; سنڌي شخصيتون: فهميده رياض

07 December, 2018

فهميده رياض


فهميده رياض
۽ ورهيه اڳ لکيل تحرير...
مجاهد بريلوي
کاغذ تیرا رنگ فق کیوں ہوگیا
شاعر ترے تیور دیکھ کر
کاغذ ترے رخسار پہ یہ داغ کیسے ہیں
شاعر میں ترے آنسو پی نہ سکا
کاغذ میں تجھ سے کیسے سچ کہوں
شاعر مرا دل پھٹ جائے گا
اڱاري جي شام ڊان نيوز مان نڪرندي فهميده جو ٻُڏندڙ آواز آيو، ’مهيني کان لاهور ۾ آهيان، مان ته نٿي اچي سگهان، تون ئي اچي وڃ.‘
مون پڇيو ”طبيعت ڪيئن آهي؟“
چيائين، ”اڳ کان بهتر آهي. ڌيءُ ويرتا جي ٻارن ۾ دل وندريل آهي.“


مون چيو، ”فيض جي ميلي ۾ اوهان جو نالو ناهي ٻُڌو؟“
چيائين، ”هُن جي نياڻين، ڏهٽين، ڏُهٽن کي شايد منهنجي لاهور ۾ هُجڻ جو علم ناهي. ۽ جيڪڏهن کين خبر به هجي ته شايد فيض صاحب سان خاص تعلق جي خبر نه هوندن.“
۽ پوءِ کلندي چيائين،
هو گيا دل ڪا خون،
دل ڪا خون هوگيا.
اربعا جي ڏينهن ۱۲ ربيع الاول جي موڪل سبب شام جو گهر ۾ ئي هوس ته نه ڄاڻ ڇو فهميده جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. منهنجي ڌيءُ جو نالو گُل رخسار هُن ئي رکيو هو.
۴۰ ورهيه پُراڻيون ڳالهيون، جڏهن هوءَ سليو ليس بلاؤز ۾ ساڙهي سنڀالي هٿ ۾، ڪي ٽو سگريٽ جا ڪش هڻندي بسن ۾ اِئين سفر ڪندي هُئي جهڙوڪ لنڊن ۾ هُجي. جنهن کي ڇڏي هوءَ پاڪستان ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ پهتي هُئي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ بيشمار موقعا آيا، جڏهن مونکي فهميده جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪجهه پڙهڻو هوندو هو، پر ۲۰ ورهيه اڳ لکيل تحرير کي وڌيڪ پڙهڻ جو حوصلو ئي نه ٿيو. لکان به ڇا ها، ڏهاڪن کان هُن جي زندگي جهڙي نموني گذري رهي هُئي، اُن کي ڏسي اکين ۾ ترورا ۽ قلم ۾ ڏڪڻي اچي ويندي هُئي.
رات ۱۱ وڳي خالد احمد جو فون آيو، ”اسان جي، توهان جي ۴۰ ورهين کان رفيقانه دوست هاڻي ناهي رهي.“ اُن خبر جو ڪجهه ورهين کان مون کي انتظار هو.
(ورهيه اڳ لکيل جنهن فساني کي فهميده جي لاءِ لکيو هو، اُهو ٻيهر تازو ڪريون ٿا.....)
هي اسان جي يونيورسٽيءَ جا آخري ڏينهن هُئا. اُن وقت نه نوڪري هُئي ۽ نه ئي ڪُل وقتي پارٽي ميمبر هئاسين. ڪامريڊ ڊاڪٽر قمر عباس نديم ادب سان اسان جو چاهه ۽ پوءِ نيڪ ڪمن ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ ينگ رائيٽرز فورم ۾ لڳائي ڇڏيو.
ينگ رائيٽرز فورم جو شروع ۾ مون ذڪر ان لاءِ ڪيو جو اسان جي فهميده رياض سان ملاقات ۽ پوءِ ’دوستي‘ اُتي ٿي. (هاڻي ان لفظ دوستي ۾ اها بيپناهه مٺاس، چاهت، پنهنجائپ ۽ محبت ناهي رهي، پر مجبوري آهي ته ڪو ٻيو لفظ ان جڳهه، ان تعلق سان ذهن ۾ نه اچي رهيو آهي) حقيقت اها آهي ته اسان سڀ، جيڪي فهميده کان ۵، ۷ سال ننڍا هئاسين، پر هُن کي ڏسندي ئي هُن جا مداح ٿي وياسين.
ہم ہوئے، تم ہوئے کہ میر ہوئے
سب اسی زلف کے اسیر ہوئے
هڪ طويل عرصي تائين فهميده تي نه لکڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته مون کي احساس هو ته مان فهميده جي شخصيت ۽ پوءِ شاعريءَ جو جڏهن به سرو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته اُهو تيز ڏور جيان منهنجي هٿن مان رُڳو کسڪي ئي ناهي ويندو، پر هنڌان هنڌان هٿن کي به زخمي ڪري ڇڏيندو آهي.
فهميده جي شخصيت ۽ شاعري تي لکڻ جي لاءِ دماغ جي رڳن کي ڇڪڻو پوندو. دل کي رتو رت ڪرڻو پوندو. زخمي آڱريون گهرجن، پر نه هاڻ اُن جو وقت ناهي، نه اُهو دماغ، نه دل ۽ نه اُها قلم جنهن جي مَسُ ورهين کان پيٽ گذر سبب سُڪي وئي آهي.
پر زخمي آڱريون ڏيکاري رخصت به نٿو ٿي سگهجي. فهميده سان گڏ اُن شام اهو موقعو ڏنو هو ته ان بهاني اُهو فسانو رقم ڪريون جيڪو ورهين کان ذهن ۾ اُڇلون کائي رهيو آهي.
سياسي طور تي اهو وڏو هنگامه خيز دور هو. جماعت اسلامي جو ”شوڪت اسلام“ پيپلز پارٽي جي ”روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ کان شڪست کائي چُڪو هو. سقوطِ ڍاڪا کان پوءِ جُڙندڙ پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جي قائد هڪ نئين پاڪستان جو بنياد رکي رهيو هو. بلوچستان ۾ نيپ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پهاڙن تي هٿياربند جدوجهد جاري هُئي. پشتون، بلوچ، سنڌي، قومپرستن پيپلز پارٽيءَ جي خلاف پنهنجي توپن جا مُنهن کولي ڇڏيا هئا. دراصل اهو آغاز هو، ترقي پسند کاٻي ڌر جي قوتن وچ ۾ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ واري اهڙي خونريز ورهاڱي جو، جنهن کان پوءِ جنرل ضياءَ الحق جو طول طويل سياه آمرانو دور ته اچڻو ئي هو.
مون کي احساس آهي ته تمهيد ڪجهه طويل ٿي رهي آهي، پر ۷۰ع ۽ پوءِ ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ فهميده جي شاعري ۽ شخصيت، جنهن ڪڙي ۽ ڪربناڪ وقت مان گذري اُن جي لاءِ ان هنگامه خيز حالتن ۽ واقعن جو ذڪر به ضروري آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي لابي ۾ هڪ ڏينهن خورشيد چيو ته ينگ رائيٽرز فورم جي مشاعري جي صدارت جي لاءِ فيض صاحب انڪري نٿو اچي سگهي جو مُلڪ کان ٻاهر آهي ۽ حبيب جالب جيل ۾ آهي. هڪ ٽئين انقلابي شاعر جو نالو ورتو ويو ته نجمه بابر چيو ته اُهو ته سرڪاري ملازم آهي. اسان ائين ڇونه ڪيون ته فهميده رياض کي گهرايون؟ مون ريڊيو ۾ قمر جميل کان ٻُڌو آهي ته لنڊن مان فهميده رياض آيل آهي. جيتوڻيڪ هوءَ توهان جي ٽائيپ جي انقلابي ته شايد نه هُجي، پر پٿر جي زبان جو ڇا چئجي. اهو چئي نجمه چيو ته ٿورو ٻُڌو،
تزئین لب و گیسو کیسی، پندار کا شیشہ ٹوٹ گیا
تھی جس کے لیے سب آرائش اس نے تو ہمیں دیکھا بھی نہیں
اسان سڀ، جن جو اُن وقت ’انقلاب‘ سان ’رومانس‘ اڃا ڪچو پڪو هو. فهميده جي صدارت تي ترت متفق ٿي وياسين. پر مسئلو اهو هو ته هُن کي ڳولجي ڪٿي؟ اُن زماني ۾ جيڪڏهن پاڙي جو فون نمبر به ملي ويندو هو ته غنيمت ڄاتو ويندو هو.
ناظم آباد ۾ مرزا ظفر الحسن جي غالب لائبرري ۾ جڏهن اسان جي مارڪسي مينٽر سيد سبط حسن سان گڏ فهميده کي اسان ڏٺو ته هڪ سبط صاحب جي خوف کان، ٻيو فهميده جي سراپا کي ڏسي اسان جون زبانون خشڪ ٿي ويون.
سڀ کان وڌيڪ حيراني مون کي هُن جي هٿ ۾ سگريٽ جو پيڪيٽ ڏسي ٿي هُئي. ۲ رپين جو ’ڪي ٽو‘ سگريٽ وارو پيڪٽ اُن زماني ۾ هر ڪامريڊ ۽ ٽريڊ يونين ليڊر جي واحد عياشي هوندو هو.
مشاعرو ختم ٿيو. ممتاز افسانه نگار خواجه احمد عباس جو ڀاڻيجو ۽ ڪراچي يونيورسٽي يونين جي سيڪريٽري خورشيد حسين جي گاڏي ۾ اسان سوار ٿياسين. طارق روڊ تي هندو جي هوٽل ۾ ماني کاڌي وئي. جن ڪڏهن سگريٽ چکيو به نه هو، فهميده کي متاثر ڪرڻ جي چڪر ۾ اُنهن سڄو ڪي ٽو جو پيڪيٽ ئي خالي ڪري ڇڏيو.
فهميده جي اُن وقت بلوچ ۽ سنڌي قومپرستي سان والهانه وابستگي شعرن ۾، شعله جواله بڻيل هُئي.
جسم پر پیراہن پارہ پارہ
گولیوں سے بدن پارہ پارہ
بے سہارا لہو بہہ رہا ہے
خون بیدار ہے جلد سوتا نہیں
سینہ سنگ میں جذب ہوتا نہیں
تازہ تازہ لہو بہہ رہا ہے
۽ هي سنڌ جي ڌرتيءَ سان محبت ئي هُئي، جنهن هُن کي هڪ سنڌي ڪامريڊ جي محبت جو اسير بڻائي ڇڏيو. شادي پهرين هُجي، ٻي يا پوءِ ٽين، اهو هڪ ذاتي فيصلو هوندو آهي، اُن تي پبلڪ ۾ گفتگو ناهي ڪئي ويندي، پر هي اُهو وقت هو جڏهن اسان سڀ پنهنجون پنهنجون ڊگريون بغل ۾ هڻي ان راهه تي بيٺل هُئاسين جتان کان هڪ رستو شاندار نوڪرين ۽ غير ملڪي اسڪالرشپ جي طرف وڃي رهيو هو ته ٻئي طرف سرخ پٽين ۽ انقلابي نعرن ڏانهن- ۽ اسان مستقبل کان بي خوف پُرسڪون گهرن کان ڏور تيز ڊوڙندا وڃي رهيا هئاسين.
فهميده رياض جيڪا لنڊن جهڙو شهر ڇڏي شديد قسم جي ڊي ڪلاس ٿي هُئي، اُن جي لاءِ هن شهر ۾ نه ته چارديواري هُئي ۽ نه نوڪري، پر اُن جي باوجود به سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن سان گڏ گهڻو اڳيان وڃي چُڪي هُئي.
مشاعرن ۽ رسالن سان نه پيٽ ڀرجندو آهي نه ٻارڙن جي پرورش، وري جڏهن رياست جو جبر ٿاڻا ۽ ڪچهريون ۾ به چڪر لڳائڻا پون ته پوءِ ٻه ئي رستا رهجي ويندا آهن. هڪ اُهو جنهن ۾ سرڪاري تمغا ملندا آهن، پنهنجو حال روشن ۽ ٻارن جو مستقبل سنواريل هوندو آهي. ۽ فيض، جالب ۽ ڪجهه ٻين کي ڇڏي سڀ ئي پنهنجي قلم، اسلام آباد جي چانئٺ تي رکي چُڪا هُئا ۽ ٻيو رستو هجرت جو هو. هاڻي جيئن ته فهميده وٽ ايترا پيسا ته هُئا ئي نه جو يورپ جي جلاوطني اختيار ڪري، تنهن ڪري هڪ شام خاموشيءَ سان هوءَ واپس ٿي، جتان کان هُن جي ابن ڏاڏن هجرت ڪئي هُئي.
دهلي ۾ سال سڄي کان پوءِ فهميده سان ملاقات ٿي ته مٿي تي پيل ڪاري چادر ۽ اکين ۾ آلاڻ کان پوءِ نه ڪجهه چوڻ لاءِ بچيو نه ٻُڌڻ لاءِ. مهيني کان پوءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي نالي لکيل خط ۾ هڪ نظم مليو، ۽ اپيل ڪئي وئي ته ضياءَ جي مارشل لا واقعي رخصت ٿي وئي آهي ته مون کي پنهنجي وطن ورڻ ڏنو وڃي. پهريان اهو نظم پڙهي وٺو،
اے دوست پرانے پہچانے
ہم کتنی مدت بعد ملے
اور کتنی صدیوں بعد ملی
یہ ایک نگاہ مہروسخا
بیٹھو تو ذرا
بتلاؤ تو کیا
یہ سچ ہے میرے تعاقب میں
پھرتا ہے ہجوم سنگ زناں؟
کیا نیل بہت ہیں چہرے پر؟
کیا کاسۂ سر ہے خون سے تر؟
پیوند قبادشنام بہت
پیوست جگر الزام بہت
یہ نظر کرم کیوں ہے پرنم؟
جب نکلے کوئے ملامت میں
ایک غوغا تو ہم نے بھی سنا
طفلاں کی تو کچھ تقصیر نہ تھی
ہم آپ ہی تھے یوں خود رفتہ
مدہوشی نے مہلت ہی نہ دی
ہم مڑ کے نظارہ کر لیتے
بچنے کی تو صورت خیر نہ تھی
درماں کا ہی چارہ کر لیتے
پل بھر بھی ہمارے کار جنوں
غفلت جو گوارہ کر لیتے
اپيل منظور ٿي وئي. فهميده دهليءَ مان جلاوطني خوش اسلوبيءَ سان ڪٽي ۽ اهو چئي ڪراچي واپس اچي وئي ته،
تُو سدا سہاگن ہو ناری
مجھے اپنی توڑ نبھانا ہے
ری دلّی چھو کر چرن ترے
مجھے اپنی موڑ، مڑ جانا ہے
آخرڪار جنرل ضياءَ الحق جي آمريت سڀني فوجي آمريتن جيان پنهنجي اختتام تي پهتي. پيپلز پارٽيءَ جي طوفاني لهر کي ڏسندي ورهين کان آمريتن جي اردلي ڏيندڙ هاڻي جيالن جي انبوهه ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ جي لاءِ رستا تلاش ڪري رهيا هُئا. بهرحال پيپلز پارٽي جي حڪومت جو پهريون دور ان اعتبار کان چڱو هو، جنهن ۾ فهميده رياض کي اسلام آباد ۾ پذيرائي ملي.


میں مٹی، میرا جنم مٹی ۔۔۔
میں مٹی کو کیسے چھوڑوں؟
روبينہ ابڙو
ڪٿي پڙهيو هئم ته پکي مرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن گُم ٿي ويندا آهن؟ آئون ان ڳالھ تي اڃا تائين سوچيندي آهيان.
وري ڪنھن چيو ته انسان مرڻ کان پوءِ هڪ ستارو بڻجي وڃي ٿو پر رڳو ستارو ئي ڇو؟
ڪي ماڻهو مرڻ کان پوءِ چنڊ به ته بڻجي ويندا آهن ۽ فهميده رياض به انهن چوراسي چنڊن منجهان هڪ چنڊ ئي بڻجي چڪي آهي!
اهڙو چنڊ جيڪو هر دور ۾ هر عمر جي اک کي موهيندو آهي...
موت تي سوچڻ منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي فينٽيسي رهي آهي ۽ فينٽيسيءَ جي انهي قطار ۾ منهنجي دلربا دوست فهميده رياض بہ زندگيءَ جي ٽاريءَ مان ڇڻي ڪلھ کان شامل ٿي وئي آهي...
فهميده رياض سان منهنجي شاعراڻي شناسائي تمام پراڻي تہ هئي پر هن سان منهنجي ذاتي شناسائي تڏهن شروع ٿي هئي جڏهن مون هن سان پنهنجي ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکڻ لاءِ رابطو ڪيو هيو.
پهريون جملو ٻڌي ئي چيو هيائين ته آئون سنڌي شاعريءَ سان ڏاڍو پيار ڪندي آهيان، انڪري آئون توتي ضرور لکنديس!
شاعري پهچندي ئي هن پنهنجا احساس اهڙي طرح قلمبند ڪري موڪليا جو آئون حيران رهجي ويس.
چيائين!
تنهنجي شاعري پڙهندي اِهي اُهي پهريان پهريان خالص ۽ نج احساس آهن جيڪي مون توڏانهن لکي موڪليا آهن.
اهڙي طرح فهميده سان منهنجي دل جي سڃاڻپ ٿي ويئي.
ٻيهر پاڻ ئي چيائين،
آئون تنهنجي شاعريءَ جو اردو ترجمو ڪرڻ ٿي گُهران!
ايڏو سهڻو اعزاز.....؟!
آئون حيران رهجي ويس.
آئون اڃا به حيران آهيان.
۽ هميشه حيران رهنديس، ڇو جو حيران ٿيڻ ئي منهنجي لئه لکڻ جو سبب بڻجندو آهي ۽ آئون حيران ٿيندي ٿيندي ئي لکڻ ٿي چاهيان ۽ لکندي لکندي ئي حيران ٿيڻ ٿي چاهيان!
حيران ڪندڙ ماڻهو ئي منهنجي سڀ کان وڏي انسپائريشن رهيا آهن ۽ فهميده رياض به اهڙن ماڻهن منجهان ئي هڪ هئي جنهن جي شاعري ۽ شخصيت ٻئي حيران ڪندڙ هئا.
هوءَ جيڪا سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ۽ سنڌيءَ ۾ ئي ٻُڌندي هئي جنهن کي سنڌ جي ثقافت سان ڌيءُ جهڙو پيار هيو جڏهن کانئس سنڌ جي سوکڙيءَ لئه پڇيو هئم ته هڪدم مُرڪي چيو هيائين ته "ٽُڪَ جي رلي"
ان وقت مون سندس نيڻن ۾ "ٽُڪَ جي رليءَ" جا سڀ رنگ پسيا هئا، سندس شاعري به "ٽُڪَ جي رلي" جهڙي ئي خوبصورت ۽ رنگين آهي پر ان ۾ انقلاب جو ڳاڙهو رنگ گهاٽي جهڙ وانگي ڇانيل رهيو آهي...
فهميده رياض جهڙيون ئي جرئتمند ۽ بيباڪ عورتون هن ڌرتيءَ تي عورت جو مقدمو هٿ ۾ کڻي وڙهڻ لاءِ پيدا ٿينديون آهن ۽ ھوءَ آخر تائين عورت جو مقدمو ڀرپور نموني وڙهي، وڙهي ته هوءَ وقت جي آمرن ۽ جرنيلن سان به جنهن ڪري کيس جيل ڪاٽڻا پيا ۽ جلاوطن ٿيڻو پيو....
پنهنجي جوان پٽ جي حادثاتي موت تي فهميده هڪ نظم لکيو پر ڇا ان نظم ۾ اهو درد ۽ اها پيڙا پروئي سگهي هئي جنھن پيڙا سندس پيڙھ کي ئي ڪمزور ڪري ڇڏيو هيو.؟
میرے اندر موت ہے
ایک مریخی چمک بالکل سیاہ
" زندگی " کے نام سے شدت سے نفرت کر رہی ہوں
شراپ ہوں چاروں دشاؤں کے لیے
بدشگونی کی بلا
ایسی عورت
جس کا بیٹا مر گیا کڑیل جواں !
ہیں نقوش اُبھرے ہوئے ان گھومتے اطراف میں
جن کو میں پلکیں جھپک کردیکھتی ہوں بار بار
جس طرح شیشے سے شب نم پونچھ کر
دیکھتی ہوں آر پار
کہر کا وہ ایک مرغولہ سپید
راستے کی اک چٹاں پر نرم بل کھاتا ہوا
میرا استقبال کرنے کے لیے اٹھتا ہوا

”آگئیں امی کئی دن سے تمھارا منتظر ہوں ۔ ۔ ۔ “
آگئی میں، جانِ مادر
آگئی، چندا مرے
میں بھلا کیسے نہ آتی
جب مجھے تُم نے پُکارا...
****...........****

فهميده رياض لاءِ رهجي ويل سٽون...!!
نعيم ملڪ
وڏا ماڻهو ۽ شاهڪار انسان مون زندگي ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي وڏي وٿ هئڻ باوجود ڏاڍا سادا ۽ گهڻا سٻاجها بلند اخلاق ڏٺا آهن، فهميده رياض به انهن مان هڪ آهي، فهميده رياض جو شاعري وارو پاسو هجي، شاعري جو ترجمو هجي، ليڪچرڪار هجي، لغات جي ماهر طور هجي، نثرنگار طور هجي، هڪ سياسي ڪارڪن طور هجي يا سماج جي نبض شناس طور هجي انهيءَ ۾ مون کيس ايترو ته ڀڙ ڏٺو جو عقل دنگ رهجي ويندو هو، هڪ گهريلو خاتون ۽ هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مون کيس بڙ جي وڻ جهڙي ڇانو سمجهيو، سچ اهو آهي ته اهڙين ئي شخصيتن کي عظيم جو لفظ سونهين ٿو، اهڙين مڻيادار شخصيتن جي وڇوڙي سان اسان جو حلقو ۽ سنڌ ٻسي ٻسي ٿي وئي آهي ۽ هڪ وڏو اوزان تهه جهڙي محبتن ۽ شفقتن واري ڇانو اسان جي مٿن تان لهي وئي آهي، هڪ مادرانه شفقت...
جڏهن شيخ اياز صاحب جي شاعري جو اردو ۾ فهميده رياض ترجمو ڪيو ته سندس هاڪ نه صرف اردو ادب ۾ پر اهو پڙاڏو سنڌي ادب ۾ به چٽي طرح ٻڌو ويو، ان وقت کان مون کي فهميده رياض سان ملڻ جو اشتياق هو جيڪو عبدالوهاب منشيءَ جي ذريعي پورو ٿيو، جيتوڻيڪ شاعريءَ جا ترجما ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، تنهن هوندي به رسول بخش پليجو، مقصود گل ۽ امداد حسيني جهڙا منظوم ترجما ڪيا آهن، اهي تحسين لائق آهن پر شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ استاد بخاري جي شاعريءَ جو انگريزي منظوم ترجمو پروفيسر سليم سولنگي ڪيو آهي اهو به وسارڻ جهڙو نه آهي، شيخ اياز جو قد ڪاٺ ڪنهن کان ڳجهو نه آهي پر عالمي سطح تي شيخ اياز کي متعارف فهميده رياض ڪرايو.
فهميده رياض موجوده دور جي وڏن شاعرن ۾ شامل آهي، ڪاليجي دور کان کاٻي ڌر سان لاڳاپيل فهميده رياض جڏهن ڏٺو ته ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي سياست جو بهتر مستقبل نه هئڻ ڪري جڏهن ذوالفقار  علي ڀٽو پنهنجي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ۽ پارٽي جو مول متن سوشل ازم تي رکيو ته هيءَ پنهنجي ور سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي، پيپلز پارٽي ۾ هئڻ دوران هن وڏي پڙهيل لکيل عورت نه ڪڏهن سياسي عهدي جي گهر ڪئي ۽ نه ڪڏهن پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ هئڻ دوران ڪنهن وزيري، مشيري جي ڪا تقاضا ڪئي، هونئن به جبل پنهنجي جاءِ تي بيٺل سٺا لڳندا آهن، عهدن جي لالچن لاءِ جهڪندا نه آهن ۽ نه پئسي، دولت جي حرص پويان ڊڪندا آهن، مون کيس انتهائي خوددار عورت طور ڏٺو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي وئي ته هن به پنهنجي مڙس ظفر اڄڻ سان گڏ هندستان ۾ جلاوطني اختيار ڪئي، فهميده رياض انهي دور ۾ شهرت جي بلندين کي ڇهيو پئي ۽ سندس شهرت بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري وئي هئي، جڏهن هيءَ هندستان پهتي ته اندرا گانڌي هن کي وڏين ڪوششن کانپوءِ راضي ڪري پنهنجي گهر ۾ رهايو، اندرا گانڌي فهميده رياض جي بهترين دوست سان گڏ سندس شاعري جي وڏي مداح هئي، صرف اهو نه پر اندرا گانڌي ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو نڀائڻ لاءِ سندس اولاد جي سياسي، اخلاقي ۽ مالي مدد به ڪئي، مرتضى ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان رابطي لاءِ فهميده رياض پل جو ڪردار ادا ڪندي رهي هئي، ڪجهه سال اندرا گانڌي جي ميزباني کانپوءِ فهميده رياض کيس چيو ته هوءَ وڌيڪ سندس مهمان رهڻ نه ٿي چاهي پر هوءَ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ الڳ رهڻ چاهي ٿي، جيتوڻيڪ اندرا گانڌي فهميده رياض کي پاڻ کان الڳ ڪرڻ نه پئي چاهيو پر فهميده رياض جي اسرار تي اندرا گانڌي خاموش ٿي وئي، ان بعد فهميده رياض ڀاڙي تي الڳ گهر ورتو ۽ پنهنجي گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ فهميده رياض ۽ سندس مڙس هندستان جي يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور هزارين ليڪچر ڏنا، انهيءَ فهميده رياض کي نه صرف پاڪستان پر هندستان جو ٻچو ٻچو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
فهميده رياض جي پدائش ۲۸ جولاءِ ۱۹۴۶ع ۾ هندستان جي رياست يوپي جي شهر ميرٺ ۾ ٿي هئي پر هن جو ننڍپڻ ۽ جواني حيدرآباد سنڌ ۾ گذري آهي، هن سنڌ يونيورسٽي مان تعليم پرائي آهي، هن جون مٽيون مائٽيون اڄ به حيدرآباد ۾ آهن، سنڌ جي مٽي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي آئي ان جو ظاهري سبب سندس والد رياض الدين جي حيدرآباد ۾ بدلي ٿيڻ هو، حيدرآباد جي علمي ادبي گهراڻن ۾ سندس اٿڻ ويهڻ جي ڪري جواني ۾ ئي پروين شاڪر جيان شهرت جي بلندين تي هئي، جيتوڻيڪ ان دور ۾ فيض احمد فيض سميت سوين وڏا شاعر هئا پر انجي باوجود هن جلد ئي پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي، ننڍپڻ ۾ والد جي وفات ڪرڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ سندس خاندان تي ڏکيا ڏينهن به آيا پر هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ پنهنجا حوصلا بلند رکيا، هن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو، ظفر اڄڻ جو اچانڪ ڪنهن ڪم سانگي سندس اداري ۾ اچڻ ٿيو، هن جي نظر جڏهن فهميده رياض تي پئي هو سڌو سندس ڪرسيءَ ڏانهن ويو جتي هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئي، ظفر اڄڻ به نه ڪئي هم نه تم سڌو چئي ڏنائينس ”مون سان شادي ڪندينءَ“ فهميده رياض ڪنڌ مٿي کڻي ظفر اڄڻ کي ڏسندي پهريان ته ڇرڪجي وئي ۽ هڪ نظر هن تي وجهندي چيائين ”ها“، واضح ڪندو هلان انهي کان اڳ نه ظفر اڄڻ کيس سڃاڻيندو هو ۽ نه فهميده رياض کيس سڃاڻيندي هئي، آخرڪار شادي ٿي وئي ۽ ظفر اڄڻ مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.
تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ناهيد خان کان اڳ ظفر اڄڻ محترمه بينظير ڀٽو جو پوليٽيڪل سيڪريٽري رهيو آهي، بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي والد ۽ ڀاءُ شاهنواز جي وڇوڙي کي برداشت ڪري نه سگهندي هئي ۽ بيهوش ٿي ڪري پوندي هئي ته اها فهميده رياض هئي جيڪا سندس تيماداري ڪندي هئي ۽ کيس آٿت ڏيندي هئي.
فهميده رياض وڏو عرصو انگريزي ڊڪشنري بورڊ ۾ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، هڪ ڀيري بغير ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي هن کان ڊڪشنري بورڊ جي ايڊيٽر شپ کسي کيس نوڪري مان فارغ ڪيو ويو، هن مون کي فون ڪري ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ چيو ته هاڻي سندس گهر جي چلهه ڪيئن ٻرندي!!، مون به فرمانبردار پٽ جيان هڪ اخبار ۾ اثرائتو ايڊيٽوريل لکيو ۽ سندس خدمتن کي بيان ڪيو ته هفتي کن کانپوءِ کيس ٻيهر ساڳئي عهدي تي مقرر  ڪيو ويو، هن جي سڄي عمر آڻيون ۽ چاڙهيون تي گذري لکڻ پڙهڻ ئي سندس روزگار جو ذريعو هو.
جڏهن ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب ۽ سهيل وڙائچ بينظير ڀٽو تي لکيل ڪتاب ”قاتل ڪير؟“ مون کان ترجمو ڪرايو ته مون ان ڪتاب بابت مهاڳ لکرائڻ لاءِ فهميده رياض کي عرض ڪيو ته هن هڪدم هاڪار ڪندي چيو ته ”منهنجو به هڪ ڪم آهي!!“ مون حيران ٿيندي چيو ڪهڙو؟ هن وراڻيو ته ”تون به منهنجي شاعريءَ جي هڪ ڪتاب تي تبصرو لکجان ۽“ مون هڪدم هائوڪار ڪئي. فون ڪري مون اها ڳالهه سهيل وڙائچ کي ٻڌائي ته ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ فهميده رياض ”ها“ ڪئي آهي، سهيل وڙائچ هڪدم وراڻيو ته اهو منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اعزاز هوندو ته فهميده رياض جهڙي وڏي شخصيت ڪتاب جو مهاڳ لکي، هفتي کن کانپوءِ فهميده رياض مون کي فون ڪيو ته مون مهاڳ لکي ڇڏيو آهي ۽ اچ کڻي وڃ ”آءُ مهاڳ ته کڻي آيس پر اهو ڪتاب تي مهاڳ گهٽ بينظير ڀٽو جي قتل تي لکيل نوحو وڌيڪ هو، مهاڳ جي هڪ هڪ لفظ مان هن جي بينظير ڀٽو سان سندس محبت ۽ قتل جي ڏک ۾ ڀرپور جذبا ۽ ڪجهه سچ ڏيکاريو ڏئي رهيو هو، انهي بعد اسان گڏيل فيصلو ڪيو ته فهميده رياض جو ڪتاب تي لکيل مهاڳ نه هلائبو.
۲۰۱۱ع ۾ بغير مهاڳ جي ڪتاب شايع ٿي ويو، پر هن مون کي ڪڏهن به اهو ڏوراپو نه ڏنو ته هن جو محنت سان لکيل مهاڳ شايع ڇونه ٿيو، آئون به پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس.
گذريل رات ٻارهين وڳي در کڙڪيو مون ننڊ مان اٿي دروازو کوليو ته منهنجو ڀاءُ اخبارون کنيو بيٺل هو چيائين ته هاڻي هاڻي ڪاپي شايع ٿي آهي، سوچيم ته توهان کي ڏيندو وڃان، هو وڏي عرصي کان اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو آهي پر اهو پهريون موقعو هو جو هن مون کي ننڊ مان اٿاري اخبار جي ڪاپي ڏني هجي، آئون به پريشان ٿي ويس ته آخرڪار اخبار ۾ اڄ ڪهڙي ڳالهه شايع ٿي آهي، جو ننڊ مان اٿاري اخبار ڏئي ويو آهي، مون پنهنجي ڪمري جو بلب روشن ڪيو ته پهرين نظر هن خبر تي پئي.
”نامياري ليکڪه ۽ شاعره فهميده رياض لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي“ فهميده رياض جو لاڏاڻو رات جو يارهين وڳي ٿيو هو ۽ ٻارهين وڳي اخبار منهنجي هٿن ۾ هئي، خبر پڙهڻ بعد فهميده رياض جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ”تون به منهنجي شاعري جي هڪ ڪتاب تي تبصرو لکجان ۽“ اهي لفظ هٿوڙو بڻجي منهنجي مٿي تي لڳا ڇو ته مان واعدي جي انحرافي ڪندي سندس حياتيءَ ۾ سندس شاعريءَ جي هڪ ڪتاب تي تبصرو لکي نه سگهيو هئس، حياتي ۾ هن ڪڏهن به ميار نه ڏني ۽ نه منهن گهنجايو، آئون پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس ته هي ڇا ٿي ويو، آئون سندس زندگيءَ ۾ سندس ڪتاب تي تبصرو لکي نه سگهيس جڏهن ته اهي رهجي ويل سٽون سندس مئي پڄاڻان لکي رهيو آهيان...!!.

فهميده... ... او... ... ..فهميده!
مهتاب اڪبر راشدي
مونکي تنهنجي تعزيت ڪرڻي پوندي... .؟ ڪڏهين سوچيو ئي نه هيم... ..! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي... .؟ بس اسان سوچيندا ئي رهجي ويندا آهيون. اڻ ڏٺل ۽ ڊگهي جدائيءَ جو خوف، اسان کي موت جهڙي اٽل ۽ اڻ ٽر حقيقت کي مڃڻ کان انڪار تي مجبور ڪندو آهي. ”فهميده رياض بيمار آهي...  سندس طبعيت ٺيڪ ناهي..“ اهو جملو پوئين سال کان ڪنن تائين پهچندو رهيو.. سندس فون بار بار کڙڪايم جيڪو اڪثر بند مليو.. فهميده ۽ منهنجي گڏيل دوست نجمه ميمڻ ٽورانٽو ڪيناڊا کان آئي ته چيائين هل ته هلي فهميده سان ملون. وري ڪوشش ڪيم پر رابطو نه ٿي سگهيو.. نجمه موٽي وئي، مان به هيڏانهن هوڏانهن مصروف ٿي ويس.
پر ان وچ ۾ سندس ڪجهه ادبي پروگرامن ۽ دوستن جي گڏجاڻين ۾ هن جي شرڪت، دل کي اهو اطمنيان ڏنو ته هوءَ ٺيڪ آهي، اسان کي ٻيو ڇا گهربو هو، اهو ئي نه، ته هوءَ ٺيڪ هجي، هلندي چلندي رهي. هوءَ جيڪا دوستن جي دوست ۽ آئيني جهڙي صاف ۽ جرڪندڙ دل رکندي هئي. دل! جيڪا محبتن سان سرشار ۽ ڏکن سان ٽمٽار هئي. هن جي دل ۾ رڳو پنهنجا ئي درد ته نه هئا... .
سڄي دنيا جي دردن کي هن پنهنجي اندر ۾ سمايو هو، هندوستان، جي اُتر پرديش جي مشهور شهر ميرٺ ۾ جنم وٺندڙ فهميده جي والد رياض الدين احمد جو تعلق درس و تدرس سان هو. هندوستان جي تقسيم کانپوءِ اچي حيدرآباد سنڌ ۾ مسڪن ٺاهيائين، ٽن نياڻين جو پيءُ هو. فهميده چئن سالن جي هئي جو رياض الدين صاحب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس والده هنن خوبصورت نياڻين کي اڪيلي سر پاليو. سوچيان ٿي ته هن عورت زندگيءَ جي ڏکي سفر کي ڪيئن ڪٽيو هوندو..؟ هن بي رحم سماج ۾ اڪيلي عورت ۽ ٽن نياڻين جو ساٿ...  هڪ وڏي آزمائش آهي.
منهنجي واقفيت، فهميده سان گورنمينٽ گرلس ڪاليج المعروف زبيده ڪاليج ۾ ٿي. هوءَ مون کان سال سينيئر هئي ۽ انيس هارون ۽ سلطانه صديقي فهميده کان ٻه سال ۽ مون کان ٽي سال سينيئر هيون. پر اسان چار ئي، ڪاليج ۾ هڪجهڙين غير نصابي سرگرمين ۾ اڳڀريون هيوسين. جن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڊبيٽ، اسٽيج ڊراما، ڪاليج جي اسٽوڊنٽ يونين ۾ نمايان عمده، مضمون نويسي ۽ ريڊيو پروگرام ۾ حصو وٺڻ شامل هئا. فهميده، مان ۽ ڪڏهين مون سان گڏ رقيه انصاري پارٽنر هونديون هيوسين. ڪڏهن فهميده اسان سان گڏ ته سفر ڪندي هئي، پر هوءَ انگريزي مباحثي ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪندي هئي. زبيده ڪاليج جو اهو دور، (منهنجي خيال ۾) زرين دور هو، ڪاليج جون باصلاحيت شاگردياڻيون جنهن به ميدان ۾ لهنديون هيون، سرخرو ٿي موٽنديون هيون. مون کان ريل گاڏيءَ جو اهو سفر نه ٿو وسري جيڪو فهميده رياض ۽ مون گڏجي لاهور تائين ڪيو هو. پنجاب جي سرحدن ۾ داخل ٿيندي ئي ماحول ۽ لهجي جو مٽجڻ اسان لاءِ دلچسپيءَ جو سبب هو. ملتان جي اسٽيشن تي جڏهن ڪنن تي هوڪو پيو، ”آنڊا لي لو، گرم گرم آنڊا“ ته پهرين ته سمجهه ۾ ئي ڪو نه آيو ته هو وڪڻي ڇا پيو..؟ پر پوءِ جڏهن اشارو ڪيائين ته هن ڪُڪڙ جا اوٻاريل بيدا پئي وڪيا. پوءِ اڳتي هلي، ”انڊا... ؟ اسان ٻنهي لاءِ گفتگو جو حوالو بڻجي ويو. وڪڻڻ واري جو لهجو مزيدار هو، سو اسان ٻئي ڄڻيون هن جو اهو نقل به ڪنديون رهيوسين، لاهور کان واپسيءَ تي به ملتان ريلوي اسٽيشن اچڻ جون منتظر رهيوسين ته ”انڊا“ وٺئون، ان سفر ۾ ڪاليج جي انگلش جي پروفيسر آپا ذڪيه هئي، جيڪا پڻ پنجاب مان آيل هئي. بهترين استاد، سندس رعب و تاب اهڙو، جو سندس ڪلاس ۾ ڪو ”چون“ به نه ڪندو هو. هن سان ڳالهائڻ کان اڳ ۾ هڪ ٻه ڳيتون ڏيڻيون پونديون هيون. پر هن سفر ان کي به اسان جي ويجهو آڻي ڇڏيو.
فهميده رياض ۽ مان هڪ ئي ڪمري جون رهائشي هنيوسين. هڪ ٻئي جا ڪپڙا به تاڙي ڇڏيا هئاسين. ڪڏهن روا پيا مٽبا هئا ته ڪڏهن سوئيٽر اُڌارا وٺبا هئا. پر اهو سڀ ڪجهه وڏي محبت ۽ پاٻوهه سان ٿيندو هو. لاهور کي به مون ۽ فهميده به شايد پهريون دفعو گڏجي ڏٺو هو. مال روڊ جا وڏا ويڪرا روڊ ۽ انارڪلي بازار گڏ گهميس. گهران جيڪا ٿوري گهڻي خرچي ملي هئي تنهن مان ڪجهه خريداري به ڪئي هيم. وڏا عاليشان وڻ ۽ باغ اسان جي نظرن ۾ سمائجي ويا هئا. اردو ڊبيٽ ۾ مون پهريون انعام کٽيو هو. رقيه انصاريءَ ٽيون ۽ ٽرافي به کٽيسين ۽ فهميده رياض وري انگلش ڊبيٽ ۾ ملهه ماري ۽ انعام کٽيو. اتان ئي وري اسان واهه ڪينٽ ڪاليج به ويا هئاسين. جتي پڻ پنهنجي ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ٽرافي کٽڻ سوڌو سرخرو ٿي موٽياسين.
حيدرآباد پهچڻ تي وري صبح جو اسيمبليءَ ۾ کٽيل انعام ڏيکاربا هئا، آپا شمس عباسي پرنسپل ۽ آپا مريم نوحاڻي ڪاليج يونين جي صدر جي حيثيت ۾ انعام تي آيل ٽيمن جي وڏي همت افزائي ۽ پذيرائي ڪنديون هيون، کوڙ تعريفون ٿينديون هيون، سڄو آڊيٽوريم تاڙين سان گونجي اٿندو هو. ڪاليج جا اهي يادگار چار سال منهنجي زندگيءَ جا يادگار سال هئا. جن مان ٽي سال منهنجو ۽ فهميده رياض جو ساٿ رهيو.
فهميده رياض، جنهن جي زندگي محرومين سان تعبير هئي. ننڍپڻ ۾ پيءُ جي سائي جي محرومي خوشحال ۽ بي فڪر زندگيءَ جي محرومي ياد ٿو پويم ته هوءَ اڪثر پنهنجي وڏي ڀيڻ جو ذڪر ڪندي هئي، جنهن جي شادي ڪنهن سٺي سنڌي خاندان ۾ ٿي هئي، جيڪا هن جي ۽ سندس ننڍي ڀيڻ نجمه جي گهڻي خبر گيري ڪندي هئي. نجمه سهڻي من موهڻي  هئي فهميده جيتري پڙهڻ لکڻ ۾ شوقين، ته نجمه وري ان جي ابتڙ، (اڳتي هلي نجمه جي شادي حيدرآباد جي پڙهيل ڳڙهيل چانڊيو خاندان ۾ ٿي. ماشا الله هوءَ سٺي پرسڪون زندگي گذاري رهي آهي). فهميده، نجمه جو ڏاڍو خيال رکندي هئي، آپا شمس عباسي، هنن ڀينرن جي معاشي مسئلن کان واقف هئي. هوءَ هر طرح هنن جي همت افزائي سان گڏ، مالي مدد جون به ڪوششون ڪندي هئي. هن جي نگراني ۽ خاص اجازت سان ئي فهميده رياض، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ حصو وٺندي رهي. جتان ٿيندڙ آمدني هن جي ڪم ايندي رهي.
فهميده ۾ هڪ بيچين روح هو، ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جو لٽريچر گهڻو پڙهيل هيس. انساني حق ۽ سياسي سوچ جو ادراڪ هن وٽ سندس هم عمر شاگردياڻين کان وڌيڪ هو. ياد ٿو پويم ته ايوب خان جي زماني ۾ احتجاج طور کاٻي ڌر پاران ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو هو. خبر تڏهن پئي جڏهن زبيده ڪاليج جي هاسٽل جي ڇت تي ڪارو جهنڊو ڦڙڪندو نظر آيو. سڄي ڪاليج ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي.” مجرم“ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو ڀلا فهميده رياض کان سواءِ ٻيو ڪير پئي ٿي سگهيو..؟ آپا شمس جا دڙڪا ته خوب کاڌائين، پر هوءَ مُرڪي پئي ته احتجاج جي هن مشن ۾ هوءَ ڪامياب وئي هئي.
مان پنهنجي بي فڪر زندگيءَ ۾ پنهنجين دوستين مان هڪ دوست فهميده رياض کي ڪيئن وساريان، جنهن جي اکين ۾ بي پناهه خواب هئا. دل اندر ۾ ڇيهون ڇيهون پر چپن تي هر وقت مُرڪ، اسان ٻنهي ڪاليج جي اسٽيج تي گڏجي ڊراما ڪيا. منهنجي سامهون ڪيتريون تصويرون پيون آهن. مان پنهنجي حياتيءَ جي چاليهن سالن ۾ پٺيان هلي وئي آهيان. اسان جا مشترڪه ٽهڪ، لطيفا، اڻ کٽ ڳالهيون سڀ اکين آڏو ڦري ويون آهن. هن جي زندگي، جيڪا ادبي ڪاميابين جو محور ۽ ذاتي زندگيءَ جو باب ڏکن سان سلهاڙيل رهيو.
ڪاليج مان نڪري هر ڪو پنهنجي ٻئي سفر  تي روانو ٿيو، خبر پئي ته سندس ڀيڻ جي ڪوشش سان فهميده رياض جي شادي انگلينڊ ۾ رهندڙ ڪنهن شخص سان ٿي. ٻڌوسين ته ٺيڪ آهي، خوش آهي.. بي بي سي جي اردو سروس ۾ پروگرام به ڪندي رهي. خبر پئي ته کيس هڪ نياڻي به ڄائي پر پوءِ وري اها خبر پئي ته ان شاديءَ جو اختتام ٿي ويو. هوءَ پنهنجي نياڻي ڇڏي، پاڪستان موٽي آئي.
موٽي اچڻ واري هڪ نئين فهميده رياض هئي. ٻاهرين دنيا سان هن جي ناطي ۽ تعارف ۽ لنڊن جهڙي شهر ۾ ست سال رهائش، هن جي اعتماد ۽ خيالن ۾ وڌيڪ پختگي آندي. پنهنجي انداز ۾ ته هوءَ اها ساڳي بي پرواهه ۽ بي نياز فهميده هئي. پر حقوق انسان ۾ هن حقوق نسوان کي ڳولهڻ شروع ڪيو. سندس طرفان عورتن جي جذبات جي عڪاسي، سا به عام رواجي ۽ ڍڪيل لڪيل ۽ گل و بلبل کان هٽي ڪري ذهن ۽ جسم جي آسودگين جي احساسن سان سلهاڙيل، ”نسائي“ يا صنفي شاعري، پاڪ ادبي حلقن ۾ زلزلو برپا ڪري ڇڏيو. ”بد دريده“ هن جي شاعريءَ جو اهو مجموعو هو، جنهن هن کي هڪ ”متنازعه“ شاعره ڪري پيش ڪيو. پر هن جو اهو بيانيو، اسلوب اهڙو مضبوط نڪتو جو، تنقيد نگار به ماٺ ٿي ويا. هن جي شوق ۽ ذوق، تحقيق، ترجمي ۽ پبلشنگ جا ڪيئن ميدان ماريا. هن بيشڪ سنڌ ڌرتيءَ تي جنم نه ورتو هو. پر هوءَ سنڌين وانگر ئي سنڌ تان گهور ٿيندي هئي. تعجب واري ڳالهه هيءَ هئي ته هن مون سان ڪڏهين اردو ۾ نه ڳالهايو فون تي گفتگو شروع ڪندي هئي، ”ڇا حال آهي، مٺڙي مهتاب“! ۽ پوءِ ڪا ڳالهه، ڪو مسئلو، ڪو حل...  ڪڏهين منهنجي گهر تي ملاقات، ته ڪڏهين سندس ”وعده“ ڪتاب گهر واري آفيس ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. مختلف پراجيڪٽس تي ڪم ڪندي هن، عورتن جي حقن ۽ قانونن تي عام فهم سولي نموني ڪتابچه ڇا پيا.
ٻي شادي، ظفر اڄڻ سان ڪيائين، جيڪو پڻ ڪميونسٽ خيال وارو هو، ان وچ ۾ ايڊورٽائيزنگ ڪمپني ۾ ڪم به ڪيائين پنهنجو اشاعتي ادارو ”آواز“ جي نالي سان شروع ڪيائين.
ان وچ ۾ جنرل ضيا الحق وارو اونداهو دور آيو، سرڪار کي سندس خيال پسند نه آيا. رسالو ضبط به ٿيو ۽ بند ٿيو. ظفر اڄڻ جيل ۾ ويو. هن تي ڪن فردن مهرباني ڪئي. ٻن ننڍڙن ٻارن ۽ ڀيڻ سميت هندوستان مان آيل مشاعري جي دعوت بهاني سرحد پار ڪيائين ۽ پوءِ ست سال جلاوطنيءَ جا گذاري تڏهين موٽي آئي جڏهن پاڪستان ۾ ضيا الحق جي موت جي صورت ۾ ڇانيل ڪاري رات پڄاڻي تي پهتي. اميد جو سج طلوع ٿيو ۽ فهميده رياض، پاڪستان موٽي آئي، بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ پاڪستان بُڪ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر رهي.
سنڌي، اردو، انگريزي ته اڳ ۾ ڄاڻيندي هئي، پر پوءِ فارسيءَ تي به دسترس حاص ڪيائين ۽ هندوستان ۾ رهڻ وقت هندي سکي. ياد اٿم ته ڪنهن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اسان ٻنهي گڏ سفر ڪيو هو، لاهور ۾ هئاسين، منهنجي ڪمري ۾ ويهي کوڙ ڪچهريون ڪيوسين، ٿوري دير کانپوءِ موڪلائي وئي. مان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر نڪتس ته ڏٺم هن خاموش ڪاريڊور ۾ پئي چڪر ڏنا. پڇيومانس خير ته آهي..؟ جواب ڏنائين اڄ ڪلهه روميءَ جي مثنوي اردو ۾ ترجمو پئي ڪريان. بس ترجمي ۽ لفظن جي چونڊ بيچين ڪري ڇڏيو آهي.
هن پاڪستان جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ پنهنجي هڪ مضبوط شناخت ٺاهي. هن جا خيال پنهنجا هئا، انداز ۾ به جداگانه هوءَ ڪڏهن ڪنهن سان شخصي جهيڙي ۾ ڪو نه آئي. ها البته اسٽيبلشمينٽ سماجي ناهمواري ۽ عورت دشمن سماج ۽ سياست سان جهيڙيندي هن جي عمر ڳري وئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو به ترجمو ڪيائين شيخ اياز جو به، ملڪي اعزاز ۽ ايوارڊ به ماڻيائين ۽ ۽ عزت ۽ محبت به حاصل ڪيائين پندرهن کان وڌيڪ ڪتاب هن جي قلم مان نڪتا. ”حرف“ سان هن کي عشق هو، زندگيءَ کي ته بس هن ”بسر“ ئي ڪيو. هيءَ درويش صفت عورت، پنهنجي وجود کان ئي بي خبر هوندي هئي، الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم... . معاشي طرح گهٽ ئي آسوده حال رهي. سگريٽ هن جي زندگيءَ ۾ شروع کان داخل ٿيو ۽ هن جي سڄي حياتي ڦوڪي ويو. هن جي زندگي جو وڏو صدمو، هن جي نوجوان پُٽ جو موت هيو، جيڪو پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ آمريڪا ويل هو. حادثاتي طور تي پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو هو. تعزيت لاءِ سندس گهر ويس، اڪيلي ويٺي هئي رکيل سگريٽ ڏڪندڙ آڱرين هئس، مون کي خالي اکين سان ڏٺائين.. نجمه مون کي آهستي ٻڌايو ”روئي بنهه نه ٿي..“ مان چپ ڪري سندس پاسي ۾ ويٺي رهيس هوءَ چپن ئي چپن ۾ پٽ سان ڳالهائي رهي هئي...  کيس پرچائي رهي هئي، سمجهائي رهي هئي، نه پٽ! ماءُ سان ائين رسبو آهي ۽ پوءِ رڙيون ڪري رُني، شايد پهريون ڀيرو، بس پوءِ ته لڙڪن جو بند ٽٽي ويس. آمريڪا وئي، پٽ کي دفن ڪري موٽي آئي، پر دراصل هوءَ پاڻ به مري وئي هئي. ايتري حساس عورت ۽ ماءُ ان صدمي کي ڪيئن برداشت ڪيو، اسان مان گهڻا سمجهي سگهن ٿا.
فهميده رياض! پاڪستاني ادب، سماجيات ۽ شاعريءَ جو وڏو نالو...  دنيا مان موڪلائي وئي.. ۲۱ نومبر تي لنڊن مان، هوٽل مان پاڪستان رواني ٿيڻ مهل... .. واٽس ايپ ته يڪا ميسيج اچڻ لڳا...  فهميده رياض...  فهميده... .. رياض... . نه رهي... . نه رهي، موڪلائي وئي... . ڳوڙها نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، هوٽل مان چيڪ آئوٽ مشڪل ٿي ويو..ڪنهن کي ٻڌايان... .؟ فهميده رياض، اسان جي صوفي دوست، دل جو درد مُرڪ ۾ لڪائڻ واري فهميده...  هلي وئي... . اسان جي سنڌياڻي لاهور ۾ دفن ٿي وئي... ...

No comments:

راءِ ڏيندا