; سنڌي شخصيتون: عزيز قاسماڻي - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

عزيز قاسماڻي - رياضت ٻرڙو


عزيز قاسماڻي
رياضت ٻرڙو

عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس پورو نالو عبدالعزيز آهي. هو سنڌ جي نامور شاعر سرمد چانڊئي جو پٽ آهي. عزيز ۱۶ مارچ ۱۹۷۱ع تي تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ جمعي خان چانڊيي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ميرڻ ماڇي ۽ قنبر مان، گريجوئيشن (پرائيويٽ) شاهه لطيف اورينٽئل ۽ ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ماسٽرس (ايم.اي) پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ۲۰۰۰ع ۾ ڪئي. هُو پرائمري استاد طور مختلف اسڪولن ۾ مقرر رهيو. هينئر سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪريڪيولم کاتي ۾ مقرر آهي.


عزيز کي ادبي ماحول گهر ۾ ئي مليو. هن ۱۹۹۰ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. عام طرح مختصر ڪهاڻيون لکيون اٿائين. ڪجهه ڪالم ۽ مضمون پڻ لکيل اٿس. سندس مختصر ڪهاڻين جي هڪ سهيڙ ”ڪجهه به نه“ ماهوار ”نئون نياپو“ رسالي ۾ ڇپي. جڏهن ته ساڳئي نالي سان ڪتاب ۲۰۰۷ع ۾ ڇپيو. ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب............ پڻ ڇپيل آهي. اڻ ڇپيل تخليق ۾ ايم.اي جو مونوگراف ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري“ شامل اٿس. کيس ۲۰۰۲ع ۾ سنگت قنبر پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سنڌي ادبي سنگت قنبر سان سندس تعلق ۱۹۸۵ع کان آهي. هو سجاڳ ٻار تحريڪ قنبر جو رڪنيت به رهيو. هن سنگت-قنبر جي سلسليوار ادبي اخبار ”لکڻهار“  جا ۲ شمارا (۱۹۹۵ع) ايڊٽ ڪيا ۽ ٽن شمارن (۱۹۹۶ع) جو سب ايڊيٽر رهيو.
سندس مستقل رهائش ميراڻي محلي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا