; سنڌي شخصيتون: ستار پيرزادو

08 December, 2018

ستار پيرزادو


ستار پيرزادو
سندس ادبي پورهيو
لياقت راڄپر
ٻلهڙيجي جي زرخيز مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڪالم ڪار ۽ محقق ستار پيرزادو، زندگي جي ڏکن ۽ تڪليفن مان گذري ٺوس ۽ مڪمل ٿي، ادب جي افق تي نروار ٿيو آهي، ستار پيرزادو هن جو ادبي نالو آهي جڏهن ته هن جو پورو نالو عبدالستار آهي، جيڪو ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ دوست علي پيرزادي جي گهر ۾ ڄائو. ستار پنهنجي مطالعي، تجربي ۽ مشاهدي ذريعي پڙهندڙن کي ۲۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ شاعري، نثر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجما شامل آهن.


ستار جڏهن ڪلاس ۶ ۾ پڙهندو هيو ته هو بيمار ٿي پيو، جنهن جي ڪري هن کي ڪجهه عرصي لاءِ گهر ۾ قيد ٿي رهڻو پيو ۽ گهر ۾ وقت ڪاٽڻ هن لاءِ ڏکيو هو. سندس سوٽ ميرمحمد پيرزادي کي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو شوق هو ۽ هن وٽ ڪو نه ڪو ڪتاب هٿ ۾ موجود هوندو هو. هڪ ڏينهن پيرزادي جي بوريت ڏسي هن ان کي هڪ سنڌي رسالو ڏنو ته هو اهو پڙهي پنهنجو وقت ڪٽي. ان کان علاوه هڪ ڏينهن ستار کي مير محمد ڪهاڻين جو ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏنو جنهن سان سندس ڪتابن پڙهڻ لاءِ دلچسپي وڌي.
۱۹۶۸ع مئٽرڪ پاس ڪئي ته هن کي ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ نوڪري ملي، جتي اڳ ۾ ئي هن جو سئوٽ مير محمد ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو هو جنهن سان هن رهڻ شروع ڪيو. نوڪريءَ دوران مير محمد جي صحبت ۾ ستار کي ادب سان وڏو لڳاءُ پيدا ٿي ويو، ڇو جو ميرمحمد هميشه ڪو نه ڪو ڪتاب خريد ڪندو هيو ۽ پوءِ هو رات جي وقت سمهڻ کان اڳ يا وري واندڪائي واري ٽائيم تي ڪتاب وڏي آواز سان پڙهندو هيو ۽ ستار ٻڌندو هيو.
جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ ستار حيدرآباد لڏي آيو ته هن جي اندر ۾ جيڪا ادب جي چڻنگ ٻري هئي اها حيدرآباد ۾ اچي باهه ٿي ڀڙڪي، هن شهر ۾ ستار کي ڀرپور ۽ مڪمل ادبي ماحول مليو جتي هر روز ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهندا هيا جن ۾ هو اڪثر شرڪت ڪندو هو.
ان زماني ۾ ماهوار رسالو “سهڻي” به پنهنجي عروج تي هيو جيڪو هو باقاعدگي سان خريد ڪري جلد پورو ڪندو هيو ۽ وري نئين رسالي جو انتظار ڪندو هيو. هن کي سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف سان ملڻ جو وڏو شوق هيو سو هڪ ڏينهن کوکر پاڙي کان لنگهندي هن جي نظر سهڻي جي آفيس تي پئي ۽ هو وڃي طارق اشرف سان مليو، جنهن سان هن جي دوستي سيمينٽ وانگر مضبوط ٿيندي وئي، جيڪا آخر تائين نڀائي وئي. هاڻي ستار نوڪريءَ کان پوءِ طارق اشرف وٽ اچي ويهندو هيو ۽ جيڪڏهن طارق مصروف هوندو هيو ته ان  جي لائبريريءَ مان ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳندو هو.
۱۹۷۱ع ستار پهريون مضمون شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيو هو، ڇاڪاڻ جو هو شيخ اياز جو نه صرف فين هيو پر ان جو وڏو معتقد هيو ۽ هن جي اها خواهش هئي ته هو ان سان ملي. شيخ اياز کان متاثر ٿي ستار پاڻ به شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هڪ ڏينهن روزاني هلال پاڪستان جي آفيس ۾ وڃي نڪتو جتي انور پيرزادو، دستگير ڀٽي، اسلم آزاد ۽ ٻيا دوست ڪم ڪندا هئا پوءِ سڀ گڏجي ڪري ڪم مان فارغ ٿي ڪچهري ڪندا هئا. اتي ويٺي هن ڪجهه شاعريءَ جون سٽون لکي ورتيون، جيڪي هن انور پيرزادي کي ڏيکاريون، جيڪي هن اسلم آزاد کي ڏنيون. هنن اها شاعري درست قرار ڏيندي اخبار جي هفتيوار ميگزين ۾ شايع ڪئي. ان کان پوءِ هو مسلسل شاعري ڪندو ۽ لکندو رهيو ۽ ان ڇپيل شاعري کي “سورن سانڀائو” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ۲۰۱۰ ۾ پڌرو ڪيو. هن جي اها شاعري گهڻي قدر سياست تي آهي، جڏهن ته هن جا لکيل مضمون شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت تي ٻڌل آهن.
ستار جي لکڻين جي رفتار ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندي وئي جيڪا ماهوار “سهڻي” کان علاوه ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڇپجڻ لڳي، جنهن سان هو ادبي دنيا ۾ متعارف ٿي ويو. ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب “سي ئي جوڀن ڏينهن” پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ٿيو آهي. جڏهن ته ڪتاب “سنڌو ڪناري گيت” ۾ هن پنهنجي ڳوٺ جي شاعرن کي قلمبند ڪيو آهي. شيخ اياز جي ڪهاڻين جي ڪتاب “آواره” کي ستار سنڌيءَ مان اردو ۾ ترجمو ڪري اردو پڙهندڙن لاءِ هڪ تحفو ڏنو آهي. جڏهن ته ٻين ترجمن جي ڪتابن ۾ امرتا پريتم جو ناوليٽ تيرهون سچ، سرمد شهيد شامل آهن. هونئن ته ڪتاب جي چڱي ڀلي لسٽ آهي انهن مان “وڏا وڻ وڻڪار جا” به اهميت رکي ٿو.
ڪتابن ڇاپڻ لاءِ ستار هڪ دوست ڊاڪٽر پنجواڻيءَ سان ملي ڪري سنڌي ادبي اڪيڊمي جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي پليٽ فارم تان ۴۵ کان مٿي ڪتاب مختلف ليکڪن جا ڇاپيا ۽ ڪتابن جا ترجما ڪري شايع ڪيا. انهن منجهان هن ٻه ڪتاب خليل جبران جا آهن جن کي ستار اردو مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو. ٻين ناوليٽ ۾ جميلا ۽ نوشين جا لکيل آهن، ان کان علاوه شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائي جو اوسر پڻ ستار لکي ڪتاب شايع ڪيا آهن، جنهن جي وڏي ادبي دنيا ۾ اهميت آهي. ستار پيرزادي هڪ وڏو وقت عوامي آواز جو ادبي صفحو پڻ انچارج طور سنڀاليو.
هو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو فنانس سيڪريٽري رهي چڪو آهي، تڏهن سنگت جون گڏجاڻيون نياز همايوني جي آفيس گاڏي کاتي ۾ ٿينديون هيون ۽ ان وقت جنرل سيڪريٽري امداد حسيني هيو. ان زماني ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جو لکيل ڪتاب عبرت ڪده هن جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هن جي زندگي ۾ ڪافي تبديلي آئي، هن کي ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي تمام گهڻي وڻندي آهي، جنهن لاءِ هن وٽ اڄ به ٽيپ رڪارڊ ۽ آڊيو ڪيسٽون موجود آهن.
ستار کي پنهنجي ڪلچر ۽ ماڳ مڪانن سان وڏو چاهه آهي، هو چاهي ٿو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏسي جيئن ڀٽائي ۽ اياز گهمي ڏٺي، جنهن کان پوءِ انهن جي شاعري ۾ نکار آيو پر مالي گهٽتائي ۽ صحت جي سٺي نه هئڻ ڪري هن لکڻ ۽ پڙهڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي ٻولي سان وڏو چاهه اٿس هو چوندو آهي ته افسوس آهي انهن سنڌي دوستن تي جن غيرسنڌي عورتن سان شادي ڪري پنهنجي اولاد کان سنڌي ٻوليءَ جو مادري حق کسي ورتو ۽ ڪجهه جيڪڏهن ڳالهائن به ٿا ته سنڌي زبان کي ايترو ته زخمي ڪيو اٿون جو اکين ۾ ڳوڙها وهي پون ٿا.
حڪومت کي ان جي ادارن کي، ريڊيو، ٽي وي ۽ خانگي سنڌي چينل ۽ اخبارن جي مالڪن کي هميشه گذارش ڪندو رهي ٿو، ته خدارا سنڌي ٻوليءَ ۾ حد کان وڌيڪ غيرسنڌي ٻولين جي لفظن جو استعمال بند ڪيو ۽ ٻوليءَ جا صحيح تلفظ استعمال ڪيا وڃن نه ته هڪڙي ڏينهن اسان جي ٻولي به دنيا جي ڪيترن ٻولين وانگر  متروڪ ٿي ويندي، ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته سنڌي ٻولي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ قانون تي عمل ڪرائي.
ستار جي شيخ اياز سان به تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي ۽ هو اڪثر شيخ اياز سان گهر ملڻ ويندو هيو ۽ جڏهن هو بيمار ٿي اسپتال ويو اتي به ان جي خدمت ڪيائين. ستار پيرزادي جي لائبريري آهي ته ننڍي پر ان ۾ جيڪا ڪتابن جي ڪليڪشن آهي اها تمام گهڻي ۽ سٺي آهي پر ان ۾ ڀٽائي، شيخ اياز جي شاعري ۽ تصوف تي وڏو مواد آهي. هن جي خواهش آهي ته هو شاعري جي ميدان ۾ جن شين تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي ان تي ڪم ڪري پر وري به مالي حالت رستي ۾ حائل ٿي وڃي ٿي. بهرحال هن کي جيڪو به وقت ملي ٿو اهو هو ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي جي ڪمن ۽ گذريل وقت جي يادن کي سهيڙي روزاني عوامي آواز ۾ هر هفتي آچر تي لکي رهيو آهي ته جيئن هڪ تاريخ مرتب ٿيندي ۽ ٻيو وري ماڻهن کي ڄاڻ ملندي.
(نوٽ: اڄ سنڌ پبلڪ لائبريري ڀٽائي آباد ۾ سالگره جي حوالي سان پروگرام پڻ ٿي رهيو آهي)

No comments:

راءِ ڏيندا