سومار علي سومرو
سنڌ جو هڪ اديب، صحافي
ناليوارو مترجم
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
سنڌ سونهاري اھڙا تہ املھ ماڻڪ
موتي پيدا ڪيا آهن جو پارکو انھن کي پرکي نه سگھيا. ان ۾ ڪجھ قسمت جو کيل تہ وري
معاشي مشڪلاتن جي ور چڙهي گمناميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. منھن جي جن اديبن
۽ صحافين سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون انھن مان سومار علي سومرو پڻ ھڪ ھو. اھا ڳالھ
آهي ۱۹۶۷ع جي جڏهن مان روزانه نواءِ
انقلاب سکر ۾ ٻارن جو صفحو ترتيب ڏيندو ھوس تہ اتي اخبار جو ايڊيٽر تہ ھو مقبول
صديقي، نيوز ايڊيٽرن ۾ خواجه سليم، م ص بلوچ ۽ سومار علي سومرو ھئا. سومار علي جي
انگريزي توڙي سنڌي، فارسي توڙي اردو تي ڪمال جي دسترس ھئي. ان زماني ۾ خبرن جو
ذريعو APP (ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان)،
ريڊيو پاڪستان، آل انڊيا ريڊيو ۽ ٻيا ريڊيو ھوندا ھئا. APP جي آفيس معصوم شاھ جي مناري جي لاھي کان ھيٺ ھئي. ڪجھ سال اڳ ان
جو بورڊ نظر پڻ آيو ھو. اتي ٽيليپرنٽر تي خبرون ھڪ ڊگھي رول ذريعي نڪرنديون ھيون.
ھڪ سائيڪل وارو ھر ڏھ منٽن کان پوءِ پيو سلپون آڻيندو ھو جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان
پوءِ انھن جو ترجمو نيوز ايڊيٽر ڪري، ايڊيٽر مقبول صديقيءَ جي حوالي ڪندا ھئا. مون
محسوس ڪيو تہ سومار علي سومرو اھڙو تہ لاجواب ترجمو ڪندو ھو جو ايڊيٽر سلپ سڌو
سنئون ڪمپوز ڪندڙ کي ڏيندو ھو. ڪمپوز ڪندڙ به اھڙا برک جو جھٽ پل ۾ ڪمپوز ڪري اچي
پروف ريڊر جي سامھون رکندا ھئا.. ڪمپوز ڪرڻ وارا سکر ۾ اخبارن توڙي پريسن ۾ سکر ڀرسان
فراش ڳوٺ جا پيرزادا ھوندا ھئا.
