ميان شاهل محمد ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
ميان شاهل محمد عرف
شاهه علي سنڌ جو مشهور ڪلهوڙا حڪمران ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ جي زراعت کي هٿِي وٺرائڻ
لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، سندس گھڻي دلچسپي زرخيز زمينن کي وڌائڻ ۽ زراعتي سڌارن
۾ گذري، جن ۾ گھاڙ واهه جي نئين سِر کوٽائي ڪرائي هڪ ننڍي ڦاٽ مان عاليشان واهه بڻايو،
جنهنڪري فصل تمام سٺا لهڻ لڳا. ميان شاهل محمد ولد ميان دائود ڪلهوڙو ۲ صفر ۱۰۰۲هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۵۹۳ع تي بکر ۾ پيدا ٿيو. هُو پنهنجي ڀاءُ ميان
الياس محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو، جنهن سان گڏ ۽ ان کان پوءِ هن
ميانوال تحريڪ جي تسلسل کي قائم رکيو ۽ ميانوال تحريڪ کي اڳتي وڌايو.
