; سنڌي شخصيتون: ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

28 December, 2018

ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

(تعارف)



سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي ڄائو. سندس جنم جو نالو پريتم هو، پر جيئن ته اڳ ڄاون مان ڪو به بچيو نه ٿي، ان ڪري سندس نالو بدلائي ’ڪوڙو مل‘ رکيو ويو. ننڍپڻ ۾ کيس لکڻ پڙهڻ سان گهڻو چاهه هو. سنڌي ۽ فارسي ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾، آخوند قاضي محمد سليمان جي مڪتب ۾ پڙهيو. بهار دانش ۽ سڪندرنامي تائين فارسي پڙهي چڱو محاورو حاصل ڪري ورتائين. ۱۴ ورهين جي ڄمار ۾ اڪيلو اُٺ جي ۱۲۰ ميل مسافري ڪري حيدرآباد ۾ وڃي انگريزي پڙهيائين، تڏهن اڃا ريل گاڏي چالو ڪانه ٿي هئي.


ديوان ذهين ۽ تيز فهم هو، ان ڪري سنڌ جي تعليمي انسپيڪٽر کيس پهريون شاگرد مترجم (Boy translator) ڪري مقرر ڪيو، جنهن لاءِ کيس ماهوار ۲۵ روپيا وظيفو ملڻ لڳو.

سنڌ مان پهريان ۴ ڄڻا: (۱) ديوان ڏيارام ڄيٺمل، (۲) ديوان چوهڙ مل پنجابي، (۳) ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ (۴) ديوان ڪوڙو مل هئا، جي بمبئيءَ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ويا. انهن چئن اميدوارن مان فقط پهريان ٻه ڄڻا ڪامياب ٿيا. ديوان ڪوڙي مل وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو.

ملازمت: ديوان ڪوڙي مل کي پهرين ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي آفيس ۾ ۳۰ روپيا پگهار تي ڪلارڪي ملي. هن انهيءَ وقت جاميٽريءَ جو پهريون ۽ ٻيو ڪتاب ’اقليدس‘ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. جاميٽريءَ جا هن وقت جيڪي لفظ ۽ اصطلاح موجود آهن، سي سڀ ڪوڙي مل جا متعارف ڪرايل آهن. هن اهي فارسي ڪتابن مان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا.

ڪوڙي مل کي جلد ئي تعليم کاتي ۾ آڻي، پهرين حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ نائب ماستر ۽ پوءِ سکر ۽ حيدرآباد جي نارمل اسڪولن ۾ هيڊماستر، ۱۵۰ روپين پگهار تي مقرر ڪيو ويو، جتان سگهو ئي پوءِ سنڌي ٽرانسليٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو. ان عهدي تي مقرريءَ دوران ڪوڙي مل سنڌي درسي ڪتابن سميت ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا.

اُن وقت ديوان صاحب جي قابليت ڏسي، کيس سکر سِٽي سروي جي ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ هن تسلي بخش ڪم ڪري ڏنو. روينيو ۽ جڊيشيل امتحان پاس ڪرڻ بعد ڪوڙو مل پهرين شڪارپور جو ۽ سگهو ئي پوءِ حيدرآباد جو سٽي مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. سندس هوشياري، منصف مزاجي، بي ريائي ۽ ايمانداريءَ سبب جلد کيس ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ست سال روهڙيءَ ۽ هالا ڊويزنن ۾ ڪم ڪيائين. ديوان صاحب خوشامد ۽ رسائيءَ مان نه ڄاڻندو هو، ان ڪري ڪمشنر آرسڪن جي دؤر ۾ ڪن عملدارن جي ناراضپي سبب کيس روينيو کاتي مان هٽائي، اصلوڪي تعليم کاتي ۾ ٽرانسليٽر ڪري رکيو ويو. جڏهن انڪمبرڊ ايسٽيٽ کاتو کليو ته کيس اسسٽنٽ مئنيجر مقرر ڪيو ويو ۽ سگهو ئي سندس قابليت کي ڏسي ساڳئي کاتي جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ان کاتي ۾ آءِ. سي. ايس عملدار مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ويا ته ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، ديوان ڪوڙي مل سان همصلاحي ٿي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد قائم ڪيو ۽ ان جو پهريون پرنسپال ديوان ڪوڙو مل مقرر ٿيو.

هن تعليم کاتي ۾ جملي ۲۵ ورهيه ملازمت ڪئي. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپاليءَ جي عهدي دوران ديوان صاحب ڪي ورهيه حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ هيلٿ آفيسر ٿي به ڪم ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي صحت جي سڌاري جون رٿون سندس تحرڪ سان منظور ٿيون. سال ۱۸۹۷ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو قهري مهامريءَ (پليگ) جو مرض پکڙيو ته ديوان صاحب حيدرآباد ۾ پليگ آفيسر مقرر هو. ان ڏکئي وقت ۾ ديوان صاحب ماڻهن جي جيڪا سهائتا ڪئي، سا مثالي ۽ تحسين جوڳي هئي. هن پليگ جي بيماريءَ کان بچاءَ لاءِ ’مهامري، تنهن مان ڪهڙي مت سري‘ ڪتاب به لکيو. ۱۸۹۹ع ۾ ديوان صاحب رٽائرمينٽ ورتي. ايمانداريءَ ۽ قابليت سان تعليم جي خدمت ڪرڻ ۽ پليگ وقت ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري سندس ڪارنامي کي مدنظر رکي سرڪار کيس ’راءِ بهادر‘ جو لقب ڏنو ۽ سگهو ئي ۱۱۶۰ ايڪڙ زرعي زمين جا به نالي طور کيس مالڪاڻي تي ڏنا ويا.

پينشن تي لهڻ کان پوءِ ديوان ڪوڙو مل ڪجهه وقت انگريزن لاءِ ڏيهي ٻولين ۾ ممتحن مقرر ٿيو ۽ سگهو ئي پوءِ پئنچاتي سُڌاري جو ڪم هٿ ۾ کڻي ساهتي پرڳڻي جي جدا جدا ڳوٺن ۾ ڦٽل پئنچاتن کي سڌاري گڏائي هڪ وجود ڪيائين ۽ ڪيترا سماجي سڌاري جا ڪم ڪيائين. ڳوٺن ۾ بيهودين رسمن، شادين ۽ ڏيتي ليتيءَ جي اجاين خرچن گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ اول درجي جو هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، جيڪو ڪي. سي. اڪيڊمي (Koro mal Chandan mal Academy) سڏيو ويو. ڇوڪرين جو اسڪول ۽ پبلڪ لائبرري قائم ڪرايائين. سنڌ جي تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽيءَ تي ڪيترا سال رهيو. سنڌ ۽ هند جي ڪيترين تعليمي ۽ ٻين سماج سڌار تنظيمن جو ميمبر رهيو. بمبئيءَ جي گورنر ۱۹۱۶ع ۾ جيڪا تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ سنڌ مان فقط ٽن ڄڻن: ديوان ڪوڙي مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان بولچند ڏيارام کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو، مطلب ته ديوان ڪوڙي مل سماجي، اخلاقي ۽ تعليمي سڌاري لاءِ سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو، ان ڪم ۾ ساڻس ديوان ڏيارام گدو مل به شامل هوندو هو. ديوان ڪوڙو مل شخصي ۽ گهرو گهُرجن کي گهٽائي، غريبن مسڪينن کي تعليم پرائڻ لاءِ مدد ڪندو هو. ۱۹۱۳ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪا انڊين نيشنل سوشل ڪانفرنس ٿي، ان جو يڪراءِ صدر ديوان ڪوڙي مل کي بنايو ويو ۽ اتي انگريزيءَ ۾ ڪيل سندس تقرير يادگار ليکي وڃي ٿي.

ديوان ڪوڙو مل، بنگال جي ڪيشپ چندرسين جي سماجي خدمتن کان متاثر ٿي، ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ جي ساٿ ۾ برهمو سماجي به ٿي رهيو.

ديوان ڪوڙي مل ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ ڀريا ۾ لاڏاڻو ڪيو.

ڪوڙي مل چندن مل جي قلمي پورهئي، ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

(۱) پڪو پهه (زناني تعليم بابت: ۱۸۶۲ع)، (۲) ڪولمبس جي تاريخ (۱۸۶۲ع)، (۳) اقليدس (جاميٽري ڪتاب پهريون)، (۴) اقليدس (ڪتاب ٻيو)، (۵) اقليدس (ڪتاب ٽيون: ۱۸۶۶ع)، (۶) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب چوٿون (۱۸۷۳ع)، (۷) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب پنجون (۱۸۷۴ع)، (۸) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ڇهون (۱۸۷۵ع)، (۹) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ستون (۱۸۷۶ع)، (۱۰) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو پهريون : ۱۸۸۵ع)، (۱۱) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٻيو: ۱۸۸۵ع)، (۱۲) آغاز علم حڪمت (۱۸۸۶ع)، (۱۳) رتـنـاولـي (ناٽڪ: ۱۸۸۸ع)، (۱۴) سنڌي پهاڪا (۱۸۸۸ع)، (۱۵) سنڌي ڳجهارتون (۱۸۸۸ع)، (۱۶) پراڻي شاستر (A Treatise on Biology: ۱۸۹۱ع)، (۱۷) ٻـاراڻـا گـيـت (۱۸۹۱ع)، (۱۸) ٻـاراڻيـون آکاڻيـون (۱۸۹۱ع)، (۱۹) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٽيون: ۱۸۹۲ع)، (۲۰) علم ڪيميا (پروفيسر راسڪر جي ڪتاب تان ورتل: ۱۸۹۲ع)، (۲۱) سئنيٽري پرائيمر، (۲۲) زاهده رابعا بصري، (۲۳) ليکي جو ڪتاب، (۲۴) کيتي (ڀاڱو پهريون: ۱۸۹۷ع)، (۲۵) مهامَري، تنهن مان ڪهڙي مت سَري (۱۸۹۷ع)، (۲۶) سيتلا جي ٽڪن ڏيارڻ بابت (۱۹۸۷ع)، (۲۷) سنگ جو پرسنگ (چهچٽو: ۱۸۹۹ع)، (۲۸) جيوَن اِندري شاستر (حيوانات ۽ نباتات جي بناوت جو علم: ۱۹۰۰ع)، (۲۹) پدارٿ سکيا (۱۹۰۰ع)، (۳۰) کيتي (ڀاڱو ٻيو: ۱۹۰۱ع)، (۳۱) ڦول مالا (۱۹۰۲ع)، (۳۲) آريه ناري چريتر (۱۹۰۵ع)، (۳۳) نؤ سنيهتا (نئون نياپو: ۱۹۰۵ع)، (۳۴) ريوتي (اٿوا آپدا ڪـال ۾ ڌيءَ جـي پــيءُ سـان سهـائـتـا: ۱۹۰۵ع)، (۳۵) هندستان جي تاريخ، (۳۶) قصو مک ۽ ڪوريئڙي جو، (۳۷) ڀڄن مالا، (۳۸) ٻاراڻا ڀڄن ۽ پرارٿنا، (۳۹) سنت جئديو جو جيوَن چريتر (۱۹۰۶ع)، (۴۰) ٽهڪ تي ٽهڪ (ٽوٽڪا ۽ لطيفا: ۱۹۰۶ع)، (۴۱) مهاتمائن جا درشن (۱۹۰۷ع)، (۴۲) راجا رام موهن راءِ جو جيوَن چريتر (۱۹۰۷ع)، (۴۳) ڀلمانسي ۽ پئنچاتون ڇو ڦِٽيون آهن؟ (ٻه مضمون: ۱۹۰۷ع)، (۴۴) ڀڳت جيونيون (۱۹۰۸ع)، (۴۵) سنت نامديوَ جو جيوَن چريتر (۱۹۰۸ع)، (۴۶) ڀڳتن جون ساکيون (۱۹۰۸ع)، (۴۷) چيتن ديوَ جو جيوَن چـريــتـر (۱۹۱۲ع)، (۴۸) راج رشي ڀيشم پتامهه جو جيوَن چريتر (۱۹۱۴ع)، (۴۹) راڌا راڻـي (بنڪـم چـئٽرجيءَ جي بنگالي ڪتاب جو ترجمو: ۱۹۱۴ع)، (۵۰) دادو سنت جو جيوَن چريتر (۱۹۱۴ع)، (۵۱) کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي (بنگاليءَ تان ترجمو: ۱۹۱۵ع)، (۵۲) ٻه منڊيون (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو: ۱۹۱۶ع)، (۵۳) ندورو هار (ٽئگور جي ڀيڻ گهوشال جي ڪتاب جو ترجمو: ۱۹۱۶ع)، (۵۴) انديرا آکاڻي (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، (۵۵) چندر مکي (ناول: ۱۹۱۸ع)، (۵۶) هري درشن (ديوندرناٿ ٽئگور جون روحاني سمجهاڻيون: ۱۹۳۰ع)، (۵۷) روهني (ناول: ۱۹۱۵ع ۾ لکيل، ڇپيل: ۱۹۳۷ع)، (۵۸) مهاتما پون آهاري بابا (۱۹۱۵ع ۾ لکيل، ڇپيل: ۱۹۳۷ع).

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)


 

ديوان ڪوڙومل

(سنڌي مضمون نويسيءَ جو ابو)

ممتاز مھر

دنيا جي هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ٻين صنفن جيان مضمون نويسي يا انشائيہ نگاري پڻ تمام اهم صنف سمجهي ويندي آهي. ڪنهن خاص موضوع، مسئلي يا ڪنهن شخصيت يا ساروڻيءَ بابت دلچسپ پر اختصار سان لکيل مضمون کي (Personal Essay) پڻ چئي سگهجي ٿو. ان قسم جي مضمون ۾ خواه مخواه ڪي ڊگھا حوال يا ڳالهه ڪا نه ڪئي ويندي آهي، يا پنهنجي ڳالهه يا موقف کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن مٿان دليل ڪو نه ڏنا ويندا آهن، بلڪ سڌي سنئين نموني ۾، سادگي ۽ پنهنجائپ واري انداز ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ انداز جي مضمون نويسي يا انشائيه نگاري جي شروعات سڀني کان اڳ ۾ فرانس ۾ مونتين (Montaigne) ڪئي. عالمي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو ابو مونتين کي سمجهيو ويندو آهي. فرانسيسي ادب ۾ مونتين کان پوءِ انهيءَ صنف ۾ ٻيو درجو سانبو (Sainte-Beuve) کي مليو.

انگريزي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو ابو فرانسس بيڪن (Francis Bacon) کي چيو ويندو آهي. فرانسس بيڪن پنهنجي وقت جو هڪ مشهور دانشور ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس مضمونن جو پهريون ننڍڙو مجموعو عيسوي سن ۱۵۹۷ع ۾ پڌرو ٿيو. عيسوي سن ۱۶۲۵ع ۾ سندس مضمونن جو وڏو مجموعو پڌرو ٿيو. مرزا قليچ بيگ بيڪن جي مشهور انگريزي ڪتاب ‘Bacon’s Essays’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’مقالات الحڪمت‘ جي سري سان ڪيو. مرزا قليچ بيگ انگريزي ڪتابن مان چونڊيل مضمونن جو هڪ ٻيو ڪتاب ’جواهر الانسان‘ جي سري سان ڪيو، جيڪو سال ۱۹۲۶ع ۾ حيدرآباد سنڌ جي بلئوٽسڪي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو.

مختصر ۽ داخلي انداز ۾ لکيل مضمون نگاري يا انشائيه نگاريءَ جي صنف ۾ خاص طور انگريزي ٻوليءَ ۾ اوائلي دور جا ٻيا اهم مضمون نويس هي آهن: بين جانسن (Ben Jonson)، جان ڊرائيڊن (Jhon Dryden) رچرڊ اسٽيل (Richard Steele)، ابراهام ڪائولي (Aboraham Cowley)، جوزف ايڊيسن (Joseph Addison) سيموئل جانسن (Samuel Johnson) ۽ ايڊمنڊ برڪ(Edmund Burke). مٿيان سڀ مضمون نويس، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي دور جا هئا. اڻويهين صديءَ ۾ ڪالرج (Coleridge)، جيڪو انگريزي شاعرن ۾ پڻ مٿانهون درجو رکي ٿو، ڊي ڪئنسي ((De-Quincey، هئزلٽ (Hazlitt) ۽ سڀني کان اعليٰ مضمون نويس چارلس لئمب (Charles Lamb). مٿيان سڀ ليکڪ انگريزي مضمون نويسيءَ جي سونهري دور سان تعلق رکن ٿا. انگريزي توڙي ٻين مغربي ٻولين ۾ ان مخصوص طرز جي مضمون نويسيءَ جو فن اڃا تائين رائج آهي، جنهن ۾ وڏن وڏن اديبن طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ڪندا رهن ٿا.

سنڌيءَ ۾ جديد نثر جو ابو مرزا قليچ بيگ کي چيو ويندو آهي، جنهن اٽڪل ۳۰۰ ڪتاب سنڌي نثر ۾ لکيا. انھن ڪتابن مان گھڻا ڪتاب سڌو سنئون ترجمو ڪيل هئا، ڪجهه ڪتاب مرزا صاحب پاڻ لکيا هئا. جن ۾ ناول ’زينت‘ پڻ اچي وڃي ٿو. ڪجهه ڪتاب مرزا صاحب اهڙا به لکيا جن جا مرڪزي خيال ٻين ٻولين جي ڪتابن مان کنيل هئا ۽ انهن کي سنڌي روپ ۽ رنگ ڏنو ويو هو.

سال ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي؛ تڏهن پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ کي باقاعدگيءَ سان وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو. عالمن جي مدد سان هاڻوڪي ۵۲-حرفي عربي سنڌي آئيويٽا ٺهي. سنڌيءَ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ جي مقصد لاءِ نصابي ڪتاب تيار ڪرايا ويا، جنهن ڪم ۾ انگريزن عالمن سميت سنڌي مسلمان توڙي هندو عالمن گرم جوشيءَ سان حصو ورتو. سنڌ ۾ پهريون دفعو انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ سرڪاري لکپڙھ ۽ ٻيو دفتري ڪم ٿيڻ لڳو. انگريزين جو اسان سنڌواسين تي اهو وڏو احسان آهي، جو انهن نه فقط خود سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي وٺائڻ ۾ دلچسپي ورتي پر مڪاني عالمن ۾ پڻ ان ڏس ۾ اُتساهه پيدا ڪيو. انهن ئي عالمن جي شروع ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ موجوده جديد سنڌي ساهت جو وڪاس ۽ واڌارو ٿيو آهي.

سال ۱۸۴۳ع کان پوءِ جديد سنڌي ادب جي اوائلي دور ۾ ادب جي مڙني صنفن ۾ ڪم ٿيڻ لڳو، جن ۾ مضون نويسيءَ جي صنف پڻ شامل هئي. سنڌيءَ ۾ ادبي مضمون نويسيءَ جي شروعات ديوان ڪوڙومل، چندنمل کلڻاڻي (جنم ۵ آڪٽومبر ۱۸۴۴ع ۽ وفات ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۶ع) ڪئي.

سنڌي نثر جي حوالي سان اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ مڪاني حاڪمن جي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي، جيڪا عوام جي ٻولي هئي، ڪا وقعت ڪا نه هئي. دفتري يا لکپڙھ جي زبان، فارسي ھئي. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ، فارسيءَ جو سرڪاري سطح تي واهپو آهسته آهسته ختم ٿيڻ لڳو ۽ سنڌي ٻولي آهستي آهستي پنهنجي علمي ۽ ادبي وجود کي قبولِ عام ڪرائڻ لڳي.

سنڌي گرامر جا ڪتاب پهريون دفعو ٺاهيا ويا. ڪي ڊڪشنريون پڻ تيار ڪيون ويون ۽ انهيءَ جي باوجود جو سنڌي ٻولي هر لحاظ کان هڪ مالامال زبان هئي، جنهن جو ثبوت شاهه عبداللطيف توڙي ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام مان ملي ٿو. لوڪ گيتن، چوڻين ۽ پهاڪن مان ملي ٿو. پر اوائلي نثر نويسن کي سنڌيءَ مان سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو طبع آزمائي ڪرڻ دوران، خاص طور انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمن ڪرڻ دوران، ٻوليءَ ۾ سلاست پيدا ڪرڻ لاءِ، خيال جي رواني پيدا ڪرڻ لاءِ، موزون لفظن ۽ محاورن جي چونڊ ڪرڻ دوران وقتي دقت سندن ليکن مان نظر اچي ٿي. پر جيئن جيئن سنڌيءَ ۾ لکڻ جو واهپو وڌندو ويو ۽ خيالن ۽ ويچارن کي پيش ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ مختلف لفظ ۽ محاورا استعمال ٿيڻ لڳا ۽ خاص طور ليکڪن کي ڇاپي ۾ آيل لوڪ شاعريءَ مان جيڪا اظهار جي مدد ملي، تڏهن سنڌي نثر ۾ خيالن جو اظهار وڌيڪ موزون نموني ۾ ٿيڻ لڳو. اوائلي دور جي انهن دقتن کي جڏهن نظر ۾ رکجي ٿو ۽ ساڳي وقت انهيءَ دور جي ڪن ليکڪن جي نثر نويسيءَ کي پڙهجي ٿو، تڏهن سندن ٻوليءَ جي سلاست، سادگي ۽ نفاست کي ڏسي کين ساراهڻ بنان رهي نه ٿو سگھجي. اھڙن اوائلي سنڌي نثر نويسن ۾ ھڪ لائق ۽ پرسڌ نالو ديوان ڪوڙي مل جو آهي.

ان ڏس ۾ پروفيسر لالسنگھه اجواڻي لکي ٿو: ’ديوان ڪوڙومل جو زمانو اُهو اوائلي زمانو هو، جڏهن انگريزن سنڌ تازي فتح ڪئي هئي ۽ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ڪا وقعت ڪا نه هئي، زور هو ته انگريزيءَ جو يا ته فارسيءَ جو؛ جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان لکپڙهه ڪندا هئا ۽ طبح آزمائي ڪندا هئا. پر ٽالپرن جي راڄ پوري ٿيڻ سان، سنڌيءَ جو ڪجهه ڪجهه قدر ٿيڻ لڳو ۽ سنڌي نثر جو بنياد اسڪولي ڪتابن پڙهڻ ۽ پاڙهڻ دوران پيو. اسڪولي درسي ڪتابن ۾ جي سنڌي سبق هئا سي اڪثري ترجما هئا، انگريزيءَ مان ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نئين رچنا هئا. گهڻا ورهه اڳي اهي اوائلي ڪتاب مون هارورڊ صاحب جي انگريزي درسي ڪتابن سان ويهي ڀيٽيا هئا ۽ مون کي گهڻا هارورڊ صاحب جي ليکن جا ترجما ڏسڻ ۾ آيا. انھن ترجمن ۾ گھڻا ۽ برک ترجما ديوان ڪوڙيمل جي قلم مان هئا ۽ اُنهن جي پڙهڻ مان ڀليءَ ڀت پڌرو ٿو ٿئي ته ديوان صاحب گهڻا ڪشالا ڪري مشق پچائي هئي. ترجمن ۾ نج سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح اهڙا ته سهڻا ۽ سڀاويڪ جڙيل آهن، جو اصليت جي بوءِ پيئي اچي. مان نه ٿو سمجهان ته انهيءَ کان پوءِ ڪي گهڻا ترجما ٿيا آهن، جي اصليت جي درجي کي رسي سگهن.‘ (۱)

ديوان ڪوڙيمل جو پهريون اصلوڪو ڪتاب ’پڪو پھ‘ پهريون دفعو سن ۱۸۶۲ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ چوٿون ڇاپو سال ۱۸۹۰ع ۾ ڇپيو. هيءُ سنڌيءَ جي اوائلي مشهور نثري ڪتابن منجهان هڪ آهي، جيڪو زناني تعليم جي فائدن بابت سٺي ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. انهيءَ ننڍڙي ڪتاب بابت پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو:

ديوان ڪوڙيمل جي ’پڪو پهه‘ (۱۸۶۲ع ڌاري) ۾، هن سنڌي نثر جي هڪ ٿنڀي، زناني تعليم جي مسئلي بابت وزنائتا دليل ڏنا هئا ۽ جنهنجي عبارت به نجي ۽ سليس ڪتب آندل هئي، توڙي جهوني زماني جي دستور موجب منجهس بيهڪ جون نشانيون ڏنل ڪو نه هيون ۽ وڏي دم بدران به ليڪ (-) ڏنل هئي.“ (۲) ............ ”پر ديوان ڪوڙيمل جي ’پڪو پھ‘ ۾ جدا جدا وشين تي مختصر مضمون ڪو نه هئا، جو مضمون نويسيءَ جو مکيه نمونو آهي، ليڪن هيءُ هڪڙي ئي مسئلي تي مڪمل مقالو هو، جو به مضمون نويسيءَ جو ٻيو نمونو آهي.“ (۳).

ڪتاب ’پڪو پھ‘ ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ جي سلاست ۽ خيالن جي بلنديءَ جو اندازو هن ٽُڪرن مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو:

”جنهن ڏيھ جا ماڻهو، زالن کي ٻانِهنِ واگر سمجهي، اُنهن سان مِرُن وانگر هلندا آهن، اُتي جا مرد به جهنگلي حالت ۾ آهن، وري جنهن ڏيهه جا ماڻهو زالن کي هروڀرو حيوانن جهڙو نه ٿا سمجهن، پر ايترو ڄاڻن ٿا ته هُو فقط گهر جي ڪم ڪاج ۽ حيواني خوشي ڀوڳڻ لاءِ پيدا ٿيون آهن، اُتي جا ماڻهو به جي نپٽ جهنگلي نه آهن ته اڄاڻ ۽ نيچ درجي ۾ ته آهن ئي آهن. اهڙا ماڻهو ٻين جي ٻانهپ ۾ گذارين ٿا ۽ آزادگيءَ جي خبر ئي نه اٿن ۽ بي علميت ڪري پنهنجون حالتون سڌارڻ جي طاقت ڪانهين. ٽيان ماڻهو وري زالن کي مددگار ۽ پاڻ جهڙو سمجهي انهن سان اهڙي ريت هلندا آهن؛ اُهي ماڻهو اڪثر سڌريل، تونگر ۽ آزاد ٿي آسودگيءَ ۾ گذارين ٿا.“ (۴) سوا سؤ سال اڳ ديوان، عورتن ۽ مردن جي برابريءَ بابت اهڙا ويچار پيش ڪري گهڻي روشن خياليءَ جو ثبوت ڏنو آهي.

پروفيسر لالسنگھ اجواڻيءَ جي تحقيق موجب ديوان ڪوڙيمل نصابي توڙي غير نصابي ۽ اصلوڪا توڙي ترجمو ڪيل اٽڪل ۴۳ ننڍا وڏا ڪتاب لکي پڌرا ڪيا. ديوان ڪوڙيمل جو هڪ ٻيو تمام اهم ڪارنامو ’ساميءَ جا سلوڪ‘ گڏ ڪري ڇپرائڻ آهن. سندس محنت سان تيار ٿيل ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون سن ۱۸۸۵ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، ۽ ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڀاڱو ٽيون ۱۸۹۲ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ديوان ڪوڙيمل جي انهي علمي ۽ ادبي ڪارنامي بابت پروفيسر لالسنگھ اجواڻي لکي ٿو:

”پر فرض ڪريو ته ديوان ڪوڙيمل، پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ به پستڪ ترجمو نه ڪري ها ته به سندس نالو سنڌي ساهتيه ۾ امر رهي ھا، ڇاڪاڻ جو ديوان صاحب ئي هو جنهن ’ساميءَ جا سلوڪ‘ گمناميءَ مان ڪڍي پرسڌ ڪيا. ڪنهن به ديس ۾ هيءَ شيوا وڏي ۾ وڏي ليکي ويندي آھي، ۽ منھنجي يادگيريءَ ۾ اهڙي شيوا ٻئي ڪنهن سنڌيءَ اڃا ڪا نه ڪري ڏيکاري آهي. شاهه يا سچل يا ڪنهن ٻئي برک سنڌي شاعر جي شعر کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪنهن به هڪ سنڌيءَ جو هٿ نه رهيو آهي، پر ساميءَ جي سلوڪن کي گڏ ڪرڻ، شڌ اُچار ڪري ڇپائڻ، ساميءَ جو احوال ڏيڻ، ۽ وڏي ۾ وڏي ڳالهه ته انهيءَ سمي جي وڏي تجلي واري نثرڪار (ديوان ڏيارام گدومل) کان ساميءَ جي سلوڪن جو تات پرج لکائڻ.......... هي سڀ گڏجي هڪ اهڙو ڪاريه يا يگيه بڻيو- ۽ هڪڙي ئي ماڻهوءَ هٿان جو سنڌي ساهتيه جي اتهاس ۾ شاندار يادگار رهندو. انهن سلوڪن مان چونڊ ٽڪر درسي ڪتابن ۾ درج ڪرائي ديوان ڪوڙيمل ساميءَ جو نالو گهر گهر ۾ پرچار ڪرايو ۽ ڄاڻ ڪرائي ته سنڌي مسلمان صوفي شاعر يا سنڌي هندو ويندانتي ڪوي ٻئي هڪ ئي لات لنوي رهيا آهن.“ (۵).

ديوان ڪوڙومل ڀرين جي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ سندس ديهانت به ڀرين جي ڳوٺ ۾ ٿيو. هُن نوڪريءَ جو وڏو وقت تعليم کاتي ۾ گذاريو. ان کان سواءِ جڊيشل امتحان پاس ڪرڻ بعد سٽي مئجسٽريٽ ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدن تي به رهيو. نوڪريءَ دوران ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڻ رهيو. نوڪريءَ دوران ٻيهر تعليم کاتي ۾ آيو ۽ آخر ۾ سکر جي نارمل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي، بعد ۾ رٽائر ٿيو ۽ آخري وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريائين، جتي هُن ڇوڪرين جو اسڪول به کولرايو هو. ديوان صاحب ٻين ٻولين سان گڏ فارسي زبان ۾ به ڀڙ هو. جيڪا هُن ننڍي هوندي هڪ خانگي مڪتب ۾ آخوند سليمان کان سکي هئي. ”سنڌ جي تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽيءَ تي ڪيترا ورهيه رهي، ججهو ۽ عمدو ڪم ڪيو.............. بمبئي جي گورنر لارڊ ولنگڊن پوني ۾ ۱۹۱۶ع ۾ جيڪا تعليمي ڪانفرنس سڏائي هئي، تنهن ۾ سنڌ مان فقط ٽن ڄڻن؛ ديوان صاحب، مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان بولچند ڏيارام کي خاص ڪوٺ ٿي هئي.“ (۶)

ديوان ڪوڙومل هڪ وڏي عالم ۽ تعليم دان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو سماج سڌارڪ پڻ هو. سنڌ ۾ زناني تعليم کي زور وٺائڻ ۾ هن وڏي ڪوشش ڪئي. حيدرآباد ۾ جڏهن پليگ جو مرض پکڙيو، تڏهن ديوان صاحب پليگ آفيسر ۽ شيواڌاريءَ جي حيثيت ۾ وڏو ڪم سر انجام ڏنو. سندس سماجي خدمت جي سلسلي ۾ سرڪار کيس ”راءِ بهادر“ جو خطاب ڏنو ۽ ڪافي زرعي زمين مالڪاڻي طور عطا ڪئي.

سنڌي نثر جي عمر ڪا وڏي ڪانهي، وڌ ۾ وڌ سوا سو سال، البت اسان جي شاعري گهڻي آڳاٽي ۽ ڪافي شاهوڪار آهي. سنڌي مضمون نويسي جي صنف کي بعد ۾ وڏي وسعت ملي. انهيءَ جو دائرو شخصي ۽ داخلي موضوعن کان وڌي تنقيدي مضمونن ۽ تحقيقي مقالن تائين پهتو. هاڻي ته صحافتي ادب جي واڌاري سبب هر قسم جي موضوع تي مضمون ۽ مقالا لکيا ٿا وڃن. علم ۽ معلومات جو دائرو هاڻي تمام گھڻو وڌيو آھي. ڇپائيءَ جون سهوليتون بھتر کان بهتر ٿينديون پيون وڃن. اخبارون ۽ رسالا عام ٿي ويا آهن. ماڻهن جي تعليم وڌي آهي. تنهنڪري پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق به اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيو آهي. ادب جي ڪن صنفن ۾ وڌيڪ ڪم ٿيو آهي ته ڪن ۾ تمام گهٽ. مثال طور سنڌي ناول نويسي گهڻي ترقي ڪري ڪا نه سگهي آهي. معياري ڊرامن ۽ ادبي تنقيد جي اڃا کوٽ آهي. سنڌي ڪهاڻي پڻ واجبي ترقي ڪئي آهي. پر ايتري نه جيتري ان کي ڪرڻ گهرجي. ٻين ادبي صنفن جي ڀيٽ ۾ شاعري گهڻي ٿي ڪئي وڃي. شاعرن ۾ وڏا وڏا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. پر سوال آهي ته جديد شاعري ايترو ترقي ڪري سگهي آهي، جيتري اسان جي ڪلاسيڪي شاعري؟ شاعري جيڪا اسان جي صوفي شاعرن ڪئي آهي، تنهن ۾ جيڪا خيالن ۽ جذبي جي گهرائي آهي سا جديد شاعريءَ ۾ گهٽ آهي. ٻنهين ۾ فرق هيءُ آهي ته صوفي شاعر وجداني ڪيفيتن کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته جديد شاعر فقط پنهنجي محدود خارجي معلومات تي ڀاڙي ٿو. ادب جيڪڏهن پڙهندڙن ۾ انسان جي شناس پيدا ڪري ٿو، جيڪا وصف صوفي شاعري آهي، ته پوءِ هڪ اعليٰ ڪارج سرانجام ڏئي ٿو.

اڄ جا گھڻيئي اديب ۽ شاعر، پنهنجي نالي ۾ نهال آهن. رڳو ’مان............ مان‘ لڳي پئي آهي ۽ ڪو چوڻ پڇڻ وارو ئي ڪونهي. بي ريا تنقيد جي جيتري اڄ ضرورت آهي، ايتري اڳي ڪا نه هئي. ڇاڪاڻ ته اڳي جا اديب خود نمائيءَ جو شڪار ڪو نه هئا، جنهن ڪري انهن جي لکڻين ۾ هاڻي به ڪشش محسوس ڪئي وڃي ٿي.

شخصي، داخلي، مختصر مضمون نويسي سنڌي ادب جي هڪ مقبول صنف رهي آهي، جنهن کي ٻين ڪيترن مضمون نويسن ترقي ڏياري، جن ۾ خاص طرح پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ملڪاڻي، ليکراج ڪشنچند عزيز، تيرٿ بسنت، سيد ميران محمد شاهه، فتح محمد سيوهاڻي، لالسنگھه اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، علي احمد بروهي، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ گرداس واڌواڻي شامل آهن. سنڌي نثر جي ابي مرزا قليچ بيگ ته سنڌي نثر جي هر صنف توڙي شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو آهي. پُر تاثير ۽ دلچسپ نثر نويسيءَ ۾ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جا نالا نه ڳڻائڻ وڏي بي انصافي ٿيندي. منهنجي خيال ۾ سندن يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ۽ ’ھو ڏوٿي ھو ڏينهن‘ سنڌي ادب جا ‘masterpieces’ سمجهڻ گهرجن.

 

حوالا

(1)            ساهتڪ پشپ (ديوان ڪوڙيمل جون چونڊ لکڻيون) تيار ڪندڙ: منوهرداس ڪوڙومل، ساهيته اڪاديمي، نئين دهلي، ۱۹۶۰ع، ص ۵-۴

(2)           سنڌي نثر جي تاريخ، منگھارام ملڪاڻي، بمبئي، ص ۲۱۴-۲۱۵

(3)            سنڌي نثر جي تاريخ، ص ۲۱۶-۲۱۵

(4)           ساهتڪ پشپ، ص ۲۶-۲۵

(5)            ساهتڪ پشپ، ص ۷-۶

(6)            ساهتڪ پشپ، ص ۴

 

(ماھوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۶، شمارو ۷، رجب ۱۴۱۳ھ/ جنوري ۱۹۹۳ع، صفحو ۴۱ کان صفحو ۴۴ تائين تان ٿورن سان کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا