; سنڌي شخصيتون: فاطمه لقمان چوهاڻ، قاسم خاصخيلي، قاضي جاويد سنائي،
Showing posts with label فاطمه لقمان چوهاڻ، قاسم خاصخيلي، قاضي جاويد سنائي،. Show all posts
Showing posts with label فاطمه لقمان چوهاڻ، قاسم خاصخيلي، قاضي جاويد سنائي،. Show all posts

30 April, 2023

فاطمه لقمان چوهاڻ

فاطمه لقمان چوهاڻ

پنھنجي مدد پاڻ تحت تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي ملالا

قاسم خاصخيلي 



اسان وٽ اڪثر چوڻي مشھور آھي ته؛ ”تعليم انسان جي ٽين اک هوندي آھي.“ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تعليم کان سواءِ، انسان اڌورو هوندو آھي. اها تعليم ئي هوندي آھي جيڪا ماڻھوءَ کي انسان بنائڻ، اٿڻ ويھڻ، سکڻ سمجھڻ، دنيا جي لاهن چاڙهن، سائنس، ادب سميت هر دنياوي ڄاڻ سميت انيڪ حسانڪين ۽ انسانيت جي اهميت سان گڏ پکين، وڻن، جاندارن، توڙي غير جاندارن جو فرق سمجھائيندي آھي، ڇو ته تعليم جتي عقل فھم ۽ سوچن جي سمنڊ کي اونھو ڪري ٿي اتي تعليم دل ۽ دماغ بنجي انسان کي ڪجھ جدت ۽ تخليقيت ڏانھن به مائل ڪري ٿي، هاڻ اهو ان تعليم پرائيندڙ ماڻھوءَ تي دارومدار هوندو آھي ته هو تعليم پرائي هڪ مھذب انسان بنجي خلق خدا جي خدمت سميت تخليقي ميدان ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاري ٿو يا وري تعليم پرائي هڪ عام ۽ جاهل ماڻھوءَ کان به وڌيڪ ناڪاره بنجي پنھنجي ذاتي زندگي جيئڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، تعليم جي ميدان ۾ اگر وسيع نظر ڪبي ته دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ اها اسان کان اڳتي نظر ايندي پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ اندر تعليم ڄڻ ته نه هئڻ برابر ڏسڻ ۾ ايندي، پر ان هوندي به اسان کي تعليمي ميدان ۽ ان کان علاوه ٻين شعبن ۾ ڪافي تخليقي ڪردار نظر اچن ٿا، جيڪي وس آهر نه رڳو تعليم پرائي پاڻ اتم بنجي ان مان ڪجھ پرائي مثبت سوچ جي ڪري اڳتي نڪري آيا آهن پر انھن هتان جي رهندڙ ماڻھن توڙي دنيا کي هڪ فائديمند معاشرو پڻ جوڙي ڏيڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪري تاريخ رقم ڪري ڏيکاري آھي.