نور محمد ڦرڙو
علم و ادب جو پانڌيئڙو
ساجد مسڻ
الله سائين هر انسان کي قدرتي
صلاحيتن سان مالامال ڪيو آهي، اهو انسان جي مٿان آهي ته هو قدرت جي ڏنل نعمتن مان ڪيتري
قدر فائدو وٺي ٿو. خوش نصيب آهن اهي انسان جيڪي الله سائين جي ڏنل ڏات جو فائدو وٺن
ٿا، اھڙن خوش نصيبن ۾ اسان جو استاد نور محمد ڦرڙو به شامل آهي، جيڪو قدرتي
صلاحيتن جو ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جاري رکندو آيو آهي.
