خادم حسين ’ديوانو‘
سٻاجھڙو، سريلو ۽ صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
جيڪب آباد، جيڪو ’جان جيڪب‘ جو ٻڌايل شهر آهي، هن شهر جون جيتوڻيڪ هاڻي
اهي نزاڪتون نه رهيون آهن، پوءِ به ماضيءَ جي جھور جھروڪن ۾ جڏهن به جھاتي پائجي ٿي،
تڏهن هن شهر جون ديوانگيون ۽ دلربائيون نه ٿيون وسرن، جو عبدالڪريم گدائيءَ جي ڀونءِ
تان خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي ۽ خانصاحب استاد موندر خان جا دلفريب آواز ايندا
هئا، جيڪي ساهن کي سرهو ڪندا رهندا هئا. انهن دلربائين ۽ ديوانگين جي پيش منظر ۾ هڪڙو
اهڙو ديوانو ماڻهو به آهي، جيڪو پنهنجي آواز جي مستين ۾ سدائين مست رهيو آهي ۽ الائي
ڪيترن ماڻهن جو دلربا بڻيل رهيو آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن جدت جا سجھندا اڃا ايڏا
وائکا ۽ ويڪرا ڪين ٿيا هئا، پوءِ به والن وارن ريڊين ۽ ’هٽاچي‘ ٽيوين جو دور هو ۽ ماڻهن
جون نهارون ۽ سماعتون هميشه انهن مشيني پرزن ۾ اٽڪيل هونديون هيون، جن سان روح کي عجيب
ڪيف ۽ راحتون نصيب ٿينديون هيون. انهن عجيب ڪيفيتن ۽ راحتن ۾ سنڌ جي سريلي آواز جي
مالڪ خادم حسين ديواني جو به اوترو ئي حصو رهيو آهي، جيترو سنڌ جي ٻين ناليوارن ڪلاڪارن
جو آهي. حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها چئبي، جو
جڏهن هن درويش صفت ڪلاڪار سان موبائيل تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ته سڀ ڳالهيون وساري،
پنهنجو اصلوڪو احوال ڪرڻ کان به اول اها ڳالهه بار بار بانور ٿي ڪرايائين ته: ”خادم حسين کي عزتن ۽ شهرتن جي منزلن تي پهچائڻ
۾ خداوند قدوس جي ذات بابرڪات کانپوءِ سندس محسن شخصيتن خانصاحب استاد ارباب علي خان،
محترم ممتاز مرزا، محترم عبدالحميد آخوند، محترم منظور احمد قناصري، محترم عنايت بلوچ،
محترم محمد بخش سميجي، محترم عبدالڪريم بلوچ، محترم قنبر علي ۽ ٻين جو اهم ڪردار شامل رهيو آهي.“
