; سنڌي شخصيتون: لياقت راڄپر، محمد علي پٺاڻ، آصف رضا موریو، جاويد مهر،
Showing posts with label لياقت راڄپر، محمد علي پٺاڻ، آصف رضا موریو، جاويد مهر،. Show all posts
Showing posts with label لياقت راڄپر، محمد علي پٺاڻ، آصف رضا موریو، جاويد مهر،. Show all posts

22 June, 2020

لياقت راڄپر

لياقت راڄپر

جيءُ جھوريندڙ ڪمھلو وڇوڙو

محمد علي پٺاڻ

لياقت راڄپر، جيڪو سنڌ جي اطلاعات کاتي مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عھدي تان ڪجھ سال اول رٽائر ٿيو هو، سو نه رڳو منهنجو پاڙيسري، پر ڄڻ ته سڳو وڏو ڀاءُ ۽ ٻٽيهن دلين وارو گھرو ۽ گهاٽو دوست به ھو. توڙي جو اسانجي عمرين ۾ سالن جو فاصلو ھو، پر ٻالجتيءَ کان پنھنجن ننڍن ڀائرن ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر (سنڌ ٽي وي جي روح روان ۽ ھڪ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر)، ذوالفقار راڄپر (مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار) ۽ اعجاز علي راڄپر (انجنيئر ۽ سائنسي مضمونن جو ليکڪ) جيان ڪري نه صرف ڀاءُ ڪري ڀانئيندو ھو، پر دوست جو درجو ڏئي ساڻ کڻي گهمائيندو به ھو ۽ رھبر ٿي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ به وک وک تي شفيقانه ۽ ٻاجهاري انداز ۾ رسائيندو رھندو ھو.