹۹۷ع ۾ دل جي دوري سبب ڊاڪٽر محبت اسان کان جلد موڪلائي ويو. اھڙي ڏکوئيندڙ حادثي کي ڪنهن قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڪجھ دوستن ۽ شاگردن پاڻ ۾ گڏجي قمبر ۾ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جو بنياد وڌو. پنهنجي طئي ڪيل مقصدن موجب ھي اڪيڊمي ڊاڪٽر محبت جي فڪري ۽ تحقيقي ڪم کي ڇپائڻ، ڦهلائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۷ع کان پاڻ پتوڙيندي رھي آھي. پنهنجي قيام جي شروع ۾ ئي اڪيڊميءَ جي ساٿين رٿي ڇڏيو ھو ته ڊاڪٽر محبت جي ھر ورسيءَ تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل يا ترجمو ڪيل ھڪ ڪتاب ضرور ڇپايو ويندو. جيئن ته مان پاڻ به ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو منڍ کان حصو رھندو ٿو اچان انڪري اھا ڳالھ ڪندي سرھائي محسوس ٿي رھي آھي ته اڪيڊمي پنهنجي واعدي کي عمل ھيٺ آڻڻ ۾ هينئر تائين ڪامياب رھي آھي.

ھر سال ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت جي ڇپايل ڪتابن جي فھرستَ ھيٺ ڏجي ٿي.

۱۹۹۸ع ـ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا. (مواد سھيڙيو مھم)

۱۹۹۹ع ـ ماڻهو ۽ ماڻهپو.

۲۰۰۰ع ـ اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون.

۲۰۰۱ع ـ يادون ۽ سڪون.

۲۰۰۲ع ـ ٻوليءَ جو بُڻ.

۲۰۰۳ع ـ سنڌي ٻولي، لفظ، لغت ۽ لکيت.

۲۰۰۴ع ـ شعور. (فلسفو)

۲۰۰۵ع ـ موسيٰ کان مارڪس تائين. (ترجمو)

۲۰۰۶ع ـ سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي ٻولي. (مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آرٽيڪل)

۲۰۰۷ع ـ ٻول جو بْڻ.

۲۰۰۸ع ـ جدلي ماديت جا بنيادي اصول.

۲۰۰۹ع ـ ڌرتي منهنجو گهر.

۲۰۱۰ع ـ آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي. (ترجمو)

۲۰۱۱ع ـ ڏاھپ جو جنم.

۲۰۱۲ع ـ فلسفو: ھڪ مطالعو.

۲۰۱۳ع ـ ضميري پڇاڙيون.

۲۰۱۴ع ـ اھنجي ڌرتي.

۲۰۱۵ع ـ فطرت، سائنس ۽ سماج.

۲۰۱۶ع ـ محبت جا خط. (ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا مختلف ماڻهن ڏانهن لکيل خط)

۲۰۱۷ع ـ محبت جن جي من. (ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل مضمون ۽ مقالا)

۲۰۱۸ع ـ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي. (ٽي گڏيل ڪري ڇپرايل ڪتاب)

۲۰۱۹ع ـ يادون ۽ سُڪون. (وڌايل ڇاپو)

مٿين ڪتابن کانسواءِ به ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل ۽ ترجمو ڪيل مواد اڃان قلمي صورت ۾ موجود آھي، جيڪو اميد ته ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن تائين ضرور پهچائيندي.

(آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ۲۲ ھين ورسي تقريب ۾ پيش ڪيل)

(ڏيھاڙي پنهنجي اخبار“ ۾ ۰۵-۱۱-۱۹ تي ڇپيل.)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جديد شعوري سماج جو اڏڻھار

عيسيٰ ميمڻ

ايرڪ فرام بلڪل سچ ئي لکيو آهي ته، ”ماڻهوءَ جو بنياد ي ڪم پنھنجو پاڻ کي جنمڻ آهي.“

ماڻهوءَ جو جنم هن ڌرتيءَ تي بنا نالي ٿئي ٿو، سماج هن کي نالو ڏئي ٿو پر ماڻهو سڃاڻپ پنھنجي ڪردار، عمل ۽ علم ذريعي ٺاهي ٿو. اربين انسانن جي وچ ۾ پنھنجو الڳ وجو د تسليم ڪرائڻ خود انسان جو پاڻ کي جنمڻ ئي آهي. هي اهو جنم آهي جيڪو انسان تمام وڏي پورهئي ۽ ڪردار کان پوءِ ٺاهي ٿو. سڄي انسانذات جي تاريخ ۾ اهڙن ڪردارن جو جنم تمام ٿوري مقدار ۾ ٿئي ٿو. هن سماج جي ارتقا، ترقي ۽ واڌ ويجهه اهڙن ڪردارن جي طفيل ئي ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو جنم تاريخ جي اهڙن فردن جي صف ۾ ٿئي ٿو جن پنھنجي وجود ذريعي هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو. هن جڏهن شعور جو سفر شروع ڪيو هو تڏهن هن پنھنجا پيچرا ۽ گَس ٺاهي هلڻ کي اوليت پئي ڏني، پر هن محسوس ڪيو ته سماج جي تبديليءَ ۾ اجتماعي عمل ۽ ڪردار جي ضرورت آهي. ان سوچ جي لاڙي هن کي سياست جي بي رحمين جي ور چاڙهي ڇڏيو. هن ننڍي هوندي کان ئي پنھنجي ذهانت، خوش مزاج طبيعت ۽ علم ڏانھن جنون جي حد تائين محبت سبب الڳ حيثيت مڃائي ورتي هئي. سنڌ جي سياست ۾ جن ماڻهن جي ڏاهپ تعمير بجاءِ تخريب جو سبب بڻي، انهن ماڻهن وٽ لفاظيءَ ۽ يوٽوپيائي خيالن کان سواءِ ڪجهه به نه هو. انھن هن جي ڏاهپ کي پنھنجي وهڪري ۾ لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو ضمير سدائين سجاڳ رهيو. هن جڏهن محسوس ڪيو ته سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، تڏهن هن بغاوت جو علمُ بلند ڪيو. وقت جي وڏي بت سان ٽڪر کاڌو ۽ سچ خاطر پنھنجي قلم کان ترار جو ڪم ورتو هو. هن انهن بي رحمين جي وَر چڙهي وڃڻ کان پوءِ به پاڻ کي اٽل ۽ اڏول رکيو. هن پنھنجي ڏاهپ ۽ علم کي سنڌ جي تعمير لاءِ وقف ڪرڻ شروع ڪيو هو.

هن جي علمي ۽ ادبي معراج جو دور ۱۹۹۰ع کان ۱۹۷۷ع تائين جو آهي جنھن ۾ هن فسلفي، سياست، لسانيات تي خاص ڪري تمام وڏو تاريخي ڪم ڪيو. سنڌ ۾ فلسفي جو ڏُڪرُ اڄ تائين پسي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ مارڪسي فلاسافيءَ جا دعويدار ته گهڻا آهن پر مارڪسزم کي سائنسي انداز ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ وارا ماڻهو وَرلي ملندا. هن مارڪسزم کي نه صرف چڱيءَ طرح سمجهيو هو پر ان کي سمجهائڻ لاءِ تحريري ۽ تقريري طور تي لازوال ڪم ڪيو. اڄ سنڌ جو نئون نسل جڏهن مارڪسزم جي فلاسافيءَ جي نئين زاويي کي ڏسڻ شروع ڪيو آهي تڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو تخليقي پورهيو رهنمائي ڪري سندن لاءِ رستو آسان بڻائي ٿو. هن سنڌ ۾ خصوصاً مارڪسزم کي ڊرائنگ رومن کان ٻاهر ڪڍي وسيع ترين عوام جي ميراث بڻائڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. هُن علم جي هِن پنڌ ۾ تقليدي ڪم ڪرڻ بجاءِ تخليقي ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو اڄ به روشن سج جيان چٽو آهي.

هن جو ٻيو وڏو ڪم لسانيات تي آهي، ٻولي جيئن ته انساني رابطي جو آسان ۽ حساس ذريعو آهي. ان ڪري ٻوليءَ جي ڏس ۾ هن گهڻن رخن کان ڪم ڪيو آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد کان وٺي جديد دؤر تائين ٻوليءَ جي بيھڪ، اهميت ۽ مستقبل بابت هن جو ڪم انتھائي مانائتو رهيو آهي. هن لسانيات جي جن رُخن تي بحث ڪيو آهي. اهو ڪم پڻ سنڌ ۾ الڳ ۽ منفرد جاءِ والاري ٿو.

هن سماج جي طبقاتي بيھڪ، وڏيرن ۽ جاگيردارن جو سماج ۾ هڪ رت پياڪ ڄؤرَ جيان وجود کي محسوس ڪندي، هن طبقاتي نظام خلاف پنھنجي جدوجھد ڪئي. هن جي خوابن ۽ آدرشن جو سماج آزاد ۽ استحصال کان پاڪ سماج هو. هو انسان کي دکي ڏسي نه پئي سگهيو. هن کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته بک ڇا ٿيندي آهي، بک جي تڪليف ڇا ٿيندي آهي. هن ان بک خلاف وڙهڻ پئي چاهيو. هن اميريءَ ۽ غريبيءَ کان مٿانهون ۽ سماج اڏڻ پئي چاهيو. يقيناً اهو سماج غير طبقاتي سماج هو. هي سماج سڀني انسانن کي برابريءَ جي بنياد تي سمورا انساني حق ڏيڻ جو پابند سماج هو ۽ آهي، جنھن جي اڏاوت لاءِ هن پنھنجي زندگيءَ جون سموريون بھارون صرف ڪري ڇڏيون هيون.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي زندگيءَ ۾ عملي سياست کان وٺي فڪري سياست ۾ سڀ رنگ ۽ لاها چاڙها اکين سان ڏٺا هئا. هن سنڌ جي نئين سر اڏاوت لاءِ جيڪو نور نچويو آهي؛ سنڌ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. يقيني طور تي جڏهن سنڌ جو نئون نسل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هن فڪري ۽ عملي پورهئي سان سنڌ جي نئين سر اڏاوت جا بنياد رکندو تڏهن يقيناً ڊاڪٽر محبت جو اهو جنم تاريخ جو نئون جنم هوندو.

اڄ جڏهن ڊاڪٽر محبت اسان سان جسماني طور تي گڏ نه آهي، پوءِ به هو فڪري طور تي اسان جي رهنائي ڪري رهيو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ جي ان فڪري قافلي جي سرواڻن ۾ صف اول ۾ بيٺل آهي جن وٽ جديد سماج اڏڻ جا جديد شعور وارو خواب ۽ آدرش رهيا آهن.


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

محقق، مترجم، نقاد، اديب، سياستدان ۽ ماهرِ لسانيات - ۹ اپريل ورسيءَ جي مناسبت سان.

