; سنڌي شخصيتون: سردار گل محمد خان مگسي زيب - رحيمداد خان مولائي شيدائي

07 June, 2011

سردار گل محمد خان مگسي زيب - رحيمداد خان مولائي شيدائي

رحيمداد خان مولائي شيدائي   

سردار گل محمد خان مگسي، “زيب”
بلوچستان جي بي آب و گياه زمين، مردم خيز به ڪانه آهي، پر جنهن صورت ۾ شاعريءَ جو خمير هتي جي مٽيءَ ۾ گڏيل آهي، ان سبب ڪري سنڌ جي هن ڀاڱي مان بلندپايه، جليل القدر شاعر وقتاً فوقتاً پيدا ٿيندا رهيا.
ارڙهين صديءَ ۾ شاعر ڄام درڪ، مير محمد نصير خانِ اعظم جي درٻار ۾ ملڪ الشعرا هو؛ سندس اشعار حسن جون بازاريون آهن. اوڻيهين صديءَ ۾ مرزا احمد علي ‘احمد’، عاشقِ رسول (فداه ابي و امي)، جا نعتيه غزل مطالع ڪرڻ سان اربابِ ذوق کي تسليم ڪرڻو پوندو ته مرزا صاحب واقعي عاشقِ صادق هو. مرزا صاحب هن لطيف فن کان سواءِ رياست عاليه قلات جي مستوفيءَ جي عهدي تي فائز هو. انهيءَ طرح، ويهين صديءَ ۾، سردار گل محمد خان مگسي، تخلص “زيب”، سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جو پنهنجي بذله سنجيءَ ۽ شعله نوائيءَ جي ڪري شيراز جي بلبلن—’حافظ’، ‘سعدي’، ‘عرفي’، ‘نظيري’ ۽ مولانا ‘جامي’ سان همسري رکي ٿو. ڪي برگزيده هستيون پنهنجي زندگيءَ ۾ قابلِ احترام تصور ڪيو وڃن ٿيون، ۽ ڪي مرڻ کان پوءِ. ساڳيو واقعو حضرت ‘زيب’ سان ٿي گذريو. اسان جي هن آتش فشان شاعرکي سندس حياتيءَ ۾، ‘گوئٽي’ وانگر، خبر پئجي نه سگهي ته سندس قالب ۾ ‘حافظ’، ‘سعدي ‘جامي’، ‘عرفي’ ۽ ‘نظير’ جا ارواح حلول ٿيل آهن. حضرت ‘زيب’ کي ‘حافظ’ وانگر پيرسنيءَ ۾ عشق سان پلئه اٽڪائڻو پيو، ۽ اها حقيقت آهي ته عشق شاعرن جي ڪلامن کي جادو بنائي ٿو. قدرت کي ائين منظور هو ته ‘زيب’ پنهنجي ڪلام ڪري زنده جاويد ٿي رهي. مادر وطن سنڌ سونهاريءَ کي ناز آهي ته سندس بطن مان مير ‘زيب’ جهڙا قيمتي گوهر پيدا ٿيا. حقيقت ۾ بلوچستان به سنڌ جو ڀاڱو آهي. سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي گلدستي جي زيبائش ‘زيب’ جهڙي گل ڪري تازگي ۽ سڳنڌ حاصل آهي.
نالو ۽ نسب. سردار گل محمد خان مگسي، نواب مير قيصر خان مگسيءَ جو وڏو پٽ هو. ولادت جي تاريخ جو پتو پئجي نٿو سگهي. ٻروچن  مگسي قبيلو رندن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مگسين جو اصلي وطن “مگس” (Magus)، ايراني بلوچستان ۾. ‘دِزڪ’ جي لڳ هڪ مضبوط قلعو هو، جنهن جي نالي تي مگسي ڪوٺجن ٿا. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ بلوچن جا قبيلا، مڪران کان هجرت ڪري، ڪڇي جي ٽڪنڊي ميدان ۾ جدا جدا بيٺڪون قائم ڪري ويٺا. مگسين جي تمن به ڀاڳناڙيءَ جي نشيبيءَ حصي “جهل” ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي، جا رياست قلات جي گنداواه نيابت ۾ آهي. “ڀاڳناڙي” سنسڪرت جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي—’ڀاڳ’ معنيٰ باغ، ۽ ‘ناڙي’ معنيٰ نالِي؛ سنسڪرت نالو آهي ‘باغا نالي’. “جهل” بلوچي لفظ آهي، معنيٰ ‘وهندڙ پاڻي’. اڄڪلهه هي ٽڪنڊو ميدان ٽن پاسن کان سليمان  هاڙهي جبلن جي قطارن جي وچ ۾ آهي. اڳ انهن جبلن مان ڪيتريون برساتي نئيون وهي، ‘مهراڻ’ ۽ ‘منڇر’ جي ڍنڍ ۾ پونديون هيون. “تاريخ معصومي” ۾ ڄاڻايل آهي ته اڪبري دور ۾ هن ميدان ۾ ڪپهه جا ايڏا وڻ هئا جو ماڻهو وڻن تي چڙهي ڦُٽيون چونڊيندا هئا؛ پوءِ زلزلن پوڻ ڪري نئن رخ بدلايو، ۽ ڪڇي ميدان بنجي ويو. “ڪڇي” لفظ دراصل “ڪچي” آهي. ‘ڪچي’ يا ‘ڪچو’ ان زمين کي چون ٿا، جنهن تي آبڪلانيءَ جي مند ۾ آبادي ٿيندڙ هجي.

مگسي تمن يارهن پاڙن ۾ ورهايل آهي: (1) ڀوتالي، (2) راوتاني، (3) صوڀائي، (4) ننداڻي، (5) شنباڻي، (6) روهيجا، (7) ساکاڻي، (8) هسباڻي، (9) حسرالي، (10) بنگلاڻي ۽ (11) کوسا. مگسين جو سردار، جهالاوان جي سردارن جي صف ۾ شمار ٿئي ٿو. مينگلن کان پوءِ مگسي ٻيو نمبر سردار آهي، جنهن کي درٻار قلات مان ماهوار چار سو رپيا وظيفو ملي ٿو. جنگ جي وقت مگسي سردار کي 5836 لشڪر خانِ اعظم کي امدادي طور موڪلڻو پوندو هو. مگسي، ايراني بلوچستان ۾ ‘دِزڪ’ ۽ ‘مگس’ ۾ رهن ٿا؛ پنجاب ۾ ملتان، مظفر ڳڙهه، ميانوالي، جهنگ ۽ ديري غازي خان ۾ رهن ٿا؛ سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پکڙيل آهن. ٽالپري دور ۾ سندن سرداري قائم هئي. مگسي گهڻو وقت پنهنجن پاڙيسري ٻروچ ڀائرن سان جنگين ۾ رڌل رهيا. اُتر ۾ بالا ناڙيءَ جي رندن سان جنگين جو سلسلو هلندو رهيو. اُنهن جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن رندن جو سردار مير شيرمحمد خان، مگسين جي سردار مير جعفر خان هٿان مارجي ويو. ڏکڻ وارن غيبي ديري جي چانڊين به گهڻائي هٿ پير هلايا، پر مگسي کين روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا. چانڊين ۽ مگسين جي باهمي عداوت ۽ اتحاد، سنڌ ۾ ضرب المثل پهاڪا آهن— مثلاً “چانڊين مگسين وارو وير”، “چانڊيا چور شنباڻي شاهد.”
تعليم ۽ تربيت ۽ سرداريءَ جو زمانو. نواب مير قيصر خان مگسي، جهوني نموني جو، ٻروچڪي سادگي پسند هو، پر پٽن کي تعليم ڏيارڻ تي هن پورو ڌيان ڏنو. سندس وڏي پٽ مير گل محمد خان، وقت جي وڏي مفتيءَ ۽ عالم بزرگ حضرت مولانا عبدالغفور همايوني، متخلص “مفتون”، جي درسگاهه مان علم ظاهري ۽ سلوڪ جون منزلون طي ڪيون هيون؛ اهو ئي سبب هو جو مير ‘زيب’ عربيءَ ۽ پارسيءَ جو عالم هو. ‘زيب’ پنهنجي استاد جي جيڪا تاريخ وفات چئي آهي، تنهن مان اهو ڏس ملي ٿو:
استاذي فاضل ‘همايوني’، آن شمسِ زمان شهابِ گيتي،
روپوش چوگشت، گفت هاتف، ‘پنهان شد آفتابِ گيتي.’
اهڙيءَ طرح سردار قيصر خان پنهنجي ننڍي پٽ مير محمد يوسف علي خان جي تعليم ڏيارڻ تي پهريائين قاضي رسول بخش صاحب ۽ پوءِ مولانا غلام قادر صاحب چاچڙانيءَ کي مقرر ڪيو هو، ۽ انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ لالا ڪنهيالال لاهوري.، بي. اي.، کي مقرر ڪيو هو، جنهن کان ڏيڍ سال يوسف علي خان تعليم وٺندو رهيو.
19 – صديءَ جي آخر ۾ بلوچستان ۾ جيڪي ٻه مکيه سياسي واقعا رونما ٿيا، تن جو اثر رياست جهل تي پيو. پهريون واقعو هو ‘معاهدهء مستونگ’ – 1876ع، جنهن موجب ميجر رابرٽ سئنڊيمن، نواب سر مير خداداد خان جي اندروني آزاديءَ کي تسليم ڪيو، ۽ خارجه معاملات انگريزن پاڻ وٽ رکيا. انگريزن براهوئي ڪنفڊريسي کي ساڳيا حق ڏنا، جيڪي هندستان جي رياستن کي ڏنا هئائون. 1876ع ۾ انگريزن ڪوئٽيا تي قبضو ڪيو، ۽ سر رابرٽ سئنڊيمن پهريون دفعو برٽش بلوچستان جو ‘ايجنٽ ٽو دي گورنر جنرل’ مقرر ٿيو. 1892ع ۾ سر رابرٽ سئنڊيمن لس ٻيلي ۾ مري ويو، ۽ سندس عهدي تي سر جيمس برائون ايجنٽ مقرر ٿي آيو. هن نواب خداداد خان کي ڪوئٽيا اچي ملاقات ڪرڻ لاءِ لکيو، پر خان صاحب جي مرضي هئي ته انگريزي ايجنٽ اچي ساڻس ملاقات ڪري. خانِ اعظم جي سردارن ۽ مستوفي ممالڪ فقير محمد سان اڳيئي اڻبڻت پيل هئي، تنهنڪري جيمس برائون خان صاحب کي معزول ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ايجنٽ انگريزي روايتن موجب ‘ڦوٽ وجهي حڪومت ڪرڻ’ واري پاليسي اختيار ڪئي. خانِ اعظم کي معزول ڪرڻ واري ڊرامي ۾ مستوفي فقير محمد، ميجر ٽيمپل، اسٽيشن ۽ راءِ بهادر هتورام، ٻن سيڪريٽرين، نواب اسدالله خان رئيساڻي ۽ خان صاحب جي وڏي پٽ شهزاده محمود خان جيڪو پارٽ ادا ڪيو، ان موجب 1894ع ۾، برائون خانِ اعظم کي معزول ڪري، پنهنجي هٿ ٺوڪئي محمود خان کي تخت تي ٿاڦيو، جو خانِ اعظم جي ڪنيز جي بطن مان هو، ۽ پڻ ڪمزور طبيعت جو حڪمران ۽ عياش جيئڙو هو، ۽ زندگيءَ جا پويان ست سال نابينا رهيو. حڪومت جون واڳون وڏي وزير سر مير شمس شاهه جي هٿ ۾ هيون، جنهن جو مول متو هو برٽش عملدارن کي خوش رکڻ ۽ رياست جي رهاڪن کي ڦرڻ ۽ تنگ ڪرڻ. سڀ کان پهريائين وزير اعليٰ سان سردار قيصر خان هٿ ڳنڍيو، پر هن مهم ۾ نواب صاحب ڪامياب ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته شمس شاهه انگريزن جو ڇاڙتو ۽ سياهه سفيد جو مالڪ هو. نتيجي طور، وزير، نواب قيصر خان ۽ سندس پٽ يوسف علي خان کي جلاوطن ڪري ملتان ڏانهن مُڪو. سردار گل محمد کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائين، حالانڪ گل محمد خان کي سياست ۽ سرداريءَ سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي. 1923ع جو هيءُ واقعو آهي. مٿيون بيان سياسي پس منظر طور هت ڏيڻ ضروري هو، جيئن پڙهندڙ سياسي ماحول کان واقف ٿين.
سرداريءَ کان لهڻ، ۽ شهداد ڪوٽ ۾ سڪونت. 1929ع ۾ يوسف علي خان لاهور جي هڪڙيءَ هفتيوار اخبار قلات جي وڏي وزير، شمس شاهه، جي بدنظمين متعلق مقالو شايع ڪرايو، جنهن مگسي تحريڪ کي زور وٺرايو. 1930ع ڌاري يوسفعلي خان سبيءَ ۾ آيو، ته وزير هن کي گرفتار ڪرائي، 1931ع تائين مستونگ جيل ۾ رکيو. مگسي تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ شمس شاهه مانسنگهه نالي هڪ سِک کي ناظم ڪري جهل ڏانهن مُڪو، جنهنڪري مگسين ۾ منافرت پکڙجي ويئي، ۽ مگسي هزارن جي تعداد ۾ جهل کان هجرت ڪري نڪري ويا. هڪڙو وفد وائسراءِ هند ڏانهن دانهن ڏيڻ ويو. انهيءَ وچ ۾ نواب سر محمود خان وفات ڪئي. 1932ع ۾ لارڊ ولنگٽن، وائسراءِ هند، حقيقي وارث نواب مير محمد اعظم خان کي قلات جي گاديءَ تي ويهاريو. نئينءَ حڪومت شمس شاهه بدران خان بهادر غلام محمد خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو، جنهنڪري سردار گل محمد خان کي به تمن جي سرداريءَ تان هٿ کڻڻو پيو، ڇاڪاڻ جو مگسين ۾ يوسفعلي خان مقبول هو. 1933ع ڌاري گل محمد خان، جهل کي خيرباد پئي شهدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. وٽس بي نظير ڪتبخانو هو. ويهن سالن کان پوءِ، 7 – جنوري 1953ع ۾، هي علم ۽ ادب جو آفتاب هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. بلوچستان جا رهاڪو توڻي سنڌي مگسي ڀائر کيس وساري نٿا سگهن. “زيب” درويشي اختيار ڪري، فنِ شاعري کي جولانگاهه ٺاهي، زندگيءَ جاويد حاصل ڪئي، ۽ سندس ننڍو ڀاءُ يوسفعلي خان، بلوچن جي مرده جسمن ۾ آزاديءَ جي شمع روشن ڪري، آمريت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ طاغوتي طاقتون سندن عزم ۽استقلال اڳيان جهڪي پيون.
‘زيب’ جي شاعري
حضرت ‘زيب’ نَوَ ورهيه نوابيءَ جي مسند تي رهيو. هو عالم، فاضل، شاعر ۽ صوفي درويش هو. کيس عيش پرستيءَ سان پٽيءَ دلچسپي ڪانه هئي؛ تاهم هو مٿيون عرصو سياسي ريشه دوانين، خانداني رقابتن، سموريءَ قوم جي بيچينيءَ، پنهنجن ۽ ڌارين جي گڏيل بيقدرين ۽ زماني جي نااَلتفاتين تي، مرڻ گهڙيءَ تائين سندن خلاف نوحه ڪنان رهيو. شاعريءَ جي باب ۾ ايترين شڪايتن ۽ پريشانين هوندي، اگرچ هن طبقه متقدمين جي شاعرن جو تتبع ڪيو، ۽ دمِ واپسين تائين انهيءَ چال تي گامزن رهيو، ليڪن سندس نڪته سنج طبيعت ادب جي باب ۾ اڀرندڙ جديد رجحانات کان بيخبر نه هئي، ۽ اهي رجحانات آهن، جيڪي ستل قومن ۾ سجاڳي پيدا ڪن ٿا. حضرت ‘زيب’ کي جيڪڏهن زماني جي شڪايتن کان فرصت ٿئي ها، ته پڪ شاعريءَ کي جديد اسلوب تي ڍالڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها. قطع نظر، کڻي مقتدمين طبقي ۾ هجي يا متاخرين طبقي ۾ هجي، ‘زيب’ ادب جي بزمِ سخن جي زينت آهي. ڀاڳناڙيءَ جي زمين به فلارينس وانگي رومان آفرين آهي. هن خاڪ مان سوين مجتهد، جا دوبيان شاعر، اولياءَ الله، سيف ۽ قلم جا صاحب ٿي گذريا، جيڪي مهراڻ ۽ ڪوهستان جي سدا چمڪندڙ اُفق تي آفتاب ۽ ماهتاب ٿي چمڪيا: جهڙوڪ استاذي شمس الدين ‘بلبل’ (جنهن جي فنَ صحافت جي مدرسي ۾ راقمِ حروف زانوي ادب کوڙيو)، فقير نانڪ يوسف درازي، قاضي نور محمد گنج آبوي، ‘جنگ نامه’ فارسي، مولانا گل محمد شهدادڪوٽي، مولانا تاج محمد صاحب بلوچستاني، مولوي محمد عابد استوي، مولوي خيرمحمد ۽ مولوي عبدالرحيم صاحب مگسي، معلم سنڌ مدرسه ڪراچي (جنهن دمِ واپسين وقت پنهنجي فرزند مولانا سليمان مگسيءَ کي وصيت ڪئي هئي ته راقم الحروف کي سندم سلام پهچائي—الله الله!)، سردار گل محمد ‘زيب’، ۽ بطلِ حريت يوسفعلي خان مگسي. طوالت ڪري چند نالا، مشت ازخروار، نموني طور ڏنا ويا آهن.
حضرت ‘زيب’ فنِ شاعريءَ ۾ روشنيءَ جو مينار تعمير ڪريو. ‘زيب’ ۾ فنڪارانه صلاحيتون هيون. سندن فاني زندگيءَ جٽاءُ نه ڪيو. هو پنهنجي تعمير جي ڪم کي مڪمل ڪري نه سگهيو. منزل نه سهي، پر ايترو اهلِ دل کي تسليم ڪرڻو پوندو ته نشانِ منزل ضرور هو. شاعر، شبنم افشاني ڪندي، اسان جي رستي جي مناسب منزلن تي رهنمائيءَ جا جيڪي روشن ڏيا ٻاري ويو، تن مان “پنج گلدستهء زيب”  “مخمسات زيب” اسان لاءِ سنگِ ميل جي حيثيت رکن ٿا، جيڪي رهنمائيءَ ڪرڻ کان سواءِ اسان جي تند ۽ تيز ادبي قافلي لاءِ روشنيءَ جا مينار آهن. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته شاعرِ ڪبير مرزا احمد علي ‘احمد’، ادبي ترويج جي راهه تي جيڪي رستا ڏيکاري ويو، تن تي ‘زيب’ سنگِ ميل نصب ڪيا. سندس ڪلام سمنڊ وانگي ڇوليون هڻي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ دل جا جذبا ۽ روحاني ڪيفيتون پوشيده آهن. سندس جذبات، تاثرات ۽ تصور جي پرواز جا اسرار سامونڊي لهرن وانگيان آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دامن کي ڪچ ڪوڏين بدران بي بها موتين سان ڀرين ٿيون. ترڪِ نوابي ۽ درويشي زندگي اختيار ڪرڻ متعلق چوي ٿو:
مرادِ سلطنت را ترڪ ڪردم بهرِ درويشي،
چو ابراهيم ادهم ملڪ و سامان دادم و رفتم.
مثل آئينه خوردم غوطه ها، در آبِ حيرت، ‘زيب’،
غبارِ وهم را سر در گريبان دادم و رفتم.
اڄ ‘زيب’ جي موت تي اسان جن سينن مان آه نڪري يا نه نڪري، پر سندس اشعار ٻڌي بيساخته زبان مان واه – واه ضرور نڪرندي. سندس شاعريءَ ۾ نشاط انگيز خوشيون به آهن، ۽ غم به؛ ناڪامي ۽ معصوم حسرتون به آهن، ته ساڳئي هنڌ تي ڪامرانين جو سيلاب به موجون هڻي ٿو.
بڪن ساقيا پُرزمـي جامِ جم،
ڪه يابم رهائي ز زندانِ غم.
خوشا باده نوشي گهي صبحدم،
خوشا لحن و آوازهء زير و بم.
...
مرا سوزِ گريه بود چون چراغ،
چو لاله ز حسرت بدل هست داغ.
ندارم ولي از تفڪر فراغ،
دلِ دشمنانم بود باغ باغ.
بهارِ اُميدم ندارد درخت،
هلاڪم مرادي خداوند بخت.
ندارد دل من ز آرام رخت،
مبادا ڪسي مثلِ من سست بخت.
حضرت ‘زيب’ جي لساني روانيءَ ۽ شيرين مقاليءَ جي ميٺاج جو ملاحظو فرمايو:
ابرست و برق و بارش وهم موسمِ بهار،
ساقي، شراب و شمع و نقل و نگار آر.
پرسيدم از حڪيم ڪه آثارِ عشق چيست،
گفتا ڪه آه و گريه و آزار و انتظار.
برباد از خزانِ قضا عاقبت شود،
هر برگِ سبز هر گل و هر شاخِ ميوه دار.
غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ‘زيب’ جي شاعري محض جذباتي بنيادن تي نه آهي، بلڪ ذهني به آهي. سندس طبع لطيف آهي، ۽ سندس شعور پختگيءَ جا سمورا مراحل طي ڪري چڪو آهي. ڄڻ اسين هڪڙي بحرِ ناپيداڪنار ۾ غوطه زن آهيون، جتي ‘زيب’ جي غمن جي ويرانين سان گڏوگڏ، همه گير شاهدپرستيءَ جي رنگارنگ دلڪشي ۽ خونريز غمزا به گهائل ڪن ٿا:
بغير از ذڪرِ حسن و عشق مارا،
پسند از عهد طفلي قصه نيست.
...
روزِ محشر از تمامي روزها باشد طويل،
ليڪ روزِ هجرِ تو ازوي دراز افزون تر سست.
...
مپنداري ڪه در ايامِ پيري خالي از عشقم،
ڪه اين خاڪسترِ افسرده ما اخگري دارد.
...
هست خندان آن صنم بر گريه ام،
شاڪرم ڪين گريه بي تاثير نيست.
...
هان مڪن ذڪرِ قيامت و اعظا در ڪوي اُو،
ڪين چنين هنگامها هر روز اينجا ميوشند.
...
بسڪه مقروضِ مغان گشتم، شدم تائب زمي،
تنگدستي پارسايم ڪرد من ممنونِ او.
پنهنجي زندگيءَ جون المناڪ گهڙيون، پُردرد طريقي سان ادبي تحقيقات ۾ سموئي ٿو:
چيزي نه گشت بي غم و محنت نصيبِ ما،
اي ‘زيب’ در زمانه چرا آمديم ما.
اڄ سندس ياد کي جنهن پُر شڪوه انداز سان تازو ڪجي، جڳائي. شعر و ادب تي تنقيد ڪرڻ لاءِ جيتري وسيع علم ۽ مشاهدي جي ضرورت آهي، هيچمدان ان جو حامل نه آهي.
‘زيب’ کي قدرت موزون طبيعت عطا ڪئي هئي. سندس انساني لطيف جوهرن پاڻ لاءِ شعر ۽ ادب جو دلاويز رستو چونڊي ورتو، جنهن لطيف فن هن عاشق جيئڙي کي بي نياز ڪري ڇڏيو هو. چوي ٿو:
آزاده ام ز عار و ز اسلام بهرِ تو،
عاشق نمي شناسد اسلام و عار را.
...
مجنون نمي شديم بدين علم و عقل، ‘زيب’،
بر وضع مشق داشتي ار طبع اختيار.
‘زيب’ ڏٺو ته هڪ طرف انقلاب تمام تيزيءَ سان بلوچستان جي سر زمينِ بي آئين کي وڪوڙي رهيو هو. 1933ع ۾ “آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس” جو انقلاب انگيز اجلاس ڪاميابيءَ سان ٿي گذريو. سندس ننڍي ڀاءَ رياست قلات لاءِ “اسٽيٽ اسيمبلي” جي تحريڪ شروع ڪئي هئي، ۽ فرسوده نظام جي صدين جي ايوانن ۾ زلزلو وجهي ڇڏيو هو. ٻئي طرف، قديم اخلاقي اصول ۽ تمدن ۾ تبديلين جو آغاز ٿي چڪو هو. ‘ميڪياولي ڊپلوميسي’ هر هنڌ آنا لاهڻ لڳي. اهڙي ماحول کان متاثر ٿيڻ ‘زيب’ لاءِ ضروري هو. هو پنهنجا تاثرات اشعار ۾ ادا ڪري ٿو. ملاحظه فرمايو:
شده اهلِ جهان را عادت اي دل،
خوشامد روبرو، غيبت پس پشت.
...
درين زمانه ڪه مردم اسير غرض خودند،
وفامجوئي مگر از ڪتوبران وسگان.
ان ۾ شڪ نه آهي ته ‘زيب’ پنهنجي مسلسل ارتقائي ڪشمڪشن جي زماني کي شعوري طور سمجهي نه سگهيو؛ نه وري اهڙي ڪوشش ورتل نظر ٿي اچي. هن پراڻي فرسوده اقتدار واريءَ زندگيءَ خلاف گيت ڳايا آهن، ليڪن هڪڙي مخلص ۽ جذبات کان ڀرپور شاعر جي حيثيت ۾. بهرحال، هن استقلال ۽ استقامت جي جهنڊي کي هر حال ۾ بلند رکيو آهي. هن اهو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ته وقت جي سنگبازيءَ ۽ زماني جي نيرنگين کان دٻجي، پنهنجن عقيدن کان ڦري وڃجي. هو عزم ۽ استقلال جي طريقن سان چوي ٿو:
جنون اين است ‘زيبا’ ڪز پياپي سنگها خوردن،
چو دريا راي خود طرفي ڪہ داري پس نگرداني.
‘زيب’ جي شاعريءَ ۾ عجيب ۽ نادرالوجود اشعار جون مختلف صورتون ڏنل آهن. هو پنهنجي قلبي وارداتن کي نرالين تشبيهن ۽ انوکن اشارن سان، شاعرانه استدلال ذريعي، خوبصورتيءَ سان پيش ڪري ٿو. جڏهن زندگيءَ جي بي سرو ساماني ۽ ويراني سندس مقدر بنجي سندس سامهون اچن ٿيون، تڏهن هو جنهن انداز سان ماتم ڪري ٿو، سو ڏسڻ جهڙو آهي. ملاحظه فرمايو:
روشِ درد، آخرش گريہ،
مثلِ ناسور زندگيء من ست.
...
‘زيبا’ ڪنون نماند جز از صبر چاره هيچ،
در خويشتن بسوز، مگو آشڪاره هيچ.
بعض شاعرانه استدلال جون صورتون ڪيف آور به آهن:
چو گل بعارضِ رو خواست همسري ڪردن،
صبا طبانچہ زد و سرخ ڪرد رويش را.
...
از نظرها ماند بر رُخ خطِ سبزش پائمال،
سبزه را در رهگذر نشو و نما مشڪل تر ست.
...
از طلسمِ حسن باشد سنبره گردِ عارضش،
ورنہ ماند ڪاه را بر شعله ڪارِ مشڪل است.
‘زيب’ کي پيرانه ساليءَ ۾ عشق جي لپاٽ لڳي، ۽ ‘حافظ’ رحه جي به ساڳي حالت هئي، پر ٻنهي جا مراتبِ عشق ملاحظه فرمايو:
حافظ--        گرچہ پيرم تو شبي تنگ در آغوشم گير،
    ڪہ سحرگہ ز ڪنارِ تو جوان بر خيزم.
زيب-- وقتِ پيري سينه ام سوزِ الفت سوختند،
        شمع ِ شب درخانہء من صبحگہ افروختند.
ٻنهي شعرن ۾ جيڪي معنوي خوبيون آهن ۽ فرق آهي، سو اهلِ نظر جي سامهون آهي. ‘حافظ’ رحه هڪڙي رندانه ڳالهه ڪئي آهي، جا جذبات جي تازگي ۽ وقتي نفسياتي جوش اٿاري سگهي ٿي، ليڪن فطرت جي قانون کي بدلائي نٿي سگهي؛ مير ‘زيب’ جي شعر ۾ ڪابه غير فطري ڳالهه نظر نٿي اچي، بلڪ فطري حسرتن جو معصومانه اظهار ڪيل آهي. اهلِ غفلت جي قلوب تي حقائقِ زندگي  نورِ عرفان انڪشاف ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اهو سنتِ الاهي ۽ انساني فطرت جي خلاف آهي:
اهلِ غفلت را گريز از نورِ حڪمت لازم است،
شمع را خاموش پيش از ساعتِ خفتن ڪند.
اهڙا وٽس گهڻا ئي نشتر سرجريءَ لاءِ موجود آهن:
مسجد اگر شڪست چہ جاي غم ست، ‘زيب’،
ڪاين نيست قصرِ دل ڪہ درست اش توان نڪرد.
...
چسان از دل ڪنم خارج خدنگ اشرا ڪہ ميدانم،
ڪسي مهمانِ خود را خاطر آزرده نمي سازد.
...
بتم يا ديگران شاد است سوي من نمي آيد،
ز غيرت سوختم چندان ڪہ درگفتن نمي آيد.
...
اين ڪہ خطرِ فرق مي بينم عيان بالاي سر،
آبِ حيوان است در ظلمت روان بالاي سر.
ڪن هنڌن تي مير صاحب جي ڪلام ۾ ‘جهادِ زندگي’ جي تلقين به ڏنل آهي. چوي ٿو:
چشم بر امدادِ غيب و شڪوهء تقدير چيست،
دست از حسرت منہ بر سر ازو ڪاري بگير.
ڪن هنڌن تي فلسفهء غم جي جهلڪ به نظر اچي ٿي:
بغير از رنجِ عشرت نيست بس درخانہء عالم،
خوشي هاي جهان را خندهء بيمار مي بينم.
فُقر جي بنيادي اصولن ۾ ‘ترڪِ آرزو’ اهم اصول آهي. مير صاحب به ان جو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ذڪر ڪري ٿو:
ذلت براهِ فقر بود آبروي من،
بس ترڪِ آرزو نبود آرزوي من.
دوست جي لاءِ دوست جي رضا، زندگيءَ جو مقصد هئڻ گهرجي:
مقصود هر ڪس است در آفاق زندگي،
مقصودِ زندگي ست پيء يار زيستن.
دربدر جبين سائي ۽ لُنڊيءَ خوشامد کي مير صاحب انسانيت جي شرفَ خلاف سمجهي ٿو:
جبہ سودن دربدر از من نمي آيد ڪہ، ‘زيب’،
ڪانچہ در تقدير مرقوم است آن خواهد شدن.
حق سبحانه جو ذڪر ان وقت اثر ڪري ٿو، جڏهن انسان گناهن کان محفوظ رهي ٿو. قرآن حڪيم هدايت جو سرچشمو آهي. هن چشمہء صفا کان اهي لذت آشنا ٿين ٿا، جيڪي تقوا جا صاحب آهن. ڪتابِ حڪمت ۽ بادهء عرفان جي ڪيف ۽ سرور کي ماڻڻ لاءِ، ۽ اسرارن کان بهره مند ٿيڻ لاءِ تقوا شرطِ اولين آهي. مير صاحب به لطيف انداز سان هن طرف اشارو ڪري ٿو:
مجتنب باش از معاصي، پس بہ ذڪرِ حق بڪوش،
از دوا تاثير گر خواهي، دِلا، پرهيز ڪن.
جيئن اهلِ مغرب سَگ بازي ڪن ٿا، تيئن اڄڪلهه جي وڏيرن کي ڪتن ويڙهائڻ، ۽ ڪبوتربازيءَ ۽ ٻٽير بازيءَ جو شوق دامنگير رهي ٿو، بلڪ اهڙا شغل ۽ شرطون هڻڻ نوابن لاءِ طرهء امتياز آهي. مير صاحب پاڻ به نواب هو، پر اهڙين بدعتن کان آزاد هو. فرمائي ٿو:
درين زمانہ ڪہ مردم اسيرِ ڪام خودند،
وفا مجوئي مگر از ڪبوتران و سگان.
رحمتِ الاهي جي فيضان جي همہ گيري ملاحظه فرمايو:
عالمِ بالا ست يڪسان مشفقِ پست و بلند،
مي شود از ابرِ پنهان سبز يڪسان دشت و ڪوه.
پنهنجي تمنا کي پاڻ ظاهر ڪري ٿو:
اين است ارزوي دلِ من ڪہ روز و شب،
دارم خموش گشتہ بروي شما نگاه.
سندس معصومانه تمنائن وانگر، سندس اندازِ بيان به معصومانه آهي، ۽ روزمره جي مشاهدي کي عمدي پيرايي ۾ نظم ڪيو اٿس:
اين دلِ سوختہ را نيست طلبگار ڪسي،
جنسِ آتش زده را نيست خريدار ڪسي.
فارسي توڙي اُڙدو شاعرن ‘واعظ’ ۽ ‘زاهد’ جي خوب مٽي پليد ڪئي آهي. مير صاحب طبقهء زهاد جي خلاف آهي، پر پنهنجي مخالفانه جذبي کي تمام نفاست سان ظاهر ڪري ٿو:
شبي با شاهدي پيرِ مغان در ميکده مي گفت:
حذر از صحبتِ زهاد ڪن چندان ڪہ بتواني.
“خزينہ الاشعار” ۾ مير صاحب جيڪا تضمين چئي آهي، هن ڳالهه لاءِ ثبوت آهي ته کيس هن فن ۾ ڪافي مهارت هئي. هو رڳي بيت بازي نٿو ڪري، پر اشعار ۾ جان وجھي ٿو. تضمين جا چند اشعار نموني طور پيش ڪجن ٿا، جيڪي حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني، محبوب سبحاني جي شان ۾ چيا اٿس:
اي ڪہ از عشقِ تو هرجا شده افسانهء ما،
مابتو شيفتہ مشهور تو جانانهء ما،
خويشِ ما شد به غمِ عشقِ تو بيگانهء ما،
“بي حجابانہ در آ از در ڪاشانهء ما،
ڪہ ڪسي نيست بجز درد تو در خانهء ما.
روي باخندهء شادي بہ من مست نمائي،
بلبلهء نغمهء الطاف بگوشم بسرائي،
اي مرا دوست ترا ز جاني و در جانت جائي،
فتنہ انگيز مشو ڪاڪلِ مشڪين مڪشائي.
مستِ خمخانهء توحيدم و بي شُرب شراب،
چو اسيرم بحق انديشہ ندارم ز حساب،
بطِ درياي شهودم غني از عالمِ آب،
مرغِ باغِ ملڪوتيم درين دير خراب،
“ميشود نو تجلاي خدا دانهء ما.”
تصنيفات.
بلوچستان جي رهاڪن مير صاحب سان انصاف نه ڪيو، نه وري سندس ادبي ڪاوشن جو قدر ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو ٻاهرينءَ دنيا کي سندس شاعرانه تخليق جي هوا به پهچڻ نه ڏنائون. جيڪڏهن قدر ڪن ها ته مير صاحب جي فطري صلاحيتن لاءِ مناسب ماحول پيدا ٿي وڃي ها. تاهم، نوابيءَ کان دستبردار ٿيڻ مان هڪڙو هي فائدو ضرور پهتو جو، خليفي گل محمد هالائي سانوڻي مُلي وانگر، پنهجي جيئري تصنيفن شايع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
“پنج گلدستہء زيب”، يعني مير صاحب جا پنج فارسي ديوان، سندس ڪلام جو مجموعو آهي، جو 1936ع (1350 هه) ڌاري نولڪشور لکنوء جي مطبع مان، وڏيءَ تقطيع تي، 262 صفحن ۾ آهي. ڪتاب جو ديباچو مطبع جي تصحيح جي آفيسر، سيد مظفر حسين، فارسيءَ ۾ پُرتڪلف، مرصع ۽ سمجع عبارت ۾ لکيو آهي. ديباچي ۾ مرحوم مير صاحب ‘زيب’ جي شاعرانه ڪمالات جو بيان مختصر پيرايي ۾ ڏنل آهي. حقيقت ۾ ‘زيب’ صاحب فارسي ديوان جي ترتيب وڏيءَ ڪاوش سان ڪئي آهي. پهرئين حصي ۾، جنهن عنوان “زيب نامہ” آهي، 27 غزل رديف وار ڏنل آهن؛ غزلن ۾ موسيقيت جي لطافت عيان آهي. ٻئي حصي جو عنوان “ديوانِ عجيب” آهي، جنهن ۾ 28 غزل آهن، جي عشق ۽ محبت تي مشتمل آهن. ٽيون حصو “ديوان البحور” آهي، جنهن ۾ 153 غزل آهن. هن حصي مان چئي سگهبو ته ‘زيب’ مرحوم کي عروض سان بيحد شغف هو. شاعر مشڪل بحرن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ غزلن جو ترنم وجد آور آهي.
چو مزگان و فنش تيغ و تبر نيست،
چو جبہ و جلوه اش شمس و قمر نيست.
چو چشم و آه و بانگ و گريہ، ‘زيب’،
سحاب و برق و هم رعد و مطر نيست.
انهن غزلن مان شاعر جي دقت پسنديءَ ۽ قادرالڪلاميءَ جو ثبوت ملي ٿو. مير ‘زيب’ جي ڪلام جو بهترين حصو “ڪتاب الافراد” آهي. جيڪي مفرد اشعار جمع ڪيل آهن، سي بلند پايه تخيل، لطافت، مضمون جي رنگيني، تصوف، اخلاق، فلسفي، ۽ حسنِ استدلال جو بهترين نمونو آهي. ملاحظه فرمايو:
نرفت مثلِ نگين زخمِ عشق از دلِ ما،
ڪہ تا مدام بود زنده نامِ قاتلِ ما.
درويشيءَ جي بي سروسامانيءَ کي خوبصورت لفظن ۾ ادا ڪري ٿو:
بيخودانِ عشق را ڪو حاجتِ ترڪِ لباس،
از تنِ تصوير پيراهن نمي گردد جدا.
از درختي ديد موسيٰ ذاتِ حق را جلوه گر،
نورِ حق را مانہ بينم از رخِ خوبان چرا؟
موذيان را خانمان برباد مي سازد فلڪ،
مير سد آخر تباهي خانهء زنبور را.
مير صاحب، ‘صائب’ اصفهانيءَ وانگر، تمثيلي انداز ۾ منفرد نظر اچي ٿو. اخلاقي حقائق کي تمثيلي استدلال ۾ پيش ڪرڻ، شعرا ڪرام جو محبوب مشغلو آهي. ملاحظه فرمايو:
ز چرخ افزائش ادنيٰ راست و ڪاوش هست اعليٰ را،
ترقي ماهِ نو را بين، تنزل ماهِ ڪامل را.
شوخيءَ ۽ برجستگيءَ جا مثال به هن حصي، ‘ڪتاب الافراد’، ۾ ڏنل آهن:
برگورِ من ميار رقيبِ فسرده را،
ڪاتش نمي زنند مسلمانِ مرده را.
...
چو بر رقيب نظرمي ڪني تومي گويم،
نشانہ گشتہ ابليس بهر تيرِ شهاب.
...
بڪعبہ رفتم و از غم شوم خلاص، مگر،
دواي دردِ تو درخانهء خدا هم نيست.
...
ظالمان گردند ازوي سير ما رالب نه تر،
واعظا برميڪده جاري مڪن حڪم فرات.
“پنج گلدستہء زيب” جي غزلن جي مطالع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب فارسي مقتدمين ۽ متاخرين شاعرن مان ڪنهن جي به رنگِ سخن جي اتباع تي اڪتفا نٿو ڪري، پر هن فن جي استادن جي تتبع مان رنگارنگي گل چونڊي، شعر ۽ سخن جي خوبصورت گلدستي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس؛ ليڪن شعر گوئيءَ جي فطري صلاحيت سندس ادبي دامن کي شعر گوئيءَ جي گلشن مان خوشه چيني ڪرڻ کان هڪ حد تائين محفوظ به رکيو آهي مير صاحب مرحوم، حافظ، طاهر غني، جامي، عرفي، نظيري ۽ سعدي—سڀني جي رنگ ۾ اشعار چيا آهن، مگر پنهنجيءَ انفراديت کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. قصيده گوئيءَ ۾ به ‘زيب’ جو ڪلام پُرشڪوه ۽ شاندار آهي. قصيده گوئي شاعرانه تخيل جي بلند پروازيءَ لاءِ خاصو ميدان آهي. ‘زيب’ جو قصيدو نظامِ حيدرآباد دکن، نواب عثمان علي ان، جي مدح ۾ چيل آهي، جنهن کي نظرانداز ڪريون ٿا.

غزل جو نمونو
*
مريدِ عشق گشتم نذرِ ايمان دادم و رفتم،
بڪفرِ زلف نقدِ دين چو صنعان دادم و رفتم.
مرادِ سلطنت را ترڪ ڪردم بهرِ درويشي،
چو ابراهيم ادهم ملڪ و سامان دادم و رفتم.
ميء معنيٰ زخمِ عشق در ميناي دل ڪردم،
اياغِ بيخودي در دستِ مستان دادم و رفتم.
محال ست اينڪہ ميرد باده نوشِ ساغرِ بزمم،
چو عيسيٰ از ميء خوش آبِ حيوان دادم و رفتم.
مڪان در خاڪِ من اصلاَ نباشد شيرِ خطره را،
ڪہ آتش با چو دهقان در نيستان دادم و رفتم.
مقلد را چہ طاقت ڪو زند آوازِ منصوري،
برين منبر اذانِ عشق و عرفان دادم و رفتم.
مقيد ڪي شوم بر ساحلِ تقليد چون عامان،
چو ڪشتيء شڪستہ تن بطوفان دادم و رفتم.
مشقت ڪي برده مشتاقِ او در آرزوي گل،
ڪہ حسنش را قرارِ خلد رضوان دادم و رفتم.
مثل آئينہ خوردم غوطہ ها در آبِ حيرت، ‘زيب’،
غبارِ وهم را در سر گريبان دادم و رفتم.
*
اي رُخت گنجي، چہ گنجي گنج حسنِ دلربا،
اي لبت لعلي، چہ لعلي لعل از ڪانِ ادا.
اي قدت نخلي، چہ نخلي نخلِ باِ دلبري،
حسنِ تو باغي، چہ باغي باغِ احسان خدا.
زلفِ تو ماري، چہ ماري مارِ گنج حسنِ تو،
سايہ اش ظلي، چہ ظلي ظل از بالِ هُما.
بوي تو عطريـــي، چہ عطري عطرِ فردوس برين،
خطِ تو مشڪــي، چہ مشڪي مشڪِ خورازم و خطا.
خنده ات خمريـي، چہ خمري خمرِ شيراز و فرنگ،
جلوه ات شمعـــي چہ شمعي شمع ايوانِ علا،
رنگِ تو رنگي، چہ رنگــي رنگِ ياقوتِ بدخش،
عرقِ تو آبـــي، چہ آبــي آبِ ينبوعِ بقا.
نازِ تو تيغي، چہ تيغـــي تيغِ ميدانِ جمال،
غمزه ات تيري، چہ تيري تير از قوسِ قضا.
هجرِ تو دردي، چہ دردي دردِ سخت ولادوا،
وصلِ تو دولت، چہ دولت دولتِ هر دوسرا.
‘زيب’ شد عاجز، چہ عاجز عاجزِ قيدِ فراق،
نالہ اش شوريـــ، چہ شوري شورِ ميدانِ غزا.
پنهنجيءَ حياتِ جاودان لاءِ لکي ٿو:
مرگِ جسماني نميراند وجودِ روح را،
پاي ما در خواب رفتہ است و بيداريم ما!
آخر ۾ سندس مدح ۾ چيل انتخاب ڪلام پيش ڪجي ٿو.
در مدحِ ‘زيب’
از مولوي محمد دين، ‘مريض’، خضداري
مادرِ گيتي نہ زاده زيرِ چرخ چنبري،
در بلوچان شاعري با ‘زيب’ دارد همسري؛
مـــي بگويم يا صراحي يا خُم و جام و سبو،
شِير گويم با عسل يا مسڪہ و شکر تري؛
برق خوانم يا بگويم شهسوارِ تندرو،
در سخن انباز او را نيست نـــي ڪامل تري؛
ابرِ بارنده بگويم، صرصر و باد نسيم،
مهر گويم، ماه گويم، يا بگويم مشتري؛
يا ظهيرِ فاريابي را پديد آمد نظير،
يا مثيلِ ‘عُنصري’ بُد، يا عديلِ ‘انوري’؛
در سخن اندر بلوچان ‘مير’ گويم يا ڪہ ‘شاه’،
تخت گويم، بخت گويم، يا نگينِ افسري؛
بحر گويم، موج گويم، يا ڪہ طوفانِ سخن،
ڪنز گويم،، ڪان گويم، يا متاعِ جوهري؛
در بلوچستان ذاتش گنجِ نامعلوم بود،
بود ڪـــي اندر بلوچان همچو جامِ ڪوثري؛
رفت از ما ‘زيب’، آن فخرِ بلوچستان برفت،
زينتِ بزمِ سخن بود او بہ دانش پروري؛
ايــي خدا، فردوسِ اعليٰ جاي ‘زيبِ’ ما بڪن،
پس ‘مريضا’ ڪــي بہ مدحِ اُ ازين برتر پري!

قطعه تاريخ وفات
از سيد علي ‘نظامي’ سيمابي
چل بســي اُف گل محمد خان ‘زيب’،
دل په هــي غم ڪا هجومِ بي پناه.
دستِ گلچينِ اجل نــ تاڪ ڪر،
فخرِ گلشن پهُول ڪو توڙا هـــي، آه!
اُنڪي قربت شرحِ نغماتِ جميل،
اُن ڪي فرقت درسِ شغلِ اشڪ و آه.
تهـــي، ‘نظامي’، ايسي وه داني راز،
جن کان هر نقشِ قدم تها شمعِ راه.
هم جوارِ حق هو وه روح،
از طفيلِ حضرت عالم پناه.
بولا تافت فڪرِ سال مرگ پر:
شمع ‘زيب’ شهرِ خاموشان هـــي، آه!
                         1953ع
سردار گل محمد ‘زيب’ ٻه پٽ ڇڏي ويو آهي. سندس اولاد مالي بحران ۾ مبتلا آهي. ملڪيت تي نواب محبوب علي خان، قيصر خان جو ٽيون پٽ، قابض آهي. ‘زيب زادن’ کي وٽانئس معمولي پگهار ملندو آهي. پٺيان بينظير ڪتبخانو ڇڏي ويو آهي، جو سندس اهليه جي نگرانيءَ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا