شاهه محمد پيرزادو
سُونهن جي سئو صورتن جو شاعر
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا
۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن
جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي!
شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي. پر هي اهو گلاب جو گل ناهي،
جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن
گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان
ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو.
هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري
ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا.
هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار
جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.
