; سنڌي شخصيتون: ربنواز هنڱورو، استاد لغاري،
Showing posts with label ربنواز هنڱورو، استاد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ربنواز هنڱورو، استاد لغاري،. Show all posts

07 December, 2018

ربنواز هنڱورو - استاد لغاري


ربنواز هنڱورو
قسمت واڳون ڇڪيون - ٻه ڊسمبر تي - ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان.
استاد لغاري
نڙ سِڪ ۽ سَوز جو ساز آهي. ڪتاب “نڙ جا بيت” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “بيبي زليخان، حضرت يوسف کي سِڪ مان ساريندي وضو ڪندي هئي، جو انهيءَ پاڻيءَ مان ڪنگور جو ٻُوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ ٺهيو”. ڀٽائيءَ صاحب فرمايو آهي؛
”وَڍيل ٿِي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري.“
۽
”اَچِي ڦُٽِي اوچتِي، دَرد پِريان جِي دانهن.“