; سنڌي شخصيتون: رياضت ٻرڙو، ساجد سنڌي، رضوان گل، ادل سولنگي، احسان دانش، اسد مڱڻهار، علي عابد، آصف رضا موريو،
Showing posts with label رياضت ٻرڙو، ساجد سنڌي، رضوان گل، ادل سولنگي، احسان دانش، اسد مڱڻهار، علي عابد، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label رياضت ٻرڙو، ساجد سنڌي، رضوان گل، ادل سولنگي، احسان دانش، اسد مڱڻهار، علي عابد، آصف رضا موريو،. Show all posts

27 July, 2012

سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ

رياضت ٻرڙو



سعيد ميمڻ نالي وارو شاعر آهي. سندس پورو نالو سعيد احمد آهي. هو ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم عاقل مان، ثانوي لاڙڪاڻي مان، بِي اَي (پرائيويٽ) ۽ ايم اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۱۹۹۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بِي. ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. هو ۱۹۸۸ع ۾ پرائمري استاد طور عاقل ۾ مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو اٿائين. ۲۰۰۵ع کان پرائمري اسڪول مٺو گبول ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.