لطف الله “جوڳي” (بدوي
پير علي محمد راشدي
جوڳي ويڙا جُوءِ ڇڏي وري اچن سي شال ڙي!
لطف الله بدوي مرحوم “بدوي” بعد ۾ بڻيو؛ ان کان اڳ “جوڳي” ھوندو ھو منھنجي ساڻس شناسائي جوڳ واري دؤر ۾ ٿي -اڄ کان اٺٽيھه سال اڳ.
آءٌ سنڌ زميندار سکر جو ايڊيٽر ھوس. انھن ڏينھن ۾ سنڌي مضمونن لکڻ وارن جي گھڻي اڻاٺ ھوندي ھئي. منھنجي اھا خاص ڪوشش ھوندي ھئي ته سنڌي مسلمانن ۾ اخباري مضامين لکڻ جي اھليت پيدا ٿئي ۽ اخبار نويسيءَ لاءِ منجھن دلچسپي وڌي ھندن ۾ گھڻائي اھل قلم ھوندا ھئا، اخبار نويسيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڇائنجي ويل ھئا ڄيٽمل پرسرام ۽ لالچند امر ڏنيمل جو خوب ڌاڪو ويٺل ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ميدان ۾ اچي ويل ھو. سکر جي شري ويرو مل بيگراج جو قلم ڪھاڙي وانگر ٿي ھليو. ميان جي ڳوٺ، تعلقي شڪارپور ۾ “سنڌو” رسالي جو مھتمم مسٽر راجپال مچٽ مچايو ويٺو ھو. ڪراچيءَ مان “سنسار سماچار” روزانه اخبار نڪرڻ شروع ٿي ھئي. ان اخبار وارن جو پروگرام ھو ته ھڪ طرف سنڌي زبان تي سنسڪرت کي سوار ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف ھندو اخباري ليکڪن جي ھڪ وسيع جماعت ساريءَ سنڌ ۾ پيدا ڪئي وڃي مقابلته مسلمانن ۾ ان زماني تائين چار- پنج ايڊيٽر ته اٿي کڙا ٿيا ھئا، پر عام علمي، ادبي ۽ سياسي مضمون نگارن جو ڏڪار ھلندو ٿي آيو. اُڙيو ٿڙيو ڪنھن مسلمان جو لکيل مضمون پھچندو ھو ته ان جو مطلب ھن کان مٿي ڪونه ھوندو ھو ته ضلعي جي ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جو ڌيان ھن حقيقت ڏانھن ڇڪايو وڃي ته “فلاڻي غريب کي حد جا وڏيرا بدمعاشيءَ ۾ ڦاسائڻ جي بيجا ڪوشش پيا ڪن تڪرار جو اصلي بنياد ڪا رن روڳڙي آھي، تنھنڪري نوشيرواني انصاف کان ڪم وٺي، اُنھي جاچ ڪري مظلوم کي وڏيرن جي آزار کان بچايو وڃي”. ان قسم جي ليکن جي گھٽتائي ڪانه ھوندي ھئي. پر ظاھر ھو ته اھڙن مضمونن مان علمي، ادبي ۽ سياسي تحرير جون ضرورتون پوريون ڪين ٿي ٿيون.
انھيءَ زماني ۾ ھڪ ڏينھن مون وٽ ھڪ نوجوان لنگھي آيو ھيئت قدري نياري ھيس سنھو، ڊگھو، وڏيون اکيون، نمايان نڪ مٿي تي گيڙو رنگ جي مشھدي لونگي، جسم تي گيڙو رنگ جو وڳو ڏسڻ ۾ لڄارو گفتگو ۾ سنجيدو نالو “جوڳي”.
مون پڇيس، اوھان جوڳي ته آھيو، پر مرلي ڪٿي اَٿوَ؟
کيسي مان پينسل ڪڍي ڏيکاريائين ۽ چيائين “اجھا ھيءَ آھي اسان جي مُرلي! اھا مرلي وڄائي ته ٻڌايو. ٻئي کيسي مان ھڪ مضمون ڪڍي، منھنجي اڳيان رکيائين: “اسان جي مرليءَ مان ھي سُر پيا نڪرن!” مضمون پڙھي ڏٺم اکر سھڻا عبارت وڻندڙ، مطلب صاف، خيال پاڪيزه ھاڻي ياد نه اٿم پر غالباً شعر- شاعريءَ متعلق ھو.
مضمون پڙھڻ کان پوءِ مون راءِ ڏنس ته منجھس مضمون لکڻ جو ڪافي ملڪو موجود آھي، تنھنڪري کيس اھا ڪوشش جاري رکڻ گھرجي. البت اھا صلاح به ڏنيمانس ته شعر- شاعريءَ کان سواءِ ٻين موضوعن تي به قلم آزمائي ڪندو رھي، ڇو ته موضوع گھڻا ۽ سنڌي لکندڙ ٿورا ھئا. ان کان پوءِ مون گھڻي توجھه سان ساڻس گفتگو ڪئي ۽ ڳچ وقت تائين اسان جي ڪچھري جاري رھي، سندس حوصلو ڪافي وڌيو وعدو ڪيائين ته ھو تاريخي ۽ تحقيقي مضامين به لکندو. مون وعدو ڪيس ته سندس مظامين منھنجي اخبار ۾ ضرور شايع ٿيندا رھندا.
اھا ھئي جوڳي صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات ۽ سندس مضمون نگاريءَ جي ابتدا بعد جيترو وقت آءُ سنڌي اخبارون ايڊٽ ڪندو رھيس، سندس مضمون ايندا رھيا ۽ ڇپجندا رھيا. پاڻ تحرير جي طرز ۾ تڪڙي تڪڙي ترقي ڪندو ويو، ۽ منھنجي سنڌي اخبار نويسي ختم ٿي. تنھن کان اڳ ھو بطور مضمون نگار وڌي وڻ ٿي ويو ھو. ساڳي ئي زماني ۾ مون مولائي شيدائي صاحب کي به مضمون نگاريءَ جي تحريص ڏني، جنھنڪري ھو صاحب به ريل جون ڳاڙھيون سايون جھنڊيون ڦٽيون ڪري، قلم ڪلھي تي کڻي، لانگ بوٽن سوڌو صحافت جي ميدان ۾ ٽپي پيو. وقت گذرندي ھي ٻيئي صاحب جوڳي ۽ شيدائي سنڌي ادب ۽ صحافت جو سينگار بنجي پيا. مجھن اھي جوھر ڄائي ڄم کان موجود ھئا، پر منھنجي خوشقسمتي ھئي جو انھيءَ جنس جي سڃاڻپ پھريائين منھنجي دڪان تي ٿي.
“جوڳي” صاحب گھڻن سالن کان پوءِ پنھنجو تخلص “جوڳي” بدلائي “بدوي” سڏائڻ لڳو پر مون کي “بدوي” کان وڌيڪ “جوڳي” پسند ھو، تنھنڪري آءٌ پڇاڙيءَ تائين کيس جوڳي سڏيندو رھيس. “جوڳي” سنڌ جي شئي ھئي. “جوڳي” سنڌ جي ادب ۽ ڪلچر جو ھڪ رنگين جزو ھو ۽ آھي. جو ڳين کي شاھ صاحب پنھنجي غيرفاني ڪلام ذريعي غير فاني مقام بخشي ڇڏيو آھي. تنھنڪري جوڳين کي ڇڏي مون ‘بدوي’ سڳورن کي تڪليف ڏيڻ ڪانه ٿي گُھري.
ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪھڙا پرين!
ھونئن به ميان لطف الله مرحوم جي بدوين کان وڌيڪ جوڳين سان مناسبت ھئي. جوڳين وانگر سادو نماڻو جوڳين وانگر ئي ڪنھن تي بار ڪانه، جوڳين جي مرليءَ وانگر سندس نغما مٺا ۽ مڌر، جوڳين وانگر ڪم-سوال جوڳين وانگر ضرورتون مختصر، جوڳين وانگر بک ڏک ۾ ھڪجھڙو.
ويا نيرانا نڪري، جوڳي منجهان جُوءِ،
اوسر آجا اوءِ، اُٿي گوندر گڏيا.
آءُ سمجھي ڪونه سگھيس ته بدوين سان سندس ڪھڙي مناسبت ھئي، جنھنڪري پاڻ اھو تخلص اختيار ڪيائين. مون ته سندس ھٿ ۾ نه ڪڏھن تلوار ڏٺي نه خنجر، نه ڪڏھن قافلو ڪڍندي ٻڌم نه ڪنھن جنگ جي ميدان ۾ وڙھندي ڏٺم. افسوس اھو اٿم ته سندس ‘بدوي’ بنجڻ واري زماني ۾ منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ڪانه سگھي نه ته ھوند آءٌ به ڏوراپو ڏيانس ھا.
جوڳي وڏو محقق ۽ عظيم اھل قلم ثابت ٿيو ان کان وڌيڪ جنھن ڳالھه مون کي متاثر ڪيو سا ھيءَ ھئي ته ھو وڏو انسان ثابت ٿيو. انسان ۾ جيڪي خصلتون ۽ خوبيون ھجڻ گھرجن، سي سڀ منجھس موجود ھيون. آءُ نٿو سمجھان ته ھن ھَوس ۽ حيوانيت جي زماني ۾ مرحوم ڪڏھن ڪنھن ساھواري کي ڏکويو يا ڪنھن مالدار اڳيان ھٿ ڊگھو ڪيو، حد درجي جي فناعت ۽ انسانيت سان زندگي بسر ڪندو رھيو. اٿاھه صبر جو صاحب ھو. سندس صاحبزادو، مرحوم پروفيسر بدوي، حادثي جو شڪار ٿي گذاري ويو. مون سمجھيو ته ان صدمي وگھي ھاڻي ھوش حواس وڃائي ويھندو ۽ اھو ڪاپاري ڌڪ ھوس، عمر ۾ پڇاڙيءَ ۾ رسيو ھوس، ساريءَ عمر جي اميدن کي لحظي ۾ لوڙھي ويو ھوس، مگر معلوم ٿئي ٿو ته جوڳي مرحوم ان مقام کي پھچي ويل ھو، جنھن ڏانھن شاھه صاحب ھنن اکرن ۾ اشارو ڪيو آھي:
وڍ سر، ٿيءُ سرھو، مَ ڪي آءٌ مَ ڳاءِ،
جاجڪ تو مٿاءِ، ملڪ مَڙوئي گھوريان.
مان ان حادثي کان پوءِ جون سندس تحريرون به پڙھندو رھيس. مون کي انھن مان ڪابه علامت ڪانه ملي ته ان حادثي ڪري سندس دماغ متاثر ٿيو يا سندس صبر ۽ شڪر ۾ ڪو فرق آيو.
رھن رند رضا تي راضي، گھوٽ پيڙھيا توڙي گھاڻي:
رب ٿو ڄاڻي، عاشقن جا انصاف.
آءٌ انھن ماڻھن مان آھيان، جن جو ھي مشاھدو آھي ته اسان واري دؤر جي مقابلي ۾ موجوده دؤر اندر سنڌ ۾ گھڻا ۽ بھتر اھل قلم ۽ اھل سخن سطح تي اچي چڪا آھن، تنھنڪري آءٌ ھروڀرو ائين ڪونه چوندس ته علم، قلم يا ادبي ڪمال جي لحاظ سان جوڳي مرحوم جي خالي ڪيل جاءِ ٻيو ڪو ڀري ڪونه سگھندو پر ساڳئي وقت آءٌ ھيترو ضرور عرض ڪندس ته جوڳي مرحوم جھڙو انسان شايد وري ڪو ورلي نظر اچي. اھل قلم گھڻا اڀري ۽ اسري چڪا آھن ۽ اڃان به گھڻا اڀرندا ۽ اسرندا رھندا. پر انسانن جي اڻاٺ ھروڀرو اھل قلم لاھي ڪونه سگھندا، انسان وڏي شئي ٿئي ٿو. رعب انسان جو پوي ٿو، اھل قلم جو ڪونه ٿو پوي. منھنجي لاءِ ته جوڳيءَ جھڙي عمر جي علمي رفيق جو لاڏاڻو انتھائي ذاتي صدمي جو باعث آھي،
لنگھي پٻ پري ٿيا ڇڏي رڻ رائو،
ڏيئي ڦوڙائو، ويا ويچاري سپرين!
الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. سنڌ ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو پيدا ڪيا، ۽ ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو منجھائنس لڏيندا پيا وڃن
[نوٽ: سنڌي ادب جي مشھور اھل قلم ۽ مصنف، شاعر ۽ محقق، پروفيسر لطف الله بدوي، 19 نومبر 68ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي آھي. مرحوم سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندي ساري عمر گذاري ڇڏي. پوئين وقت تائين لکندو رھيو، سندس علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھميشه لاءِ امر رھندو. شعر و شاعريءَ کان سواءِ ادب ۽ فن جي ھر صنف تي سندس قلم ھلندو رھيو. ديني ۽ علمي مقالا تاريخ ۽ سير، تحقيق ۽ تنقيد، ناول ۽ افساني، ڊرامي ۽ داستان، بھرحال ھر موضوع تي سندس ڪتاب ۽ مقالا موجود آھن. سندس علمي مقالا ‘سنڌو’، ‘توحيد’، ‘نئين زندگي’، ۽ ‘مھراڻ’ سماھيءَ ۾ سَوَن جي تعداد ۾ شايع ٿيا آھن. ڪتابن ۾ مختلف موضوعات تي ٻٽيھه ڪتاب آھن ۽ اڻڇپيل ذخيري ۾ نَوَاردو مسودا ڇھ فارسي مسودا ۽ تيرھن شعر جا ڪتاب آھن. سندس علمي ۽ ادبي شخصيت لاءِ مشھور اھل قلم جناب پير علي محمد صاحب راشديءَ جو تاثر پيش ڪجي ٿو. غلام محمد گرامي.[
No comments:
راءِ ڏيندا