; سنڌي شخصيتون: محمد صالح راهو - پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

25 June, 2011

محمد صالح راهو - پروفيسر محمد اسحاق ابڙو


محمد صالح راهو
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

سرزمين سنڌ جو هي عظيم فرزند پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري تعليم کاتي ۾ هڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. مرحوم هڪ مشقت پسند ۽ محنتي ماڻهو هو؛ جيڪو پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ جدوجهد سان فضل و ڪمال جي بلند مقام تي وڃي پهتو. راهو صاحب جي رحلت دوستن کان هڪ سدا مرڪندڙ دوست ۽ ابهم ٻچڙن کان هڪ شفق پيءُ کسي ورتو. ڪنهن کي خبر هئي ته هيءُ سدا کلندڙ ساٿي اسان کان ايترو جلد وڃي حقيقي حبيب سان هيڪاندو ٿيندو!
پروفيسر محمد صالح راهو 16- جنوري 1926ع تي ڳوٺ سوائي راهو، تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. پهريائين ڪلام پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ مدرسي ۾ فارسي پڙهيائين. ان بعد ڳوٺ جي سنڌي اسڪول مان چار درجا پاس ڪري نوابشاهه جي مشهور لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ۾ سنڌ جي مايه ناز تعليمي ماهر جناب حاجي خان خوجه صاحب جي زير نگراني ثانوي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد ڪراچي سنڌ مسلم ڪاليج مان بي. اي پاس ڪيائين. آخر ۾ سنڌي ۾ ايم. اي پاس ڪرڻ بعد سال 1951ع ۾ ڪراچيءَ جي گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.
 
مرحوم راهو صاحب 28 سال تعليم کاتي جي خدمت ڪئي ۽ انهيءَ عرصي ۾ هو مختلف عهدن تي فائز رهيو. راهو صاحب ڪاليج جو ليڪچرار، ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي، پروفيسر، پرنسپال، تعليم کاتي جو سيڪشن آفيسر، ڪاليج جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي بورڊ حيدرآباد توڙي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
راهو صاحب جي علمي لياقتن، انتظامي تجربي ۽ ڪم سان دلي لڳاءُ ۽ ٻين اهڙين لياقتن کي نظر ۾ رکندي 1975ع ۾ کيس سنڌ ٽيڪسٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي وفات تائين فيز رهيو. مرحوم راهو صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمن جي حيثيت سان ايتري ته محنت سان ڪم ڪيو، جو هن بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي صدر مملڪت طرفان نه رڳو ساراهيو ويو، بلڪ بورڊ جي ڪتاب سازيءَ واري ڪم جي طريقي کي پاڪستان جي ٻين بورڊن لاءِ مثالي قرار ڏنو ويو ۽ انهن کي هدايتون موڪليون ويون، ته سڀئي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن تيار ڪرائڻ جي طريقي موجب ڪتاب تيار ڪن.
مرحوم راهو صاحب جو جيئن ته وڪالت جو امتحان به پاس ڪيل هو، ان ڪري ايل. ايل. بي. جي شاگردن لاءِ سندن لکيل Leading Cases Book I and Book II ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ طرفان درسي طور رائج ٿيل آهن.
مرحوم راهو صاحب اڪثر رات تائين ويهي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو، ۽ تمام گهڻي محنت ڪرڻ ڪري 5- ڊسمبر 1978ع تي اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي پيئي. 7- تاريخ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. قدرت طرفان سندس هن دنيا ۾ رهڻ جو وقت پورو ٿي چڪو هو، ان ڪري ڦَڪين ڪوبه فرق ڪونه ڪيو. ۽ 8- ڊسمبر تي قلب ۾ ڪمزوريءَ جو دورو پوڻ ڪري پنهنجي جان، جانِ آفرين جي سپرد ڪري يارن کي هميشہ لاءِ وڇوڙي ڏيئي ويو. اِنّاللهِ وِ اِنَّااِليہ راجِعُون
مرحوم جي اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي اهڙي سادي هئي جو ايڏي عهدي هوندي به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته، دنيوي لحاظ کان پاڻ تمام وڏي عهدي تي فائز آهن ايتريقدر جو سمهندو به زمين تي هو، غريب توڙي امير سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪندو هو ۽ سادا ڪپڙا ڍڪيندو هو. طبيعت ۾ حليم، نهٺو، کل مک، رلڻو ملڻو ۽ نهايت خوش مزاج هوندو هو مذهبي لحاظ کان وڏو ديندار ۽ صوم صلواة جو پابند هو. زماني جي ڏيتي ليتيءَ ۾ صاف رهندو هو. هٿ جو ڇوٽ اهڙو هوندو هو، ڄڻ سخاوت سندس سرشت ۾ پيل هئي. مرحوم راهو صاحب رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي عشق ۾ ٻڏل هو ۽ هروقت کيس زمين حجاز جي ڏسڻ جو گهڻو خيال ۽ شوق هوندو هو. سندس وفات تي سڄي پاڪستان مان تعزيتي ٺهراءَ آيا، جن ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ سندس مغفرت لاءِ دعائون گهريون ويئيون. اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ڪري ۽ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پونيرن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي ۽ کين صالح ڪري. آمين ثم آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا