; سنڌي شخصيتون: حافظ عبدالستار ڪوريجو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

حافظ عبدالستار ڪوريجو - رياضت ٻرڙو


حافظ عبدالستار ڪوريجو
رياضت ٻرڙو

حافظ عبدالستار ڪوريجو محقق آهي. هو ۸ ڊسمبر ۱۹۵۸ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ، ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ويجهو وَسيل هڪ ڳوٺ ’ڪوريجا‘ ۾، هڪ هارِي نظام الدين ڪوريجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۷۲ع ڌاري ٻارن کي تعليم ڏيارڻ واسطي لاڙڪاڻي لڏي آيو. حافظ صاحبَ پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ قنبر مان، انٽر ۽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم.اَي (پرائيويٽ) اِڪنامڪس ۾، ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) اسلامڪ ڪلچر ۾ ۽ ٽيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيون آهن. حافظ صاحب قرآن مجيد ۷۱-۱۹۷۰ع دوران قاري شهاب الدين ٻُگهيي وٽ مدرسي اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي ۾ حِفظ ڪيو، مولوي عالم جو امتحان سچل آرٽس ڪاليج مان پاس ڪيو جنهن ۾ سکر بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي، بِي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي.


هو ۱۹۸۳ع ۾ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ يارو جلباڻي جي اسڪول ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو، ۱۹۹۲ع تي ترقي ڪري ايچ.ايس.ٽِي ڪيو ويو ۽ ۱۹۹۷ع کان وٺي گورنمينٽ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي.
هن ۸۶-۱۹۸۵ع ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن چوڌري افضل حق جي ٽن ڪتابن جا ترجما ڪيا، جيڪي اڃا اڻ ڇپيل آهن. ان کان پوءِ سندس لاڙو تحقيقي مقالن ڏانهن ٿيو. سندس پهريون تحقيقي ڪتاب ”رني ڪوٽ“ يا ”راني ڪوٽ“‘ ۲۰۰۱ع ۾ سندس قائم ڪيل اداري ”روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن“ لاڙڪاڻي پاران ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ’تاريخ سنڌ ساگر‘ ڇپيو.
سندس تعلق اباڻي ڳوٺ ”ڪوريجن“ ۾ قائم سماجي تنظيم ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان آهي. کيس ”عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ“ پاران ”تنوير عباسي ادبي ايوارڊ“ سندس هڪ تحقيقي مقالي تي مليل آهي. سندس رهائش لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا