; سنڌي شخصيتون: استاد رستم علي ٻرڙو - ناصر قاضي

15 April, 2014

استاد رستم علي ٻرڙو - ناصر قاضي

استاد رستم علي ٻرڙو
گهڻ پاسائون ڏات ڌڻي
ناصر قاضي
هيءَ ڌرتي، جتي امر آوازن پنهنجا سُر آلاپي هن ڌرتيءَ کي امرتا بخشي آهي، اتي هتان جي سازن جي وڄتڪارن به پنهنجي ساهه ساهه ۾ سنگيت جي مالهائن کي پئي پويو آهي. اتر سنڌ جو سهڻو شهر ’قنبر‘، جيڪو شهر  دين، علم، ادب، ڏاهپ، ثقافت، موسيقي، فن ۽ مَ ڄاڻ ڪيترن ئي انيڪ حوالن سان پوري دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، ان شهر جي مٽيءَ مان به ڪيترن ئي ماڻڪ موتين جنم ورتو آهي، جن پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري قنبر جو ڪنڌ کيرٿر جي چوٽين جيڏو بلند ڪيو آهي. هتان جا ڏات ڌڻي هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي سنڌوءَ جل جي سينڌ سنواريندا رهيا آهن، پر هڪ لمحي لاءِ هن شهر ۾ تاريخ جي ٻين بابن مان صرف موسيقيءَ جي باب جا به ڪجھه ڪاڳر  اٿلائينداسين ته اسان کي استاد اشرف علي ٻرڙو، استاد محرم علي ٻرڙو، رستم علي ٻرڙو، استاد مور علي وَڌو، مکڻو فقير ۽ ماسٽر منظور جهڙا سدا حيات آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، جن پنهنجي اڻٿڪ رياض ۽ محنت سان ڪلا کي جِلا بخشي آهي ... !


هن ئي شهر جي علم، ادب ۽ فن سان وابسته ’ٻرڙا خاندان‘ جي فردن پنهنجي ڏات ۽ ذات سان علم ۽ فن جا انيڪ چراغ روشن ڪيا آهن، هن گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڏات ڌڻي جتي علم ۽ ادب جي سينڌ سنواريندا رهيا آهي، ساڳئي وقت ساڳئي ئي گھراڻي جي ڏات ڌڻين فن جي سيوا ڪندي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته علم، ادب ۽ فن ڪڏهن به هڪٻئي کان جدا نه ٿا ڪري سگھجن. قنبر علي خان ۾ ’ٻرڙا خاندان‘ جو هڪ چشم و چراغ استاد رستم علي ٻرڙو به ڌرتيءَ جو اهو ڏات ڌڻي آهي، جيڪو سنگيت جي سرن کي پنهنجي ساهه ساهه ۾ سموئي ڌرتيءَ کي ارپيندو رهيو آهي. رستم علي ٻرڙو ننڍي کنڊ جي درديلي ساز ڪلارنيٽ، شرناءِ ۽ بانسريءَ جي سريلي وڄتڪار هئڻ سان گڏوگڏ ماضيءَ ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن جو اداڪار ۽ هدايتڪار پڻ رهيو آهي.
رستم عليءَ اتر سنڌ جي سهڻي شهر قنبر ۾ محترم شوڪت علي ٻرڙي جي آڳر تي ۱۴هين اپريل ۱۹۴۸ع تي اکيون کوليون. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ ۱۹۶۶ع ۾ هاءِ اسڪول قنبر مان پاس ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪن مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگھيو. رستم عليءَ جي خوشبختي اها چئبي جو هن موسيقيءَ جي فن جون بنيادي رمزون ننڍپڻ ۾ پنهنجي گھر ۾ ئي پروڙي ورتيون، فن ۾ سندس بنيادي تربيت سندس مامي استاد احمد علي ٻرڙي ۽ سندس ماروٽ استاد اشرف علي ٻرڙي ڪئي، جنهن کانپوءِ فن جي سرحدن کي انساني سوچ کان وسيع کان وسيع تر محسوس ڪندي، هن اڃا به پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪيو ۽ هو وڌيڪ فن جي حاصلات لاءِ لاهور ويو، جتي نامياري بانسري نواز استاد خادم حسين جو شاگرد ٿيو.
رستم علي ٻرڙي کي موسيقيءَ جي فن جي بهترين ۽ قابل قدر ڄاڻ آهي. هو بانسري، ڪلارنيٽ ۽ شرناءِ جو برجستو وڄتڪار آهي ۽ اهي ٽئي ساز وڏي مهارت سان وڄائي ڄاڻندو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن آڊيو ڪئسٽ جي ريڪارڊنگس ۾ ٽريڪ سسٽم مروج نه ٿيو هو ۽ سڀني سازن جي ريڪارڊنگ Live ڪئي ويندي هئي، ان دؤر ۾ سنڌ جي مختلف ڪئسٽ ڪمپنين پاران شرناءِ توڙي ڪلارنيٽ جي ريڪارڊنگ لاءِ رستم علي کي خاص طور تي قنبر مان مدعو ڪيو ويندو هو. ان حوالي سان پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي سريلن فنڪارن سان شرناءِ، بانسري توڙي ڪلارنيٽ تي سنگت ڪري چڪو آهي. رستم علي پنهنجي فن جي حوالي سان سنڌ، بلوچستان سان گڏوگڏ لاهور جي موسيقارن توڙي شرناءِ نوازن وٽ نمايان حيثيت رکي ٿو، سندس قائم ڪيل ’رستم ميوزيڪل بينڊ‘ سنڌ سميت بلوچستان ۾ ڪافي مقبول آهي. سنڌ توڙي بلوچستان ۾ منعقد ٿيندڙ شادي توڙي ٻين خوشيءَ جي پروگرامن ۾ کيس سندس بينڊ سميت دعوت ڏئي گھرايو ويندو آهي.

رستم علي ٻرڙي جي فن جو ٻيو اهم پهلو اسٽيج ڊرامن جي اداڪاري ۽ هدايتڪاري پڻ آهي، جنهن فن ۾ سندس رهنمائي پنهنجي دؤر جي مشهور اداڪارن ذوالفقار واحد ۽ خادم حسين ميراڻيءَ ڪئي. رستم علي ٻرڙي ۱۹۸۸ع ڌاري قنبر ۾ نئين سر اسٽيج ڊرامن جي شروعات ڪرائي، شروع ۾ سندس هدايتڪاريءَ ۾ ٻه ڊراما ’واسينگ جو انتقام‘ ۽ ’ڌيءُ ڌرتيءَ جي‘ پيش ٿيا، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي دؤر جي معروف اسٽيج ڊرامن ’زال زور آور- مڙس مولائي‘، ’عورت جو انتقام‘، ’صنم بيوفا‘، ’انجام‘، ’ڀلاڙي ڀاڳ‘، ’لال بادشاهه‘، ’زندهه لاش‘ ۽ ’مٽيءَ جا ماڻهو‘ ۾ پنهنجي هدايتڪاري ۽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ماضي ۾ ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻي‘ جي آڊيٽوريم هال ۾ پيش ڪيل ڊرامي ’سورمي سنڌ جي‘ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سال جي بهترين اداڪار جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. رستم عليءَ ٻه ڀيرا پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ هو ڪامياب به ٿيو، پر ڪن مجبورين سبب ٽي. وي ڊرامن ۾ ڪم ڪري نه سگھيو. هو ’رابيل ڊرامئٽڪ ڪلب لاڙڪاڻي‘ جو سيڪريٽري ۽ ’ڀٽائي ڊرامئٽڪ اينڊ ويلفيئر سوسائٽي‘ قنبر جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته رستم علي ٻرڙي جو تعلق هڪ  پڙهيل لکيل ۽ علمي ادبي گھراڻي سان آهي، ان حوالي سان ناميارو محقق ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو ۽ ناميارو ليکڪ ۽ شاعر رياضت ٻرڙو سندس ڀائر آهن. هن وقت رستم علي پنهنجين گھڻين مصروفيتن کي هڪ پاسي رکي، صرف موسيقيءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا