فقير محمد سومار جت
شاھ جو راڳائي
فقير حاجن نظاماڻي
لطيف سائين پنھنجي حياتيءَ جا ڏينھن، انسان ۽ انسانيت ۾ اصلي روح ڦوڪڻ لاءِ وقف ڪيا، جئين ڀٽڪيل انسان حق جي راھ يعني رباني راھ تي اچي وڃي. انڪري ڪيترائي شھر، ڳوٺ، وستيون، واھڻ، جھنگ، جبل، سمونڊ جي ٻيٽن تي گذاريا ھئا، انھيءَ فقيريءَ جي فڪر کي لطيف سائين ڳولي گڏ ڪيو، جنھن جي نشاندھي ڪندڙ لطيف سائين جو رسالو آھي، لطيف سائين انسان کي پنھنجي اصل يعني روح واري زندگي سيکارڻ جو درس ڏنو آھي، لطيف سائين جي باري ۾ ھڪ روايت آھي ته، ھڪ ڏينھن وڏي اوطاق تي فقيرن سان گڏ ويٺل ھئا ته اُٿڻ لڳا ۽ تمر فقير کي چيائون ته اَبا تمر منھنجي جُتي کڻي ڏيو، تمر فقير وراڻيو ته مونکان، جُتي نٿي کنئي ٿئي، لطيف سائين فرمايو ته ھا اَبا واقعي اِھا جتي وزني آھي، انھيءَ جُتيءَ ۾ منھنجي زندگيءَ جي سفر جو ٿَڪ، ڏک، ڏاکڙا، تڪليفون سمايل آھن، انڪري اوھان کان جُتي ڪان کڄندي، روايت زباني آھي پر انھيءَ ڳالھ جي صداقت لطيف سائين جي سفر مان شاھد طور ملي ٿي، لطيف سائين ڪيترا ڏينھن سفر ۾ گذاريا آھن، ان تي تاريخدانن جا رايا به مختلف آھن، ڪي چون ٿا ته لطيف سائين ٽري سال سفر ڪيو ته ڪي وري چون ٿا ته سائين گھڻائي ڏينھن سفر ۾ گھاريا، يعني چاليھن سالن تائين مختلف جاين تي، الڳ الڳ ساٿين سان گڏ سفر ڪيو آھي، انھيءَ ڳالھ جي وضاحت لاءِ لطيف سائين جا اُھي ماڳ مڪان موجود آھن، سڄي سنڌ، ھند ۾ لطيف سائين جا تَڪيا ملن ٿا، ڪي اديب، محقق، تاريخدان، ليکڪ انھي ڳالھ تي متفق ڪون آھن ته لطيف سنڌ کان ٻاھر سفر ڪون ڪيو آھي، پر لطيف سائين جي بيتن ۾ کوڙ شاھديون آھن ته لطيف سائين سنڌ کان ٻاهر ڪيا آهن.
