حاجي محمد صادق ميمڻ
ولي محمد طاهر زادو
سڄڻن جي گهر گهر ۾ واويلا مچي ويئي جڏهن هيءَ اندوهناڪ خبر، دلين تي غم جا غبار ڇانئيندڙ ٻڌي ويئي ته حاجي محمد صادق ميمڻ نصرپوري، ساڪن ٽنڊو الهيار، فريضه حج ادا ڪندي، تاريخ 22 مارچ 1965ع تي، مديني منوره ۾، رحلت ڪري، هن دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن سفر سڌاريو انا لله و انا اليہ راجعون! سندس جنازي نماز مسجد نبويءَ ۾ ادا ٿي ۽ کيس دارالقرار جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. ان طرح، مرحوم کي حضور پرنور صلي الله عليہ وسلم جي دائمي قربت نصيب ٿي.
حاجي محمد صادق هڪ مخلص قومي خادم، رلڻو ملڻو، خوش خلق ۽ يار ويس انسان هو. سندس تعليمي، ادبي ۽ ديني خدمتون ۽ عملي زندگي اسان ماڻهن لاءِ هميشہ سبق آموز رهنديون.
حاجي صاحب مرحوم نصرپور جي ميمڻ گهراڻي جي ان شاخ جو چشم و چراغ هو، جنهن کي “آخوند” لقب ۽ شرف حاصل آهي. هي بلڪل شريف ۽ غريب خاندان جو فرد هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجين ذاتي صلاحيتن ۽ خداداد جوهر سان بلند شخصيتن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جن به ساڻس چار گهڙيون صحبت جون گهاريون ٿي، سي سندس سهڻي ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿي ٿيا. پاڻ سموري عمر غريبن ۽ عام ضرورتمندن جي خدمت ۽ حق رسيءَ لاءِ تڙڦندو رهيو. قدردان ۽ انصاف پسند اکيون کيس سدائين تمام عزت ۽ احترام سان ڏسنديون رهيون.
حاجي محمد صادق مرحوم، انگريزي ڇهه درجا پاس ڪري، نوڪريءَ ۾ گهڙيو، جو ننڍي هوندي کان پيءُ جي رحمت جو سايو مٿانئس لهي چڪو هو ۽ وڏي ڀاءُ حاجي فتح محمد جي ڪفالت ۾ رهيو، ۽ زماني جي حالتن ناسازگار هئڻ سبب، تعليم کي خيرباد چوڻوپيس. پهريائين ڪو آپريٽو سوسائٽي ٽنڊو الهيار ۾ ڪلارڪ هو، پوءِ لوڪلبورڊ جو جونيئر ڪلارڪ ٿي رهيو. اهو زمانو 25 رپيا پگهار وارو هو، جي ڪافي شافي سمجهيا ويندا هئا. جلد ئي نوڪري پوري ڪري، خانگي ڌنڌو اختيار ڪيائين، جنهن ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ حاجي فتح محمد جي معاونت سان، ٽنڊي الهيار کان چمبڙ روٽ تي بس سروس چالو ڪرايائين. وڌنڌي وڌنڌي، 10-15 رُوٽ سندس قبضي ۾ رهيا، ۽ چار پئٽرول پمپ به پنهنجي نالي تي هلائڻ لڳو.
شهر نصرپور جي حالتن کان متاثر ٿي، پاڻ سماجي خدمت جي ميدان ۾ ٽپي پيو. ان طرح، نصرپور نوٽيفائيڊ ايريا جو ميمبر ٿيو. وري جڏهن، سال 1947ع ۾، ٽنڊي الهيار لڏي آيو ته اُتي به کيس حالتن جي زبوني نطر آئي. چند سيٺيون، ڪارخانيدار ۽ وڏيرا، شهري زندگيءَ جا ڪرتا ڌرتا بنيا ويٺا هئا. شهر واسين جي خدمت جي شوق سان، هو ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ مخالف ڌر جو ليڊر ٿيو، ۽ پچاڙيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر به ٿي رهيو. تعلقي ڪوآپريٽو بئنڪ جو چئرمن به بنيو. انهن عهدن تي رهندي، شهر ۾ جيڪي سڌارا ۽ وڌارا ڪرايائين، سي بيان کان ٻاهر آهن.
عوام ۾ ذهني بيداري آڻڻ ۽ انهن جي آواز کي زور وٺائڻ خاطر، مرحوم حاجي صاحب هڪ پريس خريد ڪئي ۽ ان مان “الهلال” نالي هفتيوار اخبار شايع ڪرڻ لڳو،جنهن شهر ۽ آسپاس جي ماڻهن جي وڏي خدمت ڪئي. ٽنڊي الهيار جو ماحول ئي بدلجي ويو. وڏا ماڻهو، جي زوريءَ ماڻهن کان چاڪريون ۽ حاضريون وٺندا هئا، تن تي “الهلال” خوب چوٽون ڪيون، ۽ شهر جي سڌارن ۽ ضرورتن جي اهميت جو احساس اجاگر ٿيو. حاجي صاحب پاڻ چوندو هو “ته هاري، زميندار جو اڌ ڀائيوار آهي. افسوس آهي جو پورهيو ڪندڙ ڀائيوار ويهي پٽ تي، ۽ بيڪار ڀائيوار سيٽجي ويهي کٽ تي!” آهي. پنهنجي سرجوشيءَ، خلوص ۽ خيالن سان، گويا ٽنڊي الهيار تعلقي جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏيائين.
سندس زندگيءَ ۾ “الهلال” بناناغي شايع ٿيندي هئي. ٻارن ۽ شاگردن ۾ اصلاح آڻڻ لاءِ، “اسٽوڊنٽ وئائس” نالي هفتيوار اخبار پڻ شايع ٿيندي رهي.
حاجي محمد صادق هڪ سچو ۽ پڪو موحد ۽ شرڪ ٽوڙ شخص هو. ڪٿي به مسلمان سان ڏاڍائي ۽ اسلام تي حملو ٻڌندو هو ته ڦڙڪي اٿندو هو، ۽ پنهنجي وس آهر جيڪا به کانئس مدد پهچندي هئي سا ڪندو هو. ان جو مثال هيءُ آهي ته پاڻ “رد عيسائيت” نالي ڪتاب، جنهن جو مضمون هو ‘اسلام تي اعتراض ۽ انهن جا جواب’، 1962ع ۾ ڇپائي، مفت تقسيم ڪرايائين. “رد عيسائيت” جو بيو ڪتاب 1964ع ۾ ڇپائي، مفت ورهايائين. وري ٽيون ڪتاب، “فرزندانِ اسلام کي غيرت ايمانيءَ جي پڪار”، به ڇپائي مفت تقسيم ڪرايائين.
تعليم سان سدائين سندس اُنس رهندو آيو. 1947ع ۾ جيئن ٽنڊي الهيار ۾ لڏي باعيال اچي رهيو، ته هڪدم پريم ننگر ۾ پرائمري اسڪول جي برانچ کولاريائين، جنهن ۾ ٽي سؤ ڇوڪرا بر وقت موجود ڪيائين، ۽ ٽن سالن تائين اسڪول جي جڳهه ۾ مسواڙ پنهنجي هڙان ڀريندو رهيو. ميونسپل اسڪول جو درجو مڊل مان وڌائي هاءِ اسڪول ڪرائڻ لاءِ بنيادي ڪوشش ورتائين. ان لاءِ هڪ هاسٽل پڻ قائم ڪرائي هئائين. ٽنڊي الهيار ۾ ٻيو، ايس. ايم. مڊل اسڪول برپا ڪيائين، جنهن کي وڌائي جلد ئي هاءِ اسڪول ڪيو ويو. ان کي هڪ لئبرري، سائنس ڪلاس، هاسٽل ۽ راندين جوميدان مهيا ڪري ڏنائين. سندس تعليمي ڪوششون اتي ئي ختم نه ٿيون، بلڪ هاءِ اسڪول سان ملحق، ايس. ايم. آرٽس ڪاليج به سندس ئي ڪامياب ڪوشش جي نتيجي ۾ قائم ٿيو. ان طرح ڪيترن شاگردن کي روزانو مسافريءَ جي تڪليف وٺڻ کان نجات حاصل ٿي.
حاجي محمد صادق مرحوم جهڙي هڪ مخلص ۽ معتبر بزرگ، قومي ۽ سماجي ۽ ديني درد رکندڙ مجاهد، علم دوست ۽ تعليمي سرپرست، زندهه دل ۽ يارويس، سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ جي مجسمي انسان جي ياد، سندس سمورن سڃاڻو حلقن ۾ هميشه قائم رهندي. رب پاڪ کيس غريقِ رحمت ڪري، ۽ سندس عيال ۽ احباب کي صبر جي توفيق عطا فرمائي!
No comments:
راءِ ڏيندا