; سنڌي شخصيتون: فقير منور علي دايو- ناصر قاضي

04 May, 2014

فقير منور علي دايو- ناصر قاضي

فقير منور علي دايو
صوفي منش راڳي
ناصر قاضي
صوفي شاهه عنايت شهيد جھوڪ ڌڻي سنڌ جي اصول پرست با صفا صوفين جي هڪ اهڙي جماعت جو سرواڻ هو، جيڪا جماعت ڏاڍ ۽ جبر جي آڏو عام انسان خاص طور تي مزدورن، هارين، نارين ۽ محنت ڪشن جي حقن جي حفاظت جي علمبردار بڻجي ميدان عمل ۾ آئي. صوفي شاهه عنايت ’جيڪو کيڙي سو کائي‘ جو نعرو بلند ڪري، هڪ امر انقلاب آندو. هن سالڪ صوفيءَ ڏاڍن سان جنگ جوٽي، نه صرف هيڻن جي حمايت ڪئي، پر اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته صوفيءَ جو مسلڪ صرف ساز سرود تي ڪنڌ جھوٽي راڳ ۽ ويراڳ ۾ گم ٿيڻ نه آهي، پر ضرورت وقت ڏاڍ سان جنگ جوٽي مقتل جي سازن تي، تلوارن جي جھنڪار سان سر نچائڻ به سچي صوفيءَ جو عين مسلڪ آهي. سنڌ جي صوفين ڌرتيءَ جي امن جي آبياريءَ لاءِ پنهنجا سر ڏيڻ کان به ناهي ڪيٻايو، صوفين جي هيءَ ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائپيءَ جو پيغام ڏيندي رهي آهي، جيڪو پيغام سنڌ جي صوفين جھر جھنگ وڃي پهچايو آهي.


ساڳئي تسلسل جي انهيءَ مالها جو موتي، ناليوارو صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت گوهر غازي غمدل فقير سنڌ جو اهو صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي سموري عمر تصوف جي تعليم ۽ پريم جو پرچار ڪندي گذاري. صوفي غمدل فقير جو اصل نالو عبدالخالق ولد پير بخش دايو هو. هن ۱۴ مئي ۱۸۶۷ع تي ڳوٺ ڪچا چاچڙ لڳ پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد پير بخش دايو انگريزن جي دور ۾ پوليس جو بااختيار عملدار هو. ڪن محققن موجب غمدل فقير جو شجرو موليٰ علي عليه السلام جي وفادار غلام حضرت قنبر رضي الله عنھ ۽ بيبي سانئڻ فضه سان وڃي ملي ٿو.
صوفي غمدل فقير، پنهنجي مرشد هادي حضرت سيد قلندر شاهه جيلاني جي حضور ۾ حاضر ٿي، جيڪو  صوفياڻو معراج ماڻيائون ۽ ’وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي‘ وارو جيڪو الهامي آواز هيئين سان هنڊايو، ان الستي آلاپ کي هن پنهنجي هردي تائين محدود نه رکيو، بلڪه پنهنجي آل اولاد، طالبن، محبتين توڙي صحبتين تائين به پنهنجي هاديءَ جي هدايت کي پهچايو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سندس آستاني ’آشيانه غمدل فقير رتيديري‘ تي سندس پوٽا توڙي پڙ پوٽا پريم جي پرچار ۽ تصوف جي تبليغ ڪندي هر ايندڙ ويندڙ کي پريم جا پيالا پياريندي، جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهن ٿا.
حضرت غمدل فقير جي ان فقراهي فوج ۾ سندس پوٽو ناميارو صوفي راڳي فقير منور علي دايو به هڪ آهي، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ازلي الفت جو صاحب ۽ محبتن جي مڪتب جو معلم پڻ آهي. سندس  اصل نالو فقير شفقت علي دايو آهي. هن پهرين جنوري ۱۹۶۷ع تي حضرت غمدل فقير جي فرزند ۽ سندس گادي نشين فقير لطف علي دايو جي جھوليءَ ۾ ’آشيانه غمدل فقير رتيديري‘ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ عدم جي خواب مان سجاڳ ٿيو.
فقير منور عليءَ نصابي تعليم جي اعتبار کان ايم اي اقتصاديات، پي ٽي سي ۽ بي ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن  ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ذميداريون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
جيئن ته اها ڳالهه عالمِ آشڪار آهي ته سندس خاندان تصوف سان واڳيل هو، انڪري فقير منور عليءَ به صوفي رنگ اختيار ڪندي، يڪتاري جي ياري ۽ چپڙيءَ جي چاهه سان راڳ ويراڳ جي ميدان ۾ قدم رکيو، فقير منور عليءَ موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي وقت جي صوفي ۽ ڪلاسيڪل راڳي فقير امام علي ٿهيم وٽان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ سنڌ جي نامياري صوفي راڳي فقير مظفر علي دايو سان گڏ سُنگ جي صورت ۾ ڳائيندو آهي.
فقير منور عليءَ ميڊيا جي سفر جي شروعات آڪٽوبر ۱۹۹۹ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچيءَ تان ڪئي، جتي کيس ۽ سندس ڀاءُ فقير مظفر علي دايو کي پروڊيوسر قربان چنا جڳ مشهور پروگرام ’ڪچهريءَ‘ ۾ متعارف ڪرايو. فقير منور عليءَ پي ٽي وي جي ان پروگرام ۾ پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي سڀ کان اول جيڪو پنهنجي ڏاڏي سائين صوفي غمدل فقير جو ڪلام ڳايو، ان جا ٻول هئا: ’پاشور بازاين ڦردا، ميڏا يار سوداگر سردا... .‘
فقير منور عليءَ پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ آواز ٽي.وي، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، سيٽ لائيٽ چينلز جي حوالي سان فقير منور علي کي نامياري ميوزڪ ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا پنهنجي پروگرام ’رنگ منچ‘ ۾ متعارف ڪرايو،  جنهن پروگرام ۾ سندس آواز ۾ ڪيترائي ڪلام ريڪارڊ ٿيا، جن مان سندس ڳايل احقر فقير جو ڪلام ’الله هر جاءِ جلوه گر آ...‘ بيحد مقبول ٿيو.

فقير منور علي دايو راڳي هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر، خطاط ۽ ڍولڪ نواز پڻ آهي. شاعريءَ ۾ شفقت علي ’منور‘ جي نالي سان شعر لکندو آهي، جڏهن ته هڪ پرائمري استاد هجڻ جي حوالي سان سندس اکر تمام سٺا آهن، جنهنڪري پاڻ هڪ بهترين خطاط پڻ آهي ۽ اسڪول ۾ پنهنجي شاگردن جي اکرن طرف خاص توجهه ڏيندي پرائمري تعليم جي قديم روايت پٽيءَ جي لکت کي اڄ ڏينهن تائين زندهه رکيون اچي ٿو. پاڻ هڪ مڪمل صوفي منش انسان آهي، حضرت صوفي غمدل فقير جي قائم ڪيل آستاني ’آشيانه غمدل فقير رتيديري‘ تي هر آئي وئي سان هر وقت هٿ ٻڌي کلي کيڪاريندڙ صوفي منور عليءَ پنهنجي وڏڙن پاران مليل اهڙو سڪ سندو سيباڻ پنهنجي ٻچڙن زوهيب علي ۽ شعيب عليءَ تائين به منتقل ڪيو آهي، جيڪي ڪمسنيءَ باوجود فقراهي فيض سان سرشار آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا