ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي
ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي.
انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا
حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا
آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان
جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽
معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي
امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾
هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي
دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي
به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس
ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن
به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶
آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي
دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ
کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ
وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو.
الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽
خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب
نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف
لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب
مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها
ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون
وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي
ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ
هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي
شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو
حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن
روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به
ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش
اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي
شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان
پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي
پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو
ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ
جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي
قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي
ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون
آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا
هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو
هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق
جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.