صدام جوکيو

ڪجهه ماڻهو تمام ٿوريءَ عمر ۾ ڪيترن ئي مختلف پاسن جي ڄاڻ حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ وري اُن گهڻ رخي ڄاڻ تي دسترس حاصل ڪري پوءِ تمام اهم، معياري ۽ منفرد ڄاڻ ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ ٻين وسيلن ذريعي پيش ڪندا آهن. مان ڪجهه گهڻَ پاسائين شخصيتن کي پڙهي حيرت ۾ پئجي ويندو آهيان ته هو ڪيئن ايترن پاسن تي جهجهو مطالعو ۽ جهجهو قلم کڻي سگهندا آهن! هڪ ئي حياتيءَ ۾ تحقيق، تاريخ، سياست، صحافت، سماجيات، ٻولي، سائنس، لسانيت، ادب، تنقيد، ترجمو، تعليم، تدريس ۽ دنيا جي علومن جي جامع ڄاڻ رکڻ وارا انسان سچ ته ديومالائي ڪردار ۽ عظيم عالم تسليم ڪري سگهجن ٿا، اهڙين تاريخ ساز شخصيتن ۽ گهڻ پاسائين شخصيتن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو به شمار ٿئي ٿو، پر هڪ انتهائي وڏي افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته سندس زندگي ٽوٽل ۴۵ سالن تائين جي هئي. هي سنڌ جو سونهو، بي بدل، گهڻ ڄاڻو شخص قلم، علم، عمل ۽ ادب جو مجسمو، وسيع مطالعي، وسيع فڪر ۽ وسيع مشرب وارو نوجوان سياستدان، امر ۽ جاودان حيثيت رکندڙ سنڌ جو لاثاني ۽ غير فاني سرڳواسي سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي هميشه جي لاءِ وڇوڙو ڏئي ۴۵ سالن جي عمر گذاري وڃي آنجهاني ٿيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جنهن جي نالي ۾ ئي محبت جو سمنڊ سمايل آهي، اُهو سنڌ لاءِ باعث فخر هو، جيڪڏهن کيس الله تعاليٰ اڃان ڪجهه سال جي زندگي بخشي هان ته هيستائين سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهوليءَ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ تحريري المياس موتين جو اضافو ٿئي هان!!. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پهرين اک کولي. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) ۱۹۷۱ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. ان بعد ايم. بي. بي. ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل. ايم. سي) ڄامشوري مان ۱۹۷۹ع ۾ پاس ڪئي. ملازمت جي سلسلي ۾ هن آرميءَ ۾ ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان شروعات ڪئي ۽ گلگت، اسڪردو ۽ ڪوئٽا ۾ رهيو، پر پنهنجي آزاد طبيعت سبب آرميءَ جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ميلون جونس بلڊ بئنڪ ڪراچي ۽ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ خانگي طرح سان ملازمت ڪرڻ لڳو پر جلد ئي اُتان به نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ ۸۴-۱۹۸۳ع واري عرصي ۾ اباڻي شهر قنبر ۾ اچي جنرل ميڊيڪل ڊاڪٽر طور ”لطيف ڪلينڪ“ هلايائين. پاڻ اُتي باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي وغيره جي ڪيترن ئي مريضن جو علاج ڪندا هئا. گهڻن ئي حوالن ۾ لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محبت صاحب ايل ايم سي ۾ پڙهڻ دوران مختصر ڪهاڻيون، مضمون، طنز مزاح سان لاڳاپيل تحريرون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي اُن وقت ”شاگرد“ پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپبيون هيون. هو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري (’سنڌي ڊائجسٽ‘) جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. سال ۱۹۷۷ع ڌاري ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر، ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب ۽ ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان سهڪاري رهيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۷۶-۱۹۷۴ع دوران ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي. سال ۱۹۷۷ع ۾ سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر به رهيو. پاڻ ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني، ميمبر ۽ ۹۴-۱۹۹۳ع دوران سيڪريٽري رهيو. سال ۱۹۸۹ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان ۱۹۹۷ع ۾ وفات تائين، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ سان لاڳاپيل رهيو، سال ۱۹۹۴ع ۾ ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد“ سان لاڳاپيل رهيو. ادبي سنگت قنبر جو ۱۹۹۵ع ۾ ميمبر رهيو. سندس سياست ۾ اچڻ جي شروعات سال ۱۹۷۶ع ۾ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ جو يونٽ کولڻ ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو پاڻ ۱۹۷۸ع تائين باني سيڪريٽري رهيو ۽ ۷۹-۱۹۷۸ع دوران سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ڊاڪٽر محبت جي سياسي خدمتن جي حوالي سان رياضت ٻرڙو صاحب لکي ٿو ته هن ”سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي قنبر واري گهر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل ”مرڪزي تعليمي ڪاميٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن ۵۰ کان وڌيڪ موضوعن تي، ۵۰۰ کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو“. مٿئين حوالي مان واضح ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر محبت صاحب هڪ بهادر، جرئتمند ۽ جفاڪش سياستدان ۽ سماج سڌارڪ هو ۽ سندس مطالعي جو دائرو پوري دنيا جي انقلابي، ادبي ۽ سياسي سخصيتن تائين جو هو. نظرياتي طور ڊاڪٽر محبت سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو ھو،. ۱۹۸۸ع ۾ هن سياسي تنقيد تي ٻڌل ڪتاب ”جيڪو سچ چوي“ سڄڻ ۽ لطيف جي نالي سان لکيو هو، جنهن سياسي حلقن تي وڏو اثر ڇڏيو کيس اُن ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران “علمي محاذ جو سپهه سالار” قرار ڏنو ويو هو. پاڻ صحافت ۾ به ڪيتريون ئي خدمتون سراناجم ڏنائين، سال ۱۹۹۲ع ۾ روزاني ”جاڳو اخبار“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو. سال ۱۹۷۸ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گهر“ نالي پبلشنگ ادارو قنبر ۾ قائم ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نگران به رهيو. هن پنهنجا ڪتاب مختلف نالن سان لکيا، جن ۾ ڪٿي محبت ٻرڙو، ته ڪٿي سڄڻ لطيف، مهراڻ مگسي، ساجد، سجاد قنبروي وغيره شامل آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه هن پنهنجي هوندي پاڻ ڇپرايا هئا ۽ ٻيا سندس وفات کان پوءِ ڇپايا ويا آهن. سندس انهن املهه ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ (۱۹۹۸ع)، شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي، (۱۹۸۸ع)، ڄاڻي سڃاڻي، ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، (۱۹۸۸ع)، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، (۱۹۸۹ع)، پ پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن، (۱۹۸۹ع)، سنڌيو سجاڳ ٿيو، (۱۹۸۹ع)، سنڌي مار سورما، (۱۹۹۰ع)، سنڌين جا اتحاد، (۱۹۰۲ع)، ايم ڪيو ايم ڪي دهشتگرد سياست، چين مٿان ڳاڙهو تارو، اٽڪ قلعي کان (۱۹۹۰ع) موسيٰ کان مارڪس تائين، (۲۰۰۶ع)، جدلي ماديت جا بنيادي اصول(۲۰۰۸ع)، ٻوليءَ جو بڻ (۲۰۰۷ع)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (۱۹۹۸ع)، ماڻهو ۽ ماڻهپو(۱۹۹۹ع)، شعور (۲۰۰۴ع)، ڌرتي منهنجو گهر (۲۰۰۹ع)، سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (۲۰۰۶ع) وغيره شامل آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لحاظ کان تخليقي ادب کان سواءِ هن تحقيق ۽ تنقيد تي به خوب لکيو، سندس اهڙين قيمتي تحريرن جا موضوع سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، سنڌي ٻولي جو گرامر، جامع سنڌي لغات تي تنقيدي روشني، ضميري پڇاڙيون وغيره رهيا جن تي هن ڪيترائي سائنسي نوعيت جا تحقيقي مقالا مضمون لکيا جيڪي مختلف ادبي رسالن ۽ تحقيقي جرلن ۾ شايع ٿيندا رهيا، ان کان علاوه به سندسن ڪيترائي پمفليٽ، آرٽيڪل، ڪالم، چوپڙيون لکيل آهن. سنڌ جي سپوت ۽ سڄاڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۹ اپريل ۱۹۹۷ع تي دل جي دَوري سبب قنبر ۾ وفات ڪئي، سندس وفات کان پوءِ سندس دوستن ۽ شاگردن هن جي ياد ۾ ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ جو نالو تبديل ڪري ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو ويو، ھيءَ اڪيڊمي ڊاڪٽر محبت جي فڪري ۽ تحقيقي ڪم کي ڇپائڻ، ڦهلائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۷ع کان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت هيستائين ڊاڪٽر محبت جا ۲۰ کان ۲۲ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، اڪيڊميءَ پاران ۲۰۰۲ع کان وٺي، ورسيءَ جي موقعي تي، علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ پڻ ڏنا وڃن ٿا.

 

(عوامي ڪوشش اخبار ۾ تاريخ ۹ اپريل ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جنم ڏهاڙي جي حوالي سان

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

ڪي ڪي شخص هن ڌرتيءَ تي ائين ايندا آهن، جو ايترو ته ڪم ڪري ويندا آهن جو سندن نالو پيو هن جڳ ۾ ڳائبو آهي. انهن مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هڪ آهي. ياد ٿو پوي ته ۱۹۷۲ع ۾ هو مون سان مليو، انتهائي نهٺائپ، سلجهيل. پوء سندس روم ميٽ ڊاڪٽر جاويد شيخ به منهنجو سڃاتل نڪري پيو.

مان اسلامي جمعيت طلبه سان سلهاڙيل، جاويد نيڪ نمازي ۽ پاڙهو. اسان ۾ قدر مشترڪه ادبي ڪتابن سان چاه. ٽئي گولڊ ليف سگريٽ جا دشمن. هاسٽل کان ڦاٽڪ تائين رولاڪيون، بحث، مباحثا(ان زماني ۾ محبت گهڻو ڪري مذهبي بحث اهل شيعت تي گامزن هو).

انهي زماني ۾ مان سنڌي ۾ “شاگرد “رسالو ايڊٽ ڪندو  هوس، ان ۾ هو ڪڏهن سجاد قمبروي جي نالي سان ڪڏهن ڪنهن ٻئي  قلمي نالي سان طنزومزاح لکندو هو. سندس سياسي سوچ لبرل هئي.

ڪڏهن ڪڏهن رولاڪيون به گڏ،  هڪ دفعو ڪراچي، ٻه دفعا کڏيجي آبشار..

ٻه ڀيرا ته ڄاڻي ٻجھي حيدرآباد مان ٻنهي مونکي پنڌ ڄام شوري گهليو، رات جو ڏهين بجي جا نڪتل اڍائي بجي ڄامشوري ڦاٽڪ تي پهتاسين. مان پنڌ جو ڀاڙي محبت ۽ جاويد برجستا.

محبت جي ڪمري تي مهمان جام ايندا هئا. انهن سان ڪچهريون، ان وقت ئي محبت ڪافي ڪتاب ڪٺا ڪيا هئا. سنڌي تي سندس دسترس ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. سندس دوستن جو حلقو وسيع ٿيندو ويو. پر رات جو هڪ ڪلاڪ ۹۱ ابن سينا هاسٽل (جنهن ۾ مان رهندو هوس) ضرور ايندو هو. ڊاڪٽر ٿيڻ ۽ هائوس جاب کان پوءِ مان ڪراچي سوشل سڪيورٽي هليو ويس. محبت شايد ۱۹۷۹ع ۾ فوج ۾ هليو ويو.

مان پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۾ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ بلوچستان سوئي هليو ويس. ۱۹۸۴ع مان وري ڪراچي پوسٽ ٿيس، وري ڊاڪٽر جاويد ۽ محبت سان رهاڻيون. غالبًا ۱۹۸۶ع ۾ هو قمبر منتقل ٿي ويو. وچ۾هڪ ڳالهه رهجي وئي ته شاگردي دوران هو پليجوجي شاگرد ونگ  سنڌي شاگرد تحريڪ جو باني صدر رهيو. هن ڪافي ڪتاب خاص ڪري لسانيات تي لکي پاڻ مڃايو. سندس اڄ ۲۵ مارچ جنم ڏينهن آهي. پاڻ ۱۹۵۲ع ۾ پيدا ٿيو ۹ اپريل ۱۹۹۷ع ۾ ۴۵ سالن ۾ گذاري ويو. هن ان عمر ۾ ٽيهارو کن ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا.

سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو دونهين دکايو پيو اچي، محبت اڪيڊمي ذريعي سندس هر سال ورسي ۽ ڪتاب پيا ڇپجن.

منهنجو مرحوم محبت جي ڀائرن ۽ سندس فرزند ساجد ۽ مرحوم جي گهروارن سان تعلق قائم رهندو پيو اچي.

رب پاڪ محبت جي مغفرت فرمائي.

(نوٽ :محبت مرحوم تي تفصيلي مضمون پنهنجي ساروڻين واري ڪتاب ۾)

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ وال تان ۲۵ مارچ ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات

رضوان گل

ڪنهن به انسان تي نالي جو مٿس ڪيترو اثر رهي ٿو، انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن مختلف، اديبن، شاعرن، عالمن، مفڪرن، فلسفين ۽ دانشورن جي نالن کي سامهون رکي ٿورو غور ڪبو ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست نظر ايندي، ته نالي جو انسان جي شخصيت مٿان اڪثر گهرو اثر رهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي جڏهن مون سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، صحافي، سماج سڌارڪ، ٻولي ماهر، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت جو مطالعو ڪيو ته هو مون کي بلڪل پنهنجي نالي جيان هڪ محبتي ڪردار نظر آيو، جنهن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ۽ تاريخي نوعيت جو ڪم ڪيو.

ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قمبر، انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) ۱۹۷۱ ۾ گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ۱۹۷۹ ۾ پاس ڪئي. ڊاڪٽر جڏهن ڊگري ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته هُو هر روز اتان مختلف موضوعن وارا ڪتاب پڙهڻ لاءِ جاري ڪرائي قمبر کڻي ويندو هو. ائين هن ڪيترن ئي علمي، ادبي، سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج جي پڙهائي دؤران ئي پڙهي ورتا. ڊاڪٽر محبت ايم بي بي ايس ڪري ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن ۾ سندس تقرري گلگت، اسڪردو ۽ ڪوئٽا ۾ رهي. ڊاڪٽر جي مزاج ۽ ملٽري جي نوڪري ۾ گھڻو تزاد هو، جنهنڪري پاڻ ان عهدي تان استعفى ڏئي ڪراچيءَ ۾ اچي خانگي نوڪري ڪيائين. پر پوءِ جلد ئي پنهنجي ڳوٺ قمبر اچي پنهنجي ”لطيف ڪيلنڪ“ کولي. جتي هن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪيو.

محبت ٻرڙو هڪ ذهين ۽ پڙهاڪو انسان هو. هن وٽ پڙهائي ڪرڻ جو پنهنجو مخصوص انداز هو، هو جيڪو به ڪتاب پڙهندو هو ان ۾ ڪم  جون نوٽ ڪرڻ واريون ڳالهيون انڊر لائين ڪندو ۽ انهن کي ذهن ۾ محفوظ ڪري دوستن سان ليڪچرس ۾ شيئر ڪندو هو. ڊاڪٽر ڄامشوري ۾ پڙهائي دؤران ڪيترن ئي اديبن سان ڪچهريون ڪيون. اتي ئي کيس لکڻ جو شوق به پيدا ٿيو. ۱۹۷۴ ڌاري هن باضابطا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ”شاگرد“، ”انجيڪشن“ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي مخزن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر محبت جي پهرئين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي جيڪا به ميڊيڪل ڪاليج جي ”لياقت“ مئگزين ۾ ۱۹۷۴ ۾ شايع ٿي. اتان سندس ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو ۽ هن ڪهاڻيون، مضمون، ترجما ۽ ٻيون مختلف لکڻيون رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ شروع ڪيون.

ڊاڪٽر محبت ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر رهيو ۽ ۱۹۷۸ ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گھر قمبر“ جي نالي سان پبلشنگ ادارو شروع ڪيائين. ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قمبر“ جو ۱۹۷۶ ۾ سرپرست رهيو. ڊاڪٽر جي سياسي وابستگي سنڌي شاگرد تحريڪ سان رهي. ۱۹۷۸ ۾ ڊاڪٽر، سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي دؤران هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏنا. اهو مارشل لا جو زمانو هو جنهن ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ لينن ۽ مارڪس جي ڪتابن تي پڻ بندش هئي. ان وقت ڊاڪٽر سياسي حوالي سان ماڻهن کي اتساهيندو رهيو ۽ انهن کي دنيا جو انقلابي ادب پڻ پڙهائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. انهيءَ سلسلي تحت هن ۵۰ کن مضمون به لکيا ته مختلف يونٽن ۾ ۵۰۰ کان مٿي ليڪچر پڻ ڏنا، جن ليڪچرن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچڻ لڳي.

ڊاڪٽر محبت قلمي نالن لطيف، ساجد، سجاد، مهراڻ مگسي ۽ سڄڻ  سان به لکندو رهيو. سندس ڇپيل سياسي ڪتابن ۾ ”...جيڪو سچ چوي“، ”هٿ وڌايو سنڌ بچايو“، ”شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي“، ”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري“، ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي“، ”پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن ۾، ”انقلاب“، ”جدلي ماديت جا اصول“، ”شعور“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، ”ٻول جو بُڻ“، ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ”سورس مٽيريل آن سنڌ“، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، ”يادون ۽ سُڪون“، ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“،  ”موسى کان مارڪس تائين“، ”سنڌ: حڪران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“، ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ۽ ”ڌرتي منهنجو گھر“ شامل آهن. ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي روح روان ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙي موجب اڃا سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڏهاڪو کن ٿيندو جيڪي آهستي آهستي ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.

ڊاڪٽر محبت روزاني ”جاڳو“ جو قمبر ۾ نمائندو به رهيو، جتي هن صحافتي خدمتون ديانتداري سان ادا ڪيون. پاڻ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قمبر“ ۽ سلسليوار ”سائنسي سوچ“ سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڀرپور ڪالم لکندو رهيو، جن کي اگر ترتيب ڏجي ته سنڌ جي حقيقي تاريخ سمجھڻ ۾ انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيندا. ڊاڪٽر محبت جي وفات بعد سندس نالي پٺيان ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ جو بنياد وڌو ويو، جنهن طرفان علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام باقادگيءَ سان منعقد ٿيندا رهن ٿا. انهيءَ اڪيڊميءَ پاران سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب پڻ ڇپرايا آهن. اڪيڊمي پاران هر سال ڊاڪٽر محبت جي ورسي جي موقعي تي سندس ڪو نئون ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سلسلو جاري آهي. رياضت ”سائنسي سوچ“ رسالي واري ڪڙي ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جو حوالو به ڪنهن نه ڪنهن ريت اڄ تائين دهرائيندو ۽ ان تي ڪم ڪندو رهي ٿو جيڪو سندس وڏي ڀاءُ سان سڪ ۽ محبت جو ئي دليل آهي.

ڊاڪٽر محبت جي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪنهن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگھجي. حياتي کيس مهلت ڏي ها ته هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اڃا گھڻو ڪجهه ڪري ها، پر بي رحم موت کيس ۹ اپريل ۱۹۹۷ تي دل جي دوري سبب هن کي اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو.

اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!

 

 

 

 

آئيني آڏو:

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نانءُ: محبت علي ٻرڙو

جنم تاريخ: ۲۵- مارچ ۱۹۵۲ع.

پسند ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.

نفرت اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.

منهنجو ماضي: ٺيڪ ٺاڪ.

پسند جو رنگ: هر رنگ جي رونق پنهنجي.

پسند جي مند: سرءُ جي مند مڙيو ئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.

پسند جو ليکڪ: مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.

پسند جو ڪتاب: مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.

پيارو دوست: هن سوال جو جواب ”دوست“ جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.

منهنجي خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.

ڪڪ ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/ پڙهي.

خوش ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره.

منهنجي آئيڊيل/ پسند جي شخصيت: ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...

منهنجي ڪمزوري: هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب.

آخري خواهش: ڇو ڀلا؟

ڏس/ پتو: لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: ۷۷۲۱۰، ضلعو لاڙڪاڻو.

 

(فيبروري ۱۹۹۷ع)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق

ڊاڪٽر هدايت پريم

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار هو، هن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃرايو هو. هن جي مقالن ۾ تحقيقي انداز تمام گھڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود هو. هن جي تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. هن اڃا صرف ٻن ڪتابن ۽ هڪ انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو هو ته هو ڦوهه جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ ۱۹۹۷ع ڌاري هيءُ جهان ڇڏي ويو. هن جي اوچتي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن کي تمام گھرو صدمو رسيو آهي. هن جوان سال محقق سان اسان تمام گھڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون. هن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو. هن کي ان جو داد به خوب مليو.

حليم بروهيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي موجوده رسم الخط جي باري ۾ عجيب و غريب اعتراضات اٿاريا ويا هئا، جن جي جواب ۾ محبت ٻرڙي هڪ سهڻو ۽ سيبتو ۽ علمي بنيادن تي استوار ٿيل هڪ جواب ماهوار ”پرهه“ ۾ ڏنو هو. محبت ٻرڙو لکي ٿو:

”اها ڳالهه واضح ٿيڻ گھرجي ته ڇا اهو ڪنهن مخصوص رسم الخط جو ڏوهه آهي ته اهو اختيار ڪرڻ جي ڪري سماج جا ناڪاره فرد پيدا ٿيندا رهن؟ ڇا دنيا جي ملڪن ۾ رومن/انگريزي/کاٻي کان ساڄي لکجندڙ رسم الخط مروج آهي، اتي افسانه نگار، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر اديب، دانشور وغيره (جن کي حليم بروهي بيڪار ۽ ناڪاره سڏي ٿو) پيدا نه ٿيا هئا؟ نه ٿيا آهن؟ ۽ نه وري پيدا ٿيندا؟ ....

”ڇا اهو رسم الخط جو ڪارنامو آهي ته ڪٿي سائنسدان، عالم اڪابر ۽ محقق پيدا ڪري، ته ڪٿي جاهل، نڪما ۽ واتوڙي؟ مغربي دنيا ۾ جيڪڏهن هر چڱائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ اتان جو رسم الخط آهي ته اتي هر برائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ڪير آهي؟

”ٻوليءَ جي رچيل هجڻ جو سڌو تعلق قوم ۽ سماج جي خوشحاليءَ ۽ گھڻ طرفائي سان آهي. هن مهل جيڪي ٻوليون گھڻي ڀاڱي وسيع علمي ذخيرو رکن ٿيون، اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪ اهڙي سماج سان لاڳاپيل آهن جيڪو تاريخ ۾ حاڪم، خودمختيار ۽ ڪاهيندڙ رهيو آهي، جنهن جي لساني گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف ٻولين مان هزارين لفظ اڌارا وٺي، ان کي ڀڃ گھڙ ۽ ٺاهه ٺوهه هيٺ آڻي پنهنجو ڪيو ويو.

”سنڌ به جيڪڏهن هڪ آزاد ۽ خودمختيار ڏيهه هجي، سنڌي قوم پنهنجن سمورن وسيلن جي مڪمل طرح مالڪ هجي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي سمورين ٻولين مان هزارين لفظ وٺي، گھڙي ٺاهي، سنڌي مزاج موجب بنائي، ته ڪو سبب ناهي جو سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي دنيا مان مڪمل سواد نه وٺي سگھي. انگريزي، فرينچ، جرمني، روسي ۽ چيني ٻولين ۾ ڳالهايل هر لفظ جيڪڏهن في البديهه عربيءَ ۾ ترجمو ٿي سگھي ٿو، ته سنڌيءَ ۾ ڇو نه ٿي سگھي ٿو؟ عربن وٽ مال آهي، پنهنجي ملڪ تي مالڪي آهي ۽ هنن تحقيق تي وڏي سيڙپ ڪئي آهي. اسين به جيڪڏهن ائين هجون ۽ ڪري سگھون، ته سنڌي ٻولي نه رڳو ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي سگھي ٿي پر ٻيو به گھڻو ڪجھه ٺهي سگھي ٿو. ساڄي کان کاٻي لکجندڙ سموريون ٻوليون مدي خارج ناهن. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ته سمورو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل علم هوري هوري پوريءَ طرح شامل ٿيندو پيو وڃي. هن وقت اهو لازمي قرار ڏنل آهي ته جيڪو به نِک عرب دنيا منجھه وڪرو ٿيڻو آهي ان بابت سمورو مواد عربيءَ ۾ ڇاپيو وڃي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهو به عربن جيان پنهنجي ڏيهي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا واڳ ڌڻي هجن، ته سنڌ ۾ ڪهڙي ڪمپني هوندي، اليڪٽرانڪ کان ويندي ميڊيڪل تائين، جيڪي پنهنجو مواد سنڌيءَ ۾ وڪرو ٿيندڙ هر نک لاءِ اهو شرط رکي سگھن ٿا ۽ پوءِ دنيا جي ڪهڙي سرمائيدار ڪمپني هوندي جيڪا پنهنجو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري نه ڏيندي.“ (۱)

هن تحرير مان پتو پوي ٿو ته محبت ٻرڙو هڪ نهايت ئي پختو محقق آهي ۽ هن وٽ وزندار دليل موجود آهن. هن جي تحرير حب الوطنيءَ جي جذبن سان ٽمٽار آهي. پنهنجي قوم جي بيوسيءَ ۽ بيڪسيءَ جو اظهار هن جنهن جرئت ۽ همت سان ڪيو آهي، ان تي هو بلاشڪ داد لهڻي.

ماهوار ”ڪينجھر“ ۾ ڇپيل هڪ مضمون ”جامع سنڌي لغات جو جائزو“ محبت ٻرڙي پهريان ته ڪجھه تعريفي جملا لکيا آهن. هو لکي ٿو: ”’جامع سنڌي لغات‘ انهن ڪتابن مان هڪ آهي جيڪو هر سنڌي سڄاڻڪ ۽ ڄاڻ ڪوڏيو پاڻ وٽ سانڍڻ ضرور پسند ڪندو. سنڌيءَ مان سنڌيءَ ۾، سنڌيءَ جي ادبي توڙي عاماڻن يا لوڪ لفظن جي هيءَ پهرين لغت (ڊڪشنري، ٻولَسُڌ) آهي جنهن تي اهڙن سنڌي عالمن ”لاڳيتو“ پنجاهه ورهيه ڪم ڪيو آهي جيڪي سنڌ توڙي پَر سنڌ ۾ مانَ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، جنهن ۾ اڳ ڇپيل سمورين سنڌي لغتن جي ڀيٽ ۾ گھڻا لفظ ۽ اصطلاح ڏنل آهن... سڄيءَ سنڌ ۾ جتي ڪٿي پکڙيل هڪ لک کان وڌيڪ موتين جھڙا جرڪندڙ لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪري ’جامع سنڌي لغات‘ جي لڙهيءَ ۾ پوئي سنڌيءَ جي پڙهندڙن کي مٽيءَ مُٺ آڇيا آهن. اهي سمورا لفظ جاکوڙي ۽ اکر ڪوڏيا جس لهڻن ٿا.“ (۲)

اڳتي هلي محبت هن لغات تي تنقيدي نگاهه وجھندي لکي ٿو: ”اهڙي، سوا لک لفظن ۽ اصطلاحن واري لغت اسان جا عالم سڳورا پنجاهه سالن يعني اڌ صديءَ ۾ مس تيار ڪري سگھيا آهن! ۽ جيڪو ڪجھه تيار ٿيو آهي، ان ۾ به سوين غلطيون، هزارين کوٽون ۽ سائنسي لفظن جي اڻ هوند! ۽ اهو به ايڪويهين صديءَ جي چائنٺ تي پهتل سائنسي ترقيءَ جي ان ڪمپيوٽرائيزڊ دَور ۾، جڏهن علم ۽ عرفان اُڀ پيو ڇاڇولي ۽ علمي بنيادن تي تيار ٿيل، مختلف ٻولين ۾ هزارين لغتون موجود آهن.“ (۳)

محبت ٻرڙي ’جامع سنڌي لغات‘ تي جيڪي اعتراضات ڪيا آهن، انهن ۾ هڪ اعتراض هت مثال طور پيش ڪجي ٿو. محبت ٻرڙو لکي ٿو: ”جلد پهرين جي مهاڳ ۾ صفحي (ز) تي ڄاڻايل آهي ته ”مصدر جي حالت ۾ معنى جي خاتمي بعد، ڏنگين ۾ ان فعل جي ’فاعل‘، ’ماضي‘ توڙي ’اسم حاليه‘ کي نروار ڪيو ويو آهي.

”اها ڳالهه سراسر غلط آهي. مثال طور... ’پهرين جلد‘ کي مختلف هنڌن تان کولي ڪجھه ’مصدر‘ جاچي ڏسون:

آبڻ (آبيو - آبيندو - آبيل) ص - ۸

آڇلائڻ (آڇلايو - آڇلائيندو - آڇلايل)، ص- ۲۶  ...

بيهڻ (بيهندو! - بيٺو! - بيٺل)، ص- ۴۴۳  ...

”هنن مثالن مان پڌرو آهي ته مصدر جو ’ماضي‘ ۽ ’مستقبل‘ (۽ اهي ٻئي شڪليون به رڳو واحد ۽ مذڪر واريون، جمع ۽ مؤنث واريون نه) ۽ ’اسم حاليه‘ ڏنل آهي (۽ اهو به ڪيترن ئي هنڌن تي کٽل، بي ترتيب ۽ غلط) نه ڪي ڄاڻايل علمي ۽ تحقيقي دعويٰ موجب ’فاعل‘، ’ماضي‘ ۽ ’اسم حاليه‘! (باقي چئني جلدن ۾ ته اها ترتيب به رڳو ڪن هنڌن تي ڀل چڪ وچان درست اچي وئي آهي.)

”سنڌيءَ ۾ فاعل ائين به ٺهندو آهي ته مصدر جو ’-ڻ‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-ايندڙ‘ يا ’-اندڙ‘ پڇاڙي ملائي ڇڏجي (جيئن ’آهوڙيندڙ‘، ’ڄاڻندڙ‘، ’برغلائيندڙ‘، ’گھمندڙ‘ وغيره). مصدرن مان اهڙن ٺهيل سمورين فاعلن سان جيڪا تعدي ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڪئي وئي آهي اها شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن به ”سڌريل“ يا ”اڻسڌريل“ ٻوليءَ واري لغت ۾ ڪئي وئي هجي.“ (۴)

جامع لغات تي ڪيل هن اعتراض تي اڳتي هلي وضاحت ڪئي اٿس:

”’لکڻ‘ مصدر مان لکجڻ، لکائڻ، لکائجڻ، لکرائڻ، لکرائجڻ، لکارائڻ ۽ لکارائجڻ مصدر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي ترتيب موجب لکڻ کان اڳ ۾ ايندا ۽ اچڻ گھرجن. جيڪڏهن انهن سان سندن فاعلي صورتون ۽ ضميري پڇاڙيون گڏ هجن ته سندن ترتيب اڃا به ڦري ويندي. ڇا اسين سنڌيءَ ۾ ان خاصيت کي لغت جھڙي ڪتاب ۾ ڪم نه آڻيون ۽ بي ڌيانيءَ سان ڦٽو ڪري ڇڏيون؟“ (۵)

محبت ٻرڙي جو هڪ نهايت طويل ۽ بيحد اهم مضمون ٽه-ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو جنهن جو عنوان هو ”ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح سنڌي ٻولي“. هن مضمون وسيلي محبت جامع بحث ڪيو آهي. هن مضمون محبت ٻرڙي کي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين صف جي محققن ۾ آڻي بيهاريو. هن جو نقطئه نظر بلڪل ئي واضح ٿيل آهي ته جنهن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽو ضميري پڇاڙين جو نظام موجود آهي، تنهنڪري جملن جي اڳيان فاعل جو اچڻ يا هجڻ، جملي ۾ ورجاءُ ٿئي ٿو تنهنڪري اهي جملا گرامر موجب غلط هئڻ گھرجن. هن پنهنجي استدلال ۾ تمام گھڻي جاکوڙ سان هڪ نهايت ئي مفصل معلومات مهيا ڪئي آهي. هن مضمون جي جواب ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب به پنهنجو موقف مهراڻ ۾ ئي بيان ڪيو، جنهن ۾ هن محبت ٻرڙي سان گھڻو ئي اختلاف ڪيو. محبت ٻرڙي هن سلسلي ۾ هڪ ڪتاب ”اڀياس جو اڀياس“ به لکي تيار ڪيو، جيڪو غالباً هن وقت (۱۹۹۷ع) ڇپائي هيٺ آهي. ڪتاب جي پڌري ٿيڻ بعد ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي.

محبت ٻرڙو هڪ اهڙو نوجوان محقق هو جيڪو محبت ۽ لگن سان سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو. هن جي قلم اڃا ٿورا ڪي جوهر مس ڏيکاريا هئا ته ظالم موت هن کي اسان کان کسي ورتو. محبت ۽ پريم (محبت ٻرڙو ۽ هدايت پريم) جيڪي قرب جي ڪڙن ۾ قابو هئا، ڇڄي ڌار ٿي ويا، جنهن جو افسوس ۽ ارمان عمر ڀر رهندو.

حوالا:

(۱) محبت ٻرڙو (مضمون) ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ ماهوار ”پرهه“ فيبروري-مارچ ۱۹۹۵، ص- ۹ ۽ ۱۰.

(۲) محبت ٻرڙو (مضمون) ”جامع سنڌي لغات جو جائزو“ ماهوار ”ڪينجھر“ ڊسمبر ۱۹۹۴، ص- ۸۱.

(۳) محبت ٻرڙو، حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- ۸۳.

(۴) محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- ۸۴-۸۵.

(۵) محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- ۹۱.


 

محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون

رياضت ٻرڙو

س: نالو سڄو؟

ج: محبت علي ٻرڙو.

س: سڃاڻپ؟

ج: ۱. بنيادي موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ، ۲. مختلف موضوعن تي لکڻيون/ترجما، ۳. علمي گفتگو ڌيان سان ٻڌڻ.

س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟

ج: ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع، قنبر.

س: تعليم؟

ج: ايم بي بي ايس.

س: پيشو؟

ج: ڊاڪٽر (ميڊيڪل پرئڪٽشنر).

س: پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟

ج: سندس سڄاڻ ۽ سڀاءُ جو.

س: توهان جي روزاني زندگي جو بنيادي اصول؟

ج: ۱. جو ئي آهيان سو ئي آهيان، ۲. عزت ڏبي علم کي، فضيلت کي، خلوص کي.

س: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

ج: ۱. اداس ٿيندو آهيان، ۲. ڇنڊڇاڻ ڪري ڏک کي سهڻ، ڪارڻن کي حل ڪرڻ ۽ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ.

س: خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

ج: ۱. دل و جان سان خوش ٿيندو آهيان، ۲. سڌ هوندي اٿم ته ڪاش! ڏک جيان سک جي پَتي به سڀ کي ملي.

س: ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟

ج: ڪا هڪ ناهي: ۱. بي غرض مرڪ جا چپڙن تي ٽڙي، ۲. پيار جيڪو من ۾ هجي ۽ اکڙين مان ڦٽي.

س: ڪهڙي ڳالهه تي چڙ ايندي اٿو؟

ج: گھڻيون ئي آهن، غداريءَ تي، ڪوڙ تي، ڌوڪي تي ... قول ۽ فعل ۾ تضاد تي.

س: ڪهڙين ڳالهن تي روئڻ ايندو اٿوَ؟

ج: ۱. خلوص ۾ شڪ تي، ۲. پيار ۾ غلط فهمي، ڦيٽاري ۽ وڇوڙي تي، ۳. حياتيءَ ۾ ناجائز ڏک تي، ۴. ڪنهن جو حق کاڄي وڃڻ تي، ۵. بي پناهه خوشيءَ تي (ڪنهن جي به هجي).

س: توهان جي عادت، جنهن مان گھر وارا بيزار هجن؟

ج: هوڏ! (ڀلي تعميري ڪم ۾ هجي).

س: سپنا جيڪي ساڀيا ٿيا؟

ج: ۱. پنهنجي پورهئي تي جيئڻ (ڀلي ڏک ڀريو هجي)، ۲. پڙهي لکي ڳالهائي سگھڻ، ۳. هڪ زال جيڪا پياري هجي، ۴. هڪ پٽ جيڪو سوال پڇي ۽ هر موضوع تي سوچي.

س: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي جيان چڀندو هجي؟

ج: هڪ ناهي ...

س: اها گھڙي جنهن حياتي بدلائي ڇڏي؟

ج: زندگيءَ ۽ شعور جي بڻ بنياد جو ادراڪ.

س: آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿوَ؟

ج: مختلف وقتن تي مختلف: ۱. ڪاش رسمي معيارن موجب سهڻو هجان ها، ۲. سچ نيٺ سوڀارو ٿيندو ”... ڇا واقعي؟“ ۳. سلڇڻو ٿي رهه، ”... ڇو نه ٿو رهين؟“ ...

س: توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟

ج: سادا، سچا سٺا ۽ بيپرواهه (جيتوڻيڪ خوشيءَ گاڏڙ ڏک ڀوريا).

س: ڪاش! زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟

ج: اهڙن وهمن ۾ رهڻ پسند ناهي.

س: شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هو؟

ج: سڀ سٺا، اڃا سوڌو.

س: وڻندڙ شعر؟

ج: گھڻا ئي آهن:

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صــرافن، اڻ توريو اگھائـيو.

س: وڻندڙ اديب؟

ج: گھڻا ئي آهن، سوفوڪليز کان وٺي سراج تائين.

س: وڻندڙ سياستدان؟

ج: رسول بخش پليجو - وطن، قوم، نظريي، تنظيم ۽ عوام سان غداري ڪندي ظاهر ٿيڻ کان اڳ (شهيد فاضل جي شهادت) تائين.

س: وڻندڙ شهر؟

ج: ”مدينة العِلم“... ڄام شورو، سپر هاءِ وي جي اولهندي پاسي واري ايراضي.

س: وڻندڙ رنگ؟

ج: ڇا ۾؟ قدرت ۾، جسم ۾ يا ڪپڙن ۾؟ مناسب شيڊ ۾ سڀ.

س: وڻندڙ ٽي وي پروگرام؟

ج: ڪارٽون ۽ مختلف وقتن تي مختلف سلسلا، جيئن نيچرل ورلڊ، سائنس فڪشن، ايڊوينچرس، عجائبات وغيره.

س: وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟

ج: ريڊيو ٻڌڻ جو مناسب وقت نه ٿو ملي.

س: ۲۴ ڪلاڪن مان وڻندڙ ڪلاڪ؟

ج: جنهن ۾ ذهني اطمينان ميسر هجي، اڪثر ڪري پرهه ڦٽي مهل.

س: وڻندڙ ڏينهن/ مهينو؟

ج: جنهن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ٿئي.

س: وڻندڙ لباس؟

ج: مختلف حالتن ۾ مختلف، سلوار قميص، فل سوٽ، قدرتي ...

س: وڻندڙ راند؟

ج: ۱. کليل ميدان ۾ پولو ۽ ڏُڪلو ڏَڪر، ۲. ننڍي ميدان ۾ ٽينس، ۳. ڪمري ۾ ٽيبل ٽينس، ۴. ننڍي ڪمري ۾ شطرنج، ۵. اخبار ۾ ڪراس ورڊ، ۶. پاڻيءَ ۾ ترڻ، ۷. هوا ۾ پيراشوٽ جمپ... باقي، ۸. پيار جي راند ڪير به ڪري ڪٿي به کيڏي (مثال طور گُلرن ۽ پلونگڙن جي پاڻ ۾ کيچل به).

س: وڻندڙ رانديگر؟

ج: مختلف وقتن تي مختلف.

س: وڻندڙ سواري؟

ج: جيپ (روڊ تي).

س: وڻندڙ خوشبوءِ؟

ج: ۱. قدرتي ... رابيل جي، ۲. هٿرادو ... ”چارلي“.

س: وڻندڙ گل؟

ج: سڀ ... گلاب.

س: وڻندڙ شاعر؟

ج: گھڻائي آهن... هومر، بلائيٽس، (حضرت) علي ۽ خيام کان وٺي سعيد ميمڻ تائين، باقي لطيف سان مون کي عقيدت آهي.

س: وڻندڙ ڪتاب؟

ج: گھڻائي آهن، خصوصاً هر شعبي جا بنيادي ڪتاب ۽ انهن تي بحث ڪندڙ تحقيقي ڪتاب.

س: وڻندڙ اخبار؟

ج: ۱. ”هلال پاڪستان“ (۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع) ۲. ”جاڳو“، ۳. ”عوامي آواز“، ۽ ”ڪاوش“ کي ملائي ”هڪ اخبار“ سمجھي پڙهڻ.

س: وڻندڙ صحافي؟

ج: غلام نبي (جي اين) مغل (سنڌي ۾) ۽ ڪجھ ٻيا.

س: وڻندڙ ايڊيٽر؟

ج: محمد ابراهيم جويو (۱۹۵۵ع کان ۶۰ع)، غلام محمد گرامي (۶۰ع کان ۷۰ع)، طارق اشرف (۶۷ع کان ۹۲ع).

س: وڻندڙ فلم؟

ج: هر اها فلم جنهن ۾ ذهن، سماج، زندگيءَ ۽ سنسار جو ڪو به پهلو سٺي نموني نروار ٿيل هجي.

س: وڻندڙ اداڪار/ اداڪاره؟

ج: گھڻا/ گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ ادا ڪيل ڪردار تي ڌيان.

س: وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪاره؟

ج: گھڻا/ گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ آواز، موسيقيءَ ۽ شاعريءَ تي ڌيان.

س: وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪاره؟

ج: ”ٽلي” ۽ ”گھڙي“ کان وٺي، ”بوڙينڊي“ ۽ ”چنگ“ تائين هر شعبي ۾ مختلف - علڻ فقير، شازيا خشڪ. (حقيقت ۾ توهان جا سوال، ”اديب“ کان ”فنڪار“ تائين، سڀ منجھيل آهن. مثال طور: اديب عام طور فڪشن ليکڪ کي سمجھو ويندو آهي، جڏهن ته منهنجي لاءِ ائين ناهي. حياتي، سفر، مضمون وغيره جو ليکڪ ڇا اديب ناهي؟ اديب ڪٿان جو، ڪهڙي دور جو ۽ ڪهڙي شعبي جو؟ برٽانڊ رسل کي، مثال طور: ڪهڙي شعبي جو ماڻهو چوندؤ: فلاسفر، رياضيدان، سياستدان، ليکڪ؟ هن جون امن لاءِ ڪوششون ۽ سامراجي قوتن تي ٽريبونل وهارڻ کي ڇا چوندؤ؟ اهڙيون ٻيون به گھڻيون ئي ڳالهيون اوهان جي ڪيل سوالن ۾ منجھائيندڙ آهن.)

س: وڻندڙ گيت؟                                          

ج: گھڻائي آهن: ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي...“ (عمر ميمڻ جي آواز ۾، بنا موسيقي جي، بدين کان هڪ ڳوٺ ويندي، ڪسيءَ جي ڪڙ تي، ٻنين جي وچ ۾).

س: وڻندڙ کاڌو؟

ج: سڀ (دال ۽ واڱڻن کان سواءِ).

س: وڻندڙ مشروب؟

ج: گھڻا ئي آهن: ٿاڌل (چانهه، جيڪڏهن مشروب سڏيو ته).

س: وڻندڙ ميوو؟

ج: قدرت جي نعمت تي آءٌ ڪو ارهو!؟

س: وڻندڙ ڏڻ؟

ج: ”ويا ويچارن وسري.“

س: وڻندڙ موضوع؟

ج: هر هڪ، جيڪڏهن موضوع هجي.

س: ڪهڙي جانور/ پکي/ جيت کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟

ج: مناسب اپائن هوندي ڪنهن کان به نه (ڳجھ کان ڪرڀ ايندي آهي).

س: ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟

ج: ڪو به اهڙو ناهي.

س: موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟

ج: هر قسم، جي رڳو هارمونڪ هجي.

س: توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟

ج: هزارين آهن... هن وقت ڪمپيوٽرائيزڊ روبوٽ.

س: هڪ وهم، جيڪو توهان کي پريشان ڪندو هجي؟

ج:  ”الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

     ”هئي سنـــــــــڌ ۽ سنـــــــڌ وارن جي ٻــولـي“.

س: هڪ شخصيت جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟

ج: هوچي منهه/ فاضل راهو.

س: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟

ج: سنجيده، ... کِلمُک ۽ فضيلت ڀريا ماڻهو وڻندا اٿم.

س: هڪ غلطي جنهن تي پشيمان ٿيا هجو؟

ج: مون سمجھو ته هن کي پيار آهي، ”گڏهه” (ڪم عقل) ناهي.

س: هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿـــوَ؟

ج: انسان دوستيءَ کي بنيادي موضوع بنائي لکڻ جو ڪم.

س: توهان جو مشن ڇا آهي؟

ج: ۱. قدرتي، سماجي، ذهني غلاميءَ خلاف جنگ،

۲. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جا بنياد رکڻ.

س: زندگيءَ جي خوهش جنهن لاءِ جيئو ٿا؟

ج: ۱. علمي واڌارو، ۲. سچائيءَ جي پرچار.

س: توهان کي جيڪڏهن خط لکجي ته ڪهڙي ايڊريس تي؟

ج: لطيف ڪلينڪ، قنبر - ۷۷۲۱۰.

 

(نومبر ۱۹۹۲ع)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

علم جو آدرشي عاشق!

جامي چانڊيو

اهو ۱۹۸۳ع جو سال هو مان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ نائين جماعت ۾پڙهندو هيس، ۽ ڪراچيءَ ۾ تڏهن اسان جو گهر فيڊرل بي ايريا ۾ هوندو هو، جتي آغا خانين جي هڪ ننڍي ڪلينڪ نما اسپتال هوندي هئي. جڏهن به موڪلن ۾ ڪراچي گهر ويندو هيس ته ان ڪلينڪ تي اڪثر هن کي ايندي يا ويندي ڏسندو هيس، هو پنهنجي هلڻ، سڀاءَ ۽ مجموعي شخصيت ۾ هڪ غير معمولي ۽ منفرد نوجوان لڳندو هو، تڪڙيون وکون کڻندڙ، اکين جي نهارَ گهڻ طرفي ۽ بيحد متحرڪ ۽ پنهنجي وجود ۾ سانتيڪو، هڪ اڌ ڀيرو ساڳي شهر واسي طور دعا سلام ٿي پر ڪچهري ڪڏهن به نه ٿي، ڪچهريءَ جي صلاح نه ڪڏهن هن ڪئي ۽ نه وري چاهڻ جي باوجود ڪڏهن مون اظهار ڪيو، بعد ۾ خبر پئي ته انهن ڏينهن ۾ هو سياسي طور گوشه نشين هوندو هو، ۱۹۷۹ واري عوامي تحريڪ جي گولاڙچي واري هاري ڪانفرنس ۾ به تقرير ڪري چڪو هو، جن تي ضياشهي ڪيس قائم ڪيا هئا انهن ۾ هو به شامل هو ٻيو ته هو تازو فوج ۾ نوڪري جو مدو پورو ڪري صحت جي شعبي ۾ هڪ پرائيويٽ ملازمت ڪري رهيو هو. اها ڪانفرنس ضياءَ شاهيءَ خلاف ملڪ ۾ پهرين مزاحمتي تحريڪ هئي، جنهن ۾ سائين رسول بخش پليجو ۽ ٻيا گرفتار ٿيا هئا ۽ حسين بخش ناريجي ۽ گهڻن کي سرعام ڦٽڪا لڳا هئا. اهو هن يگاني شخص سان منهنجو پهريون تعارف هو، جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو عالم، محقق، ٻوليءَ جو وينجهار ۽ ليکڪ ٿي اڀريو يعني ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.

۱۹۸۶ع ۾ جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽر پاس ڪري ٻاهر هڪ مختلف دنيا ۾ داخل ٿيس ته سائين محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجو صاحب کانپوءِ جنهن ٽئين ڏاهي شخص سان گهرو دوستيءَ جو تعلق جڙيو اهو محبت ئي هو. هن قمبر ڀرسان باگيديري ۾ هڪ سادي سودي ڪلينڪ کولي هئي ۽ قمبر ۾ هوندي سڄو سڄو ڏينهن سندس ڪلينڪ تي گذرندو هو، شام جو وري منهنجي ذاتي لائبريري تي، ائين اسان جا مزاج هڪ ٻئي سان ملندا ويا ۽ اهو ذاتي دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جو سٻنڌ ڏينهون ڏينهن ويو گهرو ٿيندو، ائين جو هڪٻئي کانسواءِ سري نه سگهي. ان جو سبب اسان جي فڪري ۽ نظرياتي هم آهنگي به هئي، نه رڳو اسان جو تعلق ساڳي نظرياتي واٽ ۽ پارٽي يعني عوامي تحريڪ سان هو پر اسان جي وچ ۾ گهري دوستيءَ جو هڪ بنيادي سبب اسان ٻنهي جو جنون جي حد تائين ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، مٿان وري علمي، ادبي ۽ فڪري مطالعي ۽ دلچسپي جا موضوع به ساڳيا يعني فلسفو، سائنس، ادب ۽ سياست.

ڪنهن عالم ڏاهي جي صحبت کان وڌيڪ دنيا ۾ ذاتي طور ڪهڙو بخت ۽ ڀاڳ ٿي سگهي ٿو ۽ منهنجي وڏي خوشبختي هئي جو نه رڳو هڪ روشن خيال عالم، استاد ۽ شاعر جو پٽ هيس ۽ گهر ۾ غير معمولي طور علمي ۽ ادبي ماحول هو ۽ سائين محمد ابراهيم جويي، سائين رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا سونهان مليا ته ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، امير علي چانڊيي، فقير محمد لاشاري ۽ جاويد ڀٽي جهڙن بيحد املهه ماڻڪن جي گهري ذاتي دوستي نصيب ٿي ۽ اها به شعوري زندگيءَ جي بنهه ابتدائي ڏاڪي تي، منهنجي لاءِ ان دور ۾ ڊاڪٽر محبت جي صحبت ڪنهن ڀاڳ کان گهٽ نه هئي.

محبت ٻرڙو هر لحاظ کان هڪ منفرد ۽ يگانو ماڻهو هو، بلڪل ائين جيئن هر غير معمولي انسان هوندو آهي، هن جو مزاج، خيال، جيئڻ جو انداز، علمي شوق، جستجو، خواب، آدرش، خوابن جي ساڀيان لاءِ جاکوڙ، پسند ناپسند يعني مجموعي طور سندس سمورو وجود يگانو ۽ غير معمولي هئا، نارمل زندگيءَ ۽ نارمل مزاج جو مطلب ئي اهو آهي ته اهو ماڻهو هن لوڻ جي کاڻ جهڙي سماج جو لاشعوري طور حصو ٿي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ ماڻهو لاشعوري طور پڻ ڳريو، سڙيو ۽ “مرڻا اڳي جي مئا” جي مصداق جيئري ئي ذهني، فڪري، احساساتي ۽ وجودي طور ڏپ ڏئي مرڻينگ ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر محبت زندگي معاشي طور سخت تنگيءَ ۾ به گذاري پر هن جو وجود لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ “نانگن وٽ نيهنن جو نسورو نڌاڻ” جو عملي نمونو هئي، هو ذاتي طور هڪ فقير صفت مزاج جو حامل ماڻهو هو، هن جو يگانو وجود ان مان ئي ظاهر ۽ ثابت هو ته هو ڏسڻ ۾ “عامن سندو عام” هو پر اندر ۾ “خاص” هو، هن ۾ اهو ئي خاص خمير هو، جنهن جو ذڪر لطيف سائينءَ کنڀات ۾ “سڀاڳي اٺ” جي صيغي ۾ هيئن چئي ڪيو آهي ته “جڳ سين جهڙو جڳ، هيئين سين هت چري! ” دراصل هر اندر جو وڏو ماڻهو ائين ئي هوندو آهي ۽ محبت به ائين ئي هو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بنيادي طور هڪ فڪري استاد هو، هُو سياسي ڪارڪنن کي جدليات ۽ مارڪسي فڪر جهڙن ڳوڙهن موضوعن تي پنج پنج ۽ اٺ اٺ ڪلاڪ ليڪچر ڏيندو هو، ڊاڪٽر علي گل ميتلي جي قمبر واري گهر جي اوطاق تي مون هن جو پهريون ڊگھو ليڪچر ۱۹۸۷ع ۾ ٻڌو هو، جيڪو جدليات جي باري ۾ هو ۽ ست اٺ ڪلاڪ ساندهه هليو هو. محبت جا ليڪچر فڪر انگيز هوندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري مارڪسي فڪر بابت ئي هوندا هئا، هن وٽ نه رڳو گهرو ۽ وسيع علم هو پر عالمانه گفتگوءَ جو زبردست ڏانءُ به هو، ٻوليءَ تي هن جي گرفت حيرت انگيز هوندي هئي. دليلن ۽ منطق کي سائنسي انداز ۾ تشڪيل ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ ۾ هو وڏو سونهون هو، البته بحث مباحثي ۾ هن جو انداز اڪثر مناظري بازيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو هو، جيڪو ان دور جو هڪ سياسي ۽ نظرياتي ڪلچر به هو ۽ گهڻن جيان محبت به ان جو ڪڏهن ڪڏهن شڪار ٿي ويندو هو. سندس اهڙو هڪ مباحثو قمبر ۾ منهنجي لائبريري ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان به ٿيو هو، جنهن جو ذڪر ارباب کهاوڙ هميشه مون سان کلي ڪندو هو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي به اها وڏي ماڻهائپ هئي جو هو ان سخت تلخ بحث جو ذڪر به محبت سان ۽ کلي ڪندو هو. ان جو هڪ سبب اهو هو جو سڀني کي خبر هوندي هئي ته محبت اندر جو هڪ اجرو ۽ معصوم شخص آهي ۽ هن جا اختلاف سخت ترين هوندي به علمي ۽ فڪري هوندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ماڻهن جي بي واجبي به ماڻهن کي اڻ وڻندڙ ناهي لڳندي. محبت جي هڪ فڪري استاد واري حيثيت سندس ايل ايم سي جي شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي تسليم ٿي چڪي هئي، جڏهن هو سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر هوندو هو. سندس هم عصر اڄ به کيس هڪ دوست کان وڌيڪ هڪ فڪري استاد جي حيثيت ۾ سڃاڻندا هئا ۽ اڄ به ياد ڪندا آهن. هن جي ليڪچرن جا بنيادي موضوع ڊارون جو حياتياتي نظريو ۽ مارڪسي فلسفي ۾ جدلياتي ۽ تاريخي ماديت هوندا هئا. ڪاش سندس اهي ليڪچر رڪارڊ ٿين ها ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿين ها ته ڪيترائي نسل محبت جي علميت ۽ ڏاهپ جون سرڪيون پين ها، سندس مشهور ڪتاب “شعور” به دراصل سندس هڪ ڊگھو ليڪچر ئي آهي، جيڪو هن پاڻ لکت ۾ ترتيب ڏنو هو ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.

ڊاڪٽر محبت جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا غير معمولي ۽ حيرت انگيز آهن پر هن جو علم سان عشق غير معمولي هو، هو نه رڳو تمام گهڻو پڙهندو هو پر تمام تيز رفتار پڙهندو به هو، مان جڏهن به حيدرآباد مان قمبر ويندو هيس ته هن لاءِ ڪتابن جون ڀريون کڻي ويندو هيس ۽ هو اهي مهينن ۾ اڪلائي ڇڏيندو هو. ڪتاب وڻندس ته ڏينهن جا ڏينهن انهن ڪتابن تي پيو ڳالهائيندو هو ۽ دوستن کي اتساهيندو هو ته هو به اهي ڪتاب ضرور پڙهن، ائين جيڪي ڪتاب ۽ مضمون کيس وڻندا هئا، اهي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪري ڇڏيندو هو، جن مان گهڻا هاڻي شايع ٿي چڪا آهن، علمي ۽ فڪري طور هن جا پسند جا موضوع فلسفو، سائنس ۽ سياست هئا، لسانيات ۾ هن گهري دلچسپي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ پيدا ڪئي ۽ اها به هڪ اتفاق هو جو ڊاڪٽر محبت جو خواب هو ته هو سنڌي ٻوليءَ جي انسائيڪلو پيڊيا لکي، هن ان سلسلي ۾ هڪ وڏي علمي ۽ تحقيقي رٿا جوڙي ڪيترائي رجسٽر ڀري ڇڏيا، انهيءَ رٿا لاءِ هڪ ضروري ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي اصطلاح سازي جو هو، جنهن تي هن تيزيءَ سان ڪم شروع ڪيو ۽ اهو علمي پنڌ ئي هن کي لسانيات ڏانهن وٺي ويو، ۽ هن سنڌي ٻوليءَ بابت نظرين کي نه رڳو سائنسي رخ ڏنو پر اڳوڻن اڀريل نظرين سان ڪيترائي اختلاف به رکيا، اهو ئي سبب هو جو سراج ميمڻ صاحب هن کي بيحد ڀانئڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جا در محبت لاءِ کولي ڇڏيا، سراج صاحب محبت ۽ حقيقي ڪم جو وڏو معترف هو، اها علمي جستجو هن کي سائين ايم ايڇ پنهور جي به ويجهو وٺي وئي ۽ هن پنهور صاحب جا ڪيترائي مقالا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، ڊاڪٽر محبت جيئن ته هڪ سائنسي ماڻهو هو، ان ڪري ايم ايڇ پنهور لاءِ هن کي غير معمولي محبت ۽ قدر هو، پنهور صاحب به مون سان اڪثر محبت جا حال احوال ڪندو هو ۽ هن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکندو هو، اها محبت جي غير معمولي علميت پڻ هئي جو نه رڳو هن جا دوست ۽ هم عصر هن کي پنهنجو هڪ فڪري استاد سمجهندا هئا پر کانئس سينيئر عالم به محبت کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

ڊاڪٽر محبت جن ڏکين حالتن ۾ پنهنجو سياسي، علمي ۽ فڪري ۽ ادبي ڪم ڪيو، اهي هن کي اڃا به وڏو ماڻهو ثابت ڪن ٿا، مارڪس جيان بيحد تنگ دست حالت ۾ گذاريندڙ هي يگانو شخص آئيڊيالائيز به مارڪس کي ئي ڪندو هو. هن جي به هٿ ۾ هر وقت مارڪس جيان سگريٽ هوندو هو يا قلم، محبت جي اصل وڏائي اها هئي جو هن وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو اجايو هو، ڪم هن جو جنون هو، هن جو پنڌ هو، هن جو عشق ۽ واٽ هئي، هن جو خواب ۽ آدرش هو ۽ ڪم ئي هن لاءِ ڏکيائين کان نجات جو ذريعو هو، دراصل ڪم ئي هن جو علمي وجود هو، جي ان کي وڌاءُ نه سمجهيو وڃي ته اها حقيقت آهي ته محبت ۲۴ ڪلاڪن مان چار ڪلاڪ مس سمهندو هو، سندس جوانيءَ ۾ موت جو سبب به شايد اهو ئي هو، جو هو هڪ ڊاڪٽر هوندي به پنهنجي ذات ۽ صحت لاءِ بي پرواهه هوندو هو.

هو پيشي جي لحاظ کان ته ڊاڪٽر هو پر اصل ۾ هو سماج جو ڊاڪٽر هو، علم، فڪر ۽ عرفان جو ويڄ هو، هو غير معمولي طور پاڙهو به هو، پارکو به هو ته کاهوڙي به هو، هن علم جي هنگلاج جا ڊگھا پنڌ ڪيا هئا ۽ هو انهيءَ ڪري لطيف جي رامڪليءَ جو ڪو سامي هو، جنهن سُڃَ کي جهاڳي ڏاهپ جي وسئن کي ويجهو ٿيو هو، هو ناولن ۾ ذڪر هيٺ آيل آدرشي ڪردارن جهڙو جيئرو جاڳندو انسان هو، هو اهڙو يگانو ماڻهو هو، جن جا صحبتي چئي سگهن ٿا ته مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي! ” محبت علم ۽ ڏاهپ جي پرينءَ کي ڏٺو هو.

علم ۽ ڏاهپ سان عشق ڪندڙن کي ئي فلسفي چيو ويندو آهي ۽ هن فلسفين جهڙي ئي حياتي گذاري پر هو رڳو علم جو عاشق نه هو پر هڪ انقلابي فڪر جو عاشق هو، هن وٽ هڪ نئين انساني سماج جو آدرش هو ۽ اهو ئي سندس اتساهه جو سرچشمو هو، هن کي پنهنجي ذات جا مسئلا، ڏکيائيون ۽ اهنج ان ڪري معمولي لڳندا هئا جو هن جو علم غير معمولي هو، هن جا آدرش غير معمولي هئا ۽ هو هن لوڻ جي کاڻ جهڙي سماج جي جاهلاڻي ۽ ڦورو نظام جو حصو ڪڏهن به نه بڻيو هو.

