سيٺ هرچند راءِ وشنداس
جديد ڪراچيءَ جو مُهندار
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
سنڌ ۾ اڄ نظر ايندڙ ڀينگ تي اعتبار تڏهن نه ٿو اچي، جڏهن سنڌ جا مهان
ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڀلا ڪيئن اعتبار ڪجي ته ان صوبي جو به سياسي، ادبي ۽ ثقافتي
ڏيوالو نڪري سگهي ٿو، جتي جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڏيارام گدومل، هرچند راءِ، مولانا
عبيدالله سنڌي ۽ قاضي فيض محمد جهڙن عظيم ماڻهن انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي
وقف ڪري ڇڏي هجي. اهي عظيم انسان نه رڳو پنهنجي دؤر جا عظيم ڪردار سمجهيا وڃن ٿا پر
انهن جو معيار زندگي ۽ سندن اختيار ڪيل راهه هر نئين دؤر جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو
ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. سچ ته سنڌ عظيم ۽ مهان هستين کي جنم ڏنو آهي، جن ديس واسين جي چڱيءَ
ريت خدمت ڪئي، جن ڌرتي ۽ قوم جو نه رڳو قرض چڪايو، پر پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي وڏين
خدمتن عيوض مقروض به بڻائي ڇڏيو. شال الله تعاليٰ اسان کي اهو قرض لاهڻ جي توفيق عطا
ڪري. اهي ئي ماڻهو پنهنجو ڪردار اهڙو ته صاف سٿرو بنائي ويا، جو اڄ جو نئون نسل انهن
جو نالو کڻڻ سان فخر محسوس ڪري ٿو.