; سنڌي شخصيتون: پروفيسر احسان بدوي- غلام محمد گرامي

15 June, 2011

پروفيسر احسان بدوي- غلام محمد گرامي


غلام محمد گرامي

پروفيسر احسان بدوي
سنڌ جي نوجوان، اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22_ نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ 1926ع ۾ ڄائو، 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو ته هو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اتي ايس.ايم. ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي.اي. آنرس پرشن ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دۇر ۾، شمس العلماء علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ جي ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هي پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ، هاڻي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خرباد چئي، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ بااخلاق استاد جي حيثيت سان پندرهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا اهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان وديعت ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو، رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشه “سنڌي ادبي سنگت” سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. 1_ تنقيد ۽ تنقيد نگاري 2_ ڊان ويسٽ 3_ انقلاب جو فلسفو 4_ منتخب ڪلام سانگي 5_ ڪرامازوف ۽ سندس ڀائر.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.
سندس مقالات جو مجموعو سندس والد جناب لطف الله بدوي جمع ڪري رهيو آهي. دعا  آهي ته رب ڪريم شال سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس عزيزن بالخصوص والدين ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جي تويفق عطا فرمائي: انا لله وانا اليہ راجعون.

No comments:

راءِ ڏيندا