جيتوڻيڪ هن جو وجود خود ڪنهن اداري کان گهٽ نه هو پر ڪاش هو ڪنهن علمي ۽ تحقيقي اداري جو سربراهه هجي ها ۽ زندگي سندس ساٿ ڇڏي نه وڃي ها ته هو وڌيڪ غير معمولي علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري وڃي ها، اڄ ادارا آهن پر انهن ۾ محبت جهڙا عالم ۽ آدرشي فڪري پورهيت نه آهن، محبت جي هن سماج کي گهرج هئي پر هو ۲۶ سال اڳ ۴۶ سالن جي ننڍي ڄمار ۾ هي جهان ۽ ڪيترائي ڪم، خواب ۽ پنڌ اڌ ۾ ڇڏي ويو. منهنجي روح جي ڀونءِ تي هو اڄ به تخيل ۾ وڏيون وڏيون تيز وکون کڻندي پيو هلندي نظر ايندو آهي بلڪل ائين ئي جيئن هو زندگي ۾ هلندوهو ۽ مون هن يگاني شخص کي ڪڏهن به پنهنجي محبتن، تخيل ۽ روح ۾ مرڻ ناهي ڏنو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۵ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ جا خواب ڏسندڙ

خادم رند

سنڌ جي نامياري سياسي اڳواڻ ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ۲۶ ھين ورسي جي تقريب اڄ (آچر ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع) تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڀٽائي ادبي ھال ۾ ٿي رھي آھي. ورسي تقريب جو اھتمام ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي سهڪار سان ڪيو ويو آھي. اھا ورسي تقريب ھونئن ته ۹ اپريل تي ٿيڻ کپي ھا ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر محبت جي وفات انھيءَ تاريخ تي ٿي ھئي پر رمضان شريف جي آمد ڪري ان کي ڪنھن ٻي مناسب وقت تائين پوئتي ڪيو ويو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۲۶ مارچ ۱۹۶۲ع تي قمبر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ۹ اپريل ۱۹۹۷ع تي فقط ۴۶ سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي مختصر پر شاندار زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪري وڃي قمبر جي زرخيز مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو.

ڊاڪٽر محبت قمبر ۾ پنھنجي ڪلينڪ تي ھڪ ڀيري دوستن سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو ھو ته ڪنھن به ماڻهوءَ کي ۴۰ سالن جي عمر تائين پنھنجي شعبي جي چونڊ ڪرڻ کپي ۽ انکانپوءِ پنھنجي چونڊيل شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ مڙئي موجود وسيلا ڪتب آڻڻ کپن. عجيب اتفاق چئجي ته ھن اھا ڳالهھ پنھنجي وفات کان ڪجهھ سال اڳ ڪئي ھئي. ان مان ظاھر آھي ته ۴۰ سالن ۾ شعبي جي چونڊ بابت ڳالهائڻ وقت ڊاڪٽر محبت جي پنھنجي عمر به لڳ ڀڳ ۴۰ سال ھئي. ان جو مطلب ته ڊاڪٽر محبت ڪنھن خاص شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ واري عمر کان اڳ ئي اسان کان موڪلائي ويو. ته پوءِ آخر ڪهڙا سبب ھئا جو پنھنجي مختصر زندگيءَ ۾ ھو ايترا ته غيرمعمولي ۽ شاندار ڪم ڪري ويو جو ايم ايڇ پنھور جهڙي وڏي محقق ۽ سائنسدان کي به چوڻو پيو ته “ڊاڪٽر محبت جيڪڏهن ۶۰ سالن تائين جيئرو رھي ھا ته تصور ڪيو ھو ڪٿي پهچي ھا” ان سوال جو جواب ڊاڪٽر محبت جي دوستن ۽ ساٿين وٽ جدا جدا ٿي سگهي ٿو، پر مون سندس زندگيءَ جو جيڪو مختصر خاڪو پيش ڪيو آھي تنھن مان ممڪن آهي ته مٿئين سوال جو جواب سمجهڻ ۾ ڪنھن حد تائين سولائي ٿي پوي!

ڊاڪٽر محبت ۱۹۷۱ع ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪري ۱۹۷۲ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري (ھاڻي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ ھيلٿ سائنسز) ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لاءِ داخلا ورتي. ڊاڪٽر محبت جي ڪاليج وارن ڏينھن ۾ ڪتابن پڙهڻ واري عادت ان حد تائين وڌي چڪي ھئي جو ھو ڪاليج جي لائبريريءَ مان تقريبن روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب کڻندو ھو ۽ ٻي ڏينھن اھو ڪتاب واپس ڪري وري ڪو ٻيو ڪتاب کڻندو ھو. جيڪڏهن ڪتاب ننڍڙا ھوندا ھئا ته ھڪ کان وڌيڪ ڪتاب به کڻندو ھو. اھڙي تيز رفتار مطالعي مان کيس اھو فائدو ٿيندو ھو ته ھو ٿوري وقت ۾ گهڻي ڄاڻ پرائي وٺندو ھو. ايل ايم سي ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ دؤران به ھن جو نه رڳو گهڻ پاسائون مطالعو جاري رھيو پر ھن لکڻ جي به شروعات ڪئي. شروع ۾ ھن ڪھاڻيون ۽ مزاحيا خاڪا لکيا جيڪي ڪاليج جي مخزن ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا ھئا. ايتري پڙھڻ ۽ لکڻ سان ڊاڪٽر محبت ۾ ڪافي حد تائين سياسي پختگي اچي وئي. سال ۱۹۷۴ع ۾ ايل ايم سي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو ميمبر ٿيڻ سان ھن عملي سياست جي شروعات ڪئي. ان تنظيم جو ھو ۱۹۷۸ع تائين باني سيڪريٽري رھيو. ان دؤران ڊاڪٽر محبت شاگردن ۽ سنڌ جي عام ماڻهن ۾ سياسي ۽ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. خاص طور مختلف علمي موضوعن تي بهترين قسم جا ليڪچر ڏيندو رھيو. اھڙا ليڪچر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين. ھن ۱۹۸۴ع ۾ قمبر ۾ لطيف ڪلينڪ قائم ڪري ھڪ جنرل پريڪٽيشنر طور تر جي مريضن جو علاج شروع ڪري ڏنو. اھا ڪلينڪ ۱۹۹۷ع ۾ سندس لاڏاڻي تائين قائم رھي.

سياسي نظريي جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت سوشلزم جو پرچارڪ ھو ۽ سنڌي قوم جو حقيقي آجپو ۽ خوشحالي به کيس ان نظريي ۾ نظر ايندي ھئي. ھن وٽ پنھنجي نظريي جي حمايت ۾ تمام مظبوط ۽ عام فھم دليل ھوندا ھئا. بحث دؤران اڳئين ماڻهو جي سموري ڳالھ ڌيان سان ٻڌندو ھو ۽ پوءِ اختلافي نقطن تي پنھنجي مخصوص انداز ۾ دليل ڏئي مخالف کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. سدائين آرام ۽ پنهنجائپ واري لهجي ۾ بحث ڪندو ھو، مون ڪڏهن به کيس چڙندي ۽ بيزار ٿيندي نه ڏٺو. ڊاڪٽر محبت وٽ جيڪڏهن ڪو مريض يا دوست نه ھوندو ھو ته پوءِ ويٺو لکندو يا پڙھندو ھو، پر مون کيس گهڻي ڀاڱي لکندي ڏٺو. سندس ٽيبل تي ڪيترائي ڪتاب، اڇن پنن جا دستا ۽ بال پينون رکيل ھونديون ھيون. لکڻ دؤران سگريٽ مٿان سگريٽ پيو ڇڪيندو ھو. چانھ به گهڻي پيئندو ھو. اھي ٻئي شيون لکڻ ۾ کيس مدد مهيا ڪنديون ھيون. ھو سنڌ جي قومي معاملن بابت ايڏو ته حساس ھو جو ۱۹۹۲ع واري بارسلونا اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي نمائندگي نه ڏسي روئي ويٺو. ھو ھڪ اھڙو غيرمعمولي شخص ھو جنھن پنھنجي ذاتي مسئلن کان وڌ سنڌ جي قومي مسئلن کي اھميت ڏني ۽ ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ آخري گهڙين تائين مسلسل جاکوڙيندو رھيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ جا خواب ڏسندڙ شخص!

خادم رند

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۲۶ مارچ ۱۹۶۲ع تي قمبر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ۹ اپريل ۱۹۹۷ع تي فقط ۴۶ سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي مختصر پر شاندار زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪري وڃي قمبر جي زرخيز مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو.

ڊاڪٽر محبت قمبر ۾ پنھنجي ڪلينڪ تي ھڪ ڀيري دوستن سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو ھو ته ڪنھن به ماڻهوءَ کي ۴۰ سالن جي عمر تائين پنھنجي شعبي جي چونڊ ڪرڻ کپي ۽ انکانپوءِ پنھنجي چونڊيل شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ مڙئي موجود وسيلا ڪتب آڻڻ کپن. عجيب اتفاق چئجي ته ھن اھا ڳالھ پنھنجي وفات کان ڪجھ سال اڳ ڪئي ھئي. ان مان ظاھر آھي ته ۴۰ سالن ۾ شعبي جي چونڊ بابت ڳالهائڻ وقت ڊاڪٽر محبت جي پنھنجي عمر به لڳ ڀڳ ۴۰ سال ھئي. ان جو مطلب ته ڊاڪٽر محبت ڪنھن خاص شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ واري عمر کان اڳ ئي اسان کان موڪلائي ويو. ته پوءِ آخر ڪهڙا سبب ھئا جو پنھنجي مختصر زندگيءَ ۾ ھو ايترا ته غيرمعمولي ۽ شاندار ڪم ڪري ويو جو ايم ايڇ پنھور جهڙي وڏي محقق ۽ سائنسدان کي به چوڻو پيو ته “ڊاڪٽر محبت جيڪڏهن ۶۰ سالن تائين جيئرو رھي ھا ته تصور ڪيو ھو ڪٿي پهچي ھا” ان سوال جو جواب ڊاڪٽر محبت جي دوستن ۽ ساٿين وٽ جدا جدا ٿي سگهي ٿو، پر مون سندس زندگيءَ جو جيڪو مختصر خاڪو پيش ڪيو آھي تنھن مان ممڪن آهي ته مٿئين سوال جو جواب سمجهڻ ۾ ڪنھن حد تائين سولائي ٿي پوي! ڊاڪٽر محبت ۱۹۷۱ع ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪري ۱۹۷۲ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري (ھاڻي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ ھيلٿ سائنسز) ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لاءِ داخلا ورتي. ڊاڪٽر محبت جي ڪاليج وارن ڏينھن ۾ ڪتابن پڙهڻ واري عادت ان حد تائين وڌي چڪي ھئي جو ھو ڪاليج جي لائبريريءَ مان تقريبن روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب کڻندو ھو ۽ ٻي ڏينھن اھو ڪتاب واپس ڪري وري ڪو ٻيو ڪتاب کڻندو ھو. جيڪڏهن ڪتاب ننڍڙا ھوندا ھئا ته ھڪ کان وڌيڪ ڪتاب به کڻندو ھو. اھڙي تيز رفتار مطالعي مان کيس اھو فائدو ٿيندو ھو ته ھو ٿوري وقت ۾ گهڻي ڄاڻ پرائي وٺندو ھو. ايل ايم سي ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ دؤران به ھن جو نه رڳو گهڻ پاسائون مطالعو جاري رھيو پر ھن لکڻ جي به شروعات ڪئي. شروع ۾ ھن ڪھاڻيون ۽ مزاحيا خاڪا لکيا جيڪي ڪاليج جي مخزن ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا ھئا. ايتري پڙھڻ ۽ لکڻ سان ڊاڪٽر محبت ۾ ڪافي حد تائين سياسي پختگي اچي وئي. سال ۱۹۷۴ع ۾ ايل ايم سي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو ميمبر ٿيڻ سان ھن عملي سياست جي شروعات ڪئي. ان تنظيم جو ھو ۱۹۷۸ع تائين باني سيڪريٽري رھيو. ان دؤران ڊاڪٽر محبت شاگردن ۽ سنڌ جي عام ماڻهن ۾ سياسي ۽ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. خاص طور مختلف علمي موضوعن تي بهترين قسم جا ليڪچر ڏيندو رھيو. اھڙا ليڪچر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين. ھو ارتقا ۽ ٻين سائنسي موضوعن تي ايترا ته ڊگها ليڪچر ڏيندو ھو جو اڪثر ڪري ليڪچرن دؤران وقفو ڪرڻو پوندو ھو ته جيئن ٻڌندڙ ساھي پٽي تازا توانا ٿي سگهن. سال ۱۹۷۹ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر محبت ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان پاڪستان آرمي ۾ ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۲ع تائين ڪمپلسري ملٽري سروس طور نوڪري ڪئي. انکانپوءِ ۱۹۸۳ع ۾ ميلون جونس بلڊ بئنڪ ڪراچي ۽ ۸۴-۱۹۸۳ع ۾ آغاخان چيريٽبل ڊسپينسري ڪراچي ۾ پرائيويٽ نوڪريون ڪيائين. کيس ڪراچي ۾ به مزو نه آيو جنھن جي نتيجي ۾ نوڪري کي الوداع ڪري پنھنجي اباڻي شھر قمبر اچي پهتو. سندس چوڻ ھو ته پنھنجي شھر وارن جو مونتي پهريون حق بڻجي ٿو ته مان سندن خدمت ڪيان. ھن ۱۹۸۴ع ۾ قمبر ۾ لطيف ڪلينڪ قائم ڪري ھڪ جنرل پريڪٽيشنر طور تر جي مريضن جو علاج شروع ڪري ڏنو. اھا ڪلينڪ ۱۹۹۷ع ۾ سندس لاڏاڻي تائين قائم رھي. لطيف ڪلينڪ کان اڳ قمبر قومي ۽ ترقي پسند سياسي ڪارڪن ۽ مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت جي وڏي ڀاءُ ادا رستم علي جي سيلون تي ملندا ھئا جيڪا قمبر جي مشھور ۽ تاريخي لاھي چاڙھي بازار ۾ ھوندي ھئي. ڊاڪٽر محبت سان منھنجو واسطو سندس ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي جي معرفت ٿيو. جنھن کانپوءِ اھو تعلق ڏينھون ڏينھن گهرو ٿيندو ويو ۽ مان ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ لڳاتار سندس ڪلينڪ تي ويندو رھيس. اھڙو سلسلو ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۷ع ۾ سندس ڏکوئيندڙ وڇوڙي تائين جاري رھيو. ان عرصي ۾ ڊاڪٽر ڪن سببن ڪري پنھنجي ڪلينڪ قمبر شھر جي باگيديري، گوپانگ ۽ آخر ۾ علي خان محلي ۾ منتقل ڪئي. انھن ٽنھي ڪلينڪن جو ڏيک ويک ڪلينڪ کان وڌيڪ ڪنھن اوطاق جهڙو ئي رھيو جتي مريض صفا گهٽ پر اديب ۽ سياسي ڪارڪن وڌيڪ نظر ايندا ھئا. ڪلينڪ تي ڏھاڙي دنيا جھان جي موضوعن تي گفتگو ۽ بحث مباحثا ٿيندا ھئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اھڙيون ويھڪون ايترو ته طويل ٿي وينديون ھيون جو ڊاڪٽر کي پنھنجي مقرر وقت کان وڌيڪ تائين ڪلينڪ ۾ ويھڻو پوندو ھو. ھڪ ايم بي بي ايس ۽ ڪئپٽن ڊاڪٽر ھوندي به ڊاڪٽر محبت ڪڏهن پنھنجي ڪلينڪ تي ڪو ڪمپائونڊر وغيره نه رکيو. گهڻي ڀاڱي مريض کي انجيڪشن نه لڳائيندو ھو جو بقول سندس ھر مريض کي انجيڪشن جي ضرورت نه ھوندي آھي. پر جي انجيڪشن اڻٽر ٿي پوندي ھئي ته پوءِ پاڻ ئي لڳائي ڇڏيندو ھو. انڪري قمبر شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ مشھور ٿي ويو ته ڊاڪٽر محبت کي سئي ھڻڻ نٿي اچي! ٻيو ته ڪلينڪ ۾ چانھ ٺاھڻ جو سامان به رکي ڇڏيو هئائين تنھنڪري ڏھاڙي ڪيترائي ڀيرا چانھ تيار ٿيندي ھئي. جي کير وغيره ختم ٿي ويندو ھو ته پاڙي جي ڪنھن ھوٽل تان گهرائيندو ھو. مريض پنھنجي تڪليف ٻڌائيندو ھو ته ڊاڪٽر کيس “ڪجھ ناھي گهٻراءِ نه” چئي ڄڻ ھن کي چپ ڪرائي ڇڏيندو ھو. ٻيو ته ھروقت ڪلينڪ تي ڪو نه ڪو ماڻهو ويٺو ھوندو ھو انڪري مريض کي پنھنجي بيماري جو سربستو احوال ٻڌائڻ ۾ به ڏکيائي يا حجاب ٿيندو ھوندو. اھي ۽ ڪجھ ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا پر مجموعي طور ڪنھن ڪلينڪ وارو پروٽوڪول پيدا نه ڪري سگهڻ جو نتيجو اھو نڪتو جو لطيف ڪلينڪ گهڻي ڀاڱي مريضن کان خالي رھڻ لڳي.

۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۷ع تائين واري عرصي ۾ ڊاڪٽر محبت مونکي ڪنھن ڊاڪٽر کان وڌيڪ ھڪ استاد لڳو جيڪو ماڻهن ۾ سياسي، سماجي ۽ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ھر وقت تحرڪ ۾ رھندو ھو. ھو ان خيال جو ھو ته جيستائين ماڻهن ۾ سياسي شعور نه ايندو تيستائين اھي ڦورو طبقن پاران استحصال جو شڪار ٿيندا رھندا ۽ شعور وري سائنسي علمن کانسواءِ پيدا نه ٿيندو. انڪري ھو سنڌي ماڻهن کي سياست ۽ ٻين سائنسي علمن ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ ھر وقت ھمٿائيندو رھندو ھو. واضع رھي ته ڊاڪٽر محبت سياست کي به سائنس جي ھڪ شاخ ڪوٺيندو ھو. مون ڊاڪٽر کي ڪڏهن به مريض نه اچڻ جي سلسلي ۾ پريشان نه ڏٺو يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته ھن ڪنھن کي محسوس نه ٿيڻ ڏنو ھجي. باقي سنڌي قوم ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بيواجبين بابت ھو ھروقت سوچيندو ۽ لوچيندو رھندو ھو. ھو قومي معاملن تي پنھنجي مؤقف ۾ ڏاڍو مدلل ۽ واضع ھوندو ھو. ڪنھن اعليٰ تعليم واري شخص يا ڪنھن عام ڳوٺاڻي ماڻهو سان سندن ذهني سطح موجب ڳالهائيندو ھو.

سياسي نظريي جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت سوشلزم جو پرچارڪ ھو ۽ سنڌي قوم جو حقيقي آجپو ۽ خوشحالي به کيس ان نظريي ۾ نظر ايندي ھئي. ھن وٽ پنھنجي نظريي جي حمايت ۾ تمام مظبوط ۽ عام فھم دليل ھوندا ھئا. بحث دؤران اڳئين ماڻهو جي سموري ڳالھ ڌيان سان ٻڌندو ھو ۽ پوءِ اختلافي نقطن تي پنھنجي مخصوص انداز ۾ دليل ڏئي مخالف کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سدائين آرام ۽ پنهنجائپ واري لهجي ۾ بحث ڪندو ھو، مون ڪڏهن به کيس چڙندي ۽ بيزار ٿيندي نه ڏٺو. ڊاڪٽر محبت وٽ جيڪڏهن ڪو مريض يا دوست نه ھوندو ھو ته پوءِ ويٺو لکندو يا پڙھندو ھو، پر مون کيس گهڻي ڀاڱي لکندي ڏٺو. سندس ٽيبل تي ڪيترائي ڪتاب، اڇن پنن جا دستا ۽ بال پينون رکيل ھونديون ھيون. لکڻ دؤران سگريٽ مٿان سگريٽ پيو ڇڪيندو ھو. چانھ به گهڻي پيئندو ھو. اھي ٻئي شيون لکڻ ۾ کيس مدد مهيا ڪنديون ھيون. ھو سنڌ جي قومي معاملن بابت ايڏو ته حساس ھو جو ۱۹۹۲ع واري بارسلونا اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي نمائندگي نه ڏسي روئي ويٺو. ھو ھڪ اھڙو غير معمولي شخص ھو جنھن پنھنجي ذاتي مسئلن کان وڌ سنڌ جي قومي مسئلن کي اھميت ڏني ۽ ھر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ آخري گهڙين تائين مسلسل جاکوڙيندو رھيو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

وسيم سيتائي

سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سماج لاء پنهنجي مختصر عمر جي مختصر عرصي ۾ علمي ادبي توڙي تحقيقي لازوال ۽ املھ خدمتون ڪندڙ نامياري ليکڪ، اديب محقق ماھر لسانيات، صحافي مترجم ، دانشور ۽ ڏاھي انسان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي اڄ ٩ اپريل ٢٠٢٢ع تي سندس پنجويھين ورسي آھي انھيء مناسبت سان کيس سلام......پيش ڪجي ٿو...

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو قلمي ۽ تخليقي پورھيو علمي ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي لحاظ کان ھڪ گھرو سمنڊ آھي جنهن ۾ مون فقط آڱر جو ذرڙو ٻوڙڻ جي مڙئي ڪوشش ڪئي آھي ۽ پنهنجي مضمون منجھان صرف ننڍڙو ٽڪرو پيش ڪيو آھي، ڊاڪٽر محبت (عمر ۴۵ سال) ٿوري وقت ۾ تمام گھڻو ڪم ڪري ويو آھي، اھڙي اڻٿڪ کاھوڙيء تي لکڻ واقعي اڙانگو آھي محسوس ٿئي ٿو...

"ھوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جئا"

حياتي ڪيتري نه مختصر مختصر آهي ۽ انهيءَ مختصر عرصي کي وري مثبت طريقي سان گهارڻ هر ڪنهن جي وس ورلي آهي، هر ڪو انسان زندگيءَ جي جڏهن حقيقت تائين رسائي حاصل ڪري ٿو تڏهن هن جي حياتيءَ جا ڏينهن وڃي باقي بچن ٿا يا ڪي بي معنيٰ بي مقصد حياتي گهاري وڃن ٿا، هو محروم ٿي زندگيءَ جا پل گذاري وڃن ٿا پر ڪي ماڻهو محروميت بجاءِ ماهر ٿي مرن ٿا... پر اهي مرن وري ڪٿي ٿا؟ اهي ته حيات ئي آهن پنهنجي معقول مقصدي ڪردار جي ذريعي، پنهنجي هاڪاري ڪردار جي ذريعي غير فاني ٿي وڃن ٿا... اها حقيقت آهي ته اهي انسان جيڪي زندگيءَ جو پل پل پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي محنت ۽ جدوجھد جي فڪر ۾ گهاريندي عملي طور تي سرگرم رهن ٿا ۽ وقت جي چيچ پڪڙي ان کان به اڳي اڳي وک کڻن ٿا اهي ماڻهو ڪڏهن مات ٿيڻا ئي ناهن، اهي صدين تائين جيئن ٿا، جيڪي ٻارڻ ٻاري وڃن ٿا ۽ ٻين لاءِ بنا لوڀ لالچ جي جوت جلائي راھ روشن ڪري وڃن ٿا، ها! اهي ته حيات هوندا آهن...اهڙن املهه ۽ زندگيء کي سڌو سنئون سونھري مفھوم ڏيندڙ کاهوڙي انسانن منجهان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو نالو اهم آهي..

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، جنهن پنهنجي ٿوري عمر ۾ وڏو ڪم ڪيو جيڪو سچ ته ماڻهو وڏيون حياتيون ماڻي به نٿو ڪري سگهي ۽ ڊاڪٽر محبت انهيءَ تي پورو لهي وقت جي وک وک سان باڪمال جستجو ڪندو هلندو رهيو ته يقينن تاريخ ۾ اهڙن غير معمولي انسانن جو نالو ڪڏهن مٽڻو ئي ناهي...ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ ئي وقت مختلف علمي ادبي شعبن سان سلهاڙيل رهيو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت ٿي رهيو ۽ هرشعبي ۾ هو مهارت رکندڙ ماهر هو...فلسفو، ادب، تاريخ، ٻولي سماج ، سائنس ۽ سياست هن جا اهم پهلو رهيا جن تي هو پورو سچيتائي سان نڀاء ڪندو رھيو.....بقول جامي چانڊيي جي ته “ڪيئن طئي ڪجي ته هو ڇا جو ماهر هو؟ ۽ هو ته انهن سمورن علمن جو ماهر هو”....هو محقق، عالم، دانشور تعليمدان سماج سڌارڪ فلسفي، ڏاهو، صحافي ۽ هڪ برجستو ليکڪ ڪهاڻيڪار، لسانيات جو ماهر ۽ ڪجهه وقت سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان بخوبي ڪردار نڀائيندو رهيو...سندس اڻمٽ علمي ڪردار جي واکاڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تعليمي ۽ عملي زندگيءَ ۾ مختصر جهاتي پائڻ کانپوءِ سندس ڪيل علمي خدمتن کي بيان ڪجي ٿو...

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۲۵ مارچ ۱۹۵۲ع ۾ قمبر شهر ۾ شوڪت علي “شوق” ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو...پرائمري ۽ انگريزي تعليم پنهنجي ئي ماڳ قمبر مان حاصل ڪيائين،انٽر (پري ميڊڪل) جي ڊگري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو پڙهڻ ويو جتي هن ساڳئي ئي شعبي ميڊيڪل ۾ ايم بي بي ايس جي تعليم حاصل ڪئي....تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروع ڪندي ۱۹۸۰ع دوران ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري ۾ نوڪري ڪئي، جنهنجي ڪري کيس گلگت، اسڪردو ۽ اٽڪ ڪوئيٽا ۾ رهڻو پيس پر ترت ئي ئي اتان استعفي ڏئي ڇڏي آيو..استعفي جو سبب ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو سندس آزاد طبعت/ مزاج ھئڻ جو سبب لکي ٿو، انکانپوءِ ڊاڪٽر محبت ۱۹۸۳ع ۾ ملون جونس بلڊ بئنڪ ڪراچي ۽ آغا خان چيريٽبل ڊسپينسري ڪراچي م خانگي طور نوڪري ڪئي ۽ بعد ۾ پنهنجي شهر قمبر ڏانهن رخ ڪيو ۽ ۱۹۸۴ع کان ۱۹۹۷ع تائين "لطيف ڪلينڪ" جي نالي سان خانگي طور عملي خور روايتي زندگي جو گذارو ڪندو رهيو...ڊاڪٽر محبت جيئن ته هڪ انسان دوست ٿي گذاريو، وٽس انسانيت جو ڪاٿو ھن کي چڱيء ريت ھيو ۽ ھڪ ھڏ ڏوکي ۽ ھمدرد ھو انهيءَ ڪري هو مريضن کان فيس نهايت گهٽ وٺندي انهن جي سهائتا ڪندو رهيو انهيء سلسلي ۾ سائين ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو لکي ٿو ته “هو لطيف ڪلينڪ تي ايندڙ مريضن کان ايتري ته معمولي فيس وٺندو هو، جو اڪثر ڪري ڏهاڙي گذر سفر لاءِ به کٽي پوندو هو. مريضن کي ميڊيڪل اسٽور جي بيحد سستي دوا لکي ڏيندو هو، وس آهر پڳي مريضن کي سئي نه هڻندو هو ۽ لاچار مريضن کي دوا درمل لاءِ پنهنجي هڙان پڙان به ڏيندو هو” انھيء ۾ ڪو شڪ ناھي ھو سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاء ئي جھاڳيندو رھيو ٿي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان سندس محبت جو اندازو سندس تخليق ڪيل تحريرن ۽ مضمونن مان به لڳائي سگھجي ٿو جيڪي مختلف رسالن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۱۹۸۳ع ۾ شادي ڪئي ۽ کيس پٽ جو اولاد ٿيو سندس پٽ انجنيئر ساجد محبت جيڪو اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ڪراچيء ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي...ڊاڪٽر محبت ٻرڙو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ رهندي سندس حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ مختلف ادبي علمي دوستن سان وابستگي رهي جن ۾ غلام محمد گرامي به شامل آهي، هن ايل ايم سي ۾ انهيءَ دوران لکڻ به شروع ڪيو هو...سندس ڪتابن جي مطالعي جو لڳاءَ ته اڳ ۾ ئي هيس ۽ ڊگري ڪاليج جي لائبريريءَ مان مختلف موضوعن تي ڪتاب کڻي پڙهندو رهيو هو...لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ هن مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، سندس پهرين ڪهاڻي “ڊاڪٽر” هئي جيڪا "شاگرد" ۽ "انجيڪيشن" ۽ ايل ايم سي جي مخزن “لياقت” ۾ ڇپي... ان کان علاوه ڊاڪٽر محبت ٻرڙي مختلف موضوعن تي لکڻ شروع ڪيو هن يونيورسٽي جي عرصي دوران صحافت ۾ به پاڻ ملهايو مختلف اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر جي حيثيت سان سرگرم رهيو ۽ "جاڳو" اخبار لاءِ نمائيندو هجڻ جون خدمتون خوب طرح سان به نڀائيندو رهيو....نه صرف ايترو پر هن قنبر ۾ ادبي ادارو قائم ڪيو جيڪو "ڏاهپ ڪتاب گهر" جي نالي سان هو بعد ۾ ان جو نالو سندس ئي اجازت سان "ڏاهپ پبليڪيشن" رکيو ويو ۽ انهيءَ اداري طرفان مختلف موضوعن تي ڪتاب پڻ ڇپرايا وڃن ٿا...ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سياسي سرگرمين ۾ پير پائيندي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو يونٽ کوليو ۽ ان جو باني ٿي رهيو...انهيءِ سلسلي ۾ هن مختلف موضوعن تي سون جي تعداد ۾ مختلف شهرن ۾ سائنسي ۽ فڪري لحاظ کان ليڪچر ڏيندو رهيو سندس ليڪچرن جو وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ به رھيو جنهن مان اھا سڌ پوي ٿي ته ڊاڪٽر محبت وٽ جامي چانڊيي جي رايي مطابق ڄڻ واقعي سقراطي سوچ پليل ھئي، نه رڳو ايترو پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو مختلف سماجي ڀلائي جي تنطيمن سان واسطو پڻ رهيو ۱۹۷۴ع دوران هن گلڙن جهڙا بارڙا سنگت قنبر جي سرپرستي پڻي ڪئي ۽ جنھنجي تحت هن ٻارن جي تربيتي گڏجاڻين ۾ پڻ ڀرپور ڪردار نڀايو تنهنکاسواءِ هن ميونسپل ڪميٽي جي ڪارگزارين جي تحت پنهنجي شهر ۾ قنبر ۾ مختلف ساراهه جوڳا ڪم ڪرايا جيئن صفائيءَ وغيره جو ڪم ڪرائڻ لاء ڪوششون وٺڻ ۽ هن ٻارن لاءِ مختلف گڏجاڻيون ڪندي هو انهن کي تربيت ڪرڻ لاءِ مختلف ليڪچر پڻ ڏيندو رهيو...ڊاڪٽر محبت جو سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر سان پڻ واسطو رهيو هن وقت جي پابنديءَ سان ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندي مختلف تنقيدي ۽ اصلاحي مشورا ڏيندو رهيو...

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي مختلف موضوعن تي سياسي،فلسفي، تحقيقي ۽ تخليقي ۽ تنقيدي ڪتاب لکيا انهن ۾ ڪجهه ترجمو ڪيل ڪتاب به شامل آهن جن مان ڪجهه سندس حياتي ۾ چپيا ته ڪجهه سندس وفات بعد سندس ڀاء نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي ترتيب ڏئي چپرايا انهن منجهان ڪجهه ڪتابن جان نالا هن ريت آهن ڪتاب “جيڪو سچ چوي” ۱۹۸۸ع ۾جيڪو ۳۷۲ صفحن تي مشتمل آهي هن ڪتاب جي تحت کيس ايوارڊ طور اجرڪ اوڍايو ويو بعد ۾ هن ئي ڪتاب جو آخري باب الڳ ڪري هٿ وڌايو سنڌ بچايو جي نالي سان ڇپرايو ويو. ڪتاب “شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي” ۱۹۸۸ع، “ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪين ماٺ ڪري” ۱۹۸۸ع ۾، “سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشون” ۱۹۸۸ع، “سنڌيو سجاڳ ٿيو ؛ سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن سازشن کان هر گهڙي خبردار رهو” ۱۹۸۹ع ۾، “سنڌي سورما” ۱۹۹۰ع ۾ چپيا انهن سياسي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي هڪ وڏي خزاني طور ارپي ويو...

ڊاڪٽر محبت جي ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ۽ سندس لکڻين کي غور سان پڙھجي ۽ پرکجي ٿو ته اھا سندس لکڻين جي اھم ۽ بنيادي خوبي آھي ته ھو ڪنهن به موضوع تي لکندي ان موضوع کي وڌيڪ واضح طور سمجھائڻ خاطر ھو تمام گھڻا ۽ سڻاوا روز مرھ جي زندگيء جا ٺاھي ٺاھي ڳالھ يا مسئلي کي سمجھڻ لاء مثال پيش ڪري ٿو ۽ موضوع جي گھرائي تائين پھچي چٽو چٽو ثابت ڪري ٿو ۽ پڙھندڙ نھايت با آسانيء سان ڪا فلسفيانه صا ڳوڙھي ڳالھ سمجھي وٺي ٿو، ڊاڪٽر محبت جي سندس لکڻين جي ھن قسم جي اسلوب مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ڪيترو ڏاھو انسان ھو ۽ وٽس ڪيڏو شاندار دانشمندانا لکڻ ۽ سمجھائڻ جو ڏانء موجود ھيو انھيء لحاظ کان نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش ڊاڪٽر محبت لاء گذريل سال چووھين ورسيء جي پروگرام

 دوران پنهنجي تقرير ۾ ڳالھائيندي کيس جيڪو لفظ "جينيئس" استعمال ڪيو ھو سو واقعي ھو ھڪ "جينيئس" ماڻھو ئي ھو انھي ۾

 ڪو به وڌاء يا عقيدت شمار ناھي....

مان سمجھان ٿو ڪو ساڃاھ وند ماڻھو جڏهن سندس علمي ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندي گھرائيء سان پڙھندو ۽ ڪٿ ڪندو ته تڏهن ھو (ڪاري) پاڻ ئي انصاف ڪري سگھندو ....

اهو ۹ اپريل ۱۹۹۷ع جو اڀاڳو ڏينهن چئجي جنهن اهڙي اڻٿڪ ۽ سدائين ڪنهن لوچ ۾ لڙهندڙ ۽ فڪر ۾ رهندڙ ڏاهي انسان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سنڌ ۽ سنڌي سماج کان کسي ورتو هو يقينن انهيءَ ويل هر پنهنجي پرائي جي اک آلي ٿي هوندي ......

ڊاڪٽرمحبت جي وفات بعد سندس ساٿين طرفان "کير ٿر اڪيڊمي" جو نالو بدلائي "ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي" رکيو ويو جنهن جو مقصد ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسيءَ دوران هر سال سندس ڪتاب ڇپرائڻ ۽ مختلف ادبي سماجي تنظيمن ۾ خدمتون سرامجام ڏيندڙن کي اڪيڊميءَ طرفان مڃتا ايورڊ ڏيڻ ھڪ سٺو ۽ بجا سلسلو شروع ڪيو ويو انهيءِ سلسلي جي شروعات ۲۰۰۲ع کان ڪئي وئي....ڊاڪٽر محبت جي وفات کانپوء هر سال سندس ورسيءَ جي مناسبت سان مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپرائي پڌراڪيا وڃن ٿا ھن وقت تائين محبت اڪيڊميء طرفان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ويا آھن انهن ڪتاب مان ڪن ڪتابن جا نالا هتي پيش ڪجن ٿا اهي ڪتاب سندس ڀاءَ ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ڊاڪٽر محبت جي ورسيء جي موقعي تي وڏي محنت سان سھيڙي ترتيب ڏئي ڇپرائيندو رهي ٿو، انهن ڪتابن ۾ ڪن جا نالا هي آهن... انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا ۱۹۹۸ع (مقالا، مضمون ۽ علمي خط)، ماڻهو ۽ ماڻپو ۱۹۹۹ع (مقالا ۽ مضمون)، اچو ته پنهنجي لکت سنواريون ۲۰۰۰ع (مقالا ۽ مضمون)، يادون ۽ سڪون ۲۰۰۱ع (انٽريو، ڪهاڻيون، طنز ومزاح ۽ ننڍايل ناول)، ٻوليءَ جو بڻ ۲۰۰۲ع (تحقيق)، سنڌي ٻولي؛ لفظ، لغت ۽ لکت ۲۰۰۳ع (مضمون ۽ مقالا)، شعور ۲۰۰۴ع ۽ پوءِ مخلف ڇاپا، موسي کان مارڪس تائين ۲۰۰۵ع ۽ مختلف ڇاچا، ٻول جو بڻ ۲۰۰۷ع (تحقيق)، جدلي ماديت جا بنيادي اصول ۲۰۰۸ع ۽ مختلف ڇاپا، ڌرتي منهنجو گهر ۲۰۰۹ع، آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۲۰۱۰ع (ترجمو، ليکڪ ايڇ ايم پنهور) فلسفو هڪ مطالعو ۲۰۱۲ع، ڏاهپ جو جنم ۲۰۱۱ع (ترجمو رياضت سان)، ضميري پڇاڙيون ۲۰۱۳ع ترجمو (سياسي مضمون)، فطرت، سائنس ۽ سماج ۲۰۱۵ع سماجي ۽ سائنسي مضمون)، محبت جا خط ۲۰۱۶ع انهن ڪتابن کانسواءَ ٻيان ڪيترائي ڪتاب جيڪي مختلف موضوعن تي شايع ٿيل آهن ۽ انهن جا مختلف ڇاپا پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن....

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جنهن پنهنجي مختصر عمر جي عرصي ۾ ايترو گهڻو ڪم ڪري ويو جيڪو نه رڳو تخليقي پر عملي طور تي پاڻ ملهائڻ ھو، پڪ سان چئي سگهجي ٿو هن پنهنجي زندگيءَ جو لمحو لمحو، ساعت ساعت ڪنهن جستجوءَ ۾ گذاريو هوندو نه ته ٿوري وقت ۾ ايڏو وڏو ڪم نهايت اڙانگو ۽ دقيق آهي هو نه رڳو پاڻ پنهنجي وقت ۾ هڪ روشن ڏيئو ٿي گذريو پر ٻين لاءِ پڻ لاٽ ٻاري ويو شايد اهڙن ماڻھن لاءِ ئي ڊاڪٽر تنوير عباسي چئي ويو ته...

"ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾

هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيو سين"

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي اڄ سندس پنجويهين ورسي آهي انهي لحاظ کان کيس سلام پيش ڪجي ٿو... اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ايندڙ هر ساڃاه وند نسل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي علمي ادبي خدمتن تحت سندس ڪردار کي ساراهيندو رهندو پيو...

 وسيم سيتائي لاڙڪاڻو

 

(ڏھاڙي نجات ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق - ورسي جي حوالي سان

ملھار سنڌي

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ جي علمي، ادبي دنيا جو انمول ماڻڪ ھو. سندس ادبي خدمتن جو جائزو وٺڻ دوران کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ کان نه ٿو رھي سگھجي ڇو ته ھن پنھنجي مختصر زندگيء ۾ سنڌ جي شعور ۽ روشن مستقبل لاء ايترو ته علمي ڪم ڪيو آھي جو ادارا به نه ٿا ڪري سگهن! مفڪر اعظم شاھ لطيف جو بيت آھي تہ

ايء گت غواصن، جو سمنڊ سوجھيائون،

پيھي منجھ پاتار ۾ ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، ھيرو لعل ھٿن سين.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ھڪ بھترين عالم ۽ متحرڪ انسان ھو جنھن علم وادب جي سڀني موضوعن تي نه صرف قلم کنيو پر نڀاء پڻ ڪيو ھو. ٻوليء جي بڻ بنياد، صرفي نحوي قاعدن، اصولن، ضابطن، اصطلاحن، محاورن تي سندس ڪم نھايت ئي عالمانه ۽ ماھرانه انداز سان ٿيل آھي ڇو ته ھو سائنسي سوچ سان ڪم ڪندڙ اسڪالر ھو ھن خاموشيءَ سان ٻوليء تي جيترو ڪم ڪيو آھي ان جي حصي جيترو به اڄ جي ٻولي ماھرن جو ڪم نه ٿو ملي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پيار ڪندڙ سچيت سرجڻھار ھو سندس علمي، ادبي پورھيو پنھنجي ٻولي ۽ ادب سان حقيقي عشق جو اظھار آھي سندس زندگي ۽ علمي، ادبي خدمتن تي نامور محقق دين محمد ڪلھوڙي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪئي آھي جيڪو پڻ اھم ڪم آھي. پر پيار ڀريو ۽ نھايت ئي اھم ڪم ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جو آھي جيڪو سندس ھر ورسيء تي ڪتاب ڇپرائي ٿو. مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ ۳۵ ڪتاب ڇپرائي چڪو آھي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جي نالي سان اشاعتي ادارو پڻ قائم ڪيو اٿس ھن اداري پاران ڇپايل ڪجھ اھم ڪتابن جا نالا ھن ريت آھن ۱،انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي ۲، جدلي ماديت جا بنيادي اصول ۳، فطرت، سائنس ۽ سماج ۴، شعور، ۵، فلسفو ھڪ مطالعو ۶، ڌرتي منھنجو گھر ۷، ٻوليء جو بڻ ۸، ماڻھو ۽ ماڻھپو ۹، اچو ته پنھنجي سنڌي لکت سڌاريون ۱۰، يادون ۽ سڪون ۱۱، سنڌي ٻولي، لفظ، لغت ۽ لکيت ۱۲، آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۱۳، ضميري پڇاڙيون ۱۴، اھنجي ڌرتي، ۱۶ محبت جا خط ۱۷، جيڪو سچ چوي(تنقيد)۱۸، ھٿ وڌايو سنڌ بچايو ۱۹، سنڌي ٻوليء جو دشمن نمبر پھريون ڪير ۲۰، ڄاڻي سڃاڻي ويھان ڪيئن ماٺ ڪري ۲۱، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي ۲۲، سنڌي مار سورما ۲۳، سنڌين جا اتحاد ۲۴، محبت جن جي من ۲۵، چين مٿان ڳاڙھو تارو ۲۶، اٽڪ قلعي کان ۲۷، موسي کان مارڪس تائين ۲۸، ڏاھپ جو جنم ۲۹، سورس مٽيريل آن سنڌ ۳۰، انقلاب

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نامور سماج سڌارڪ، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ عظمتن ڀريو انسان ھو سندس ادبي خدمتن کي ڪڏھن به فراموش ڪري نه ٿو سگھجي.

 

(ملھار سنڌيءَ جي فيسبڪ پوسٽ ۱۲ اپريل ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا