عامر سيال
رومانويت ۾ جيئندڙ شاعر
ڊاڪٽر شير مهراڻي
گذريل ڏينهن دوران مون ميڊم شهناز شورو جو انٽرويو ڪيو هو، جنهن دوران
ميڊم شورو چيو هو ته پوسٽ ماڊرن ازم جي پراسرار وايو منڊل ماڻهوءَ جو ترغيبات ئي تبديل
ڪري ڇڏيون آهن. يورپ جو ماڻهو ڏکيو بکيو نٿو سمهي، هن کي هاڻي ادب جهڙي ڪنهن به داخلي
واردات جي ضرورت ناهي. تنهن تي مون ميڊم کان سوال ڪيو هو، ڇا يورپ جو ماڻهو تخيلاتي
طور تي به ايترو آسودو ٿي چڪو آهي جو هن کي هاڻي خيالن جي آسودگي يا جماليات گهربل
ناهي، ڇاڪاڻ ته ادب صرف بک ۽ بدحالي جي ڳالهه به ته نٿو ڪري، ادب انسان دوستي جو به
ته ڏس پنڌ ڏئي ٿو. تنهن تي ميڊم شورو چيو هو، ‘بس ادب جو واحد ڪارج خاص طور يورپ ۾
ذهني آسودگي ۽ جماليات وڃي بچيو آهي، پر ميڊيا جو ڀونچال شايد ان تي به وار ڪرڻ وارو
آهي.’
