; سنڌي شخصيتون: پروانو ڀٽي - غلام حسين لغاري

22 February, 2015

پروانو ڀٽي - غلام حسين لغاري

پروانو ڀٽي
صحافيءَ جي سار لهڻ جو وقت
غلام حسين لغاري
پنهنجي زندگي جا 67 سال کن صحافت، ادب ۽ ثقافت کي ارپيندڙ ميوو خان نالي معروف پروانو ڀٽي جيڪو علالت ڪري پنهنجي گهر تائين هاڻ محدود ٿي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي اطلاعات توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي کان ته هونئن ئي مايوس ٿي چڪو آهي پر سنڌ جي هڪ اڌ اخباري مالڪن لاءِ به کيس بي پناهه شڪايتون آهن جن جي وڏڙن سان هن اڻهوند ۾ به اهڙي وقت ساٿ نڀايو جڏهن اخبارون مالي بحران هجڻ ڪري شايع ٿيڻ به ڏکيون هيون تن جي پونيئرن به کيس وساري ڇڏيو آهي ۽ بنهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.هن پنهنجي اکين ۾ خوشي وارا لڙڪ وهائيندي پوءِ به مُرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي به مدد يا سار لهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي پر جڏهن ڪو صحافي يا اديب وٽس ٻه پير ڀري لڙي اچي ٿو ته هو پاڻ کي چڱو ڀلو محسوس ڪري ٿو جيڪو انجو علاج آهي.


ناليواري ڪالم نگار وهاب منشي جي خواهش ۽ اڳواڻي ۾ آ ۽ ٻيا صحافي هر هڪ عباس قصر، عبدالجبار ناريجو، عبدالغفور سروهي ۽ رياض مهيسر آچر ڏهاڙي عبدالله سينٽر قاسم آباد ۾ سنڌ جي هن عظيم صحافي ۽ اديب جي گهر پهتاسين ته هو اسان کي پنهنجي ويجهو ڏسي خوشي وچان نه پئي ماپيو. پروانو ڀٽي سان منهنجي پهرين ملاقات 1966 ڌاري روزاني اخبار عبرت ۾ ٿي هئي جتي پاڻ بطور سب ايڊيٽر فرائض سرانجام ڏيندا هئا. سنڌ اندر ٿيندڙ ثقافتي موقعن ۽ مشاعرن جي موقعن تي به کيس حصو وٺندي ڏٺو جنهن ۾ سندس ادائيگي جو منفرد انداز هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پروانو ڀٽي هڪ نالي طور اڀريو.صحافت توڙي ادب جي جيڪا هن خدمت ڪئي آهي سا شايد ئي ڪنهن کان وسري پر جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو يا اطلاعات کاتو يا وري نئين ٽهي جا صحافي ۽ ادبي لڏي جا دوست کيس وسارين ٿا اها ڪنهن افسوس کان گهٽ نه ٿيندي. هن پريس ڪلب حيدرآباد جي مک اڳواڻ دوستن ۽ صحافي تنظيمن لاءِ به ڏوراپو ڏنو ته هنن به کيس وساري ڇڏيو آهي ۽ کيس اها اميد هئي ته اهي وٽس ضرور ايندا پر اڃا اهي به وٽس ناهن پهتا. پر ديرمدار به آيا ته سندس دل وڏي ٿي ويندي ۽ خوشي محسوس ڪندو ڇاڪاڻ ته اهي به سندس جگر جيان پيارا آهن.هن چيو ته وري به شابش هجي اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق صاحب کي جنهن هڪ نه پر ڪافي ڀيرا فون ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي آهي جيڪو روزاني عبرت ۾ ساڻس گڏ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. محترم پروانو ڀٽي 1951 ۾ عملي طور صحافت ۾ پير پاتو ان وقت پاڻ ميوو خان ڀٽي هو. هن منشي هائوس کان هلال پاڪستان کان پنهنجي صحافت جو آغاز ڪيو جنهن جو ايڊيٽر مرحوم عبدالشڪور منشي هو.سنڌ جو ناليوار صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ به ساڻس گڏ هلال پاڪستان ۾ بطور پروف ريڊر ڪم ڪيو جيڪو اڳتي هلي ڀٽو دور ۾ وري ساڳي اخبار جو ايڊيٽر بڻيو هو. هن جو چوڻ هو ته کيس پروف پڙهڻ جي عيوض هڪ رپيو روزانو ملندو هو جنهن مان هو چار آنا مانجهاندي تي ۽ ڇهه آنا حيدرآباد ٽنڊو محمد خان جي ڀاڙي تي خرچ ڪندو هو جڏهن ته ڇهه بچائي وڃي گهر واري کي ڏيندو هو ته اها خوش ٿيندي هئي ۽ گهر جو خرچ با آساني سان انهن ڇهن آنن مان ٿي ويندو هو جڏهن ته هاڻ ڇهه هزار به ٿورا آهن. محترم پروانو ڀٽي هن وقت 81 سالن جي ڄمار ۾ آهي جنهن دوران هن پرائمري استاد ۽ پبلڪ رليشنز آفيسر طور به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا آهن.هن سائين جي ايم سيد جي صحبت ۾ رهڻ ڪري به ڪافي ڪجهه پرايو جڏهن ته شمشيرالحيدري، ابراهيم جويو سان به سندس ويجهڙائپ رهي آهي جن وٽان به هن ڪافي ڪجهه سکيو ۽ پرايو آهي. محترم پروانو ڀٽي جي دل کي تڏهن گهرو گهاءُ لڳو ۽ اڌ ماڻهو ٿي ويو جڏهن سندس موڀي پڳدار پٽ گل ڀٽي عبدالله سينٽر ۾ شهيد ڪيو ويو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏهن سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر سندس پٽ جو نه ڪيس هليو آهي ۽ نه وري کيس ڪو انصاف مليو آهي، ان کان وڌيڪ به سرڪار سڳوري جي ڪهڙي بي حسي چئبي. گل ڀٽي شهيد جو اولاد يعني پوٽا ئي سندس لاءِ گل ڀٽي جيان اڳيان پويان ڦرن ٿا. گل ڀٽي شهيد جو وڏو فرزند جيڪو انوقت موجود هو سو اسان سڀني دوستن لاءِ چانهن کڻي آيو ۽ پنهنجي ڏاڏي کي اڪيلائپ محسوس نه ڪرڻ ڏني.
پروانو ڀٽي صحافت ۽ ادب جي تاريخ جو املهه حصو آهي پر جيڪڏهن کڻي ڪو به نئون ۽ ننڍو صحافي ۽ اديب هجي ان کي به نظرانداز ڪرڻ يا ان سان نا انصافي وارو رويو اختيار ڪرڻ به ڪنهن بي حسي کان گهٽ ناهي ۽ وري اهڙي بي حسي جو مظاهرو ثقافت يا اطلاعات کاتي جهڙو ادارو ڪري ڪنهن بي انصافي کان گهٽ ناهي.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا صحافي توڙي اديب ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ڪرتا ڌرتا به  ٻه وکون اڳتي وڌائين ۽ سنڌ جي ٻنهي مک کاتن ثقافت ۽ اطلاعات تي زور ڀرين ته اهي پروانو ڀٽي جي سڃاڻپ ۽ ڪردار جو اعتراف ڪري نه صرف انجو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي پر انجي مالي مدد به ڪئي وڃي جنهن جو هو هن وقت حقدار آهي. نه صرف ايترو پر وٽس جيڪو علم ۽ تجربو آهي انجي روشني ۾ سندس جا انٽرويو ڪري سموري ڄاڻ کي محفوط ڪيو وڃي جيڪا سنڌ جي علم ادب ۽ ثقافتي جي تاريخ سان ڀري پئي آهي. بهرحال اسانجي ڌڻي در دعا آهي ته محترم پروانو ڀٽي جلد صحتياب ٿئي ۽ پنهنجيون صحافتي توڙي علمي ادبي سرگرميون جاري رکي سگهي ڇاڪاڻ ته بيماري جي بستر تي هوندي به سندس حوصلو پرعزم ڏسڻ ۾ پيو اچي ۽ سڀني لاءِ دعاگو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا