; سنڌي شخصيتون: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، غلام محمد گرامي، ساجد رند، شڪارپور، حيدرآباد، ڪنڊيارو، روھڙي، ڪراچي،
Showing posts with label پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، غلام محمد گرامي، ساجد رند، شڪارپور، حيدرآباد، ڪنڊيارو، روھڙي، ڪراچي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، غلام محمد گرامي، ساجد رند، شڪارپور، حيدرآباد، ڪنڊيارو، روھڙي، ڪراچي،. Show all posts

15 June, 2011

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

غلام محمد گرامي

 


سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ ۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي پرلوڪ پڌرايو.

پاڻ شڪارپور ۾ ۱۸۹۸ع ۾، هڪ مشهور شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس خيال ويدانتي ۽ صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ ۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان هميشه بيزار رهيو. شاهوڪار-شاهيءَ کان نفرت هوندي هيس، ۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.