; سنڌي شخصيتون: اداڪاره شيلا راماڻي

19 May, 2014

اداڪاره شيلا راماڻي

اداڪاره شيلا راماڻي

محمد عثمان ميمڻ



هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (۱۹۵۸ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو، ۱۹۴۲ع ڌاري نوابشاهه جي ڳوٺ ڀرين ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي. فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانئس آٽوگراف گهريو ته ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس. شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالهه پوءِ سچي ثابت ٿي. شيلا راماڻيءَ پاڻ به هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍيو. جڏهن ته پاڪستاني فلمساز شيخ لطيف سندس چاچو چيو وڃي ٿو، جيڪو لڇو جي نالي سان سڏبو هو. هن پتن (۱۹۵۵) خزان ڪي بعد (۱۹۵۵) دربار حبيب جهڙيون فلمون ٺاهيون.


لڇو ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ڪونه ويو ۽ مسلمان ٿي هتي رهيو. ۵۰ ۽ ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ شيلا هندستاني فلمن ۾ هيروئن ۽ سائيڊ هيروئين جا ڪيترا ئي رول ڪيا. هن پنهنجي فلمي زندگي جو آغاز وي شانتا رام جي فلم ”تين بتي چار راستي“ سان ڪيو،جنهن ۾ هن هڪ سنڌي ننهن جو ڪردار ادا ڪيو هو،انهي فلم ۾مٿس هڪ سنڌي گانو “سڪ ۾او سڪ ۾“ فلمايو ويو هو جيڪو مشهور ٿيو. ان کان پوءِ ۱۹۵۴ع ۾ فلم “ٽيڪسي ڊرائيور“ ۾ ڪلب ڊانسر جو رول خوبصورتي سان ادا ڪيو. ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن سنڌي فلم“اباڻا“ ٺهي ته ان ۾ کيس هيروئن جو رول مليو. ۱۹۵۶ع ۾ هو پنهنجي چاچي جي دعوت تي ڪراچي آئي جتي هن هڪ فلم “انوکي” ۾ ڪم ڪيو، مٿس زبيده خانم جو گانو “گاڙي ڪو چلانا بابو“ فلمايو ويو، اها هڪ مزاحيه فلم هئي.

هن ڪل ۲۰ کن فلمن ۾ ڪم ڪيو. جن جو تفصيل هن ريت آهي. ۱. تين باتي تين راستي (۱۹۵۳) ۲.. سرنگ (۱۹۵۳) ۳. ڪلاڪار (۱۹۵۴) ۴. ٽيڪسي ڊائيور (۱۹۵۴) ۵. مينار (۱۹۵۴) ۶. هنگو (۱۹۵۴) ۷. گهمنڊ (۱۹۵۳) ۸. جورو ڪا ڀائي (۱۹۵۵) ۹. شاهزاده (۱۹۵۵) ۱۰. گرو گهنٽال (۱۹۵۶) ۱۱. غلام، بيگم بادشاه (۱۹۵۶) ۱۲. (سلظان ڊاڪو(۱۹۵۶) ۱۳. انجلي (۱۹۵۷) ۱۴ .اباڻا (سنڌي فلم ۱۹۵۸) ۱۵. ممتاز محل (۱۹۵۹) ۱۶. (فنٽوش (۱۹۵۶) ۱۷. جنگل ڪنگ (۱۹۵۹) ۱۸. رٽرن آف سپر مين (۱۹۶۰) ۱۹. مان بيٽا (۱۹۶۲) ۲۰ انوکي (پاڪستان ۱۹۵۶).

هن وقت جي سڀني وڏن اداڪارن ۽ هدايتڪارن سان ڪم ڪيو جن ۾؛ وي شانتا رام، اننت ماڻي، چيتن آنند، هيمن گپتا، اين اين انصاري، موهن صابر، ليکراج ۽ باکري شامل آهن.ايڪترن ۾ سشيلا، ونود ڪمار، راجا سيٺي، ديو آنند، بينا راءِ، شيخ مّختيار، راجڪمار، بلراج ساهني، جاني واڪر، بيگم پارا، نمي، منوج ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن. سال ۱۹۶۳ع کان پوءِ فلمن کي خيرباد چئي آمريڪا وڃي رهي، جتي۱۷ اپريل ۲۰۰۷ع ۾وفات ڪيائين.

 

(روزانه مهراڻ جي ٿورن سان)


 

شيلا راماڻي

ننڍي کنڊ جي سنڌي فلمي سُندري

ممتاز علي شيخ

زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌي عورت پاڻ مڃرايو آهي. سائنس، سياست، صحافت، ميڊيڪل، موسيقي، ماڊلنگ يا اداڪاري هر جاءِ تي سنڌي عورت نمايان نظر ايندي.

محترمه فاطمه جناح، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد)، جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين، مهتاب اڪبر راشدي، آشا چاند، سلطانه صديقي ۽ ٻيون  به کوڙ ساريون سنڌي عورتون آهن جن پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان هڪ ڌار مٿانهون مقام ماڻيو آهي.

ننڍي کنڊ جي فلمي دنيا تي نظر ڊوڙائبي ته اُتي به کوڙ ساريون سنڌي آرٽسٽ نظر اينديون جيئن اداڪارا شهزادي، روشن عطا، سڪينه سمون، ڀڳونتي ناواڻي، پراڻي اداڪارا بينا، ببيتا ڪپور، ساڌنا شو داساڻي ۽ سنگيتا بجلاڻي وغيره.

انهن خوبصورت آرٽسٽن ۾ هڪ نمايان ۽ حسين نالو آهي سنڌي سُندري شيلا راماڻي جو، هن خوبصورت اداڪارا جو جنم ۱۹۳۰ ڌاري نواب شاهه ۾ ٿيو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هن جو ننڍپڻ گذريو ۽ اتان ئي هن شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.

نهايت اعليٰ  درجي جي فيملي ۾ جنم وٺندڙ هن فنڪارا موسيقي ۽ ڊانس جي سکيا گهر ۾ ئي ورتي، بعد ۾ هيءَ  فيملي سميت ممبئي لڏي وئي، جتي شيلا راماڻي پنهنجي اڌوري تعليم مڪمل ڪئي. ناچ گاني جي سکيا جو سلسلو هن اُتي به جاري رکيو، ۱۹۵۰ ۾ ممبئي جي فلمي نگري پنهنجي عروج تي هئي، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ اهو لاڙو تيزي  سان وڌي رهيو هو ته اداڪاري جي دنيا ۾ پاڻ ملهائين، نالو ۽ ناڻو  ڪمائين.

۱۹۵۳ع ۾ اخبارن ۾ اشتهار ڇپيو ته مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ڊاڪٽر وي شانتارام کي نون چهرن جي گهرج آهي.

شيلا راماڻي هڪدم ڊائريڪٽر سان رابطو ڪيو ۽ هوءَ اسڪرين ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿي وئي، اها  فلم هئي “تين بتي چار راستي”. انهيءَ فلم ۾ شيلا هڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار  ڏاڍي اعتماد ۽ ڪاميابي سان ادا ڪيو. هن انهي فلم لاءِ هڪ سنڌي گانو به ڳايو، جنهن جي موسيقي گلشن صوفي ترتيب ڏني هئي. انهيءِ موسيقار معرفت شيلا راماڻي جي ملاقات ٿي، مشهور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ  آشا سان، جيڪو ممبئي ۾ هڪ سنڌي فلم “اباڻا” جي اسڪرپٽ ۽ ڪاسٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، اهو ۱۹۵۸ جو زمانو هو، هو ته فلم اباڻا ۾ هيروئن تي سئنيما جي اسڪرين تي ظاهر ٿي، پراڻا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته جڏهن فلم اباڻا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنيما گهرن ۾ ڏيکاري وئي ته انهي وقت جون ٻيون اردو ۽ پنجابي فلمون بلڪل بيهي ويون، فلم جا بهترين گانا ۽ شيلا راماڻي جي حُسن، ماڻهن کي موهي ڇڏيو. شيلا راماڻي چيتن آنند جي هڪ مشهور فلم ٽيڪسي ڊرائيور ۾ هڪ ڪلب ڊانسر جو رول ڪري ڪاميابي جي بلندين تي پهچي وئي، ان فلم ۾ ديو آنند جي زال ڪلپنا ڪارتڪ هيروئن هئي پر پرفامنس ۽ حُسن ۾ هوءَ سنڌي سندري شيلا راماڻي جو مقابلو نه ڪري سگهي، ساحرلڌيانويءَ جي گيتن جون خوبصورت ڌنون ايس ڊي برمن بڻايون هيون، انهن گيتن تي شيلا راماڻي جي ناچ ماڻهن کي چريو ڪري ڇڏيو. انڊسٽري جي خوبصورت اداڪار ديو آنند سان شيلا راماڻي جي جوڙي ڏاڍي فٽ هئي. هنن ٽيڪسي ڊرائيور کان علاوه ڪجهه ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو جيئن پليٽ فارم ۽ فن ٽوٽس وغيره.

شيلا راماڻي ۱۹۵۲ واري زماني ۾ شمله ۾ ٿيندڙ خوبصورت ۽ ماڊرن ڇوڪرين جي مقابلي ۾پهريون نمبر آئي ۽ کيس مس شمله جو ٽائٽل ڏنو ويو.

هيءُ سنڌ ڄائي خوبصورت اداڪارا ۱۹۵۵ ڌاري  پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ۾ اچي هڪ اردو فلم به ڪري چڪي آهي، انهيءَ فلم جو نالو هو“ انوکي”. اصل ۾ اها يادگار فلم شيلا راماڻي جي سڳي مامي لڇو سيٺ (اسلام قبولڻ بعد هن جو نالو سيٺ عبداللطيف ٿيو) پروڊيوس ڪئي هئي. انهيءَ فلم جو هيرو شاد به ڀارت مان گهرايو ويو هو. پاڪستان جي منفرد ڪاميڊين لهري صاحب جي اها پهرين فلم هئي، فلم جي موسيقي ڏيڻ لاءِ هندستان جو پراڻو ميوزڪ ڊائريڪٽر تمر برن به خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي آيو هو. تمربرن ڀارت جي مشهور فلم ديوداس جو ميوزڪ ڊائريڪٽر رهي چڪو هو. ان فلم انوکي ۾ نيئر سلطانا به هئي. اها هڪ ڪاميڊي ۽ ميوزيڪل مووي هئي. ان ڪامياب فلم جو ڪم مڪمل ڪري هوءَ حيدرآباد وئي  ۽ نواب شاهه ۾ اُهو گهر ڏٺائين جتي هن جنم ورتو ۽ ننڍپڻ گذاريو، ڪراچي ۽  لاهور جي ڪيترن ئي هدايتڪارن هن کي فلمون آفر ڪيون پر هوءَ ممبئي جي فلمي مصروفيت جي ڪري ٻي ڪنهن به فلم ۾ ڪم نه ڪري سگهي. وري هن ڀارت ۾ به ٻئي ڪنهن سنڌي فلم ۾ ڪم نه ڪيو. اباڻا فلم ۾ هن جي ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ آرٽسٽ ساڌنا به ممبئي فلم انڊسٽري جي نامور اداڪارا رهي آهي. ببيتا ۽ سنگيتا بجلاڻي به سنڌي آرٽسٽ آهن ۽ هنن به فلمن ۾ ڏاڍي عزت ۽ شهرت ڪمائي آهي. بمبئي جي فلمي دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌي موجود آهن. خوبصورت نيڻن واري سنڌي سندري شيلا راماڻي جي ڪجهه يادگار فلمن ۾ گرو گهنٽال، غلام بيگم بادشاهه، سلطانا ڊاڪو، انجلي، ممتاز محل (ڊائريڪٽر رام درياڻي) جنگل ڪنگ، سُرنگهه، مينار، هنگو جوروڪا غلام، گهمنڊ (ڊائريڪٽر ديپڪ آشا) ۽ فلم شهزادا شامل آهن.

۱۹۶۲ ۾ ريليز ٿيندڙ فلم “ماءُ بيٽا” کان پوءِ شيلا راماڻيءَ جي ٻي ڪنهن فلم جو نالو هٿ نه آيو، هن وقت هوءَ آمريڪا ۾ر هي ٿي، حسنِ اداڪاره شيلا راماڻيءَ نهايت ڀرپور زندگي گذري آهي ۽ فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا آهن. هن سنڌ ڄائي خوبصورت آرٽسٽ کي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن.


 

شيلا راماڻي

ننڍي کنڊ جي سنڌي فلمي سُندري

هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (۱۹۵۸ع) جي هيروئن شيلا راماڻي، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو، سا ۱۹۴۲ع ڌاري، تڏھوڪي نوابشاهه ۽ ھاڻوڪي نوشھروفيروز ضلعي جي ڳوٺ ڀرين ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي.

فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو. جنهن کانئس آٽوگراف گهريو ته ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو ته؛ ”هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس.“ شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالهه پوءِ سچي ثابت ٿي.

شيلا راماڻيءَ پاڻ به هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍيو. جڏهن ته پاڪستاني فلمساز شيخ لطيف سندس چاچو چيو وڃي ٿو، جيڪو لڇو جي نالي سان سڏبو هو. ھن پتن (۱۹۵۵)، خزان ڪي بعد (۱۹۵۵) ۽ ’دربار حبيب جهڙيون فلمون ٺاهيون. لڇو ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ڪو نه ويو ۽ مسلمان ٿي هتي رهيو.

پنجاھ ۽ سٺ (۵۰ ۽ ۶۰) واري ڏهاڪي ۾، شيلا هندستاني فلمن ۾ هيروئن ۽ سائيڊ هيروئين جا ڪيترا ئي رول ڪيا. هن پنهنجي فلمي زندگيءَ جو آغاز وي شانتا رام جي فلم ”تين بتي چار راستي“ سان ڪيو. جنهن ۾ هن هڪ سنڌي ننهن جو ڪردار ادا ڪيو هو. انهيءَ فلم ۾مٿس هڪ سنڌي گانو ”سڪ ۾ او سڪ ۾“ فلمايو ويو هو، جيڪو مشهور ٿيو. ان کان پوءِ ۱۹۵۴ع ۾ فلم ”ٽيڪسي ڊرائيور“ ۾ ڪلب ڊانسر جو رول خوبصورتي سان ادا ڪيو. ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن سنڌي فلم ”اباڻا“ ٺهي ته ان ۾ کيس هيروئن جو رول مليو. ۱۹۵۶ع ۾ هوءَ پنهنجي چاچي جي دعوت تي ڪراچي آئي، جتي هن هڪ فلم ”انوکي ۾ ڪم ڪيو. مٿس زبيده خانم جو گانو ”گاڙي ڪو چلانا بابو فلمايو ويو. اها هڪ مزاحيه فلم هئي.

هن ڪل ۲۰ کن فلمن ۾ ڪم ڪيو. جن جو تفصيل هن ريت آهي.

۱. تين باتي تين راستي (۱۹۵۳)

۲. سرنگ (۱۹۵۳)

۳. ڪلاڪار (۱۹۵۴)

۴. ٽيڪسي ڊائيور (۱۹۵۴)

۵. مينار (۱۹۵۴)

۶. هنگو (۱۹۵۴)

7. گهمنڊ (۱۹۵۳)

۸. جورو ڪا ڀائي (۱۹۵۵)

۹. شاهزاده (۱۹۵)


 

شيلا راماڻي

(۲ مارچ ۱۹۳۲ع - ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۵ع)

اسد ڪيريو

ساھتي پرڳڻي جي شھر ڀريا ۾ سيٺ ڪيول رام راماڻي جي گھر ۾ ۲ مارچ ۱۹۳۲ع تي جنم وٺندڙ شيلا راماڻي برصغير جو اھا ڀاڳوند فنڪاره آھي جنھن کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ ھن برصغير جي پھرين مڪمل سنڌي فلم اباڻا ۾ ھيروئن جو ڪردار ادا ڪيو. شيلا، پنھنجي بنيادي تعليم ڀريا مان پرائي. بعد ۾ ھن انگريزيءَ جا چار درجا نوابشاھ مان پاس ڪيا. نوابشاھ ۾ سندس اسڪول چڪرا بازار جي ڏکڻ ۾ راما پير مندر جي پويان اوڀر طرف ھو، جنھن بلڊنگ ۾ بعد ۾ سچل سرمست ڪاليج جي ھاسٽل قائم ڪئي وئي. شيلا راماڻي اڃا پندرھن سالن جي ڄمار ۾ ھئي تہ برصغير جي ورهاڱي جو ھانء ڦاٽندڙ واقعو ٿيو ۽ لکين سنڌي ھندن کي پنھنجي ڌرتيءَ سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. شيلا راماڻيء جو ڪٽنب بہ ھجرت ڪري بمبئيءَ پھتو. جتي ھنن سنڌ ڄاون پنھنجي محنت سان پنھنجي نئين ملڪ جي ترقيءَ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو. انھن ابتدائي سالن ۾ ورھاڱي جي وھايل ويلن، ظلم ۽ زيادتين ۽ پنھنجي اصل وطن سنڌ کان ڌار ٿيڻ جي ڏک جتي سنڌي ھندن کي ڏکارو ڪيو اتي انھن سنڌي ھندن پنھنجي ان دکدائڪ ڪيفيت کي اظھار جي مختلف طريقن سان پيش ڪيو ھندوستان ۾ ڪجھ سنڌي ھندن جن ۾ ماسٽر چندر، موسيقار بلوسي راڻي، پروفيسر رام پنجواڻي ۽ ٻين گڏجي اباڻا جي نالي سان ھڪ سنڌي فلم ٺاھي ھندوستان ۾ ٺھيل اھا پھرين سنڌي فلم ھئي جنھن ۾ نوابشاھ واسڻ شيلا راماڻي ھيروئن جو ڪردار ادا ڪيو، ھدايتڪارن ديپڪ آشا ۽ ارجن هنڱوراڻي جي ان سنڌي فلم اباڻا ۾ شيلا راماڻي جي ننڍي ڀيڻ جو ڪردار مشھور باليووڊ اداڪاره ساڌنا شوداساڻي ادا ڪيو، انڊين سنڌي فلم اباڻا ۲۴- جنوري ۱۹۵۲ع تي ريليز ٿي ان جي پريميئر شو ۾ ان وقت جي انڊين وزيراعظم جواھر لال نھرو پڻ شرڪت ڪئي ھئي، شيلا راماڻي جي ان فلم جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ باليووڊ جي ڪيترن فلمسازن ۽ ھدايتڪارن کيس فلمن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ شروع ڪيو، ۱۹۵۳ع ڌاري برک فلم ڊائريڪٽر وي شانتارام جي فلم تين بتي چار راسته ۾ شيلا راماڻي ھڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو جنھن فلم ۾ مٿس پروفيسر رام پنجواڻي جو لکيل سنڌي گيت جنھن جي، موسيقي گلشن صوفيءَ ترتيب ڏني ۽ ان لاءِ آواز گائڪہ ساوتري گدواڻيء جو ھو جنھن جا ٻول ھئا " سڪ ۾ الا سڪ ۾. . . . . " فلمايو ويو جنھن ۾ ھن شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، ان فلم جي ريليز ٿيڻ کان پوءِ شيلا راماڻي لاءِ باليووڊ جا دروازا کلي ويا ۽ ھن لڳ ڀڳ ۲۵- انڊين موويز ۾ ڪم ڪيو جن ۾ ڀابي، ٽيڪسي ڊرائيور، نوڪري، ريلوي پليٽ فارم، فنٽوش، شھزادہ، ممتاز محل، جنگل ڪنگ، مان بيٽا ۽ ٻيون فلمون شامل ھيون،

شيلا راماڻي ان کان پھرين ۱۹۵۰ع ۾ ھندوستان جي شھر شملا ۾ سونھن راڻيءَ جي مقابلي ۾ حصو پڻ ورتو ھو جتي ھن مس شملا جو لقب ماڻيو ھو.

شيلا راماڻي پنھنجي فلمي ڪيريئر جي عروج واري دور ۾ ھڪ وڏي ڪاروباري شخص جل ڪائوسجي سان شادي ڪئي ۽ زندگيءَ جو تمام گھڻو عرصو آمريڪا ۾ گذاريو، ۹۰- جي ڏھاڪي جي شروعات ۾ جل ڪائوسجي جي وفات کان پوءِ شيلا راماڻي پنھنجي ٻن پٽن سميت ۾ ھندوستان موٽي آئي ۽ رياست مڌياپرديش جي شھر اندور ۾ رھڻ لڳي، منھنجي نواب شاھ سان تعلق رکندڙ باليووڊ جي مشھور اداڪاره شيلا راماڻي اڄوڪي تاريخ ۱۵- جولاءِ ۲۰۱۵ع تي ۸۳- ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع رکيل/ کنيل)



شيلا راماڻي

ساھتي شھر ڀِريا_ڄائي جنھن باليوُوڊ تي ۱۰ سال راڄ ڪيو

نصير اعجاز

ڀِريا جي تاريخ جي تھخانن ۾ لھندو ٿو وڃان جتي لِڪل خزانن تي وقت جي دَز ڄمي وئي آھي. وقت جي دَز کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي موتيءَ داڻا ملندا ٿا وڃن. انھن موتيءَ داڻن منجھه ھڪ موتي شِيلا راماڻيءَ جي شڪل ۾ مليو آھي. 

جھونن ماڻھن کي ضرور ياد ھوندو ته ھندستان جي فلمي صنعت تي ۱۹۵۰ ۽ ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي ۾ شيلا راماڻيءَ نالي ھڪ اداڪارا راڄ ڪندي ھئي. کين ممڪن آھي ته اھا به ڄاڻ ھجي ته اھا اداڪارا سنڌياڻي ھئي. سنڌ جي نئين نسل مان ڪن ٿورن ماڻھن کي شيلا راماڻيءَ بابت خبر ھوندي، پر اھا خبر شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن کي ئي ھوندي ته شيلا اصل ۾ ڪيولراماڻي گھراڻي منجھان ۽ سِک ڌرم سان تعلق رکندڙ ھئي جنھن جو جنم ۱۹۳۲ ۾ سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي ننڍڙي شھر ڀريا ۾ ٿيو ھو. سندس جنم جي تاريخ ڪِن ھنڌن تي ۲ مارچ ته ڪن ھنڌن تي ۲ اپريل لکيل آھي پر جنم جو سال ۱۹۳۲ ئي آھي.

شِيلا جي عمر اڃان پندرھن ورھيه ھئي جو ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ ھندستاني پناھگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪن ھنڌن تي فساد ڪرايا ويا. اھڙو ئي ھڪ خوني واقعو نوابشاھه ۾ ان وقت جي پنجابي ڊپٽي ڪليڪٽر مسعود (کدرپوش) به ڪرايو ھو جنھن ۾ ھندستان لڏي ويندڙ سنڌي سِکن سان ڀريل ريل گاڏيءَ تي حملو ڪري سندن قتلام ڪرايو ويو. انھيءَ واقعي جي دھشت ڀريا جي ڪيولراماڻي گھراڻي کي به سنڌ ڇڏي ھندستان لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. شيلا جو والد ايف ايم ڪيولراماڻي پنھنجي ٻارن ٻچن کي ته وٺي ھندستان ھليو ويو پر سندن ڪي مائٽ ڪراچيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪري رھي پيا جن ۾ شِيلا جو ھڪ چاچو شيخ لطيف عرف لَڇُو به شامل ھو جيڪو اڳتي ھلي پاڪستاني فلمي صنعت جو مشھور پروڊيوسر ٿيو.  

ھندستان جي ٻين علائقن مان ٿيندا نيٺ آخر ۾ شِيلا جي خاندان دھليءَ جي اُتر ۾ ۲۹۰ ڪلوميٽر پري ھماليائي جبلن واري علائقي مسُوريءَ ۾ رھڻ پسند ڪيو جتي ھنن مسواڙ تي ھڪ ڪاٽيج ورتو ھو.  مسُوريءَ جي پُر فضا ماحول ۾ شِيلا پنھنجي سونھن ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ۱۹۴۸ ۾ حُسن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ”مِس مَسُوري“ جو اعزاز ماڻي ورتائين ۽ وري جلد ئي مَسُوريءَ جي حدن مان نڪري پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ۾ ۱۹۵۰ ڌاري ”مِس شِملا“ واري حُسن جي مقابلي ۾ شريڪ ٿي اھو اعزاز به کٽي ورتائين. ايئن ڀريا ڄائي شِيلا ڪيولراماڻيءَ پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌڪجي ڌار ٿيڻ باوجود ھمت نه ھاري ۽ ھندستان جي ان ڏورانھين علائقي ۾ ھڪ حيثيت ماڻي ورتي.

انھن ئي ڏينھن ۾ ڪيولراماڻي خاندان جي ھڪ ويجھي دوست شِري ناٿ جِي شِيلا جي سونھن ۽ صلاحيتن کي پرکي ورتو ۽ کيس ھندستان جي فلمي صنعت ۾ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيولراماڻي خاندان جو شِري ناٿ جِيءَ تي وڏو ڀَروِسو ھو. مَسُوريءَ ۾ رھندڙ سندن انھيءَ دوست جي ڪوششن سان چَيتن آنند شِيلا کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو. شِيلا جي پھرين فلم ”بدنام“ ھئي جيڪا ۱۹۵۲ ۾ رليز ٿي. ھن فلم ۾ سندس نالو ھو ”چمپا“. انھيءَ کانپوءِ ھن لاءِ فلمي دنيا جا در کُلي ويا ۽ ھُوءَ نھايت حسين ۽ پُرڪشش اداڪارا ھجڻ جي ڪري ھندستان جي فلمي صنعت تي ڇانئجي وئي. ساڳئي سال ئي سندس ھڪ ٻي فلم ”آنند مٿ“ به رليز ٿي ۽ ۱۹۵۳ ۾ به ٻه فلون ”سُرنگ“ ۽ ”تين بتي چار راستي“ رليز ٿيس. ھدايتڪار شانتارام جي فلم ”تين بتي، چار راستي“ ۾ شِيلا ھڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو جنھن تي سنڌي ڪلام ”سِڪ ۾، او سِڪ ۾“ پڪچرائيز ڪيو ويو ھو. اھو گيت رام پنجواڻيءَ جو لکيل ھو ۽ باليووڊ جي مشھور موسيقار گلشن صوفيءَ ڌُن ڪمپوز ڪئي ھئي. گلشن صوفي پاڻ به سنڌي ھو. پر شِيلا کي سڀ کان وڌيڪ مڃتا ۽ مشھوري ۱۹۵۴ ۾ رليز ٿيل اداڪار ديوآنند جي فلم ”ٽيڪسي ڊرائيور“ سان ملي جنھن ۾ ديوآنند سان ھيروئن طور ته ڪلپنا ڪارتڪ ڪم ڪيو ھو پر شِيلا کي ھيروئن کان به تمام گھڻو پسند ڪيو ويو جنھن ان فلم ۾ ھڪ اينگلو انڊين ڪلب ڊانسر جو ڪردار ادا ڪيو ھو. انھيءَ فلم ۾ سندس نالو ھو سِلوِي. ساڳئي سال ئي سندس ٽي ٻيون فلمون ”نوڪري“، ”منگو“ ۽ ”مينار“ مارڪيٽ ۾ اچي ويون. سال ۱۹۵۵ ۾ سندس فلم ”ريلوي پليٽفارم“ ۽ ۱۹۵۶ ۾ ”فنٽوش“ رليز ٿي ۽ انھيءَ سال ئي شِيلا جي پاڪستاني فلم ”انوکي“ به رليز ٿي جنھن لاءِ ھوءَ پنھنجي چاچي شيخ لطيف جي چوڻ تي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ آئي ھئي. شِيلا انھن چند فلمي اداڪارائن مان ھڪ ھئي، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ وري پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آيون ھيون. فلم ”انوکي“ ھاليووڊ جي فلم ”فيبيولس سينوريٽا“ جي ڪھاڻيءَ کان متاثر ٿي ٺاھي وئي ھئي، پر پاڪستان ۾ ان وڏو بزنيس ڪيو. فلم ۾ زبيده خانم جو ڳايل گانو ”گاڙي ڪو چلانا بابُو ذرا ھلڪي ھلڪي ھلڪي، ڪھين دل ڪا جام نه ڇلڪي“ تمام گھڻو مشھور ٿيو ھو. فلم جي موسيقي حسن لطيف ۽ ھڪ بنگالي موسيقار تِمر بارن ڪمپوز ڪئي ھئي. شِيلا جو چاچو شيخ لطيف مشھور پروڊيوسر ھو جنھن جون فلمون رتن، خزان ڪي بعد ۽ دربارِ حبيب مشھور ھيون.

شِيلا ڪيولراماڻيءَ کي اھو به اعزاز حاصل ٿيو ته ھن ھندستان ۾ ٺھيل پھرين سنڌي فلم ”اباڻا“ ۾ ھيروئن جو ڪردار ادا ڪيو. ”اباڻا“ فلم ورھاڱي سبب سنڌ مان سنڌي ھندن جي لڏپلاڻ واري موضوع تي ٺھيل ھئي. ھيءَ فلم ۱۹۵۸ ۾ رليز ٿي جنھن ۾ شِيلا ھڪ وچولي طبقي جي ڪُٽنب ۽ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ پيءُ جي ڌيءَ ۽ ھڪ معصوم پريميڪا جو ڪردار ادا ڪيو ھو، جيڪا شڪ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ نيٺ ورھاڱي کانپوءِ ان شڪ جو نبيرو ٿئي ٿو. ساڌنا شِوداساڻي، ھڪ ٻي سنڌياڻي، جيڪا پاڻ به اڳتي ھلي باليووڊ جي مشھور اداڪارا ٿي، ھن فلم ۾ شِيلا جي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو ھو. ان حوالي سان به ھڪ دلچسپ ڳالھه مشھور آھي ته ساڌنا فلم جي شُوٽنگ وقت شِيلا کان جڏھن آٽوگراف گھريو ته ھن اھو چئي انڪار ڪيس ته ”ھڪ وقت ايندو جڏھن مان تو کان آٽوگراف وٺنديس“، ۽ سندس چوڻ صحيح ثابت ٿيو جو ساڌنا باليووڊ جي وڏي اداڪارا بڻجي وئي.    

شِيلا جي ٻين فلمن ۾ جنگل ڪِنگ (۱۹۵۹)، دي رٽرن آف مسٽر سُپرمئن (۱۹۶۰) ۽ آوارا لڙڪِي شامل آھن جڏھن ته ۱۹۶۲ ۾ رليز ٿيل فلم ”مان بيٽا“ سندس آخري فلم ھئي جنھن کانپوءِ ۱۹۶۳ ۾ شادي ڪري شِيلا فلمي دنيا کان ھميشه لاءِ ڪناره ڪش ٿي وئي. ايئن ھوءَ ھڪ طوفان جيان ھندستاني فلمي صنعت تي ڇانئجي سورھن (ڪجھه اخباري رپورٽن موجب ۱۸ فلمون) فلمن ۾ ڪم ڪري ۱۹۵۰ ۽ ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي کي يادگار بنائي گُم ٿي وئي ۽ وڏي عرصي تائين ڪنھن کي به خبر ڪانه ھئي ته شِيلا ڪٿي آھي.

شِيلا ڪيولراماڻيءَ ھڪ پارسي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجي Jall Edi Cowasji سان شادي ڪئي ھئي جنھن بعد ڪجھه وقت ھنن ممبئيءَ ۾ گذاريو ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ به رھيا.  شِيلا شاديءَ کانپوءِ فلمي صنعت کان انھيءَ ڪري پري ھلي وئي جو ھن پنھنجي ڪُٽنب کي ئي فلمي دنيا کان پري رکڻ ٿي گھريو. کيس ٻه پُٽ ڄاوا جن مان ھڪ راھُل وڏو ٿي پائلٽ ٿيو.

راھُل جي چوڻ موجب شِيلا ۳۱ مارچ ۱۹۶۳ تي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجيءَ سان پرڻو ڪيو جيڪو رنگساز ڪمپني بمبئي ڊائنگ جو مالڪ ھو. شاديءَ کانپوءِ ھُو ممبئي ۾ رھيا جنھن کانپوءِ ٽي سال خرطوم ۽ ٽي سال سريلنڪا ۾ رھيا. سال ۱۹۸۴ ۾ مُڙس جي وفات کانپوءِ شِيلا پنھنجي ٻارن کي وٺي آسٽريليا ھلي وئي جتي ھُوءَ سڊني ۽ سرفرس پئراڊائيز ۾ رھي. نئين صديءَ جي ابتدا ۾ سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي ته ھوءَ ڀارت جي مڌيه پرديش رياست جي شھر اندور ۾ مَھو Mhow واري علائقي (ھڪ اڳوڻي ڇانوڻي، جنھن کي ۲۰۰۳ ۾ ڊاڪٽر امبدڪر نگر جو نالو ڏنو ويو) ۾ پنھنجي مڙس جي گھر ۾ اچي رھڻ لڳي ۽ اُتي ئي ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۵ تي وفات ڪري وئي.

  

(شبير ممنائيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

 


 

Sheila Ramani

Sheila Ramani also known as Sheila Kewalramani was an Indian film actress who was introduced into Bollywood by the Film-maker Chetan Anand. She was the daughter of F. M. Kewalramani. She is famous for her role in the movie Taxi Driver (1954). She was born in Sindh and was one of the few actresses from Sindh to join Indian Film Industry. She is the niece of Sheikh Latif (Lachchu).

She was crowned Miss Shimla in the early 50s. She was mostly seen as upper-class mod girl in the roles she portrayed in many movies. [1] Upon the request of her uncle Sheikh Latif, she played the lead in Pakistani film Anokhi (1956). Sheila went back to India and starred in more movies in Mumbai. In the later part of her career, she was reduced to obscure films with titles that sounded like Jungle King (1959), and The Return of Superman (1960).[2]

Later in her life she got married and moved to USA. She lived her last years in Mhow, a small cantonment town in the Indore district of Madhya Pradesh. She passed away on July 15, 2015.

Her movies:

Surang (1953)

Taxi Driver (1954) 

Teen Batti Char Raasta (1953)

Naukri (1954)

Mangu (1954)

Meenar (1954)

Railway Platform (1955)

Funtoosh (1956)

Anokhi (1956)

Jungle King (1959)

The Return of Mr. Superman (1960)

No comments:

راءِ ڏيندا