پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا
غلام محمد گرامي
سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي
اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ ۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي پرلوڪ پڌرايو.
پاڻ شڪارپور ۾ ۱۸۹۸ع ۾، هڪ مشهور
شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات
ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس خيال ويدانتي ۽
صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ
۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽
شان شوڪت کان هميشه بيزار رهيو. شاهوڪار-شاهيءَ کان نفرت هوندي هيس،
۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.
۱۹۱۳ع ۾، شڪارپور
ايڪڊميءَ مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ ۱۹۱۹ع ۾ ڊي.جي. سنڌ
ڪاليج ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي اي پاس ڪيائين، ان
کان پوءِ ستت، برهمچاريه هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ هيڊ ماستر ٿي ڪم شروع ڪيائين. اتي
ٻه سال ساندهه رهيو. ان کان پوءِ قومي اسڪول ۾ ٻيا ٻه سال ڪم ڪيائين. پنهنجي والد
جي وفات کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو.
سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو
آغاز رسالي “سنڌوءَ” کان ٿيو. پاڻ “سنڌوءَ” جي شروعاتي ڇهن مهينن تائين، ۱۹۳۰ع ۾، ايڊيٽر ٿي
رهيو.
ان کان پوءِ روهڙيءَ مان هڪ
ماهوار اخبار “روشني وڌيڪ روشني” ڪڍيائين. ان جو به ڇهه مهينا کن ايڊيٽر ٿي رهيو.
سندس لکيتن جو ٻيو دۇر “مهراڻ” جي قديم دۇر ۱۹۴۶ع کان شروع ٿيو. ۱۹۴۷ع ۾ سندس هڪ ڪتاب “سائين
قطب شاهه جهانيه پوٽه” شايع ٿيو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
ان ۾ تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار نهايت سليس ۽ وجد آور انداز ۾ ڪيل آهي. سندس قلم جي
جولاني، ۽ خيال جي رواني درياءُ جي اٿل وانگر آهي.
ان بعد ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن ۱۹۵۵ع ۾ “مهراڻ” رسالي
جو ٻيو دۇر شروع ٿيو، تڏهن
پاڻ مستقل طور سان “ادب لطيف” جي عنوان هيٺ بهترين علمي مضمون لکندو رهيو. “ادب
لطيف” ۾ زندگيءَ جي گونان گون مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾
بيان ڪندو رهيو. سندن انهن “ادب لطيف” وارن شهپارن جو جرمني زبان ۾ ترجمو ٿيو، ۽
اتي جي ريڊيو اسٽيشن تان وقت بوقت نشر ڪيو ويو. ساڳيءَ طرح سندس اهي مضمون آمريڪا
۽ جرمنيءَ ۾ انگريزي ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.
ان طرح سندس مضمون مشهور
سالن_شاعر حيدرآباد، مارئي حيدرآباد، فردوس هالا، نئين زندگي ڪراچي، اديون ڪراچي،
روح رهاڻ حيدرآباد کان سواءِ، روزانه “عبرت” ۾ شايع ٿيندا
رهيا. سندس مقالن جي گڏ ڪرڻ جو ڪم، سندس فرزند پروفيسر لجپت ڪري رهيو آهي.
۱۹۶۴ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب، “ايسر
آکاڻي” شايع ٿيو. جنهن تي “پاڪستان رائٽرس گلڊ” پاران ٻه سئو رپيا انعام مليو. اهو
ڪتاب پنهنجي مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ سان شاهڪار آهي. سندس انداز بيان جي جدت ۽
ندرت، تتبع ۽ تقليد کان بالا آهي.
ان سلسلي ۾، آخري وقت تائين، “ساميءَ”
جي شخصيت ۽ شلوڪن تي ڪم ڪندو رهيو. اٽڪل چار هزار کن سلوڪ گڏ ڪيائين. انهن جي صحت
۽ سمجهاڻيءَ لاءِ سالن جا سال محنت ڪندو رهيو. افسوس جو اهو شاهڪار مڪمل نه ٿيو
آهي. پنهنجي پويان لائق فرزند پروفيسر لجپ گاڌي ۽ پوٽو نريندر ڇڏيو اٿس.
پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف
اسٽڊيز فار رليجن جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ فلاسافيڪل
ڪانگريس حيدرآباد ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي علمي مقالو
پيش ڪيو هئائين، جنهن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو.
۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي، تمام ٿوري
علالت کان پوءِ، هن فاني دنيا کي ڇڏي وڃي سرڳواس ٿيا.
پروفيسر جھامنداس ڀاٽيا
ناليوارو اديب ۽ مضمون نويس - ورسي جي نسبت سان - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۱۰۸)
ساجد رند
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا شڪارپور
۾ ۱۸۹۸ع ۾ شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتو.
۱۹۱۳ع ۾، شڪارپور ايڪڊميءَ
مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۱۹۱۹ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي اي پاس ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان برهمچاريه
هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جتي ٻه سال رھيو، پنهنجي والد جي وفات
کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو.
پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف
اسٽڊيز فار رليجن جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ فلاسافيڪل ڪانگريس
حيدرآباد ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي علمي مقالو پڻ پيش ڪيائين.
پنھنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو
آغاز رسالي “سنڌوءَ” کان شروع ڪيائين، جنھن جو ڇھ مهينا ايڊيٽر رهيو، جنهن بعد روهڙيءَ
مان هڪڙي ماهوار اخبار “روشني وڌيڪ روشني” ڪڍي، انجو به ڇهه مهينا کن ايڊيٽر رهيو.
پاڻ مستقل طور سان “ادب لطيف”
جي عنوان هيٺ بهترين علمي مضمون لکندو رهيو، ان مضمونن جي سلسلي ۾ زندگيءَ جي
مختلف مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾ بيان ڪندو ھيو.
سندن انهن مشھور “ادب لطيف”
وارن شهپارن جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ اتان جي ريڊيو اسٽيشن تان وقت بوقت نشر ڪيو
ويو. ساڳيءَ طرح سندس اهي مضمون آمريڪا ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.
پروفيسر جھامنداس جا لکيل مضمون
”شاعر“ حيدرآباد، ”مارئي“حيدرآباد، ”فردوس“هالا ”نئين زندگي“ ڪراچي، ”اديون“ڪراچي
”روح رهاڻ“ حيدرآباد رسالن کان علاوه روزاني “عبرت” اخبار ۾ به شايع ٿيندا ھئا.
بھترين مضمون لکڻ کان علاوه پاڻ
ڪتاب بہ لکيائون، سندس ڪتاب ”ايسر آکاڻي“ کي “پاڪستان رائٽرس گلڊ” پاران ٻه سئو
رپيا انعام پڻ ڏنو ويو.
پاڻ زندگيءَ جي آخري گھڙين
تائين، “ساميءَ” جي شخصيت ۽ سلوڪن تي ڪم ڪري اٽڪل چار هزار کن سلوڪ گڏ ڪيائين،
پرافسوس جو زندگي ساٿ نه ڏنائين تڏھن اهو شاهڪار مڪمل نه ٿي سگھيو.
سنڌ جو ھي عظيم مضمون نويس ۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي ديھانت ڪري
ويو.
پروفيسر جھامنداس ڀاٽيا جون ڪيل
علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
۱. ادب
لطيف (مضمون)
۲. ايسر
آکاڻي
۳. سائين
قطب شاھ جھانيہ پوٽہ (تصوف ۽ ويدانيت)
۴. Sons of Desert (انگريزيءَ ۾ لکيل)
(ساجد رند جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا