حميد ابڙو
مٽيءَ جو مانُ وڌائيندڙ
حيات علي شاهه
بخاري
آئون شروع کان ئي
روايت پسند ناهيان، جيئن حميد ابڙي جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکان ته هي ڪتاب سنڌ راڻي
پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جا صفحا اٽڪل ۱۲۶ آهن. ليکڪ حميد ابڙو ادبي دنيا، (پرنٽ توڙي
اليڪٽرانڪ ميڊيا) جي ڄاتل شخصيت آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل به ڪتاب جي ڪهاڻين جو عڪس نظر
اچي ٿو. ڪتاب ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن وغيره وغيره.
نه، هرگز نه، آئون
زبان توڙي قلم مان هر ڀيري ڪا نئين، انوکي ۽ دل تي اثر ڪندڙ ڳالهه اچارڻ چاهيندو
آهيان. وري جڏهن حميد ابڙي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مون کي سندس شخصيت توڙي تخليق تي
نهايت احتياط سان، پر دل سان لکڻو پوندو. حميد ابڙو، منهنجي نظر ۾ ”ماٺيڻو“ شخص
آهي گهٽ ڳالهائيندو ۽ گهٽ لکندو آهي. پر جيڪو به اظهار ڪندو آهي، واهه جو ڪندو
آهي. مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته حميد ابڙو منهنجو پيارو دوست آهي. جيئن آئون
ساڻس حال اوريندو آهيان، تيئن هو به گهڻو ڪجهه مون سان سليندو آهي. سندس ڪتاب ۾
شامل ڪافي ڪهاڻيون آئون اڳ ئي پڙهي ۽ سندس واتان ٻڌي چڪو آهيان. سندس لکيل ڪجهه ٽي
وي ڊراما ڏٺا به اٿم پر انهن ڊرامن جي پروڊڪشن سان مون کي اختلاف آهي. آئون سدائين
کان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي ڪمپرومائيز نه ڪرڻ
گهرجي. اسان جا سنڌي ٽي وي چينل جن جي بجيٽ پروگرامن لاءِ اڻ پوري هوندي آهي، ان ڪري
لوڪيشن ۽ ڪاسٽ جي معاملي ۾ ڪمپرومائز ڪرڻي پوندي آهي. ليکڪ جنهن ڪردار کي نظر ۾
رکي لکي، ۽ اهو نه هجي ته پوءِ ليکڪ جو اندر سڙي ويندو آهي.
خير، ڪتاب ”مٽيءَ
جو مان“ جون سموريون ڪهاڻيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن، مثال طور ”ناکئو“ ڪهاڻي پڙهندي لڳي
ٿو ته هو ملاحن جي جهوپڙين ۾ رهيو ۽ انهن ۾ ئي پليو نپنيو آهي، دريائن جي سڪڻ جو
درد ملاحن کان وڌيڪ ليکڪ ۾ نظر اچي ٿو. سندس لکيل ڪهاڻي ”ناظرو“ هڪ علامتي ڪهاڻي
آهي ۽ جنهن فن ۽ فڪر سان ان کي سرجيو اٿس، اهو سندس ئي ڪمال آهي. سُکان ۾ معصوم ماڻهن
جي جذبن ۽ سوچ جي عڪاسي ڪيل آهي ته ان سان گڏوگڏ پيري مريدي وارين پراسرارين کي
وائکو ڪيو اٿس. حميد ابڙي جون لکيل سموريون ڪهاڻيون ڪمال جون آهن. پر سندس ڪهاڻي
”مڱڻهار“ مون کي تمام گهڻو وڻي. ورهاڱي جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي ”مٽي“ وڇوڙي جي ڏنگن
جي عڪاسي آهي، ڍالو مل ۽ ماستر ارشاد علامتي ڪردار آهن، جيڪي سنڌ جي مٽيءَ سان
محبت ڪن ٿا. ڪهڙي ڪهاڻي جو ذڪر ڪجي ۽ ڪنهن کي نظر انداز ڪجي؟ حميد ابڙي جي سوچ
سندس لوچ جي عڪاس آهي. هو ننڍي ڄمار جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي، پر افسوس جو کيس اظهار
جا ذريعا ميسر ناهن.
عبدالقادر جوڻيجي
حميد ابڙي لاءِ ڪيڏو نه سٺو لکيو اهي. ”حميد ابڙو موجوده فيشن جي برعڪس عام ماڻهوءَ
جي حالتن، جذبن ۽ اظهار تي گهري نظر رکي ٿو، نه ته هونئن ته لکڻ وارو غريب غربا جي
ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ناهي.“ حميد ابڙي جي اها خوبي به کيس اوچو بڻايو بيٺي آهي
اسان جي معاشري جي
بدنصيبي آهي جو حميد ابڙي جهڙي ماڻهوءَ کي معاشري جي ”ماسترن“ سان گڏ گهارڻو پوي.
No comments:
راءِ ڏيندا