غلام محمد گرامي
عطا حسين شاهه موسوي
سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر ۽ اديب، جناب سيد عطا حسين شاهه موسويءَ، روهڙيءَ ۾ 8_ جون 1966ع تي وفات فرمائي. انا لله و انا اليہ راجعون.
مرحوم و مغفور، سنڌ جي هڪ بلند پايه سادات خاندان جو چشم و چراغ هو، ان سان گڏ، هڪ وضعدار ۽ دوست نواز، انشاپرداز اهل قلم هو. سندس انداز بيان نهايت شسته ۽ شائسته، رنگين ۽ شيرين آهي.
پاڻ ساري عمر، تعليم جي خدمت ۾ گذاري، تعليم کاتي جي هڪ وڏي عهدي تان رٽائرڊ ڪري چڪا هئا.
سندن زندگي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ، عبدالحسين شاهه موسويءَ سان گڏ، نهايت خاموشيءَ سان گذري. پاڻ سهرت تي گمناميءَ کي ترجيح ڏيندا رهيا، ۽ کل خوشيءَ ۾ سڀڪنهن سان ناتو نباهيندا رهيا. هنگامه خيز ۽ جذبات انگيز مسئلن کان هميشه پري رهي، عملي طرح سان علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي اصلاحي خدمت ڪندا آيا.
سندن مقالات جو سلسلو، سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن تائين وسيع رهندو آيو آهي.
تاليفات جي سلسلي ۾ سنڌ_سرهاڻ ۽ ڪچ ڪوڏيون_ سنڌي ادب ۾ اسلوب ۽ پيشڪش، مواد ۽ تنوع، جي حيثيت سان شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
پاڻ وڏا علم دوست ۽ مهمان نواز هئا. سندن علمي ڪتبخاني جا دروازا علم جي پياسن لاءِ هميشه کليل رهيا. اسان سندن وفات حسرت آيات تي، سندن ننڍي ڀاءُ عبدالحسين شاهه صاحب موسوي ۽ سندن فرزند سيد شفقت حسين شاهه موسوي (سابق صوبائي ميمبر) ۽ سندن پسماندن سان غم ۾ شريڪ آهيون. رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.
No comments:
راءِ ڏيندا