; سنڌي شخصيتون: فهميده شرف بلوچ - استاد لغاري

07 December, 2018

فهميده شرف بلوچ - استاد لغاري


فهميده شرف بلوچ
شخصيت ۽ شاعري
استاد لغاري
سنڌي ٻوليءَ جِي سگھارِي شاعره، محترمه فهميده شرف بلوچ بنت شرف الدين ذات جاگيراڻي، ۰۷ اپريل ۱۹۸۰ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جاب ڪري رهي آهي. سندس شاعريءَ جو رنگين ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي. اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، آئون ڪجھ ماڻڪ ۽ موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. 
”ايءُ گتِ غواصَنِ، جِئن سَمُونڊَر سُوجھِيائُون.“


انساني تحريرون، هڪ اهڙو سچو ۽ سهڻو آئينو هونديون آهن، جن مان ٻين انسانن کي پڙهي، پروڙي ۽ پرکي سگھبو آهي. انسان پنهنجي پاڻ کي ڪيترو به لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، پر جڏهن ان جي ٻوليءَ، لکت ۾ سامهون ايندي آهي، ته ماڻهوءَ جو اندر، صاف شفاف ڏسڻ ۾ اچي ويندو آهي. اهڙو ئي حال گھڻو ڪري شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جو هوندو آهي. سڄو ڏينهن مُک تي مُرڪون سجايو پيا هلندا، محفلن جا مور ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا ٿيو پيا ڦرندا، پر جڏهن انهن جي لکڻين جو ليکو چوکو ڪبو، شاعري، ڪهاڻي، مضمون، مقالو، يادگيريءَ، آتم ڪهاڻي توڙي ڪنهن ڪتاب کي پڙهبو، ته ان جو اندر، پاڻهي ئي پسجي پوندو. هندي ٻوليءَ جي ڪنهن شاعر چيو آهي، ته:
ڀريا تو ڇُولي نهين، ڇُولي تو آڌا،
مُورک تو ٻولي نهين، ٻولي تو لاڌا.
يعني: “پاڻيءَ جو گھڙو، ڀريل هوندو ته ڇُلڪندو ڪو نه. اگر ڇُلڪندڙ هوندو، ته اهو اڌ ڀريل هوندو. ماڻهو ڳالهائيندو ئي ڪو نه، ته خبر ئي ڪو نه پوندي، (ته هن جي من ۾ ڇا آهي؟) اگر ڳالهائيندو، ته ان جي اندر جو راز لڀي پوندو”.
تخليقي ادب، سماج ۾ جيڪا مڃتا ماڻي ٿو، اها مڃتا شايد ترجماتي يا ترتيبي ادب نٿو ماڻي سگھي. تخليقي ادب ۾، شاعري، ڪهاڻي، آتم ڪهاڻي، افسانو، يادگيريءَ ۽ شرح وغيره اچي وڃن ٿا. مضمون، مقالي، تحقيق ۽ سفر نامي کي به سگھاري صنف چئي سگھجي ٿو، ليڪن اهي صنفون ٻين مختلف موضوعن ۽ صنفن جي سهاري جون محتاج ٿينديون آهن. تخليقڪار جڏهن به قلم کڻي ٿو، ته هو پنهنجي اندر جي ذاتي اُڌمن ۽ آدرشن جي اُپٽار ڪري ٿو. اُهي اُڌما، آدرشون ۽ جذبا اُن جا پنهنجا داخلي هوندا آهن. يعني ٻين کان اُڌارا ورتل نه هوندا آهن. محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه جي شاعري، سندس تخليقي جذبن، خيالن، آدرشن ۽ اُمنگن جي تاريخ آهي. هو سماج ۾ ڇا ٿي ڏسي؟ سماج هن کي ڪيئن ٿو ڏسي؟ هو سماج کي ڪيئن ٿي ڏسڻ چاهي؟ ۽ سماج هن کي ڪيئن ٿو ڏسڻ چاهي؟ اهو سڀ ڪجھ، سندس ئي ڪتاب “اُماس راتيون اُداس رستا” جي مطالعي مان معلوم ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي،“منهنجي شاعريءَ جو سفر، منهنجي زندگيءَ وانگر، ڏکن ۽ ڏوجھرن جو، هڪ نه کٽندڙ سفر آهي. جيڪو پڻ زندگيءَ وانگر ايذائيندڙ ۽ ڪٺن آهي. لکڻ لاءِ مون کي تمام گھڻيون قربانيون ڏيڻيون پيون آهن. هزار مخالفتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. زهر ۾ ٻڏل، ترار جهڙا تيز ۽ تير جهڙا تکا لفظ، منهنجيءَ دل کي ڦٽيندا رهيا آهن. ان ڏکيي سفر ۾، امڙ، ڏاڏي ۽ بابا سائين مون کي همٿايو. وقتي طور پير ٿڪا ضرور، پر رُڪيا هرگز ڪو نه. ڏکن هميشه منهنجو حوصلو وڌايو”. ڀٽائيءَ رحه جي هن بيت وانگر، ته؛
ڏيکاريوسِ ڏُکنِ، گُوندرِ گس پِريَنِ جو،
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سِين.
هي ڪتاب، جنهن لئي تعارفي ٻه اکر، محترم نصير مرزا صاحب، محترم آثم ناٿن شاهي صاحب، محترم عاشق نظاماڻي صاحب ۽ سندس پياري امڙ محترمه عجيبان بلوچ صاحبه جن لکيا آهن ته وري ان جو طويل مهاڳ، محترم ايوب کوسو صاحب جن لکيو آهي. محترم ساجد سنڌي صاحب جا به وڏا وڙ، جنهن هن ڪتاب کي انتهائيءَ شاندار نموني سان شايع ڪري، پنهنجي علمي ۽ ادبي ذوق جو ثبوت ڏنو آهي.
مون کي هن ڪتاب ۾، جيڪا ڳالھ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري رهي آهي، اها هيءَ آهي، ته محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه، بلڪل مون وانگر، هوبهو مون وانگر ۽ اصل صفا مون وانگر، هن سماج جي روين جي ڏنگيل، ڏنڀيل، ڏاڙهيل، ڏرڙيل ۽ ڪَرڙيل انسان آهي.
”مُٺ مُٺ سُورَ سَڀَ ڪَهِين، پَر مُون وَٽِ وَٿاڻان.
سندس شاعريءَ جي رنگين ڪتاب، “اُماس راتيون اُداس رستا” تي جڏهن هٿ رکان ٿو، ته هن ڪتاب ۾ محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه جِي، دردن سان آزاريل دل، مون کي ڌڙڪندي محسوس ٿئي ٿي. هو هڪ هنڌ لکي ٿي، “مون کي پنهنجي شاعريءَ جي عشق لاءِ، هزارين تڪليفون سهڻيون پيون. اسان جي سماج جو اهو الميو رهيو آهي، ته دل ڏکائڻ جو ڪو به وار خالي نه ڇڏيو ويندو آهي. جتي وارو مليو، پورو پورو حساب ڪتاب ورتو ويندو آهي. ماڻهو دشمنيءَ کي، اولاد وانگر پالي وڏو ڪندا آهن ۽ پنهنجيون زندگيون ان پويان وڃائي ڇڏيندا آهن، پوءِ به دل کي سڪون ڪو نه ملندو اٿن”.
مون پنهنجي ڪتاب “شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر” جي ارپنا ۾ لکيو آهي: “ڪيڪَرِي ڪَنڊن، ڪوڪن جي نوڪن ۽ ڪِرچون ڪِرچون شيشن جي نالي. جن تي اُگھاڙين پيرين ادبي سفر ڪندي، مون پوئتي مُڙي، اهو ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو آهي، ته منهنجن پيرن مان ڪيترو ناحق خون وُڙهو آهي؟ پر ماڻهو آهن، جيڪي منهنجن ادبي راهن ۽ رستن تي، ڪُلفت جا ڪنڊا، ڪدورت جا ڪوڪا ۽ شيطانيت جا شيشا، مسلسل اُڇلائيندا ٿا اچن ۽ آئون آهيان، جيڪو اڃان تائين اُهي لتاڙيندو، رت ورتو ٿيندو ۽ مسلسل نوان نوان ڪتاب لکندو ٿو اچان”.
ساڳي وانگر محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه لکي ٿي، ته “منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو ڏک اهو به آهي، ته پنهنجي رت جي رشتن، هميشه اسان جو رت وهايو آهي. اسان جي غربت جو اهڙو تماشو بڻايو، جنهن جي اذيت مون کي مرڻ گھڙيءَ تائين ياد رهندي. زخمن مٿان ٻيا زخم ڏيئي، پوءِ لپُون ڀري، لُوڻ هاريندا رهيا. بابا جي وفات کان پوءِ خبر پيئي، ته يتيميءَ جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ زندگيءَ جي تتل اُس ڪيئن ساڙيندي آهي؟ پنهنجن جا هٿ، پٿر وسائي، رتورت ڪندا رهيا. دل ٽُٽندي رهي، اکيون ٽِمنديون رهيون ۽ هُو کلندا رهيا”.
دنيا جا سمورا درد، هڪڙيئي گھر جا ڀاتي هوندا آهن. جيئن محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه ۽ اسان جو درد، هوبهو هڪ جهڙو معلوم ٿئي ٿو. مون کي به ڪي ڪُويساها ڪاپڙي، ادبي گسن ۾ گڏيا. هڪڙي هٿ ۾ تلوار، ٻئي ۾ تير، ٽئين ۾ باھ ۽ چوٿين هٿ ۾ چاقُو. شيخ اياز چيو هو: “آئون اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ”. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو نالو استعمال ڪري، اَجائي الزامن، اَڻ ڏٺين عداوتن، بي گناھ بُغضن، تتل تنگ نظرين، تِرڇِين تنقيدن، سَکڻين ساڙن، غلط روين، مُنڌل مُنافقين ۽ ناحق نفرتن جي، جيڪا پوک انهن پوکي، اُهي هاڻِ اُها لُڻندا. البت انهن جي لکيل لفظن جي ڪَوڙاڻ ۽ ظالمانه زهر، اسان کي ڏَنڀي، ڏَنگي، ڏاڙهي، ڏَرڙي ۽ ڪَرڙي، ڪُندن بنائي ڇڏيو آهي.
ڀَلِي ڪَري ٿِيومِ، هيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سِين،
وَڃِي ڪيچُ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.
محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه جي، هن شاعريءَ واري ڪتاب ۾، غزل، وايون، گيت، بيت، ترائيل، ڏيڍ سٽا، نظم، آزاد نظم ۽ چَوسٽا شامل آهن. جيڪي انساني اُمنگن، آدرشن، مُحبتن، نفرتن ۽ اذيتن جا اُهڃاڻ معلوم ٿين ٿا. “شوخ چنچل زندگي خاموش آ، درد جي هر انتها ڀوڳيون پيا. من کي ڪاٿي ٿو ملي هاڻي سُڪون؟ اذيتون بي ساختا ڀوڳيون پيا”. ڪتاب “اُماس راتيون اُداس رستا” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته “هڪ سُهڻي آهي، جيڪا سماج جي، سُورن جِي سِير ۾، گھاگھائي گھڙي پيئي آهي. جنهن جي ڄنگھ ڄرڪي وات ۾ ۽ سِسِيءَ کي، سُورن جا سوين سَو سَينسار چنبڙيل آهن. لکين چُهٽيس لوهڙيون، ٿيليون ٿڻنيون ڌار، مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي”. پر انهيءَ سُورائتي سُهڻيءَ جو اٽل ارادو ته ڏسو؛
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪَپَرا،
جَنِ کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ،
جَنِي عشقَ اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀائِينِ وِکَڙِي.
(ڊيلي سنڌ ڌرتي، اڱارو ۴ ڊسمبر ۲۰۱۸ ع جي ٿورن سان)


No comments:

راءِ ڏيندا