; سنڌي شخصيتون: سيد اڪبر شاهه - قادر بخش طالباڻي

02 July, 2012

سيد اڪبر شاهه - قادر بخش طالباڻي


سيد اڪبر شاهه
لکي محل جو لاثاني شخص
قادر بخش طالباڻي
بٺوري-دڙي رستي تي، در ملوڪ شاهه جي ڀر ۾، ”لکي محل“ نالي سان مشهور محل هو، جنهن ۾ تر جو ناميارو ۽ وڏو زميندار سيد الهڏنو شاهه رهندڙ هو. هو اٺ، گهوڙا، مينهون، ڏاند ڀلن ۾ ڀلا رکندو هو. جيڪي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو هلي اچي ڏسندا هئا. شاهه صاحب جي بلي بلي هوندي هئي. سندس گهر ۾ سيد اڪبر فيبروري ۱۹۴۳ع ۾ جنم ورتو. هن جي سنڀال لاڏ ڪوڏ سان ٿي. پرائمري تعليم ڀر جي پرائمري اسڪول ڪانڌڙا ۾ ڏياري ويئي. انگريزي تعليم دڙي اسڪول ۾ ملي، ان بعد مئٽرڪ جو امتحان حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڏياريو ويو. هو ڏاڍو ذهين ۽ محنتي هو. پيءُ چاهيو ٿي ته، هو اعليٰ تعليم حاصل ڪري، پر هن جي ڀاڳ سنوارڻ جي ديوي هن کان رسي ويئي. جنهن جو سبب اهو هو ته هن جي ڀلي زمين جو گهڻو تڻو حصو ڀر مان نڪتل سم نالي جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هن جون زمينون غير آباد بنجي پاڻيءَ جي انتظار ۾ رهنديون آيون. آمدني محدود ٿي ويئي، جنهن ڪري هنن جي خوشحالي غربت ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. اک ڇنڀ ۾ محل به ڀُري ڀور ٿي ويو. ڀلا وهٽ به وٽن ٽِڪي نه سگهيا. جيڪي روزانو ماڻهن جون قطارون وٽن سلامي ڀرينديون هيون، سي آهستي آهستي شاهه صاحب کي ڏسي رستو بدلائڻ لڳيون. غربت جي ٻِه-پُڙي چڪي هنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سگهه نه ساري، ماستريءَ جي نوڪري جي تلاش ڪئي. بٺوري ٽريننگ اسڪول ۾، ماستري وٺي آگسٽ ۱۹۶۲ع کان پنهنجي سفر جو نئون آغاز ڪيو. لکي محلي جي جاءِ ڪکائين جهوپڙي ورتي، جنهن ۾ تيز جهڪ، برسات، گرمي ۽ سردي جي سهپ نه رهي.


هن دڙي-بٺوري ۾ ادبي سنگت ۾ حصو ورتو. هو تمام وڏو شاعر هو. سياسي ورڪرن سان ڪچهريون ڪيون. قاسم پٿر سان سلهاڙيو، جنهن کيس سياست جي الف بي پڙهائي، جنهن هن جي جوهر ۽ جذبي کي بلڪل نروار ڪيو. فاضل شهيد، قاسم پٿر، شير خان لُنڊ ۽ ٻين سان واسطا رکيا ۽ سنڌ جي پورهيتن ۽ هارين ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. هو عوامي تحريڪ جو مرڪزي عهديدار پڻ رهيو.
اڪبر جڏهن ڳالهائيندو هو ته لفظ هن جا محتاج هوندا هئا. هن ۾ بيحد سادگي هوندي هئي. ڪپڙن جي هڪ جوڙي ۾ گذارو ڪندو هو. هڪ دفعي ساڻس ڪچهري ۾ ڪو ويٺو ته اهو عمر ڀر ان جي ملڻ لاءِ تڙپندو رهندو. پر هن جي ايڏي وفاداري جو اجورو هن کي جهوليءَ ۾ ٻاٻرا ٽانڊا نصيب ٿيا. انهن حالتن هوندي به هن جي نظرئي، سوچ ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. هن تنظيم کي ڇڏيو يا تنظيم هن کي ڇڏيو ۽ هن اڪيلو ئي سهي پر پنهنجي نظرئي تان هٿ نه کنيو. هن جي پرچار دائم ۽ قائم رهي. دوستن ۽ همدردن سان اختلافن جي باوجود منجهائن هٿ نه ڪڍيا.
سيد اڪبر کي لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هو. وٽس لفظن جون ٽجوڙيون ڀريل هونديون هيون. هن نثر خواهه نظم ۾ واهه جو پاڻ ملهايو. افسوس هن پنهنجي جهريل جهوپڙي ۾ انهن مسودن کي سانڍي رکڻ جي طاقت نه سمجهي، الائي ڪيترو مواد ضايع ڪري ڇڏيو. ان کي ڇپرائڻ لاءِ ڪنهن به ساڻس مدد نه ڪئي، پر ڳالهيون گهڻيون ڪيون. سندس وفات کانپوءِ چار ڪتاب شايع ٿيا آهن، ٽي سجاڳي پبليڪيشن ۽ هڪ سچائي اداري پاران. اڃا اڻ ڇپيل ڪيترو مواد باقي آهي. سندس گذر سفر جو سمورو آڌار سندس پگهار هئي. ان مفلسي، تنگدستي ۾ به هن ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. هن جو هٿ ڇوٽ هو. کيسي ۾ جيڪي هو، اهو دوستن جي خدمت ۾ صرف ڪندو هو.
هن سڄي عمر ٽٽل ڦٽل اوطاق ۾ لولي جو لنگر عام جام راشا خاشا کان بي نياز ٿي هلايو. سندس ڪڙ نما جهوپڙي ۾ سندس گهر هو، جنهن ۾ ٿڌي ڪوسي جي سهپ نه هئي، برسات پوڻ کان پوءِ به پيو ٽمندو هو. ڪافي وقت کان ان عذابن ۾ ٽهڪندي هن پنهنجو جيرو جلائي ڇڏيو. کيس هيپاٽائٽس سي جي بيماري ٿي پئي. هن جي سخاوت اها هئي ته رٽائر ٿيڻ وقت ڪجهه پئسا مليس، جيڪي سڀني دوستن ۾ ورهائي، پاڻ خالي کيسي گذارڻ لڳو. هن ڪڏهن به پنهنجي مفلسي، مجبوري ظاهر نه ڪئي پر دوستن جي مفلسي، مجبوريءَ ۾ هنن جي ڀرپور مدد ڪندو هو. هو حسناڪي ۽ فطرت جي نظارن جو وڏو خفتي هوندو هو. سندس زمين ۾ هڪ کڏ اندر پاڻي ڇڏيل هو، جنهن کي ڪراڙ ڍنڍ سان مشابهت ڏيندو هو. ان ۾ پٻڻ، لوڙهه ۽ ڪنول جا گل حسين نظارو پيش ڪندا هئا.
۲۶ اپريل ۱۹۷۲ع تي ڀٽ شاهه ۾ پ ٽ الف سنڌ جي چونڊن ۾ جنرل سيڪريٽري جو اميدوار بيٺو. سخت مقابلي بعد هي ڪامياب ٿي ويو. جتان سال کن کانپوءِ تنظيم جي فيصلي موجب اسعيفا ڏئي ويو. مان مٿس ناراض ٿيس ۽ واسطا نه قائم ڪري سگهيس. بحث مباحثي ۾ اٽڪي هن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيم. پر پوءِ جڏهن هي صفا ڪنهن تنظيم سان نه رهيو ته سڀني دوستن گڏجي هن کي پ ٽ الف جي ميدان تي آندو، جتي هي ضلعي کان ڊويزن حد تائين عهدن تي رهيو. پ ٽ الف جي تنظيمي گهوٽالن ۾ به هن ساٿ ڏنو. آخر ۾ سائيءَ جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ آخري حد تائين پهچي ويو. دوستن تمام گهڻو تعاون ڪيو پر اڪبر کي اسان سڀ، باوجود اڻٿڪ ڪوشش ڪرڻ جي، بچائي نه سگهياسين. ۲۷ جون ۲۰۰۳ع تي، سيد اڪبر اسان کان الوداع ڪري سڀني کي روئندي ڇڏي روانو ٿيو. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس آخري رسمن ۾ شامل هئا. هجوم جو هڪ ڇيڙو سندس ڳوٺ هو ته ٻيو ڇيڙو در ملوڪ شاهه هو. ماڻهن آخري رسمن ۾ شرڪت ڪري پنهنجي عقيدت جو والهانه اظهار ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا