فهميده شرف بلوچ
شخصيت ۽ شاعري
استاد لغاري
سنڌي ٻوليءَ جِي
سگھارِي شاعره، محترمه فهميده شرف بلوچ بنت شرف الدين ذات جاگيراڻي، ۰۷ اپريل ۱۹۸۰ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم
ورتو. ايم اي سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جاب ڪري رهي آهي. سندس
شاعريءَ جو رنگين ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي.
اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، آئون ڪجھ ماڻڪ ۽ موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
”ايءُ گتِ غواصَنِ، جِئن سَمُونڊَر سُوجھِيائُون.“
