; سنڌي شخصيتون: ڀڳونتي ناواڻي، ڀڳوان داس ساگر، محمد رمضان شورو، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا،
Showing posts with label ڀڳونتي ناواڻي، ڀڳوان داس ساگر، محمد رمضان شورو، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا،. Show all posts
Showing posts with label ڀڳونتي ناواڻي، ڀڳوان داس ساگر، محمد رمضان شورو، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا،. Show all posts

03 February, 2015

ڀڳونتي ناواڻي

ڀڳونتي ناواڻي

سنڌ هند جي ڪوئل



سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.

ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي.