سيٺ هرچند راءِ وشنداس
جديد ڪراچيءَ جو مُهندار
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
سنڌ ۾ اڄ نظر ايندڙ ڀينگ تي اعتبار تڏهن نه ٿو اچي، جڏهن سنڌ جا مهان
ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڀلا ڪيئن اعتبار ڪجي ته ان صوبي جو به سياسي، ادبي ۽ ثقافتي
ڏيوالو نڪري سگهي ٿو، جتي جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڏيارام گدومل، هرچند راءِ، مولانا
عبيدالله سنڌي ۽ قاضي فيض محمد جهڙن عظيم ماڻهن انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي
وقف ڪري ڇڏي هجي. اهي عظيم انسان نه رڳو پنهنجي دؤر جا عظيم ڪردار سمجهيا وڃن ٿا پر
انهن جو معيار زندگي ۽ سندن اختيار ڪيل راهه هر نئين دؤر جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو
ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. سچ ته سنڌ عظيم ۽ مهان هستين کي جنم ڏنو آهي، جن ديس واسين جي چڱيءَ
ريت خدمت ڪئي، جن ڌرتي ۽ قوم جو نه رڳو قرض چڪايو، پر پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي وڏين
خدمتن عيوض مقروض به بڻائي ڇڏيو. شال الله تعاليٰ اسان کي اهو قرض لاهڻ جي توفيق عطا
ڪري. اهي ئي ماڻهو پنهنجو ڪردار اهڙو ته صاف سٿرو بنائي ويا، جو اڄ جو نئون نسل انهن
جو نالو کڻڻ سان فخر محسوس ڪري ٿو.
اهڙن ئي ڪردارن ۾ هرچند راءِ جو نالو نمايان نظر اچي ٿو، جنهن پنهنجي
ڏاهپ، سچائيءَ ۽ قوم سان محبت عيوض سڄيءَ سنڌ ۽ خاص طور تي سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ
ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جو مؤرخ کيس (Father of Modern Karachi) جديد
ڪراچي جو باني طور ياد ڪن ٿا. واقعي به هرچند راءِ ڪراچيءَ جي جديد نموني ترقي ڪرڻ
جو بنياد وڌو.
سيٺ هرچند راءِ 1862ع ۾ ڳوٺ مانجهو ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ابتدائي تعليم
پنهنجي والد صاحب سيٺ وشنداس جي ئي قائم ڪيل اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن بعد هن ڪوٽڙي
شهر ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا ورتي. ڪوٽڙي شهر تن ڏينهن ۾ سامونڊي پورٽ ۽ ريلوي اسٽيشن
جي ڪري وڏو تجارتي مرڪز هو. ايئن سيٺ هرچند راءِ انهن 6 سنڌي نوجوانن مان هڪ هو، جن
1887ع کان اڳ الفنسٽن ڪاليج بمبئي مان گريجوئيشن ڪئي، ان کان اڳ مرزا صادق علي بيگ
۽ ڏيارام گدومل کان علاوه ٻيا ٽي نوجوان هئا، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ڪاليج ۾
داخلا وٺي سگهيا هئا. سيٺ هرچند راءِ 1885ع ۾ لا (Law) جي ڊگري
حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور ڪورٽ ۾ هڪ ننڍڙي ملازمت اختيار ڪئي پر پوءِ جلد ئي استعيفيٰ
ڏئي اچي ڪراچي وسايائين ۽ اتي ئي پنهنجي قانوني پريڪٽس شروع ڪيائين. هي تمام وڏو ۽
مشهور قانوندان ثابت ٿيو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن 1890ع ۾ قائم ٿي ۽ کيس ان جو اعزازي
سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ ان عهدي تي هو 38 سال فائز رهيو. ان دؤران هن پنهنجو گهڻو وقت
سماجي ڪمن ڪارين ۾ وقف ڪيو.
سيٺ هرچند راءِ جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ بعد هو سنڌ جي سياسي تاريخ جو
هڪڙو باب نظر اچي ٿو. جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي هئي، ان دؤران
هرچند راءِ پهريون ماڻهو هو، جنهن نه ان ڳالهه جي رڳو حمايت ڪئي ۽ ان ۾ اهم ڪردار پڻ
ادا ڪيو. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ“ ۾ سندس اهڙين
خدمتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هرچند راءِ سنڌ کي درپيش
مسئلن کان چڱي ريت واقف هو ۽ هو هميشه اهڙن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو هو.
هن غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان گڏ سنڌ جي ڪمشنر جا اختيار گهٽائڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ ڪمشنر
جا اختيار بحال ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، اهي گورنر بمبئي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن
سان مليا ۽ اهڙي صورتحال کان کين آگاهه ڪيو ۽ پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا. سنڌ جو ڪمشنر ئي
سڀ کان وڏي اٿارٽي هئي، جنهن لاءِ آفيشلي اهو آرگيو (دليل) ڪيو ويو ته ان سان علائقو
وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويندو، جيڪڏهن ڪمشنر جا اختيار گهٽايا ويا. ان بابت وڌيڪ دليل اهي
ڏنا ويا ته ايئن ڪرڻ سان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. بهرحال
ان مسئلي کي زوردار نموني اٿارڻ ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ عيوض قانون ۽ قاعدن ۾ ڦير
ڦار ڪئي وئي. سيٺ هرچند راءِ ۽ ڀرڳڙي صاحب پنهنجا مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هرچند
راءِ سنڌ جي هارين جي حقن ۽ انهن جي خوشحالي لاءِ پڻ جاکوڙ جاري رکي. هن سنڌ ۾ ڪئنال
سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ته جيئن سنڌ جي زرعي پيداوار ۾ واڌارو اچي سگهي. سيٺ
هرچند راءِ جي اهڙين ڪوششن عيوض سنڌ جي ڪيتري ئي غير آباد پيل زمين کيڙيءَ هيٺ آئي
۽ بهتر زرعي پيداوار سبب سنڌ ۾ سائو (زرعي) انقلاب اچي ويو. سنڌ ۾ انهيءَ دؤر ۾ روڊن
جي حالت بنهه خراب هئي. سنڌ ۾ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ روڊن جو هجڻ ضروري هو. انهيءَ
زماني ۾ ڪميونيڪيشن (مواصلات) جا ذريعا نه هجڻ سبب سنڌ جو ماڻهو سياسي سجاڳي پڻ حاصل
ڪري نه سگهيو هو. هرچند راءِ انهيءَ مسئلي کي اڳيان رکندي سنڌ ۾ بهتر اچ-وڃ لاءِ پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو. هن نوان روڊ رستا ٺهرائڻ شروع ڪيا ۽ ريلوي لائينون وڇرايون ۽ اهڙا ٻيا
به ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪرايا. سماجي ۽ ادبي ڪمن سان گڏوگڏ هر چند راءِ پنهنجو سياسي
سفر به ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. 1910ع ۾ بمبئي ڪائونسل جا 4 ميمبر چونڊيا ويا، هر هڪ ميونسپالٽيز
مان سيٺ هرچند راءِ، زميندارن مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، لوڪل بورڊ مان سيد الهندو
شاهه ۽ چئمبر آف ڪامرس مان مانٽيگو ويب ميمبر طور کنيا ويا. سيٺ هرچند راءِ 30 ووٽ
حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف کي رڳو 9 ووٽ مليا. اهڙي طرح سيٺ هرچند راءِ بمبئي ۾ 7 سال رهيو.
هن 1888ع کان انڊين نيشنل ڪانگريس جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيون. ڪائونسل جون
1912ع ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ هن ڀيري سيٺ هرچند راءِ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو.1916
ع وارين چونڊن ۾ سيٺ هرچند راءِ جي مقابلي ۾ ديوان ڀوج سنگهه سامهون آيو. هر چند راءِ
هي مقابلو هڪ طرفو يعني 39 جي ڀيٽ ۾ 2 ووٽن تان کٽيو. هرچند راءِ پنهنجي سياسي سفر
۾ به سنڌ جي مسئلن تي نظر رکي ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. انهيءَ سفر
۾ سنڌ جو هڪ ٻيو گهڻ گهرو شخص رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ساڻس گڏ رهيو، هي ٻئي هڪٻئي جا
انتهائي ويجها دوست هئا، هميشه گڏوگڏ هوندا هئا ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي پنهنجو مضبوط
مؤقف رکندا هئا. سيٺ هرچند راءِ ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پنهنجي
حياتيءَ جو ڳچ عرصو ڪراچي ميونسپل ڪاميٽي کي ترقي وٺرائڻ ۾ خرچ ڪيو. هن ڪراچيءَ کي
جديد نموني ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي قيمتي وقت سان گڏ پئسي جي به سيڙپ ڪئي ۽ انهيءَ
جو اڄ اجورو ڄڻ ملي ويو آهي جو تاريخ کيس ”ڪراچيءَ جو باني“ سڏي ٿي. سيٺ هرچند راءِ
1888ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت هو صرف 26 سالن جو هو ”سيوڪ
باڊي“ جو 1888ع کان 1896ع تائين ميمبر رهيو. هن جي پارٽي ليڊر ديوان ٽهلرام ميونسپالٽي
جو 1896ع ۾ صدر منتخب ٿيو. ساڳئي سال هرچند راءِ ميونسپالٽيءَ جي ميمبريءَ تان استعفيٰ
ڏني ۽ شهري ترقي ءَ لاءِ ان جو ليگل ايڊوائيزر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ميونسپالٽيءَ
جي وڏي خدمت ڪئي ۽ تمام گهڻُو مفيد تجربو حاصل ڪيو. ديوان ٽهلرام 1905ع ۾ وفات ڪئي
۽ هرچند راءِ ان پارٽيءَ جو صدر منتخب ٿيو. هر چند 1910ع ۾ ٻيهر ميونسپالٽيءَ ۾ آيو،
هڪ سال بعد ان جو صدر ٿيو. 1911ع ۾ صدر چونڊجڻ کانپوءِ هن ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن
رات سخت محنت ڪئي، جنهن ڪري ئي کيس ‘Father
of Modern Karachi’ سڏيو
ٿو وڃي. هن نه رڳو ڪراچي شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو پر انهيءَ ڪم کي مستقل طور جاري
رکڻ لاءِ ميونسپالٽيءَ کي انتظامي توڙي مالي حوالي سان مضبوط بنائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو.
جنهن جو اندازو ان مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هو ميونسپالٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو،
تڏهن ميونسپالٽيءَ تي 22 لک قرض ۽ مختلف مدن ۾ 10 لک روپيه ٻيو قرض پڻ هو ۽ جڏهن هن
ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ ميونسپالٽيءَ ۾ رهي 10 سالن کان پوءِ استعفيٰ ڏني ته ڪراچيءَ
جي ترقيءَ لاءِ هن 34 لک روپيه ڇڏيا ۽ اداري تي قرض رڳو 20 هزار روپيه ڇڏيو. جڏهن ته
اداري جي بچت واسطي 3 لک روپيه الڳ ڇڏيا. هن ميونسپالٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾پنهنجي
11 سالن جي عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جا ڪم شروع ڪرايا. جيئن مڇي مياڻي، رنڇوڙ لائين
۽ ان کان علاوه هن ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ جي زمين خريد ڪئي ۽ شهر جي نين ايراضين کي
ميونسپالٽيءَ ۾ آندو، انهن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ فنڊ رکيائين. هن ڌوٻي گهاٽ ۽ گانڌي
باغ جون رونقون بحال ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ انهن جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
ڪراچيءَ جي وڌندڙ آباديءَ جي مدنظر شهر جا روڊ ويڪرا ڪرايائين. هن جي ميونسپالٽيءَ
جي صدارتي دؤر ۾ ڪراچي جي آدمشماري هڪ لک 51 هزار 904 هئي، جيڪا هن جي آخري دؤر يعني
1921ع ۾ وڌي 2 لک 16 هزار 833 ٿي وئي. هن جي دؤر ۾ ڪراچيءَ جي ترقي گهٽ پئسن ۽ ٿوري
وقت ۾ ٿي. ڪراچيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ اقتصادي ترقي ٿي. هن ڪراچيءَ جي سڀني پراڻن ۽ پٺتي
پيل علائقن کي ترقي وٺرائي.
هرچند راءِ تعليم جي ميدان ۾ پڻ گهڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون. هر چند
راءِ ڪراچيءَ ۾ تعليم جي فروغ ۽ تعليم عام ڪرڻ لاءِ هڪ بل جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ويو. سنڌ جي ڪمشنر اهو بل منظور ڪندي ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي ريت
هر چند راءِ جي 10 سالا ميونسپالٽيءَ جي صدارتي دؤر ۾ ڪراچي ميونسپالٽي هر سال پنهنجي
تعليمي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي رهي. ان مقصد لاءِ 1911ع ۾ 92 هزار 117 روپيه خرچ ٿيا، جڏهن
ته 1921ع ۾ تعليمي بجيٽ وڌائي 2 لک 17 هزار 444 روپيه ڪئي وئي. جڏهن ته شاگردن جي تعداد
۾ 10 سالن جي اندر 2410 مان وڌي 4312 تائين جو اضافو ٿيو.
سنڌ جو هي مهان ماڻهو دهلي ۾ 16 فيبروري 1928ع تي وفات ڪري ويو. سندس
وفات نه رڳو سنڌ پر هند جي ماڻهن کي پڻ سوڳوار ڪري ڇڏيو. پوري انڊيا جي اخبارن سندس
موت جي خبر وڏين سرخين سان شايع ڪئي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. ماهوار
ماڊرن رويو آف ڪلڪته، هندستان ٽائيمز، برطانيه جي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“، ”دي سنڌ آبزرور“
۽ ٻين سڀني اخبارن پنهنجن خبرن کان ويندي ايڊيٽوريلس ۽ آرٽيڪلس ۾ سيٺ هرچند راءِ کي
خراج عقيدت پيش ڪيو، هرچند راءِ جي ميت جي جمناڪناري تي ڪريا ڪرم ڪئي وئي. هن جي پهرين
ورسيءَ واري تقريب جو هڪ وڏو فنڪشن ڪراچيءَ ۾ ٿيو. تقريب ۾ آچاريا گدواڻيءَ کيس هنن
لفظن ۾ ياد ڪيو. هن چيو ته:
My eyes can still see
the scene when HarchandRai came to Dehli at the call of the nation and
Struggled. Had you been there down his life ladies and gentlemen! You would
have also seen how he raised the status of Sindh and gave it a new pride by his
great sacrifice and what impact it had on national politics.
I will not go in to that
here. My only request here today is that the young people of Sindh should
emulate HarchandRai because his life and work shall ever remain a beacon of
light.
No comments:
راءِ ڏيندا