غلام محمد گرامي
حاجي محمود خادم لاڙڪاڻائي
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ’خادم‘ مرحوم جون علمي ۽ ادبي خدمتون ۽ سرگرميون نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن. سندس خاموش، مخلص، بيلوث ۽ سرگرم علمي شخصيت جي زندگيءَ ۽ علمي ڪارنامن تي تبصري ڪرڻ لاءِ هڪ مختصر تحرير ناڪافي آهي.
مرحوم ’خادم‘ تونيه (علوي) خاندان جو فرد هو، ۽ سندس وطن مالوف بـُٺي تعلقو ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو (ھن وقت قمبر شھدادڪوٽ ائٽ قمبر) آهي. پاڻ 29- نومبر 1895ع ۾ بٺيءَ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ علمي ادبي خدمتن جي طفيل شهرت دوام جي مقام تي پهتو. سندس ابتدائي تعليم بٺيءَ جي وڏي عالم۽ فاضل علامه حاجي دين محمد جي دارالعلوم کان شروع ٿي. سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم پوري ڪري، ان ئي مدرسي ۾ عربيءَ جي تحصيل ’شرح ملا جاميءَ‘ تائين ڪيائين، ۽ عربيءَ ۾ هڪ منتهي طالب العلم وارو استعداد پيدا ڪيائين. ان کان پوءِ ستت سنڌي ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ لارڪاڻي جي مشهور مدرسي ۾ داخلا ورتائين. اتي فائينل سان گڏ انگريزيءَ ۾ به چڱو استعداد پيدا ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، ۽ ان سان حج تي روانو ٿيو. حج تان واپس اچڻ کان پوءِ ذريعهء معاش جي تلاش ڪيائين. ٻيءَ ڪنهن چڱيءَ ملازمت جي نه ملڻ ڪري، تپيداري پڙهي، تپيدار ٿيو، ۽ اها ملازمت ڳچ عرصي تائين ڪيائين.اڳتي هلي، سينارٽيءَ موجب، براج کاتي ۾ سروير ٿيو، جتان 55 سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيائين. تپيداريءَ جي زماني ۾ بٺيءَ مان لڏي پلاڻي جيئن اچي لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ رهيو، تيئن آخر تائين اتي ئي سڪونت پذير رهيو.
’خادم’ مرحوم، پنهنجي علمي ۽ ادبي نقطه نظر سان ان فن شاعريءَ جو معياري شاعر ۽ ناقد تسليم ڪيو ويو آهي، جو فن علم عروض جي فني ۽ اصولي موشگافين جو پابند آهي. غزل، جو پنهنجي هيئت جي اعتبار سان نج فارسي صنف آهي، ان جي لوازمات ۽ فني متعلقات کي ادب ۾ هڪ انفرادي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. اڙدو شاعريءَ جو پورو ڍانچو غزل جي فارسي صنف مان بنايو ويو آهي. غالب، داغ، مير ۽ ذوق ان صنف جا عظيم شاعر ليکجن ٿا، جن جو اثر اڙدوءَ جي متقدمين ۽ متاخرين ٻنهي گروهن تي هڪجهڙو پيو آهي. سنڌي غزل به ان ئي هيئت ۽ فن جو مرهون منت آهي.
سنڌي ادب ۾ فارسي۽ اڙدو غزل جي ترويج ۽ اشاعت ۾ خادم مرحوم جي خدمتن جو وڏو دخل رهندو آيو آهي. غزل ۽ ان جي فن متعلق اڙدو دان ناقدن جي عروضي ۽ فني موشگافيون پيدا ڪيون، اهي خادم مرحوم سنڌي اديبن سان روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات، عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات سڪنات جا قاعدا، اقسام قافيه، عربي ۽ فارسي بحر، عيوب ۽ فڪ اضافت، تنافر، تعقيد ۽ تعقيب جا مباحث، سنڌي ادب ۾ خادم صاحب ئي مروج ڪيا. اڄ سوين سنڌي اهڙا آهن، جن جي روضداني ’خادم‘ جي تنقيدي مقالن، خطن ۽ تبصرن تي مبني آهي.
ان فن ۾ سندس ننڍڙو ڪتاب ”رياض البلاغت“ جهونو ۽ معياري ڪتاب ليکجي ٿو. جنهن مان مبتدي ۽ قادرالڪلام شعراي ڪرام اڄ به مستفيد ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ نهايت دلنشين ۽ آسان پيرايي ۾ عروض ۽ ان جا مفيد ۽ ضروري مسئلا پيش ڪيل آهن. ان کان سواءِ، سنڌي زبان جي مختلف جهونين ۽ نين اخبارن – الوحيد، سنڌ زميندار، ۽ ستاره سنڌ، الحقيقت، مسلمان، بيداري؛ ۽ جهونن رسالن – جامع، بهار اخلاق، الاسلام، تحفه احباب، اصلاح، جعفر زٽلي، ڪچڪول، مخلص، ڪاميابي، الڪاشف، الهمايون، ترقي، مصطفيٰ (لاڙڪاڻو)؛ ۽ تازي دور ۾ روح ادب، نئين زندگي، شاعر (حيدرآباد)، طالب الموليٰ (دادو)، مهراڻ (نئون ۽ پراڻو دور)، ۾ به خادم صاحب فن عروض ۽ غزلگوئي ۽ تنقيدي اصولن جي وقت بوقت ڇنڊڇاڻ پئي ڪئي آهي. سندس انهن علمي ڪاوشن ۽ تنقيدي تبصرن کي سنڌي ادب ۾ وڏي اهيمت حاصل آهي. ڪاش، ان پوري مواد کي نئين سر سهيڙي شايع ڪيو وڃي.
’خادم‘ مرحوم جي خاموش ۽ مخلصانه خدمتن ۾ ’انجمن سازي‘ ۽ ’بزم آرائيءَ‘ جو هڪ مستقل باب آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ کان وٺي اڄ تائين، جي به علمي ادبي محفلون، بزمون ۽ تنظيمون رهيون آهن، انهن ۾ خادم مرحوم جو وڏو هٿ هوندو هو. نئين دور ۾ ’آل سنڌ ادبي ڪانفرنس‘ جو رواج به خادم مرحوم جي ڪوششن جو مرهون منت آهي. ”جمعيت الشعراء سنڌ“ ۽ ”سنڌي سڌارا سوسائٽي“ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ خادم صاحب جي خدمتن کي وڏو دخل آهي. مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم محمد هاشم مخلص، مرحوم شمس الدين بلبل، علي محمد قادري ۽ ڄيٺمل پرسرام جهڙن جهونن بزرگوارن سان گڏجي، خادم صاحب جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها وسارڻ جهڙي نه آهي.
”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي اهتمام سان لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميهڙ، جيڪب آباد، سکر، ٺٽي، حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي به آل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ٿيون آهن، تن جو سرگرم ڪارڪن ’خادم‘ مرحوم ئي هوندو هو. ڪانفرنس جي ابتدائي مرحلي کان آخر تائين، پورو انتظام خادم جي تجربيڪاريءَ ۽ فني مهارت جو مرهون منت رهندو آيو آهي. صدارتي خطبا تيار ڪرڻ، استقباليه تقريرون لکڻ ۽ ڇپائڻ، دعوتناما لکڻ ۽ پوسٽ ڪرڻ، اخبارن ۾ پروپئگنڊا ڪرڻ، فنڊ گڏ ڪرڻ، مهمانن جي رهائش جو انتظام ڪرڻ، چونڊ اديبن ۽ فنڪارن کي گهرائڻ، ريزوليشن لکڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، مختلف فيصلن کي عملي صورت ڏيندڙ ڪاميٽيون ٺاهڻ، وس وارن سان ملڻ لاءِ وفد بڻائڻ: مطلب ته سئيءَ کان سڳي سوڌو ڪم خادم صاحب پاڻ تي وسائيندو هو.
ڪانفرنسن کانسواءِ، طرحي مشاعرا به خادم صاحب جي ڪوششن سان سنڌ ۾ روشناس ٿيا. انهن جو بنياد اگرچه اڳ ۾ پئجي چڪو هو، پر مشاعرن کي باقاعدي تشڪيل ڏيڻ، مصرع طرح ڏيڻ، ان تي نوآموز شاعرن جي آيل ڪلام جي اصلاح ڪرڻ، نون شاعرن کي وڏين محفلن ۾ کڙو ڪرڻ، کين داد ۽ تحسين ڏيڻ، کين همت افزائيءَ جا خط لکڻ، سندن ڪلام جو انتخاب ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ شايع ڪرائڻ، نون شاعرن کي بهترين تخلص ڏيڻ – اهي سڀ خاموش خدمتون آهن، جن کي ڪڏهن به سنڌي ادب جا گهڻگهرا وساري نٿا سگهن.
شاعريءَ سان ۽ خاص طور غزل سان تعلق، سندس استاد ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ جي حوصله افزائيءَ ۽ مشفقانه تربيت جي ڪري ٿيو. ڊاڪٽر صديقي مرحوم اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد رشيد هو، ۽ فن عروض جو ماهر ۽ قادرالڪلام استاد هو. خادم مرحوم، فن جي تربيت ۽ تڪميل لاءِ، باوجود ذاتي مطالعي ۽ ذوق جي، هڪ ماهر ۽ استاد وٽان تربيت حاصل ڪرڻ کي افضل ڄاتو، لهاذا عروض جا معياري ۽ مستند ڪتاب، سبقاً سبقاً، پنهنجي استاد مرحوم کان پڙهيائين – حتاڪ ”بحرالفصاحت“ جهڙن ضخيم ۽ مغلق، پراڻيءَ طرز جي ڪتابن تي به عبور حاصل ڪيائين.
’خادم‘ صاحب باضابطي 1915ع ۾ استاد کان پاکر ۽ سَندَ حاصل ڪئي، ۽ نومشقيءَ جو دور ختم ڪري، 1917ع کان ڪلام چوڻ ۽ ڇپائڻ شروع ڪيو. سندس علمي ۽ ادبي مصاحبن ۾ عبدالله عبد عاقلي، اياز قادري، رشيد لاشاري، حامي، جامي، اثر، ناظم، نظام، آغا گل، خواب، نظامي، عاشق ۽ فدا جا نالا اچن ٿا. هندو شاعرن مان دلگير، دکايل ۽ رام پنجواڻي به سندس فن ۽ شخصيت جا قدردان هئا. ’بيوس‘ جهڙو عمر رسيده شاعر به سندس اصلاح ۽ مشوري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم سندس سنڌيءَ متعلق پيش ڪيل تجويزن کي قابل غور سمجهندا هئا.
تقسيم کان پوءِ واري دور ۾ پاڪستان جي قومي ٻوليءَ متعلق اٿاريل شور و شر ۾ خادم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. خاص طرح ڊاڪٽر دائود پوٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، علي محمد راشدي، ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان رفيق ڪار ٿي، ڪراچيءَ ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي، نهايت پـُر امن ۽ علمي طرح سان احتجاج ڪرايائين، ۽ پوريءَ ڪراچيءَ تي واضح ڪيائين ته سنڌي به علم و ادب، زبان ۽ فن جي حيثيت سان وڏو مقام رکن ٿا، ۽ انهن جي ٻولي ڪنهن به حيثيت سان نظر انداز نٿي ڪري سگهجي.
سندس خدمتن کي اڳيان رکي کيس ”باباي سنڌي“ ۽ ”مخدوم الشعراء“ سڏيو ويو؛ پر پاڻ شهرت کي پسند نه ڪندي، انهن لقبن کي ترڪ ڪري، مثال قائم ڪيائين ته لقبن جي اضافِي تعريف جي ڪا ضرورت ڪا نه آهي: ”عطر آنست کـﮧ خود ببويد“. خادم مرحوم سچ پچ ته مسلمانن ۾، بلبل ۽ مخلص، قليچ ۽ صغير سيوهاڻي، دائود پوٽي ۽ وفائيءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۽ فن جو سچو پچو ”خادم“ هو. سندس معاصر دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ضياء الدين بلبل، ڊاڪٽر خليل، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، حافظ احسن، غني، عبدالله چنه، محبوب علي چنه، عبدالواحد سنڌي، مولائي شيدائي، منظور نقوي، جوش، خواب، سرور، خالدي ۽ لطف الله بدويءَ پارا اديب موجود آهن، جي سندس خدمتن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي تنقيد تاريخ ۾ هڪ اهڙو تلخ ۽ تخريب پسند تنقيدي دور به گذريو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن جا ناقدانه معرڪا ٿي گذريا آهن، جن ۾ ڪيترن بي تعلق ۽ غير جانبدار اديبن تي به سخت تنقيدي حملا ٿي چڪا آهن؛ جن ۾ ڪي پس پرده رهي، تماشائي ٿي، ٻين کي ويڙهائيندا هئا، ته ڪي ڏونري تي هٿ هڻي، تنقيد جو سونٽو هٿ ۾ کڻي، گاموسچار ٿي، چڱن جون پڳون لاهيندا هئا. ان دور ۾ نظامي، واصف، بيوس، گربخشاڻي، لطف الله بدوي، رشيد لاشاري، ضياء الدين بلبل، جمعو خان غريب، احسن، مراد علي ڪاظم، محمد خان غني، عبدالله چنه، شيخ عبدالله عبد، ماستر بشير، گدائي، حافظ حيات شاهه، سرور ۽ عارف الموليٰ جا نالا ملن ٿا، جن مان ڪي معتوب ۽ مظلوم رهيا ته ڪي حمله آور ٿيا ته ڪي تماشائي. اهو پورو دور اڄ به پنهنجي مواد جي حيثيت سان وساري نٿو سگهجي. بهرحال، هڪ علمي دور هو، جو ’خادم‘ جي شخصيت سان ڪنهن نه ڪنهن صورت سان وابسته هو. رب ڪريم شال کيس مرهي ۽ سندس مغفرت ڪري!
سندس ڇپيل تصنيفات ۾ ’شميشير اسلام‘ ۽ ’خنجر هلال‘ اڙدوءَ تان ترجمو ڪيل ناول آهن، ۽ ’رياض البلاغت‘، ’اخلاقي خون‘، ’ستاره سنڌ‘ ۽ ’امام مهدي‘ تاليف ڪيل آهن. اڻڇپيل ڪتابن ۾ سندس خود نوشت سوانح عمري، ۽ ’محمود اللغات‘ موجود آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مقالا ۽ تبصرا موجود آهن، جي به فن جي حيثيت سان پنهنجو مقام رکن ٿا.
خادم صاحب، پوئين دور ۾ دائم المريض رهيو ۽ رسالن جا سال صاحبِ فراش رهيو. تاهم، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مسئلن متعلق ڪنهن به ميٽنگ، بزم، محفل يا ڪانفرنس کي قضا نه ڪيئاين. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن دور دراز شهرن تائين به پاڻ کڻائي اچي شريڪ ٿيندو هو. نه فقط شرڪت ڪندو هو، پر تجويزون لکندو هو؛ ۽ بعض وقتن تي وفدن ۾ به پاڻ کڻائي، وزيرن جي درن تي هلندو وتندو هو.رب ڪريم شال سندس خدمتن کي قبول فرمائي!
حاصل ڪلام، سنڌي ادب جي هن مخلص ۽ خاموش اديب، 65 سالن جي عمر ۾، ڇنڇر ڏينهن، 9- جنوري 1960ع تي وفات ڪري، دوستن کي اشڪبار ڪيو آهي. رب ڪريم شال کيس مرهي! – انا لله و انا اليـﮧ راجعون. (غ . م . گ.)
No comments:
راءِ ڏيندا