محمد خان ترڪ
مير اعظم ٽالپر

محمد خان ترڪ خانداني ۽ هڪ
بنيادي استاد هو، هن کي بورڊ تي لکڻ ۽ سمجهائڻ جو فن هو، ان کانسواءِ ايجوڪيشن جو
رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو ماهر هو ۽ ناليواري هيڊ ماستر محمد يعقوب ميمڻ (مشهور دانشور ۽
ليکڪ سراج الحق ميمڻ ۽ فهميده حسين ميمڻ جو والد) جي ماتحت ڪلاس ٽيچر ٿي ڊيوٽي ڪئي
۽ ۱۹۸۵ع ۾ لاڳيتو ۲۵ سال گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو
هيڊ ماستر رهڻ بعد رٽائر ٿيو. سندس شاگردن ۾ ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي آهن، جن ۾
گائيني جي ڊاڪٽرياڻي سلطانه صديقي، سنڌ جي وزيراعليٰ جي انڪوائري ٽيم جو چيئرمين
عبدالسبحان ميمڻ، وفاق ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان (فيڊرل) ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪسٽائيل ڊاڪٽر
مير اعجاز ٽالپر، اسٽيٽ لائيف انشورنس جو آفيسر غفران ميمڻ، ان کانسواءِ عبدالسلام
ميمڻ وغيره. محمد خان ترڪ جي بيماري ۾ کيس ڏسڻ لاءِ عبدالسلام ميمڻ ۽ سندس گهرواري
غزل سلام (سابق پي ٽي وي ڊراما آرٽسٽ غزل صديق) خاص ڪراچي کان آيا هئا. محمد خان
ترڪ رٽائر ٿيڻ بعد به قلم پنهنجي هٿ مان نه ڇڏيو ۽ آخر دم تائين هو سابق چيئرمين
مير غلام اڪبر ٽالپر جو منشي هو. هي ۹۴ سالن ۾ گذاري ويو ۽ پٺيان ڇڏي ويو ٻه پاڻ
جهڙا فرزند، جيڪي استاد آهن، منور حسين ترڪ ۽ راجا ترڪ.
(مير اعظم ٽالپر
جي ڪالم؛ استاد جو رُتبو ۽ ڳالهائي ويندڙ غير ذميوار ٻولي، ڏيھاڙي عبرت ۱۱ نومبر
۲۰۱۸ع تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا