; سنڌي شخصيتون: خادم حسين ’ديوانو‘ - ناصر قاضي

03 February, 2015

خادم حسين ’ديوانو‘ - ناصر قاضي

خادم حسين ’ديوانو‘
سٻاجھڙو، سريلو ۽ صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
جيڪب آباد، جيڪو ’جان جيڪب‘ جو ٻڌايل شهر آهي، هن شهر جون جيتوڻيڪ هاڻي اهي نزاڪتون نه رهيون آهن، پوءِ به ماضيءَ جي جھور جھروڪن ۾ جڏهن به جھاتي پائجي ٿي، تڏهن هن شهر جون ديوانگيون ۽ دلربائيون نه ٿيون وسرن، جو عبدالڪريم گدائيءَ جي ڀونءِ تان خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي ۽ خانصاحب استاد موندر خان جا دلفريب آواز ايندا هئا، جيڪي ساهن کي سرهو ڪندا رهندا هئا. انهن دلربائين ۽ ديوانگين جي پيش منظر ۾ هڪڙو اهڙو ديوانو ماڻهو به آهي، جيڪو پنهنجي آواز جي مستين ۾ سدائين مست رهيو آهي ۽ الائي ڪيترن ماڻهن جو دلربا بڻيل رهيو آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن جدت جا سجھندا اڃا ايڏا وائکا ۽ ويڪرا ڪين ٿيا هئا، پوءِ به والن وارن ريڊين ۽ ’هٽاچي‘ ٽيوين جو دور هو ۽ ماڻهن جون نهارون ۽ سماعتون هميشه انهن مشيني پرزن ۾ اٽڪيل هونديون هيون، جن سان روح کي عجيب ڪيف ۽ راحتون نصيب ٿينديون هيون. انهن عجيب ڪيفيتن ۽ راحتن ۾ سنڌ جي سريلي آواز جي مالڪ خادم حسين ديواني جو به اوترو ئي حصو رهيو آهي، جيترو سنڌ جي ٻين ناليوارن ڪلاڪارن جو آهي.  حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها چئبي، جو جڏهن هن درويش صفت ڪلاڪار سان موبائيل تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ته سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجو اصلوڪو احوال ڪرڻ کان به اول اها ڳالهه بار بار بانور ٿي ڪرايائين ته:  ”خادم حسين کي عزتن ۽ شهرتن جي منزلن تي پهچائڻ ۾ خداوند قدوس جي ذات بابرڪات کانپوءِ سندس محسن شخصيتن خانصاحب استاد ارباب علي خان، محترم ممتاز مرزا، محترم عبدالحميد آخوند، محترم منظور احمد قناصري، محترم عنايت بلوچ، محترم محمد بخش سميجي، محترم عبدالڪريم بلوچ، محترم قنبر علي  ۽ ٻين جو اهم ڪردار شامل رهيو آهي.“


سٻاجھڙي، سريلي ۽ صوفي ڪلاڪار خادم حسين ’ديواني‘ جو اباڻو ديس جيڪب آباد آهي، جتي هن پهرين آڪٽوبر 1953ع تي محترم مولاداد پٺاڻ جي آغوش ۾ اکيون کوليون. سندس ڇٺيءَ جو نالو ’خادم حسين‘ رکيو ويو، پر پاڻ جڏهن تعليم پرائڻ واري عمر کي پهتو ۽ مائٽن پاران کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ته ان وقت اسڪول جي رجسٽر ۾ سندس نالو ’محمد اسحاق پٺاڻ‘ درج ڪيو ويو. پاڻ مسلسل تعليمي ڏاڪا اورانگھيندي 1992ع ۾ ايم. اي (اقتصاديات) تائين تعليم حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ کيس 18 جون 1975ع  کان تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ طور مقرر ڪري، مٿس سرڪاري ذميواريون سونپيون ويون، جيڪي ذميواريون لڳاتار 38 سال نڀائي، سٺ سالن جي مقرر عمر ۾ 30 سيپٽمبر 2013ع تي رٽائرمينٽ ورتائين.
خادم حسين ديواني کي سر واري سرت ۽ پروڙ ننڍپڻ ۾ تڏهن ئي پوڻ لڳي، جڏهن پاڻ پرائمريءَ جي ٽئين درجي ۾ قرآن شريف جي مليل سبق کي قرات واري پرسوز انداز ۾ خوش الهانيءَ سان پڙهندو رهندو هو. فطري طور تي سندس معصوم آواز مٺڙو هوندو هو، سهڻي انداز ۾ پڙهيل قرآني آيتن جي تلاوت ڪرڻ تي گھر وارن، اسڪول جي استادن ۽ دوستن پاران حوصلا افزائي واري وقتائتي موٽ ملڻ لڳي، جنهنڪري سندس شوق اڃا به سرس ٿيندو ٿي ويو ۽ آهستي آهستي پاڻ اسڪولي سطح تي منعقد ٿيندڙ گيتن جي مقابلن ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيائين.
اڳتي هلي جڏهن پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي نومبر 1967ع پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو هو، تڏهن خادم حسين ديواني جي عمر اٽڪل چوڏهن سال هئي، انهن ڏينهن ۾ پاڻ پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ۾ ڪجھه ترانا ياد ڪيائين، جيڪي جيڪب آباد ۽ پسگردائيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي جلسن ۾ اسٽيج تي نهايت ئي سهڻي آواز ۽ انداز ۾ سر سان آلاپيندو رهندو هو، جنهنجي نتيجي ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن در محمد اوستي، مير هزار خان بجاراڻي توڙي پارٽيءَ جي ٻين ڪارڪنن ۽ ڀٽي جي جيالن پاران کيس ڀرپور پيار ۽ پسنديدگي پلئه پوندي هئي. ايتريقدر جو اهڙن ترانن جي ڳائڻ لاءِ ’المرتضى هائوس لاڙڪاڻي‘ ۾ منعقد ٿيندڙ جلسن توڙي ڪارنر ميٽنگس ۾ بيگم نصرت ڀٽو پاران خاص دعوت تي خادم حسين کي ڪانڍيو ويندو هو، جتي سندس آواز ۾ ترانا پيش ڪرڻ تي کيس انعامن ۽ اڪرامن سان پڻ نوازيو ويندو هو.
خادم حسين ديوانو انهن ئي ڏينهن ۾ موسيقيءَ جي محبوب مشعل جو پڪو پروانو ٿيڻ واسطي عملي طور تي جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ صحبت پور ۾ نامياري ڪلاسيڪل شاعر ۽ درويش مولوي قادر بخش گولي جي درگاهه تي ڪثرت سان حاضريون ڀريندو رهندو هو، جتي منعقد ٿيندڙ سر سنگيت جي صوفياڻين محفلن ۾ شرڪت ڪري صوفي راڳ جي رمزن سان پنهنجي ساهن کي سرشار ڪندو رهندو هو. اڳتي هلي باقاعده  طور تي سنگيت جي سکيا واري پيچري تي پير رکيائين ۽ جيڪب آباد ۾ مقيم سنڌ توڙي بلوچستان جي سگھاري سنگيتڪار خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي جي رهنمائيءَ ۾ آيو ۽ هڪ سچي سنگيتڪار جي صحبت ۾ اچي موسيقيءَ جي مڌ کي متارو بڻجي اوتيندو رهيو. خادم حسين ديواني سکڻ جي حوالي سان سنڌي موسيقيءَ جي شانائتي شجر يعني گواليار گھراڻي جي گلوڪاريءَ واري گلشن جو واس وٺڻ به هڪ ضروري عمل سمجھيو، ان مقصد کي دل ۾ رکندي، جيڪب آباد کان ٽنڊي آدم تائين پريم جا پنڌ ڪري گواليار گھراڻي جي امر ڪلاڪار، خانصاحب استاد منظور علي خان جي ڀاءُ، خانصاحب استاد وزير علي خان جي خدمت ۾ به حاضريون ڀري، سندس ڏنل دان مان به پنهنجي قلب جي ڪشڪول کي پر ڪيائين.
جيئن ته خادم حسين ديواني جي شخصيت تي تصوف جو رنگ ته شروع ۾ ئي چڙهي چڪو هو، ويتر پنهنجي درويش صفت استاد خانصاحب ارباب علي خان جي صحبت ۽ سرپرستيءَ ۾ رهيو، جنهنڪري تصوف ۾ طريقت جي اهميت کي پرکيندي، صوفياڻن توڙي طريقت وارن قاعدن ۽ قانونن کي بجا آڻڻ هڪ ضروري عمل سمجھيائين، ان لاءِ سال  1992ع ۾ سونهاري سنڌ جون سرحدون اڪاري، بلوچستان جي حدن ۾ واقع تصوف توڙي همه اوست جي ازلي آستاني درگاهه فتحپور شريف تي حاضر ٿي درگاهه جي اڳوڻي گادي ڌڻي حضرت سيد صوفي صادق علي شاهه کي دل سان پنهنجو مرشد تسليم ڪندي سندس دست بيعت ٿيو، طريقت واري اهڙي رشتي ۽ رغبت سان پاڻ اڄ ڏينهن تائين ساڳئي درگاهه سان نينهن جو ناتو ڳنڍيندو اچي ٿو. تصوف سان تعلق ۽ راڳ سان رغبت ڪارڻ سندس اندر ۾ شاعريءَ جي شمع پڻ دکندي رهي ۽ پاڻ عملي طور تي ’ديوانو‘ جو تخلص اختيار ڪري هڪ شاعر طور به نکري نروار ٿيو، سندس شاعري پاڻ کانسواءِ سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين ڪيترن ئي ڪلاڪارن جهڙوڪ: انور حسين وسطڙي، سيد ابراهيم شاهه، گلاب راءِ ۽ ٻين پنهنجي آواز ۾ ڳائي آهي.
خادم حسين ديواني 1980ع ڌاري هڪ ڀيري پنهنجي ئي شهر جيڪب آباد جي ٽائون هال ۾ منعقد ٿيل هڪ نجي محفل ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جتي پاڪستان ٽيليويزن جو ناميارو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پڻ موجود هو، جيڪو خادم حسين ديواني جي آواز توڙي انداز مان متاثر ٿيو ۽ کيس پي. ٽي. وي ڪراچي تي اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن آڇ جي موٽ ۾ پاڻ پي. ٽي. وي ڪراچي رسيو، جتي قانون مطابق کانئس آڊيشن ورتو ويو، جنهن آڊيشن جي نتيجي ۾ سوڀ حاصل ڪري، پاڪستان ٽيليويز ڪراچي سينٽر تي هڪ ايپرووڊ آرٽسٽ طور متعارف ٿيو. ٽيليويزن جو اهڙو سفر ڪندي پاڻ پاڪستان ٽيليويزن جي اسلام آباد ۽ ڪوئيٽه سينٽرن تي به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃايائين. پاڻ ٽي. وي ۽ ريڊيو جي دنيا کان علاوه اسٽيج، آڊيو ڪئسيٽن، آڊيو- وڊيو سي ڊين سميت سيٽلائيٽ چئنلز رستي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي. خادم حسين ديوانو پوري ملڪ ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، ان حوالي سان سندس شمار ملڪ جي انهن ڳاڻ ڳڻين فنڪارن منجھان آهي، جن کي موسيقيءَ تي دسترس هئڻ سان گڏ مختلف ٻولين جي به ڄاڻ سڃاڻ آهي. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو، سرائيڪي، بلوچي، براهوي ۽ پشتو  ٻولين ۾ ڳائي چڪو آهي. خادم حسين ديوانو فني حوالي سان ملڪ جي هر خطي ۾ وڃي، هر قسم جي مزاج جي ماڻهن کي سمجھي ڪري ڪامياب محفل مچائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
خادم حسين ديواني کي 1986ع ڌاري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص دعوت تي سندس اباڻي ڳُوٺ ’سنڌڙي‘ ضلعي ميرپورخاص ۾ مدعو ڪيو ويو، جتي وري ريڊيو پاڪستان جي نامور براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هاڪاري ليکڪ عنايت بلوچ سندس آواز ۽ انداز کي ساراهيندي ۽ سندس فني صلاحيتن جو قدر ڪندي کيس ريڊيو جي دنيا طرف وٺي آيو. ان وقت ريڊيو حيدرآباد تي عنايت بلوچ ۽ نامياري پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ گڏجي سندس آواز جو امتحان ورتو، جنهن امتحان ۾ سرسيءَ بعد خادم حسين ديواني جي آواز کي پهريون ڀيرو ريڊيائي لهرن تان متعارف ڪرايو ويو. خادم حسين ديواني ريڊيو پاڪستان تي ٻيو ڀيرو آڊيشن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي در و ديوار اندر ڏنو، جتي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الله بخش شاهه بخاريءَ ۽ نامياري شاعر ۽ ريڊيو جي سگھاري براڊڪاسٽر مختيار ملڪ، خادم حسين ديواني سان گڏ ڪيترن ئي ڪلاڪارن کان آوازي امتحان ورتو، ان وقت سخت چٽاڀيٽي جي نتيجي ۾ طويل فهرست مان جن چند ڪلاڪارن کي ڪاميابي نصيب ٿي، انهن مان خادم حسين ديوانو پڻ هڪ هو.
خادم حسين ديواني کي سندس عمر ڀر جي فني خدمتن جي اعتراف ۾ هونئن ته عوام پاران ڪيتريون ئي محبتون، مڃتائون ۽ قدردانيون نصيب ٿيون آهن، پر هڪ ڀيري 1987ع ڌاري شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جي سالياني عرس جي موقعي تي نئين ڌن ۾ سريلي انداز سان لطيف سائين جي وائي پيش ڪرڻ جي موٽ ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه پاران پنج هزار روپين جي روڪ انعام ۽ ساراهه جا سنديسن کان علاوه 1986ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران ايوارڊ سان پڻ سندس آجيان ڪئي وئي.

خادم حسين ديواني جو فن پاڻ تائين محدود نه آهي، پر هو پنهنجي فن جي ورثي جو وارث پنهنجي فرزند، نوجوان راڳي سينگارعلي جي روپ ۾ تخليق ڪري چڪو آهي. پاڻ اڄڪلهه رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ جيڪب آباد شهر ۾ رهائش پذير آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا